روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612315   ڀيرا پڙهيو ويو

(ڳجهارتون) ڦيٿي جو گيت


[اسڪرين تي ڪلوز اپ ۾

تيزيءَ سان ڦرندڙ ڦيٿو، ۽ موسيقي]

ڪَٽ-

 

[هڪ ٻار رستي تي ڦيٿو ڊوڙائيندو وڃي. ڳائڻ وارو بئڪ گرائونڊ ۾ آهي.]

ڦِر ڦِر ڦِر ڦِر منهنجا ڦيٿا،

سڀ کي ڪر حيران،

ساري جڳ جو چرخو چورين،

اعليٰ تنهنجو شان.

[ڳائڻ وارو سامهون آهي.]

ڇُو ڇو ڇُو ڇو، ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ

 

ڀڳو وڃي راڪاسُ،

 

ڪُو ڪُو ڪُو ڪُو، ڪُوڪ ڪَرڻ سان

گَجي پيو آڪاسُ:

 

مور به ناهي،

 

ڍور به ناهي،

 

هلي رڳو ڦيٿي تي-

 

ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟

ٻار جواب ڏين ٿا:

ريل گاڏي!

ڳائڻ وارو:

ها......

[اسڪرين تي ريل گاڏي.]

ڦِر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،

 

سڀ کي ڪر حيران،

 

ساري جڳ جو چرخو چورين،

 

اعليٰ تنهنجو شان!

 

 

[اسڪرين تي ڳائڻ وارو.]

ڇِم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄي ٿي،

 

خوب اُڏامي ڌُوڙ،

 

ڏاند کڻن ٿا ڪاٺُ ڪُلهي تي،

 

تنهن ۾ ناهي ڪُوڙ:

 

ڪَڇون به ناهي،

 

وِڇون به ناهي،

 

هلي رڳو ڦيٿي تي-

 

ڀڃو ته ٻارو ڇا هي؟

 

 

ٻار:

ڍڳي گاڏي!

ڳائڻ وارو:

ها....!

[اسڪرين تي ڍڳي گاڏي.]

ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا

 

سڀ کي ڪر حيران،

 

ساري جڳ جو چرخو چورين،

 

اعليٰ تنهنجو شان!

 

 

اسڪرين تي ڳائڻ وارو:

ٽَپ ٽَپ ٽَپ ٽَپ گهوڙو ڊوڙي،

 

تنهن کي لال لغام،

 

گهوڙي سان گڏ تنبو ڊوڙي،

 

چهبڪ ساڻ اُڏام:

 

ڪوپ به ناهي،

 

ٽوپ به ناهي،

 

هلي رڳو ڦيٿي تي-

 

ڀڃو ته ٻارو ڇاهي؟

ٻار:

ٽانگو!

ڳائڻ وارو:

ها...!

ڪٽ-

 

[اسڪرين تي ٽانگو]

ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،

 

سڀ کي ڪر حيران،

 

ساري جڳ جو چرخو چورين،

 

اعليٰ تنهنجو شان.

 

 

اسڪرين تي ڳائڻ وارو:

روڊ مٿي هڪ راڻي آئي،

 

پِين پِين پان پان پُون،

 

اک ڇنڀ اندر گم ٿي ويندي،

 

پُڄي نه سگهندين تون:

 

مُوري به ناهي،

 

تُوري به ناهي،

 

هلي رڳو ڦيٿي تي-

 

ڀڃو ته ٻار ڇا هي؟

ٻار:

موٽرڪار!

ڳائڻ وارو

ها...!

ڪٽ-

 

[اسڪرين تي موٽرڪار]

ڦر ڦر ڦر ڦر منهنجا ڦيٿا،

 

سڀ کي ڪر حيران،

 

ساري جڳ جو چرخو چورين،

 

اعليٰ تنهنجو شان!

 

 

ڪَٽ-

 

[شروع وارو منظر ٻار رستي تي ڦيٿو ڊوڙائي رهيو آهي.]

 

 

 

 

 

 

 

13.02.1975

موسيقار: ظفر علي

فنڪار: مينا شاهه ۽ ساٿي