روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612251   ڀيرا پڙهيو ويو

عيد


ڪپڙا نوان، بوٽ نوان، ٽوپيون مليونسين،

ڪپڙا نوان، پَرسَ نوان، چوڙيون مليونسين،

کوڙ هڪ ئي ڏينهن اندر خرچيون مليونسين،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

 

امان رڌيون کيرڻيون، سَيون ۽ سيرا،

بابا وٺي آيو مغز، بُڪيون ۽ جيرا،

طعامَ ڪئين کاڌاسين ڏهه ڏهه ڀيرا،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

 

سنگتين سان عيد ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،

سَرتين سان عيد ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،

موڪل ڪلاسن کان ملي، ڏاڍي خوشي ٿي،

عيد مبارڪ! عيد مبارڪ!

 

 

18.09.2004