روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612410   ڀيرا پڙهيو ويو

منهنجي گُڏِي هلي بازارِ


منهنجي گُڏِي هلي بازار،

ڪندي ڪروڙ جو واپار.

 

هَٽو هَٽو، پري هَٽو،

هٽو هٽو، سڀ پري هٽو،

آهي پرديدار....!

 

نئينءَ بگيءَ تي ٿيندي سوار،

گُڏِي ته گهمندي بوري بازار،

ڪندي شاپنگ ايلفيءَ تي:

بندر روڊ، طارق روڊ،

آخر ۾ گهمندي گوليمار...!

 

 

 

پهرين ته ست سؤ ساڙهيون کپن،

هزار درجن چوڙيون کپن،

ڪٻٽ سڄو زيورن جو:

گهوڙا گاڏي؟

”اونهون هون“!

رڪشا، ٽئڪسي؟

”اونهون هون.“

کپندي ته موٽرڪار...!

 

سُرخي ۽ پائوڊر جيسين وٺي،

رَش دڪان تان جيسين هٽي،

پرسُ ته ويو ڪو تڳائي!

ڪير کڻي ويو؟

باهه لڳيسِ!

گاڏيءَ جو ڀاڙو به مون تي بار-

سڄو ڪروڙ ٿيو بيڪار!

لَئي ڄاڻي نٿي واپار....!

 

 

 

01.08.1975

موسيقار: ڪريم شهاب الدين

فنڪار: بيبي ثميره

 

موسيقار: فيروزالدين

فنڪار: شهنيلا علي