روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612398   ڀيرا پڙهيو ويو

جانورن جو باغُ


اچو عجب هڪ سئر ڪريون،

جــانورن جــو باغُ گهمــون!

 

قسمين قسمين جهنگ جناور آهن هت،

مور ۽ طوطا، ڀولا باندر آهن هت،

گينڊا هاٿي، اٺ پکي ۽ نانگ مڇيون،

اچو عجب...!

 

شينهن ته آهي جهنگ سڄي جو شاهنشاهه،

ڏسو اکين ۾ ڄڻ ته مَشالا ٻرن پيا،

هن جي هيبت ساڻ دهلجيو وڃن دِليون:

اچو عجب...!

 

رِڇُ ته پنهنجو ساڳيو ڀالو گُڏو آ،

هٽي پري ٿيو هي ڏاڍو لُچو آ،

ڏسي اسان کي ڪيئن نه پيو مِچڪائي اکيون،

اچو عجب...

 

ڪَن ته وِڃڻا، ڏند تَرارون، پاڻ جبل،

سونڊ سان پيئي پاڻي، اکين منجهه ڪجل،

ڪير هي آهي؟ اچو پرولي هيءَ سليون،

اچو عجب....!