روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612400   ڀيرا پڙهيو ويو

پپيٽ گيت


آڪڙ خان ۽ پاٽي خان

 

ڪردار: آڪڙ خان (ڪُتو).

                  پاٽي خان (واڳون)

 

 

 

آڪڙ خان-

 

ڀؤنڪ:

ڀؤ... ڀؤ...ڀؤ!

 

ها ها... ها ها ها!

 

منهنجو نالو آڪڙ خان،

 

منهنجو بابو باڪڙ خان،

 

منهنجو ڏاڏو ٽاڪڙ خان،

 

نانو واڪڙ شاڪڙ خان:

 

اعليٰ منهنجو خاندان،

 

مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

پاٽي خان-

 

ڦُوڪارو:

ڦُو... ڦُو... ڦُو!

 

ها ها... ها ها ها!

 

منهنجو نالو پاٽي خان،

 

منهنجو بابو ڏاٽي خان،

 

ڏاڏو هو گهوٻاٽي خان،

 

مُون سان گوڙ نه ڪر نادان!

آڪڙ خان:

(تحت اللفظ)

سُڃاڻانءِ ٿو، پاٽي خان!

 

منهنجو نالو آڪڙ خان،

 

منهنجو بابو باڪڙ خان،

 

آهيان آءٌ وڏو شيطان،

 

مون سان ڪونه پڄي ڪو جوان،

 

منهنجي ڀؤنڪ اندر طوفان!

 

 

ڀؤنڪ:

ڀؤ... ڀؤ... ڀؤ... طوفان!

 

منهنجي ڀؤنڪ اندر طوفان،

 

مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

 

 

تحت اللفظ:

برباد ڪري ڇڏيندوسانءِ!

 

 

پاٽي خان-

 

(تحت اللفظ)

سڃاڻانءِ ٿو، آڪڙ خان!

 

منهنجو نالو پاٽي خان،

 

منهنجو بابو ڏاٽي خان،

 

آهيان آءٌ وڏو  دِگران،

 

مون سان ڪونه پڄي شيطان،

 

منهنجي ڦوڪ اندر طوفان!

ڦوڪارو:

ڦُو... ڦُو... ڦُو! طوفان!

 

منهنجي ڦوڪ اندر طوفان،

آڪڙ خان-

مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

 

منهنجي ڀونڪَ اندر طوفان!

ڀؤنڪ:

ڀؤ... ڀؤ... ڀؤ... طوفان!

 

 

پاٽي خان-

مون سان گوڙ نه ڪر، نادان!

 

منهنجي ڦوڪ اندر طوفان!

 

ڦو... ڦو... ڦو... طوفان!

 

 

آڪڙ خان:

آهيان آءٌ وڏو شيطان،

پاٽي خان:

آهيان آءٌ وڏو شيطان!

 

 

آڪڙ خان:

 

تحت اللفظ

ماري ڇڏيئي، پاٽي خان!

 

 

پاٽي خان-

 

تحت اللفظ

ماري ڇڏيئي، آڪڙ خان!

 

 

آڪڙ خان-

ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو گوڙ،

 

آهيون ٻئي هڪٻئي جو جوڙ.

پاٽي خان-

آهيون ٻئي هڪٻئي جو جوڙ،

 

ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو گوڙ.

آڪڙ خان.

اچ ته ڪريون پاڻ ۾ دوستي!

 

 

پاٽي خان-

دوستي؟

 

ته پوءِ

 

ڇڏ تون آڪڙخاني يارَ،

 

مڃ منهنجي مهماني يار،

 

ڇڏ تون آڪڙخاني يار!

 

 

آڪڙ خان-

 

تحت اللفظ

ڇڏِي....!

 

مڃيم تنهنجي مهماني يار!

 

ڇڏ تون پاٽي خاني يار!

پاٽي خان-

 

تحت اللفظ

ڇڏِي...!

 

ڦو... ڦو... ڦو... طوفان!

 

 

آڪڙ خان-

ڦو... ڦو... ڦو... طوفان!

 

 

گڏجي:

آڪڙ خان، پاٽي خان،

 

پاٽي خان، آڪڙ خان،

 

ٿي ويا هڪٻئي جا مهمان،

 

کائيندا برياني ۽ نان.

 

 

واري سان:

آڪڙ خان،

 

پاٽي خان،

 

پاٽي خان،

 

آڪڙ خان،

 

 

 

ڀؤ... ڀؤ... ڀؤ... طوفان!

 

ڦو... ڦو... ڦو... طوفان!

 

 

 

آڪڙ خان،

 

پاٽي خان،

 

 

 

پاٽي خان،

 

آڪڙ خان،

 

 

 

 

موسيقار ۽ فنڪار: ظفر علي