روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612274   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه واري رِٿا کي سامهون رکي، سنڌ جي ناليوارن عالمن، اديبن جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪندي رهي آهي. ٻاراڻو ادب، ٻوليءَ جو بنيادي ماخذ هوندو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي اهميت جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي آهي. شمشير الحيدري سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو شاعر ۽ عالم هو. سندس ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن کان ڳُجهيون ڪونهن.

شمشير الحيدريءَ جو ٻارن لاءِ لکيل هي گيتن جو مجموعو سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو شمشير الحيدري جا هن ڪتاب ۾ جيڪي به گيت شامل آهن، اُهي ٻارن جي ذهني سطح موجب آهن، جنهن ڪري، اُهي ٻارن جي ذهني اَوسر ۾ چڱو واڌارو ڪن ٿا. هن ڪتاب جي ڪامياب اشاعت اها آهي، جو هيءُ ٽيون ڇاپو ڇپجي رهيو آهي ۽ هر ڇاپو مختصر وقت ۾ ختم ٿيو آهي.

هن مجموعي ۾ اُهي گيت ۽ نظم شامل آهن، جيڪي شمشير الحيدري پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ ٻارن جي مشهور پروگرام ’روشن تارا‘ لاءِ لکيا هُئا، جيڪي پي.ٽي.وي تي مختلف راڳين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي نشر ٿيا، ڪيترو وقت اُنهن جي ڀرپور پذيرائي پڻ ٿيندي رهي. اٿارٽي، جڏهن اُنهن گيتن/نظمن جي اهميت کي محسوس ڪيو ته اُن کي ڪتاب جي صورت ۾ پڌرو ڪرڻ جو سوچيو ۽ اهڙي ريت شمشير صاحب جي لائق فرزند سليم حيدريءَ جي تعاون سان ڪتاب جو هيءُ ٽيون ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ هر ادب ٻوليءَ جو اهم ذخيرو هوندو آهي، پوءِ اُهو لغت نويسي هُجي يا لهجن محاورن يا لطيفيات تي مشتمل هُجي، هر ڪم جي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ اهميت آهي، اهڙي ريت ٻاراڻي ادب جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اُنهي اهميت کي محسوس ڪندي، هيءُ ڪتاب اٿارٽيءَ پاران ڇپائيندي، آءٌ نهايت ئي سَرهائي پيو محسوس ڪريان ۽ مون کي اُميد آهي ته ٻارن لاءِ لکيل هي گيتن/نظمن جو مجموعو سنڌ جي نئين نسل جي رهنمائي ڪندو ۽ گُلن جهڙا ٻارڙا هن ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪري، مستقبل جا روشن تارا بڻجي نِروار ٿيندا.

 

8 نومبر، 2016ع

حيدرآباد، سنڌ

 

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

چيئرمئن