روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612261   ڀيرا پڙهيو ويو

منهنجي گُڏِيءَ جا پارَ


منهنجي گُڏيءَ جا اهڙا پارَ،

اچيو ڏسن پاڙي جا ٻارَ.

 

وارَ وِڇون ۽ اکيون ٽانڊا،

نَڪُ نيسارو، چَپَ چيلاٽا،

وه وا، چيلهه چِٻي چوڌار...

 

ڪپڙا ليڙون، نَخرو ٻيڻو،

هَڙَ ۾ هريڙون، بانور ٽيڻو،

لَٽِي ڄاڻي نه ڪو ڪم ڪار...

 

ڪجلُ لڳايان، سينڌِ بڻايان،

پَٽَ پٽيهَرَ، زيورَ پايان،

اٿس هر ڳالهه کان انڪار...