روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612406   ڀيرا پڙهيو ويو

گهرَ جو چرخو


بابا منهنجو راجا، امان منهنجي راڻي،

گهر ته اسان جو ڀاڳن وارو، رَبُ اسان جو ساڻِي.

 

ڀاءُ وزير ۽ ڀيڻ اُنهيءَ جي آهي خاص مشير،

گُڏو گُڏِي آهن رعيت، کائن کنڊون کير،

آءٌ سڀن جي سيڪريٽري، ڊيوٽي هيءَ شاهاڻي...!

 

بابا پنهنجي آفيس وڃي، امان رڌي دال،

ڀائو شاپ سنڀالي، ڀيڻ پڙهائي سارو سال،

گُڏو گُڏِي کيڏن، آءٌ ٻڌايان کين ڪهاڻي...!

 

نه ڪو جهيڙو، نه ڪو جهَٽو، نه ڪوئي تڪرار،

گهر جو چرخو خُوب چَلي ٿو، امن امانُ قرار،

جُڳ جُڳ جيئي بابا راجا، جيئي امان راڻي...!