روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     616202   ڀيرا پڙهيو ويو

روشن تارا


ٽم ٽم، ٽم ٽم،

ٽم ٽم، ٽم، ٽم،

ٽم ٽم، ٽمڪن تارا،

ڏس آهن ڪيڏا پيارا!

ڪئن جِهرمِر جِهرمر جَرڪن،

ڄڻ پوپٽَ ڦَڙ ڦَڙ ڦڙڪن،

ڄڻ ٽانڊاڻا ٿا ٽهڪن:

ڪن اوندهه ۾ اُجيارا-

ٽِم ٽم.......

ڪن چنڊ سان لِڪلِڪوٽيون،

يا ڪن ٿا ڪِنگر ڪَلوٽيون،

هي نُورَڀريون ڦِرموٽيون:

هي لاٽون لکَ هزارا-

ٽِم ٽم......

جِئن اُڀَ تي چنڊ ستارا،

تِئن آهيون اسين سُونهارا،

ڌرتيءَ جا روشن تارا:

ڪريون جڳ کي باغ بهارا-

ٽم ٽم......

 

20.5.1975

موسيقار: ظفر علي

فنڪار: بيبي ثميره