روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612281   ڀيرا پڙهيو ويو

عيدَ آئي


پائي ڪپڙا ڳاڙها، ساوا،

گلن ڦلن ۽ چِلڪي وارا،

آئي کڻي گهر گهر واڌائي،

عيد آئي، عيد آئي!

 

هڪڙي هٿ ۾ کيرَ سيويون،

ٻئي هٿ ۾ آندائين خرچيون،

ٻارن خوش ٿي موجَ ملهائي،

عيد آئي، عيد آئي.

 

پاڙي ۾ ڪو بُکيو هوئي،

ٻالڪ ڪو خرچيءَ لاءِ روئي،

هلو ڪريون تِن جي پورائي-

عيد آئي، عيد آئي!