روشن تارا (ٻاراڻا گيت)

ڪتاب جو نالو روشن تارا (ٻاراڻا گيت)
ليکڪ شمشير الحيدري
سنڌيڪار / ترتيب سليم حيدري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-092-0
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     612259   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽِرئفڪ سِگنَل


ڳاڙهي بتِي، ڳاڙهي بتِي،

ڇا ٿي چوين تون؟

مان ٿي چوان، مان ٿي چوان:

بيهه، بيهه، بيهه!

جيسين اَچي هيڊي بتِي،

بيهه، بيهه، بيهه...!

 

هيڊي بتِي، هيڊي بتِي،

ڇا ٿي چوين تون؟

مان ٿي چوان، مان ٿي چوان:

هاڻي هل، هاڻي هل...!

 

گاڏيءَ کي هلاءِ  ڀلي،

سائيڪل کي ڊوڙاءِ ڀلي،

ڌيانَ سان هَلجئين تون پل پل...!

 

مهرباني، مهرباني

ڳاڙهي، سائي، هيڊي بتي!

هاڻي سمجهيم، هاڻي سمجهيم، ٽِرئفڪ جو سِگنل

ٽرئفڪ جو سگنل،

ٽرئفڪ جو سِگنل،

واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!

ٽرئفڪ جو سِگنل،

واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!

ٽرئفڪ جو سِگنل،

واه واه، ٽرئفڪ جو سِگنل!

 

 

ـــــ