ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574488 ڀيرا پڙهيو ويو |
ان زبان سنڌونديءَ جي ڏاکڻين سنڌ واديءَ ۾ جنم ورتو ۽ سنڌي سڏايو. سنڌ هند واري ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻاهريون علائقو آهي، انهي ئي مناسبت سان ننڍي کنڊ جي ٻين اندروني يا داخلي زبانن جي مقابلي ۾ سنڌيءَ جو ڳاڻيٽو ”بيروني زبانن“ ۾ ٿئي ٿو. اهو ورهاڱو لساني اصولن تي ٻڌل ڪونهي، پر رڳو جاگرافيائي آهي.
پهريون ته دجله، فرات ۽ سنڌ جون تهذيبون پاڙيسري هيون ۽ انهن دريائي تمدنن ۾ جيڪڏهن ڪو رشتو موجود هو ته موهن جي دڙي جي قديم زبان ۽ سميري ۽ بابلي زبانن ۾ هڪ رشتو هئڻ گهرجي. سمير ۽ بابل ۾ لڌل ڪجهه لکڻين کي پڙهيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ لفظ ”ادا“، ”دادا“ جي معنيٰ ۾ ملي ٿو. هن وقت لفظ ”ادا“ رڳو سنڌي زبان ۾ رائج آهي، ۽ ”ڀاءُ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته موهن جي دڙي، سمير ۽ بابل جون قديم زبانون ڪنهن هڪ (سامي؟) سلسلي سان ڳنڍيل هجن. (1)
ٻيو مفروضو (گمان) هي آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب هڪ غيرآريائي تهذيب آهي، ان ڪري اها دراوڙي تهذيب ئي ٿي سگهي ٿي. ان بنياد تي موهن جي دڙي جي قديم زبان دراوڙي هئڻ گهرجي. آرين جي آمد (1500- 1200 ق. م) کان پهرين (پاڪستاني) خطن ۾ منڊا ۽ دراوڙي زبانن جو واهپو هئڻ ممڪن ٿو لڳي ۽ سنڌ سان لاڳو علائقي ۾ دراوڙي سلسلي جي زبان بروهيءَ جي موجودگيءَ مان ان جي تائيد ٿئي ٿي. ان مفروضي (گمان) جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته آريائي دور کان اڳ ۾ سنڌ ۾ يا ته ڪا دراوڙي زبان رائج هئي يا سنڌي جي پنهنجي مقامي زبان يا زبانون هيون، جن تي پاڙيسري دراوڙي زبانن جا اثر پيا هوندا. ان گمان جي بنياد تي جارج شرٽ 1878ع ۾ موجوده سنڌي زبان ۾ دراوڙي عنصر جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ مقالو لکيو. ان مقالي ۾ يا ڪجهه ٻين لکتن ۾ جيڪي دليل ڏنا ويا آهن، اهي ايترا مضبوط ڪونهن جو انهن جي بنياد تي دراوڙي لغت جي سرمايي کي موجوده زبان جو بنياد قرار ڏنو وڃي، البت ٻين پاڙيسري زبانن وانگيان سنڌيءَ ۾ به دراوڙي لفظ ملن ٿا، جيڪي قديم دور جي لساني رشتن جا يادگار آهن.
ٽيون مفروضو (گمان) جنهن کي گذريل صديءَ ۾ مغربي مصنفن هوا ڏني، هي هو ته ننڍي کنڊ هند جي ٻين زبانن وانگيان سنڌي به سنسڪرت مان نڪتل آهي. ان کان پوءِ سينارٽ (Senart) پشيل (Pischel) ۽ ٻين محققن ان نظريي جي ترديد ڪئي ۽ علمي طور تي ثابت ڪيو ته، نه ته سنسڪرت، پراڪرت جو منڍ هئي نه ننڍي کنڊ جون موجوده عوامي ٻوليون سنسڪرت مان کنيل آهن. سنسڪرت پراڪرت ۽ اپڀرنش سلسلي سان لاڳاپيل هڪ نظريي سارو موجوده سنڌي زبان کي وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل مڃيو ويو آهي. هي نظريو وضاحت جوڳو آهي. سنسڪرت سان مائٽيءَ جو معيار قرار ڏيندي، اپڀرنش ان زبان کي چيو ويو آهي، جيڪا ڦٽل هجي. وراچڊ اپڀرنش ان زبان کي چيو ويو آهي، جيڪا حد کان وڌيڪ ڦٽل هجي. ان مفروضي موجب ننڍي کنڊ جي ٻين رائج زبانن جي مقابلي ۾ سنڌي زبان ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ڦٽل هئي، ان ڪري ان کي اپڀرنش مان کنيل سمجهيو ويو. پراڪرت وياڪرڻ جي مصنف مارڪڻڊيه ڪوينڊر چيو آهي ته سنڌ ديس جي زبان وراچڊ کان به وڌيڪ ڦٽل آهي. مارڪڻڊيه، اپڀرنش جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: 1. ناگر، جيڪا سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، 2. ناگر مان نڪتل وراچڊ جنهن سنڌ ديس ۾ جنم ورتو، 3. اُپ ناگر، جيڪا ناگر ۽ وراچڊ جي ميلاپ مان پيدا ٿي.
مختلف مؤلفن اپڀرنش جي ساراهه مختلف طريقن سان ڪئي آهي، جن ۾ وڏو تضاد ملي ٿو. اپڀرنش کي انهن علائقائي زبانن جي هڪ ارتقائي منزل سان تعبير ڪري ٿو سگهجي، جيڪي مائٽيءَ جي اعتبار کان سنسڪرت کان پري هيون. اهي اصل ۾ عوامي ٻوليون هيون، جن جو منڍ سنسڪرت نه پر اوائلي پراڪرت (Proto- Parkrit) يا ويدي ڀاشا (Vedie Language) هئي، ڇو ته اپڀرنش ۽ ويدي ڀاشا جي خصوصيتن ۾ نسبت لڀي ٿي. (Pischel Comprative Grammer)، سنڌ جو علائقو سنسڪرت جي عمل جي دائري کان ٻاهر هو. ان ڪري سنسڪرت سان سنڌيءَ جي مائٽي ناممڪن هئي. سنڌيءَ جي لساني خمير ۾ پهرين منڊا ۽ دراوڙي لفظ ۽ پوءِ قديم ترڪي ۽ ايراني زبانن جا لفظ داخل ٿيا. انهن سببن جي بنياد تي سنسڪرت سان مائٽيءَ جي معيار جو لحاظ رکڻ وارن نحوين (جملن جوڙن جي ڄاڻن) کي سنڌيءَ ۾ وڏو ڦيٽاڙو نظر آيو، جيڪو حقيقت ۾ ان جي پنهنجي لساني خمير جي واڌ ويجهه هئي.
مارڪڻڊيه ڪونيڊر پنهنجو ڪتاب ”پراڪرت سر وسو“ سنڌ کان هزارين ميل ڏور اڙيسه ۾ لکيو، ان ڪري سنڌيءَ بابت ان جي ڄاڻ يقيني درجي جي ڪانه هئي. ٻيو هي ته مارڪڻڊيه پنهنجو ڪتاب پندرهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ يا ان کان به هڪ سؤ سال پوءِ لکيو. ان دور جا مستند سنڌي شعر موجود آهن، جيڪي رائج معياري سنڌيءَ جي مطابق آهن، جن ۾ اپڀرنش جي خصوصيتن جي ڪابه علامت نظر ڪانه ٿي اچي.
هٿ آيل آثار قديمه ۽ تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾ هي چئي ٿو سگهجي ته موهن جو دڙو تهذيب جي تباهيءَ سان ان تهذيب جي علمي زبان به ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ جي دور ۾ مقامي قبائلي ٻوليون باقي بچيون جن ۾ پاڙيسري دراوڙي زبانن جا لفظ رائج ٿيڻ لڳا. مثال طور ايلاچي، ڪوتمير، ڪانجهي (ٽهڪيل چانورن جو پاڻي، رائي ۽ ٻين مصالحن سان گڏ ٺهيل رس) ڪڙهي، چاڏي، (= ماٽي) ڪاٻاڙو (ناريل جي ٽارين مان ٺهيل رسو)، کُڏي (= ننڍو ڪمرو)، هنڍي، نير (= پاڻي) نيرو (= نيلو) منڊي (= مندري) موتي، گند (= گندهه- خوشبوءِ) آرس (= آلس ۽ سُستي)، ورلو (= ڪڏهن ڪڏهن)، ٽنگڻ، سُنگ (چونگي، محصول)، ملُههُ وغيره لفظ، جيڪي سنڌي ۽ پاڙيسري زبانن ۾ ملن ٿا، اصل ۾ دراوڙي زبانن جا آهن.
سنڌونديءَ جي اترين وادين ۾ آريائي قبيلن جي اچڻ سان هند آريائي لفظ به سنڌ واديءَ جي ٻولين ۾ شامل ٿيڻ لڳا. داريوش اول (520 کان 515 ق.م)، سڪندرِاعظم (325-326 ق. م) ۽ ان کان پوءِ وچ ايشيا جي ترڪي نسل قومن جي فتحن سان ايراني، يوناني ۽ ترڪي زبانن جا لفظ سنڌ جي ٻولين جو جز بنيا، هڪ صدي قبل مسيح يا ان کان اڳ سنڌ ۾ ماڻهن ٻڌمت کي پنهنجو ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن سنڌ، قنڌار جي ڪوشان فرمانروا ڪنشڪ جي حڪمرانيءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ته ٻڌمت جي مذهبي زبان پاليءَ جو هتي جي زبان تي گهرو اثر پيو ۽ پاليءَ جي وسيلي مان سنسڪرت جا لفظ به مقامي ٻولين جو جز بنجي ويا، ۽ سنڌ ۾ هڪ گڏيل هند آريائي لساني عنصر وڌڻ ويجهڻ لڳو.
اتر سنڌو درياهه جي وچين ڏاکڻن خطن جي ٻولين تي پيو، جنهن سنڌ جي ٻولين ۾ هند آريائي عنصر جي وڌيڪ آبياري ڪئي ۽ ملڪ جي هڪ گڏيل سنڌي زبان جي لساني تشڪيل جي لاءِ راهه سڌي ٿي وئي. گريئرسن (4: 1) جي راءِ ۾ سنڌي ۽ داردي زبانن جي وچ ۾ هڪ واضح ۽ غير مشڪوڪ رشتو موجود آهي.
ساساني تسلط جي خاتمي تي پنجين صديءَ ۾ مقامي راءِ خاندان جي حڪومت قائم ٿي. 622ع ۾ سنڌ تي چچ برهمڻ قبضو ڪري ورتو. ان ڪري 711ع تائين هتي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت رهي. مذهبي مرڪزيت ته سنڌ ۾ ٻڌمت جي نفاذ کان پهرين به موجود هئي، اُنهيءَ سياسي مرڪزيت سببان مقامي قبائلي ٻولين مان هڪ گڏيل زبان اڀرڻ لڳي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ خاص طرح ايران جي بادشاهه بهرام گور (430- 438) جي دؤر کان سنڌ ۽ ساساني ايران جي وچ ۾ دوستي ۽ گهاٽو سياسي ڳانڍاپو پيدا ٿيو. رايان سنڌ (سنڌ جا راءِ) جي نالن (چڱل راءِ، ساهڙ راءِ، شاهي راءِ) مان پڌرو آهي ته سما قبيلي مان هئا. انهن انهيءَ ئي دؤر ۾ پاڻ لاءِ ايراني سلسلي جو سرداري لقب (ڄام) اختيار ڪيو. سياسي ڳانڍاپن سان گڏ ئي سنڌ جي سرزمين ۾ فارسي زبان جو گهرو اثر پوڻ لڳو، جنهن هند آريائي عنصرن مان اڀرندڙ گڏيل سنڌي زبان جي ڍانچي جي بناوت تي به اثر وڌو. فارسي لفظن کان سواءِ، فارسي ضمير، سنڌي ڳالهه ٻولهه جو اڻ ٽٽندڙ حصو بنيا. ضمير متڪلم واحد ”من“ سنڌيءَ ۾ ”مان“ جي شڪل ۾ رائج ٿيو. فعلن جي صيغن جي پڇاڙيءَ ۾ فارسي نظام هيٺ سنڌيءَ ۾ ضميري علامتون يا پڇاڙيون رائج ٿيون، مثلن فارسي گفت+ م + (گفتم) ۽ سنڌي ”چي+ م“ (چيم= مون چيو)، فارسي ”گفت+ م+ ش“ (گفتمش) سنڌي ”چيه+ م+ س“ (چيمس = مون ان کي چيو) لغت جي اعتبار کان اهي پويان ڳانڍاپا سنڌيءَ جا پنهنجا هئا. مگر انهن جو نظام فارسيءَ جي اثر هيٺ ترڪيب پائڻ لڳو، ان کان پوءِ عربي تعليم جي وچ ۾ عربيءَ جي ضميري پڇاڙين جي نظام سان ان ترڪيب کي تقويت حاصل ٿي.
ان دؤر جي سنڌي زبان جا ڪجهه اسم خاص، عام ۽ اضافي ترڪيبون، ’فتح نامي سنڌ‘ عرف ’چچ نامي‘ جي وسيلي محفوظ رهجي ويون آهن. ان دؤر ۾ قبائلي نظام رائج هو، ان ڪري ڪيترن ئي قبيلن جا نالا ملن ٿا، مثال طور جت، لاکو، ڪاڪو، چنڊ، سهتو، سما، لوهاڻو، ڀاٽيا ۽ ٺڪر ۽ انهيءَ ئي ريت شخصن جا نالا مثال طور چندر، ڏاهر، موکيو (= نيڪ نام) وسايو (= آباد)، دريائن، ڍنڍن، تلائن وغيره جا نالا، مثال: مهراڻ (فارسي الاصل)، جلوالي (= پاڻي واري) ساڪره، موج (فارمي) ارل (= طاقتور) ڪنب (= وڏو تلاءُ)، ڍنڍ، ٻيٽ وغيره، علائقن جا نالا، مثال طور: بلهار (= چراگاهه)، ساوندي يا ساڙڏي (= سرسبز) جهم (= نشيبي خطو)، ڪجهه اضافي ترڪيبون ملن ٿيون، مثال ريت، ڍنڍ وڪر بهار (وڪر بهار جي ڍنڍ) ڪاڪا راڄ (= ڪاڪي قبيلي جي بستي يا راڄ)، ندمٽي (ندي جي مٽي= مٺي مٽي) کار مٽي (= زمين شور جي مٽي= کاري مٽي)، اڌوکو (= ٻُڌيا بُت جي حفاظت ڪرڻ وارو)، ان قسم جون اضافي ترڪبيون موجوده سنڌي زبان ۾ اڃا تائين رائج آهن.
عربي النسل عالمن سنڌي ۽ ٻين پاڙيسري زبانن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ ايتري ته مهارت حاصل ڪئي جو 270 هه ۾ منصوره جي هڪ عالم ديسي ڀاشا ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو. (عجائب الهند، ص 44) عرب شاعر (مطيع بن اياس، علقمه بن عبدالله، القشيري وغيره) سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي نسل جي شاعرن (ابو عطا سنڌي، عياض سنڌي وغيره) عربي شاعريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ والاري. گمان آهي ته سنڌ جي حاڪمن جي وسيلي سان ئي هڪ سنڌي شاعر (187 هجريءَ کان پهرين) بغداد ويو ۽ اتي وزير يحيٰ بن خالد برمڪي يا ان جي پٽ فضل جي خاندان جي ساراهه ۾ هڪ معنيٰ ڀريل سنڌي قصيدو پڙهيو ۽ انعام حاصل ڪيو. (مجمل التواريخ القصوص، ص 243، روضه العقلا، ص 125).
اقتصادي شعبن ۾ سنڌ جا صراف، موسيقار، بورچي، ۽ ٻين ڌنڌن وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهر اسلامي مملڪت جي ٻين صوبن ۾ پکڙجي ويا، ان ڪري ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جا ڪاريگر پنهنجي هنر واري مهارت سببان شهر بغداد ۾ وڏي شهرت جا مالڪ هئا. انهن پنهنجي عربي دانيءَ سببان ان وقت جي بين الاقوامي ثقافت جي هر شعبي ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ ۾ آيل عربن هميشه جي لاءِ سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري ورتي. انهن عربيءَ سان گڏوگڏ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌي ۽ عربي النسل شهرين ۾ اونهي ميل ميلاپ سببان عربيءَ جو سنڌي زبان جي هر شعبي تي اثر پيو. ديني زندگيءَ ۾ دين اسلام جا ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح سنڌيءَ جو جز بنيا. عربي الاصل اسم خاص کان سواءِ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسم عام جو وڏو ذخيرو سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. زراعت جي ميدان ۾ عربي لفظ (حارث) يا سنڌي لفظ ”هرُ“ مان (عربيءَ جي اثر هيٺ بروزن فاعل) لفظ ’هاري‘ ٺهيو، ”آجر“ مان سنڌي لفظ ”مجيري“ (يعني اهو جنهن زمين اجاري تي ورتي هجي ۽ هاري جي سار سنڀال ڪري رهيو هجي) رائج ٿيو. خليفي معتصم بالله جي گورنر موسيٰ بن عمران سنڌو درياهه تي هڪ سکر (= بنده بيرج (Barrage جوڙايو ۽ شهر سکر جو نالو انهيءَ ئي قديم سکر جو يادگار آهي. شاخن واٽرن تي پليون ٺاهيون ويون ته عربي لفظ ”فرضته“ مان سنڌي لفظ ”ڦڙ“ رائج ٿيو. اناج جي تور جي لاءِ عربي لفظ ”ڪاسه“ ۽ معرب ”خردار“ مان سنڌيءَ ۾ ”ڪاسو“ (16 سير اناج) ۽ ”خرار“ رائج ٿيا. لوهارن جي هنرن مان عربي ”مطرقه“ ۽ ”سندن“ مان سنڌيءَ ۾ مترڪو ۽ سنداڻ رائج ٿيا. جهازرانيءَ ۾ ميربحر (اميرالبحر)، ”زورق“ (ٻيڙيءَ جو قسم)، ”ونجهه“ (ونه مان معرب) ”سکان“ (سبڪان) جهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ آيا، واپار ۾ ”ساهمي“ (= ترازو)، ”ڪاٻاڙو“ (قباله= دستاويز)، ”دلال“، ”منيب“، ”کڙيو“ يا ”خرچين“ (خرج)، ”باقري“ (بقال)، ”بجاج“ (بزار) ”ٿوم“ (ثوم) ”بصر“ (بصل) وغيره لفظ رائج ٿيا.
ڍورن ۽ مال جي سلسلي جا عربي لفظ سنڌيءَ ۾ ”حلواڻ“ (حلوان= ننڍو ٻڪر)، ”مهري“ (= يمن جي عرب قبيلي مهره بن حيدان جي نسب سان سواريءَ جو اٺ)، ”ڪميت“، ”انبلک“ (ابلق) ”نقره“، ”ديناري“ (گهوڙن جو رنگ ”نط“ (رنطع= سواريءَ جي اٺ تي چمڙي جي سونهري چادر) ”گاشو“ (غشاءَ)= سواري جي اٺ جي پاکڙي مٿان ويڙهيل چادر) وغيره لفظ رائج ٿيا. گهريلو شين مان ”دلو“ (دلوه= گهڙو)، دٻڪي (طبق)، تباک (طباق)، ڪاتي (قاطع= ڇرو) جا لفظ آيا.
لباس جي سلسلي ۾ ”رائو“ (رداءُ = چادر) ”پوتي“ (فوڪ= دوپٽو)، ”گندي“ (عطاء مرداني چادر) ”گج“ (قز= ريشمي چولي) ”صدري“ (صدر مان، هڪ قسم جي مرداڻي گنجي)، ”اجرڪ“ (ازرق، نيلي رنگ جي چادر) رائج ٿيا. انهن کان سواءِ عربي لغت جا ڪيترائي ٻيا نالا مثال طور: ’جبل‘، ’اربع‘، ’خميس‘، ’ڪٻر‘ (قبره مينا جي قسم جو پکي) سنڌي لغت جو جز بڻجي ويا. نالن کان سواءِ سنڌي فعل، ضمير، حرف ۽ اعرابن تي عربيءَ جو اثر پيو. عربي صيغن مان سنڌي فعل ڪڍيا ويا. مثال طور: ”تحريف“ مان ٽرهڻ، بخشي ڇڏڻ جي معنيٰ ۾، ”ضربڻ“ (ضرب لڳائي زخمي ڪرڻ، ٽوڙي ڇڏڻ، تنبيهه ڪرڻ) ”طلبڻ“ (= گهرڻ) ”ترڪڻ“ (= ترڪ ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ)، وغيره وغيره. عربي فاعل جي وزن تي سنڌي لفظن مان فاعل بڻيا، مثال طور: ”ماڇي“ (مڇي مارڻ وارو) ”هاري“ (= هر هلائڻ وارو) ”ماري“ (= مارڻ وارو) وغيره. ضميرن ۾ ”هو“ ۽ ”آن“ (آءٌ، آئون) حرفن ۾ ”لاءَ“ (ل) عربيءَ مان ڪڍيا ويا. عربيءَ جي اکر تحزير وانگر سنڌيءَ ۾ به ”چور چور“، ”نانگ نانگ“ وغيره تحزير جي نموني تي استعمال ٿيا. عربي اعرابن جي اثر هيٺ سنڌي اعرابن جو سلسلو لڳڻ لڳو. عربيءَ وانگيان سنڌيءَ ۾ به ضمير ۽ تانيث ٻڌل آهن، پر ٻيا اسم عام معرب آهن. يعني انهن جي آخري حرف جي لکيت جملي ۾ انهن جي مبتدا يا غير مبتدا هئڻ سان بدلبي، مثال طور اسم ’گهر‘ جيڪڏهن مبتدا آهي ته ”ر“ تي پيش ايندو. ”گهرُ خوبصورت آهي“. غير مبتدا جي حالت ۾ جڏهن لفظ ”گهر“ کان پوءِ حرف لاڳو ٿيندا. ”ر“ تي زبر ايندي مثال طور: ”گهرَ ڏي، گهرَ ڏانهن، گهرَ وٽ“، جيڪڏهن اهي صرف حدف ٿيندا ته انهن جي علامت جي نموني ”ر“ جي هيٺان زير ايندي. مثال ”هو گهر آهي“. فعل لازم جو فاعل سنڌيءَ ۾ هميشه موضوع ٿيندو ۽ فعل متعدي جو فاعل هميشه مفتوع ٿيندو. مثال طور: احمد آيو، ۽ ”احمد ماريو“.
هي رڳو مختصر تجزيو آهي، جنهن مان سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي باهمي ربط ۽ تعلق تي ڪجهه روشني پوي ٿي. اٺين صديءَ کان پهرين سنڌ ۾ قبائلي ٻولين جو سلسلو وڌيڪ مستحڪم هو. البت پنجين صديءَ کان انهن ٻولين ۾ هڪ مشترڪه لساني خمير اڀرڻ ۽ اسرڻ لڳو جو هڪ عام سنڌي زبان جي فروغ جو پيش خيمو ٿيو. اٺين صديءَ جي وچ ۾ هڪ مستقل حڪومتي جوڙجڪ، ديني وحدت، تعليم ۽ تربيت ۾ وسعت پيدا ٿيڻ سان لساني وحدت جي لاءِ اثرائتا سبب پيدا ٿيا ۽ هڪ مشترڪه عوامي زبان جي تشڪيل تيزيءَ سان ٿيڻ لڳي. عربي ۽ سنڌيءَ جي باهمي رشتي ۾ فروغ سان اٺين صديءَ کان وٺي ڏهين صديءَ تائين ٽن سون ورهين ۾ هڪ مشترڪه سنڌي زبان جي تشڪيل جو پورائو ٿيو.
الاصطخري ڏهين صديءَ جي شروع ۽ ابن حوقل ڏهين صديءَ جي وسط ۾ سنڌ جي سياحت ڪئي هئي. اهي ٻئي لکن ٿا ته سنڌ (منصوره) ۽ ملتان جا ماڻهو عربي ۽ سنڌي ٻئي زبانون ڳالهائين ٿا. (الاصطخري ص 105، ابن حوقل ص 280) انهن ساڳئي وقت جي حوالن مان پڌرو ڪيو آهي ته ڏهين صديءَ ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ سنڌي هڪ مشترڪه ملڪي زبان جي صورت ۾ رائج هئي. اهوئي سبب آهي جو اهي نسخ رسم الخط سميت ٻين خِطن ۾ لکيون وينديون هيون.
ڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ ڪيترائي رسم الخط جاري هئا. ابن النديم الفهرست (تصنيف 377هه 987ع) ۾ لکيو آهي: ”سنڌ وارن جون مختلف ٻوليون (لغات) ۽ مذهب آهن، اهي ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط استعمال ٿا ڪن. هڪ شخص، جو انهن جو ملڪ ڏسي آيو آهي، مون سان ذڪر ڪيو ته انهن جا اٽڪل هڪ سؤ رسم الخط آهن (ابن النديم: الفهرست، ص 27) هڪ سؤ جو تعداد ٻڌائي، گمان آهي ته خبر ڏيڻ واري وڌاءُ کان ڪم ورتو هوندو، پر ڊگهي عرصي کان (سنڌي- عربي) رسم الخط ٻين خطن جي جاءِ وٺي ڇڏي، ان ڪري ان کان اٽڪل 45 سال پوءِ محقق البيروني تحقيق (الهند) ۾ ٻڌايو آهي ته ان وقت سنڌ ۾ رڳو 3 رسم الخط جاري هئا: 1. اڀرندي وارن علائقن ۾ جيڪي ڀاٽيه (جيسلمير، بيڪانير) سان لاڳو هئا. آرڌ ناگر، (يعني ناگر مان ورتل آڌناگري) خط رائج هو. 2. ڏاکڻين سنڌ جي ساحلي خطي ملکشو ۾ ملگاري خط رائج هو ۽ 3. خاص وچ سنڌ، يعني منصوره جي مرڪزي علائقي ۾ ”سيندب“ خط رائج هو. (البيروني، ص 135) هي ”سيندب يا ”سينڌو“ خط عربي نسخ مان ورتل هو، جيڪو پوءِ سنڌي خط جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.
علمي حلقن ۾ سنڌي شعر بيت ۽ ڪافيءَ جي صنفن ۾ رائج رهيو. عربيءَ ۾ قصيدي يا نظم کي ”قافيه يا ڪلمته“ به چيو وڃي ٿو. عربي قافيه ۽ ڪلمته کان متاثر ٿيندي سنڌيءَ ۾ نظم چيا ويا، جن کي ڪافي ۽ ڪلام چيو ويو. اڄ تائين اهو ئي اصطلاح رائج آهي ۽ ڳايو وڃي ٿو. سنڌي ڪافي ۽ ڪلام جي عام مقبوليت سببان سنڌيءَ ۾ نظم گوئيءَ جي صنف ۾ واڌارو ٿيو.
عوامي ادبي تحريڪ، جيڪا قصي خوانيءَ جي هئي، سومرن جي دؤر ۾ شروع ٿي هئي. ان دؤر ۾ پروان پهتل سما دؤر جا ٻه داستان ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ”همون دريا خان“ سنڌ جي روايتي داستانن جي قطار ۾ شامل ٿي ويا. ٻئي پاسي انهن ئي دورن ۾ درويشن جون پيشن گوئيون پڌريون ٿيون ۽ اعليٰ اخلاقي صوفي شاعريءَ جي شروعات ٿي، جنهن مان سنڌي شعري ۽ فڪري سرمائي کان سواءِ زبان ۾ به واڌارو ٿيو. پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا، زبان جو پهريون بزرگ صوفي شاعر قاضي قادن ان دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
سنڌ ۽ ملتان جي خطن جي جاگرافيائي قربت ۽ لاڳاپي جي سببان ان دؤر ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڳانڍاپو ٿي ويو.
سرائيڪي زبان سنڌ ۾ پکڙي ۽ سنڌي ملتان کان اترين خطن تائين جي خاص حلقن ۾ عام فهم ٿي. 1365ع کان 1366ع ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه مجبور ٿي ٺٽي جو گهيرو ترڪ ڪندي واپس گجرات ويو. (ان کان اڳ محمد بن تغلق ٺٽي تي لشڪر ڪشيءَ جي وچ ۾ 1352ع هارجي چڪو هو.) ته سنڌ جي فوج پنهنجو جنگي رجز ڳايو ’ڀلا پير پٺو هڪ مئو هڪ ٽٺو‘. (يعني شيخ حسين المعروف پير پٺي جي برڪت سان هڪ بادشاهه مري ويو ۽ ٻيو به ڀڄي ويو). سنڌ کان ٻاهر هي رجز سرائيڪي زبان ۾ ٻي صورت ۾ هن ريت مشهور ٿي ته ’برڪت پير پٺا اڪ موا دوجها بگها‘. شمس سراج عفيف پنهنجي ’تاريخ فيروز شاهي‘ (تصنيف 1399ع) ۾ اهو اڻپورو رجز نقل ڪيو آهي. (ص 231).
صوفياءَ سڳورن مان شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني رحه (1184ع کان 1262ع) جي تبليغ جو مرڪز خاص سنڌ رهيو. سنڌي ”ذاڪر شيخ“ جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي بيت (دوها) ۽ ڪافيون ڳائجڻ لڳيون. وري ملتان ۽ پنجاب تائين انهن محفلن جي مقبوليت وڌي ۽ گڏوگڏ اتي جا ڪجهه حلقا سنڌي زبان سان هري مري وڃڻ لڳا. اترئين خطي جي صوفي سڳورن مان شيخ فريد گنج شڪر رحه (1157ع کان 1265ع) سان منسوب ڏوهيڙن ۾ سنڌي لفظ ملن ٿا. ان کان پوءِ بابا گرو نانڪ (1469ع کان 1539ع) ۽ گرو ارجڻ (1563ع کان 1606ع) جي ڪلام ۾ به سنڌي لفظ، اصطلاح ۽ فقرا ملن ٿا. (ڏسو آدگرنٿ).
سماع جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪرن جي زبان اتر ۾ لاهور تائين سمجهي ويندي هئي. ان ڪري شيخ عبدالجليل چوهڙ بندگي لاهور 910 هه، (1504ع کان 1505ع) جي سماع جي محفلن ۾ هڪ سنڌي ذاڪر هڪ سنڌي ڏوهيڙو پڙهيو ته ان جي معنيٰ مفهوم جي تاثر کان ان تي حال طاري ٿي ويو، تذڪره قطبيه (ص 136) ۾ انهيءَ جي قسم جي روايت شيخ عبدالجليل جي ڀائٽي شيخ بري جي باري ۾ ملي ٿي.
فيبروري 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪندي، ان کي بمبئي صوبي سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزيءَ کي ملڪ جي سرڪاري زبان قرار ڏيندي، فارسي عربي اسلامي تعليمي نظام جي جاءِ تي مغربي انگريزي تعليمي نظام رائج ڪيو. سنڌيءَ جي مرڪزي حيثيت کي مڃيو ويو ۽ حڪومت بمبئيءَ جي هڪ مراسلي (نمبر 1825، مورخه 6 سيپٽمبر 1881ع) جي هيٺ سنڌ ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري، ڪاروباري ۽ انتظامي ڪمن جي لاءِ دفتري زبان قرار ڏنو ويو. سنڌ ۾ مقامي ملازمن ۽ انگريزن ٻنهي جي لاءِ سنڌي ڳالهه ٻولهه ۾ صلاحيت جو امتحان لازمي قرار ڏنو ويو.
ان سلسلي ۾ پهريون امتحان 2 نومبر 1855ع کان اڳ ٿيو، جنهن ۾ هڪ انگريز ۽ هڪ ديسي آفيسر ڪامياب ٿيا. انگريز ۽ هندو آفيسرن جي هڪ اثر واري گروهه سنڌي نسخ رسم الخط کي بدلائي ان جي جاءِ تي ”ديوناگري“ رائج ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪتاب لکيا. مگر عربي- سنڌي رسم الخط ۾ سنڌي زمين جون تاريخي، تهذيبي، تمدني ۽ ادبي روايتون ايتريون مضبوط هيون، ان ڪري اهي ڪوششون آخرڪار ناڪام ٿيون ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انتظامي مجلس جاري ٿيل سنڌي عربي رسم الخط کي جزوي ترميمن ۽ اضافت سان رائج ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. (مراسله، نمبر 46، مورخه 8 ڊسمبر 1852ع) سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر بي ايڇ ايلس، سنڌ جي عالمن جي جوڙيل سنڌي حرفن جي جاري ٿيل مختلف صورتن مان ڪجهه خاص صورتون چونڊي ورتيون ۽ نظرثانيءَ کان پوءِ جولاءِ 1853ع ۾ ”سنڌي الف- ب“ تي ٻڌل قرطاس شايع ڪري ڇڏيو، جيڪو هڪ جهڙي نموني تي تعليمي ۽ دفتري شعبن ۾ رائج ٿيو. (تفصيلن جي لاءِ ڏسو (The Report on Education in Sindh. حروف تهجي (ڏسو ص 358) جي تعين سان درسي ۽ ٻين ڪتابن لکڻ جي لاءِ رستو ٺهي ويو ۽ سنڌيءَ جي تحريري سرمائي کي فروغ حاصل ٿيو. ليٿو ۽ پوءِ ٽائيپ جي ڇاپخانن جي قائم ٿيڻ سان سنڌي مطبوعات ۾ واڌارو ٿيو.
انگريزيءَ جي تسلط کان پهرين ئي ابتدائي تعليم مڪمل ريت سنڌيءَ ۾ ڏني ويندي هئي ۽ ثانوي سطح جي ابتدا ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي تعليم جي ذريعي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هاڻي تدريسي سلسلي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ثانوي سطح تي انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به لازمي طرح تي پڙهايو وڃڻ لڳو. 1935ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا صوبو بڻيو ته هاءِ اسڪول (ميٽرڪيوليشن) تائين سنڌيءَ کي تعليم جو ذريعو ۽ امتحانن جو ذريعو قرار ڏنو ويو. هڪ مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ کي بي. اي جي نصاب ۾ جاءِ ڏني وئي.
ا ب ٻ ڀ پ ت ٿ ٽ ٺ ث ج جهه ج ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڊ ڏ ڍ ذ ر ز ڙ س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ ڱ گهه ل م ن ڻ و هه ء ي.
تعليم ۽ تدريس ۽ تصنيف جي سلسلن ۽ ڇاپي خانن ۾ مطبوعات جي سهولتن سببان سنڌيءَ ۾ نثري سرمايو ۽ صحافت نگاريءَ کي فروغ مليو. سورهين صديءَ ۾ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي ڪتاب ”حل العقود في طلاق اسنود“ ۾ سنڌي نثر جا اهي جملا ملن ٿا، جيڪي سنڌ جا ماڻهو طلاق ڏيڻ وقت استعمال ڪندا هئا. ان کان پوءِ مخدوم حامد رگهمي ۽ پوءِ جي عالمن جي ڪتابن ۾ سنڌي نثر ۾ اهڙا جملا ۽ عبارتون لڀن ٿيون، جن جو واسطو فقهي بحثن سان آهي. شيخ ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جا تصنيف ڪيل درسي ڪتاب منظوم هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه تصنيفن ۾ نظم جي صورت رڳو الف اشباع جي قافيي تائين محدود هئي ۽ اڪثر بيان نثري نوعيت جو هو.
1855ع کان پوءِ جڏهن نئون تعليم جو سلسلو رائج ٿيو ته سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا ۽ ان دؤر جي پڄاڻيءَ تائين اڪثر علمن ۽ فنن ۾ سنڌي ڪتاب تصنيف يا ترجمي جي صورت ۾ مهيا ٿي ويا. 1857ع کان سنڌي نثر ۾ اشتهار ڇپجڻ لڳا. چند سالن کان پوءِ اخبارن جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو (خلافت تحريڪ) جي دؤر ۾ روزنامه ’الوحيد‘ جي جاري ٿيڻ سان حقيقي معنيٰ ۾ ڦلائتو ٿيو.
انگريزي زبان ۽ تعليم کي ان دؤر ۾ خاص اهميت حاصل ٿي ۽ اها سرڪاري، دفتري، ڪاروباري، تعليمي نظام، صحافت ۽ سياست جي اثرائتي زبان بڻجي وئي. سنڌيءَ تي به ان جو ڪافي اثر پيو. ان ڪري علمن ۽ فنن جي اصطلاحن جا ڪيترائي انگريزي نالا ۽ لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ٿي ويا. 1935ع کان پوءِ سنڌي به سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي سياست جي زبان بڻي ۽ ان انگريزيءَ مان سياسي لغت جو هڪ چڱو خاصو پنهنجو ڪم ڪڍي ورتو.
ان دؤر ۾ سنڌي صحافت کي چٽي ترقي نصيب ٿي. سنڌيءَ ۾ ڪيترائي روزنامه ۽ ڪيتريون ئي هفتيوار ۽ پندرهن روزا اخبارون، ماهه ناما، ٽه ماهي رسالا شايع ٿيڻ لڳا.
ريڊيو پاڪستان تان سنڌيءَ ۾ مختلف قسم جا پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. نوان لفظ ۽ اصطلاح گهڙجڻ لڳا ۽ نثري اسلوڪ بيان جي لاءِ نيون راهون پختيون ٿيون. ان دؤر ۾ سنڌي ۽ اردو جي پاڙيسري ٿيڻ سان ٻنهي زبانن جي وچ ۾ عمل ۽ رد عمل جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌي- اردو، اردو- سنڌي لغت، تصنيف جا ڪجهه سنڌي لفظ، مقامي طور تي اردو ۾ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف اردو جي جديد ادب جي اثر هيٺ سنڌي نظم ۽ افساني ۾ نوان تجربا عمل ۾ آيا آهن. مجموعي طور تي اهو دؤر هڪ عبوري دؤر معلوم ٿو ٿئي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا لاڙا عمل هيٺ آهن ۽ سنڌيءَ جو مستقبل روشن نظر ٿو اچي.
(نئين زندگي، سيپٽمبر، 2001ع تان ورتل)