ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574141 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ- بنياد بابت، ملڪ جي آزاديءَ بعد، سنڌ ۽ ڀارت ۾ جيترو گهڻو لکيو ويو آهي، اوترو ئي گهڻو مونجهارو پيدا ڪيو ويو آهي. انهيءَ جا مکيه سبب هن ريت آهن:
هتي ٿوري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ- بنياد بابت پيش ڪيل مکيه راين تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جو ٽيون ايڊيشن، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. اِن ۾ قديم دؤر کان وٺي 1890ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي اوسر تي ويچار ڪيل آهي. اِن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ- بنياد بابت ڊاڪٽر بلوچ پنهنجو نظريو هن ريت پيش ڪيو آهي:
هتي ٿوري ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ تي ويچار ڪجي ته هُن پنهنجي ڪتاب ۾ ”مُئن جي دڙي“ جي ٻوليءَ کي ”سامي صفت“ (يعني سيميٽڪ ٻولين- سرياني، عبراني، حبشي عربي ٻولين جهڙي) ليکڻ لاءِ ڪوبه وزندار دليل نه ڏنو آهي. مئن جي دڙي جي تهذيب وارا ماڻهو عراق، بيبيلان وغيره مغربي ملڪن مان آيا هئا، اِهو نظريو هاڻي رد ٿي چڪو آهي. علم قديم آثار جا عالم هاڻي اِها ڳالهه خاطريءَ سان ثابت ڪري چڪا آهن ته اِن تهذيب جا ماڻهو اِنهن علائقن جا اصلوڪا رهاڪو هئا. اِن ۾ شڪ نه آهي ته واپار سانگي اِنهن جي اچ وڃ مغربي ملڪن ۽ ڪن ٻين علائقن ۾ ٿيندي هئي. ٻيو ته مئن جي دڙي مان لڌل مهرن جي ٻوليءَ جي سڃاڻپ اڃاتائين خاطريءَ جوڳي نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو اِهو نظريو صحيح آهي ته موجوده سنڌي ٻولي، سنڌ جي پراڪرت يا پراڪرتن مان ئي اسري آهي، پر انهيءَ جو سنٻنڌ ويدن جي سنسڪرت ۽ اپڀرنش سان ڪهڙو آهي، تنهن کي هو سمجهي نه سگهيو آهي. اِن ڪري سندس ڪتاب جو پهريون باب گهڻن ئي تضادن ۽ غلطين سان ڀريو پيو آهي. هن جي خيال ۾ سنڌ واري علائقي ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي پهچ ئي ڪانه هئي. سنڌي ٻوليءَ تي سنسڪرت جو ٿورو گهڻو اثر، جيڪو نظر اچي ٿو، اُهو پاليءَ ذريعي پيو. اِن مان به صاف ظاهر آهي ته کيس اِها ڄاڻ نه آهي ته پالي ٻوليءَ ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ شبد- سنگرهه ۽ وياڪرڻي بيهڪ جي لحاظ کان تمام گهڻي مشابهت آهي.
سراج الحق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ کي رد ڪرڻ لاءِ ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکيو، جيڪو اپريل 1964ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو. هن کي اِن ڳالهه تي سخت اعتراض هو ته مئن جي دڙي جي ٻولي ڪا سامي صفت زبان هئي ۽ اُن تهذيب جا اڏيندڙ عراق، سُميريا غيرملڪن مان سنڌ ۾ آيا هئا. سراج پنهنجي ڪتاب ۾ پيش ڪيل نظريي کي هن ريت سمجهايو آهي:
”باوجود اِن ڳالهه جي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو مائٽاڻو ناتو ثابت ٿئي ٿو، سنڌيءَ جي تاريخ سنسڪرت کان به ڪُهني آهي، ۽ هڪ طرح سان سنسڪرت ۽ اُن سان لاڳاپيل تمدن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اُسريا آهن... سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي موهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اِن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي. سڌيءَ طرح نه سهي، اَڻ سڌيءَ طرح سهي.“ (پيش لفظ)
اِن ڪتاب جي ديباچي ۾ مشهور سنڌي عالم محمد ابراهيم جويي، سراج جي راءِ کي وڌيڪ چٽيءَ طرح سمجهائيندي لکيو آهي، ”(هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند- پاڪستاني ٻوليون) سڀيئي ڪنهن هڪڙيءَ ساڳيءَ آڳاٽيءَ (اوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن، جن کي پڻ هو ”سنڌي“ سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد ”پروٽو- سنڌي“ يا ”پروٽو- اِنڊڪ“ (يا پروٽو هند- يوروپي) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون سمجهندو. اُن آڳاٽيءَ ٻوليءَ متعلق سندس راءِ آهي ته اُها اصل هتي سنڌ ماٿريءَ ۾ ئي پيدا ٿي، ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ئي پوءِ اُن کي هند- پاڪستان جي ٻين حصن ۽ اُن کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا، جتي اُها ماحول جي تبديليءَ ۽ نين ضرورتن سبب الڳ الڳ ٻولين جي صورت اختيار ڪري ويئي... لائق مصنف اِن آڳاٽي ٻوليءَ جا تحريري نشان موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي مُهرن ۾ موجود سمجهندي، انهن مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ جيڪي پڙهڻيون هو قائم ڪري سگهيو آهي، تن مان هو اِهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اسان جي (هاڻوڪي) سنڌي ٻولي، سڌيءَ طرح اِن آڳاٽيءَ ٻوليءَ جي اُسريل ۽ ترقي يافته صورت آهي.“ (ص 17-18)
سراج جي هن نظريي ۾ سنڌيت لاءِ سندس پريم جو جذبو صاف ظاهر آهي. مئن جي دڙي جي ٻوليءَ کي ”سنڌي“ سڏڻ سان اِهو ڀرم پيدا ٿئي ٿو ته هاڻوڪي سنڌي ٻولي اُن وقت به ساڳيءَ صورت ۾ اُن ايراضيءَ ۾ مروج هئي، جيڪا ڳالهه تاريخي ڀاشا وگيان (لسانيات) جي اُصولن خلاف آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي هر هڪ ٻوليءَ ۾ ڦيرو اچڻ لازمي آهي. سنڌيءَ مان سنسڪرت نڪتي آهي، اِهو چوڻ به ڀاشا وگيان جي نيمن خلاف آهي. سنسڪرت، سنجوڳي منزل (synthetic stage) واري ٻولي آهي، ان جي اچارن ۽ وياڪرڻي بيهڪ وارو سرشتو گهڻو پيچيده ۽ اوکو آهي. ٻئي طرف هاڻوڪيون هند- آريائي ٻوليون (analytical stage) واريون آهن. ٻولين ۾ ڦيرگهير هميشه پيچيدي ۽ اوکي سرشتي کان آسان ۽ سوکي سرشتي طرف ٿيندي آهي، جن جو آڌار اُچار سهنج (simple pronuciation)، ڪشالي جو سنجم (economy of effort) وغيره هوندا آهن. اِن ڪري سنڌيءَ مان سنسڪرت جو جنم ٿيو، اِهو چوڻ درست نه آهي.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ نالي ڪتاب لکي، حيدرآباد- سنڌ مان جنوري 1974ع ۾ شايع ڪرايو. ان ۾ هو سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ دراوڙي ٻولين سان ڪرڻ بعد، هيٺين نتيجن تي پهتو آهي:
توراني ٻولي
موهن جي دڙي واري ٻولي
دراوڙي بروهڪي سئنڌو
قديم سنڌي
وچين دؤر واري سنڌي
هاڻوڪي سنڌي
ڊاڪٽر الانا جو اِهو نظريو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو دراوڙ هئا ۽ سندن ٻولي پروٽو دراوڙي هئي، انهيءَ جي مخالفت گهڻن ئي عالمن ڪئي آهي، جيڪي موهن جي دڙي جي سڀيتا جي هڪجهڙائي ويدڪ آرين جي سنسڪرتيءَ سان ڏيکارين ٿا. هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪجهه دراوڙي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ملن ٿا ته اُنهن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جو بنياد قديم دراوڙي ٻوليءَ مان ليکڻ غلط آهي. اهڙا لفظ ته سڀني هند- آريائي ٻولين ۾ ملن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ ٻين هند- آريائي ٻولين جهڙي آهي، جيڪي اِن ڪٽنب جي پراچين ٻولين (ويدڪ سنسڪرت، سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش) سان گهڻي سمانتا رکن ٿيون. سنڌيءَ ۾ جيڪي نراليون خاصيتون (جيئن ته چوسڻا آواز، ضميري پڇاڙين جو اسم، فعل ۽ حرف جر سان استعمال) ملن ٿيون، انهن جو ڪارڻ ڦهلاءُ دوران ٻين ٻولين جو اثر آهي. انهن کي ڏسي سنڌيءَ جو بنياد غير آريائي ٻوليءَ مان ليکڻ، تاريخي ڀاشا وگيان جي اصولن خلاف آهي.
ڊاڪٽر الانا هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ غير- آريائي زبان ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفيائي ۽ نحوي سٽاءَ جي مشابهت دراوڙي ٻولين سان ڏيکارڻ لاءِ جيڪي مثال ڏنا آهن، اُنهن ۾ ڪوبه وزن نه آهي، ۽ اُهي غلطين سان ڀريا پيا آهن.
حقيقت ۾ هاڻوڪي سنڌيءَ جي اُچارن جو سرشتو توڙي وياڪرڻي بيهڪ ٻين هاڻوڪين ڀارتي آريه ٻولين جهڙي ئي آهي.
سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ايم ايڇ پنهور، سنڌ جي اِتهاس، جاگرافيءَ ۽ آرڪيالاجيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. قديم سنڌ جي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت سندس هڪ مقالو ”سنڌ ڪوارٽرلي“ (ڪراچي، 1985ع، نمبر2) ۽ ”ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ“ (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1988ع) ۾ شايع ٿيو آهي. پنهور جي راءِ موجب، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ- بنياد پروٽو اِنڊو- يوروپي ٻولي آهي. اُن جي اوڀر واري شاخ آهي ”پروٽو اِنڊو- ايراني“. اِن مان پروٽو ايراني (اوستا، پهلوي، فارسي) پروٽو- سنسڪرت (رگويد جي سنسڪرت ۽ ڪلاسيڪل سنسڪرت)، پروٽو- اِنڊين (پروٽو- سنڌي، پروٽو لهندا، پروٽو پنجابي، ڀارت جون ٻيون آريائي ٻوليون) نڪتيون آهن. هن جي راءِ موجب سنڌو ماٿر واري ايراضيءَ ۾ اَسي سيڪڙو اِنڊو- يورپي قبيلا هئا ۽ فقط ويهه سيڪڙو کن دراوڙ لوڪ ۽ ٻيا آدي واسي قبيلا هئا. موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي سڀيتا ۾ اِنهن لوڪن جي گڏيل سنسڪرتيءَ جا اُهڃاڻ ملن ٿا.
پنهور جي سمجهاڻي گهڻي قدر صحيح هوندي پڻ اُن ۾ دؤرن جا تفصيل جيڪي هُن مقرر ڪيا آهن، اُنهن ۾ گهڻيئي تضاد آهن. هُن رگويد جي سنسڪرت جو زمانو عيسوي سن کان اڳ هڪ هزار کان ڇهه سؤ سالن وارو ڏيکاريو آهي، جيڪو بلڪل قبولڻ جوڳو نه آهي.
هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ۽ ٻين گهڻن ئي سنڌي عالمن سنڌي ٻوليءَ جو بنياد سنسڪرت مان ڄاڻايو آهي. هنن اُن جي وڪاس (اوسر) جو سلسلو هن ريت سمجهايو آهي:
ويدڪ سنسڪرت بدلجي ڪلاسيڪل سنسڪرت جو روپ ورتو، جنهن مان پوءِ پاليءَ جو، پوءِ پراڪرت ٻولين جو ۽ اُنهن مان اپڀرنش ٻولين جو وڪاس ٿيو. عيسوي ڏهين صديءَ جي آس پاس، جدا جدا علائقن ۾ اپڀرنش ٻولين بدلجي هاڻوڪين ڀارتي آريه ٻولين جي منزل ۾ پير رکيو. حقيقت ۾ ڏسجي ته هاڻوڪين ڀارتي ٻولين جو وڪاس، اِن طرح سنئون سڌو ساهتيه ۾ هلندڙ سنسڪرت، پاليءَ، پراڪرت ۽ اپڀرنش ٻولين مان نه ٿيو آهي. لکيل ساهتيه جي درجي تي پهچڻ شرط هرهڪ ٻولي وياڪرڻ جي نيمن ۾ جڪڙجي ويندي آهي. اُن ۾ پوءِ ڦيرگهير ٿيڻ گهڻي قدر بند ٿي ويندي آهي، پر اُنهيءَ جي برابر پور- وڇوٽيءَ تي (Parallel) هرهڪ ادبي ٻوليءَ جو ٻول چال وارو روپ به هوندو آهي، جيڪو وڌيڪ لچڪيلو هوندو آهي. اُن ۾ ٻين ٻولين جا لفظ پڻ ججهي تعداد ۾ پيا ڪتب ايندا آهن. وياڪرڻي بيهڪ جي خيال کان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اُن ادبي ٻوليءَ جي جدا جدا اُپڀاشائن جا روپ به ڪتب پيا ايندا آهن. ٻول چال واريءَ اهڙي ٻوليءَ جا ڪجهه لفظ وياڪرڻي پريوگ، وقت گذرندي، پوءِ لکيل ادبي ٻوليءَ ۾ به داخل ٿي ويندا آهن. اِن طرح اڄوڪي ادبي سنڌيءَ ۾ به گهڻيئي انگريزي، هندي، گجراتي، مراٺي لفظ واهپي ۾ اچي ويا آهن. ساڳيءَ طرح، ڪجهه اُپڀاشائن جا وياڪرڻي پريوگ به اَدبي لکڻين ۾ داخل ٿي ويا آهن. جيئن ته: ”اسين وڃون ٿا“ بدران ”اسان وڃون ٿا“، ”ويندس“ بدران ”ويندم“، ”لکندس“ بدران ”لکندم“، ”هن وٽ“ بدران ”سندس وٽ“، ”هن کي“ بدران ”سندس کي“.
ٻولين جي تبديل ٿيڻ جي انهيءَ عام ريت کي ڌيان ۾ رکندي، اِهو چوڻ وڌيڪ درست آهي ته هن وقت ڀارت جي پراچين ٻولين ۾ جيڪو ساهتيه ملي ٿو، اُنهيءَ جي برابر اُن زماني ۾ جيڪي ٻول چال ۾ واهپي ۾ ايندڙ جدا جدا علائقن ۾ ڀارتي آريه ٻوليون هيون، تن بدلجي هاڻوڪين ڀارتي آريه ٻولين جو روپ اختيار ڪيو آهي.
ڀارتي آريه ٻولين جي پراچين منزل (عيسوي سن کان 600 ورهيه اڳ پاڻني مُنيءَ کان وٺي، عيسوي سن کان ڇهه هزار کن سال اڳ وارو دؤر):
هن زماني ۾ اُتر ڀارت ۾ ويدڪ سنسڪرت (ڇندس يعني رگويد جي منترن جي ٻولي) سان مشابهت رکندڙ گهڻيئي ٻول چال ۾ مروج ٻوليون هيون، جن کي ”اوائلي يا بنيادي پراڪرت ٻوليون“ (Primary Prakrits) نالو ڏنو ويو آهي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي اِنهن ٻولين جو ڪهڙو روپ هئو، تنهن جي جهلڪ اسانکي رگويد جي منترن جي ٻوليءَ مان ملي ٿي.
عيسوي سن کان اٽڪل ٽي هزار کن سال اڳ، مهاڀارت واري زماني ۾ مهرشي ڪرشڻ دوئيپاين ويدوياس ويدن جي منترن مان گڏ ڪري، اُنهن جو چئن ويدن (رگويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد) جي روپ ۾ اٿلايو. انهيءَ صورت ۾ اِهي منتر اسان تائين پهتا آهن. ويدوياس کان اڳ پڻ ڪن رشين منين منترن جا سنگرهه (مجموعا) تيار ڪيا هئا، جيڪي زماني جي اُٿل پٿل ۾ سلامت نه رهي سگهيا. ڀارتي رواج موجب ويدن جا منتر ايشوري آواز آهن، جيڪي رشين منين اُچاري دُهرايا. اِن ڪري ويدوياس اُنهن جي اُچارن ۽ وياڪرڻي بيهڪ کي جيئن جو تيئن اصلوڪي روپ ۾ درج ڪرڻ جي ڏِس ۾ گهڻيءَ خبرداريءَ کان ڪم ورتو. اِهو ئي سبب آهي جو منترن جي اُچارن ۽ وياڪرڻي روپن ۾ هڪ کان وڌيڪ بيهڪ وارا لفظ ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته اِنهن جا اُچاريندڙ رشي ڀارت جي الڳ الڳ علائقن جا رهاڪو هئا. اِن کان سواءِ منترن جي رچنا جو وقت به جدا جدا هئو. جيئن ته:
پاڻني رشيءَ (عيسوي سن کان 500 ورهيه اڳ) جي زماني ۾ ويدڪ سنسڪرت ۽ سماج جي اعليٰ طبقي وارن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي سنسڪرت ۾ ايترو ته ڦيرو اچي ويو، جو منترن جي ٻولي ”ڇندس“ عام ماڻهن توڙي برهمڻ ورگ جي سمجهڻ کان به گهڻي قدر ٻاهر ٿي ويئي. اِن ڪري ويدڪ سنسڪرت جي شبد ڪوشن ۽ لفظن جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ ”نِرڪت“ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. منترن جي صحيح اُچارن کي قائم رکڻ لاءِ پراتساکيه گرنٿن جي رچنا ڪئي ويئي ۽ پدپاٺ وغيره طريقن سان منتر شُڌ روپ ۾ ياد ڪرڻ جي روايت به عمل ۾ آئي. اِهي طريقا پاڻنيءَ جي دؤر کان ڪجهه صديون اڳيئي اختيار ڪيا ويا هئا.
مها رشي پاڻني شالاتُر جو رهاڪو هو. اِهو اَٽڪ جي ويجهو، سنڌونديءَ ۽ ڪابل نديءَ جي سنگم کان اُتر- اولهه طرف، چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍو ڳوٺ هو. هن سنسڪرت جي تعليم اُن زماني جي مشهور تڪسشلا وشوودياليه (ٽيڪسيلا جي جڳ مشهور درسگاهه) ۾ حاصل ڪئي. اُن کان پوءِ پاڻنيءَ پنهنجي زماني جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ڀارت جي جدا جدا ايراضين ۾ وڃي، اوڀر ڀارت ۽ مگڌ واري علائقي تائين سير سفر ڪيو. اُن بعد پنهنجي وسيع اڀياس جي آڌار تي، سماج جي اعليٰ طبقي جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جا نيم ٺاهيا آهن. هُن اُن ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ (يعني جيڪا ٻول چال ۾ هلندڙ آهي) نالو ڏنو آهي ۽ اُن جي ڀيٽ ۾ ويدڪ ساهتيه جي جهوني ٻوليءَ کي ”ڇندس“ سڏيو آهي، يعني جيڪا ويد منترن جي ٻولي آهي. ڀاشا تي پوءِ وقت گذرندي نالو پيو ”سنسڪرت“ يعني ”سنسڪار ڪيل، معياري ٻولي“. ڪن يورپي عالمن ڀرم وچان سنسڪرت کي پاڻنيءَ جي گهڙيل نقلي (Artificial) ٻولي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا بلڪل غلط ڳالهه آهي. پاڻنيءَ جي ان ڪوشش جي جيڪڏهن باريڪيءَ سان اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هُن گهڻن ئي هنڌن تي ٻوليءَ جي علائقائي تفاوتن طرف به اشارو ڪيو آهي، جيئن ته بياس نديءَ جي ويجهو پڪن کوهن ۽ ڪچن کوهن جي نالن جي اُچار ۾ فرق، پوربي ڀارت ۾ مروج راندين جو ذڪر، سالو جنپد ۾ ٺهندڙ رٻڙ وغيره جا نالا.
هاڻي چئبو ته ڀارتيه آريه ٻولين جي پراچين منزل ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن:
رگويد جي منترن ۾ پڻ ڪن ڀارتي ٻولين جا حوالا ملن ٿا. مثال طور- آريه ٻوليون- (14.122.1)؛ گلچا يا شڪ ٻوليون – (20.1.8) مَدي ڀاشا- (11.167.1)؛ گنڌار جي ٻولي- (6.80.10)، پئشاچي ڀاشا – (2.98.7)
ڀاشا وگيان جي اُصولن موجب ڪنهن هڪ ايراضيءَ ۾ جڏهن جدا جدا ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، تڏهن اُن جو هڪ ٻئي تي اثر پوڻ لازمي آهي. اِن لحاظ کان سنسڪرت تي به غير آريائي ٻولين جو اثر پيو آهي. اِن جي جهلڪ اسان کي هڪ ئي لفظن جي جدا جدا اُچارن ۾ ۽ اُڌارن ورتل لفظن ۾ نظر اچي ٿي.
مثال طور: 1. هڪ ئي لفظ جا جدا اُچار (ياسڪ جي نرڪت ۾ ڏنل)
لوٽتي- لوٺتي (ص 198)
رَجتِ – لجت (ص 198)
هَرت- سَرِت ص 161)
شَوِت ...... (ص 104)
ڪمبوج لوڪ ”شوِت“ ڪريا وڃڻ جي معنيٰ ۾ ڪتب آڻيندا آهن. اِن جو بدليل معنيٰ ۾ لفظ شَوَ (يعني بي جان جسم، لاش) آريه ٻولين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
سنسڪرت ۾ ٻين ٻولين جا لفظ: (ميمانسا درشن- ”جيمني“ ۾ ڏنل) پِڪ، نَوم، ست، تام رس، ڦارس (پارسِڪ) تربوج وغيره.
ان جي ڀيٽ ۾ پاڻنيءَ جي دؤر تائين پهچندي، سنسڪرت جو ڦهلاءُ سڄي ڀارت ۾، ۽ اُنهيءَ جي حدن کان ٻاهر پڻ گهڻن ئي علائقن ۾ ٿي ويو. اِن ڪري سنسڪرت شبد تتسم ۽ تدڀو روپن ۾ ڀارت جي سڀني ٻولين ۾ ملن ٿا.
عيسوي سن کان اٽڪل 500 سال اڳ، ڀارت جي اوڀر وارن علائقن ۾ رهندڙ آريه لوڪن جون اوائلي پراڪرت ٻوليون، پراچين منزل پار ڪري وچين منزل ۾ داخل ٿي چڪيون هيون، پوءِ اِها تبديلي ڀارت جي ٻين حصن جي ٻول چال وارين آريه ٻولين ۾ به شروع ٿي ويئي. گوتم ٻُڌ (جنم 566 ق. م نرواڻ 486 ق. م) پنهنجي مت جو پرچار عوام جي اُنهن ٻول چال وارين ٻولين مان هڪ ”ماگڌي“ ٻوليءَ ۾ ڪيو، جيڪا مگڌ واري ايراضيءَ ۾ مروج هئي. هن جي برپا ڪيل سنگهه ۾ ڀارت جي جدا جدا حصن مان ماڻهو اچي سندس پوئلڳ بڻيا، جن مان گهڻيئي الڳ الڳ ٻوليون ڳالهائيندڙ هئا. ان ڪري مگڌ جي ٻول چال واري ٻوليءَ ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچڻ لڳي. اِنهن ٻولين جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪري، وقت گذرندي ادبي پاليءَ جو وڪاس ٿيو، جنهن ۾ پوءِ ٻڌ ڌرم جو ساهتيه لکيو ويو. هن وچين دؤر جي آريه ٻولين ۾ به علائقائي اُپڀاشائن جا تفاوت هئا، جنهن جي جهلڪ اسان کي سمراٽ اشوڪ (273- 232 ق. م) جي شلا ليکن جي ٻولين جو اڀياس ڪرڻ مان ملي ٿي. اُنهن ۾ مکيه روپ اوڀر، اولهه ۽ اُتر اولهه وارا هئا.
جدا جدا ايراضين جي ٻول چال ۾ مروج ٻولين جو عيسوي سن جي شروعات ڌاري ايتري اوسر ٿي جو اُهي لکيل ساهتيه ۾ اظهار لاءِ استعمال ڪيون ويون. انهن ٻولين جي وياڪرڻي روپ جي ڄاڻ اسان کي پراڪرت ۾ لکيل شلا ليکن، سنسڪرت ناٽڪن ۾ عورتن ۽ هيٺين طبقن جي ڪردارن جي گفتگوءَ ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ ۽ پراڪرت جي وياڪرڻ گرنٿن (ڪتابن) مان ملي ٿي، پر هتي اسان کي اِن حقيقت جو ڌيان رکڻ گهرجي ته ادبي پراڪرت ٻولين تي سنسڪرت جو گهڻو رنگ چڙهيل آهي. پراڪرت ٻولين جي وياڪرڻ لکندڙن عالمن اڪثر ڪيترن ئي سنسڪرت لفظن جي روپن ۾ ڦيرگهير ڪري، اُنهن کي پراڪرت روپ پئي ڏنو. ساڳي واٽ پراڪرت ۾ ساهتيه سرجيندڙ شاعرن به اختيار ڪئي، اِن ڪري پراڪرت ۾ لکيل ساهتيه جيڪو روشنيءَ ۾ آيو آهي، اُهو سؤ سيڪڙو ٻول چال وارين پراڪرت ٻولين جو عيوضي سمجهڻ نه گهرجي.
ادبي پراڪرت ٻولين جا مکيه علائقائي لهجا هن ريت آهن:
انهن کان سواءِ، اُتر- اولهه ۾ پئشاچي، وراچڊ پئشاچي ۽ ڪئڪيه پئشاچيءَ جا به علائقائي لهجا ملن ٿا. گڻاڍيه نالي ڪويءَ جي پئشاچي پراڪرت ۾ لکيل ڪتاب ”برهت ڪٿا منجري“ جو حوالو ملي ٿو. اِن ۾ ڏنل گهڻيئي ڪٿائون پوءِ سومديو نالي عالم سنسڪرت ۾ ترجمو ڪري ”ڪٿاسرت ساگر“ نالي سان هڪ ڪتاب تيار ڪيو هو، جيڪو اسان تائين پهتو آهي.
پراڪرت جو گهڻو ساهتيه مهاراشٽري پراڪرت ۾ لکيل آهي، جيڪا عيسوي سن جي شروعات کان وٺي، اٽڪل 500ع تائين، پنهنجي کيتر جي حدن کان ٻاهر ڦهلجي، ڀارت جي گهڻن ئي علائقن ۾ هڪ ڳانڍو ٻوليءَ ۽ ادبي اظهار جي واهڻ طور استعمال ٿيڻ لڳي. ”گاهاست سئي“ (گاٿا سپت شتي) نالي ان پراڪرت ۾ لکيل ست سؤ ڳاهن جو هڪ عمدو مجموعو آهي، جيڪو ٻين عيسوي صديءَ ڌاري ”هال“ نالي ڪويءَ تيار ڪيو هو.
پراڪرت ٻولين کي جڏهن ادبي درجو حاصل ٿيو، تڏهن وياڪرڻ لکندڙن آچارين اُنهن کي وياڪرڻي نيمن ۾ جڪڙي ڇڏيو، پر جن ٻول چال وارين ٻولين مان اُنهن جي اوسر ٿي هئي اُهي ته نديءَ جي وهڪري وانگر لڳاتار اڳتي وڌنديون پئي رهيون. اُنهن جي روپ ۾ ڦيرو ايندو پئي ويو. اُنهن جي ٻول چال واري بگڙيل صورت کي ڏسي، سنسڪرت ۽ پراڪرت وياڪرڻ لکندڙن، اُنهن کي اپڀرنش يعني ادبي معيار کان ڪريل، بگڙيل يا دهقاني ٻوليون ڪري سڏيو.
ڇهين عيسوي صديءَ جي آس پاس، اپڀرنش ٻولين جو به ستارو بلند ٿيو. عوامي شاعر ته انهيءَ کان ٻه ٽي صديون اڳيئي، زباني روايتن ۾ دوها، ڳاهون ۽ لوڪ گيت رچيندا پئي آيا، پر پوءِ انهن ٻولين جي قدرتي سونهن اعليٰ درجي جي شاعرن کي به ڪشش ڪئي. ڪوي ڪاليداس جهڙي اعليٰ ساهتيه ڪار به پنهنجي ناٽڪ ”وڪرموروشييَم“ ۾ اپڀرنش جي لوڪ گيتن کي جڳهه ڏني. اٺين- نائين عيسوي صديءَ جي ٻؤڌسِڌن، ناٿ پنٿ جي جوڳين، جين ڌرم جي ڪوين اپڀرنش ۾ پنهنجي وائيءَ جو اظهار ڪيو. ٻارهين عيسوي صديءَ جي ملتان طرف جي رهندڙ مسلمان شاعر عبدالرحمان اپڀرنش ۾ ”سنديش راسڪ“ نالي ڪاويه لکيو. ٻئي طرف چوڏهين عيسوي صديءَ جي مئٿلي شاعر ودياپتيءَ هڪ طرف مئٿلي ٻوليءَ ۾ شرنگار رس جا پڌ چيا، ته ٻئي طرف اپڀرنش ۾ ”ڪيرتي لتا“ نالي ڪاويه لکيو. اِن طرح، اٽڪل 500ع سن کان وٺي، سنسڪرت ۽ پراڪرت سان گڏوگڏ، اپڀرنش ٻوليون به ادبي اظهار جو ذريعو بڻيون. اپڀرنش ۾ لکيل ساهتيه مان هاڻوڪين ڀارتيه آريه ٻولين جي اوسر جي اُها منزل نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هڪ طرف پراڪرت وارو جهونو روپ ڏينهون ڏينهن گهٽبو پئي ويو، ته ٻئي طرف جدا جدا علائقن ۾ مروج هاڻوڪين آريائي ٻولين جو پنهنجو پنهنجو نرالو روپ ظاهر ٿيندو پئي ويو. ان طرح جي علائقائي آريائي ٻولين ۾ 1000ع سن جي آس پاس لکيل ساهتيه مليو آهي. اُنهيءَ ۾ اسان کي اپڀرنش سان گڏ، علائقائي ٻولين جون خاصيتون به نظر اچن ٿيون. ناگر اپڀرنش، جيڪا گجرات واري علائقي جي ٻولي هئي، تنهن پنهنجي حدن کان ڦهلجي، ادبي اپڀرنش جو درجو حاصل ڪيو.
هن وقت هند و پاڪ ۾ جيڪي جدا جدا هند- آريائي نسل واريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن ۾ ادبي سطح تي اوسر حاصل ڪيل مکيه ٻوليون آهن:
سنڌي، پنجابي، هندي، اردو، راجسٿاني، گجراتي، مراٺي، اُڙيا، بنگالي ۽ آسامي، انهن جي اوسر ڏهين عيسوي صديءَ جي آس پاس، پنهنجي پنهنجي علائقن جي ٻول چال واريءَ پراڪرت ۽ اپڀرنش مان ٿي آهي. انهن جو بڻ بنياد اُنهن علائقائي اوائلي پراڪرت ٻولين مان ٿيو آهي، جيڪي پراچين ڀارت ۾ ويدڪ سنسڪرت واري دؤر ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پرچلت هيون. ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارين ٻولين جي تز ۽ مڪمل ڄاڻ ملڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪي به آڳاٽيون لکيتون محفوظ نه رهيون آهن، پر انهن جي وياڪرڻي بيهڪ جو اندازو سنسڪرت، پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ لکيل ساهتيه مان لڳائي سگهجي ٿو. ادبي ٻوليءَ ۽ اُنهيءَ جي ٻول چال واري روپ ۾ گهڻو تفاوت نه هوندو آهي. ان ڪري ٻول چال واريون آڳاٽيون هند- آريائي ٻوليون، ڀارت جي پراچين ساهتيه ۾ ملندڙ ٻولين سان گهڻي مشابهت رکندڙ هيون. انهيءَ حقيقت جو علم نه هئڻ ڪري ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا وغيره سنڌ جي عالمن اوائلي پراڪرت ٻولين کي ويدڪ سنسڪرت ۽ سنسڪرت کان بلڪل عليحديون يا نراليون ٻوليون ڪري سمجهيو آهي.
ٻول چال ۽ علائقائي اُپ ڀاشائن جي تفاوتن ڪري هڪ ئي لفظ جا جدا جدا اُچار ۽ وياڪرڻي روپ ملندا آهن. اُنهن مان جيڪي اُچار سماج جي اعليٰ طبقي جا تعليم يافته ماڻهو ڪندا آهن، اهي ساهتيڪ لکڻين جي ٻوليءَ ۾ تسليم ٿي ويندا آهن، جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه مثال ڏسو:
اِتان، اِتون، اِتون، اِتَهون، اِتهون، اِتهين، اِتئون، اِتئن، اِٿان، اِٿائون، اِٿانهون، اِٿانئين، اِٿون، اِٿون، اِٿِهون وغيره.
انهن مان ادبي سنڌيءَ ۾ لکڻ ۾ فقط هڪ روپ ”اِتان“ کي جڳهه حاصل ٿي آهي. ڪِجي، ڪَجي، ڪريجي (ادب ۾ فقط ”ڪجي“ روپ آهي.)
ڇوڪر- شوڪَرُ، ڇوڪرو- شوڪرو (ادبي سطح تي فقط ڇوڪرُ، ڇوڪرو تسليم ٿيل آهن).
(توهان جو، توان جو، اوهانجو، اوانجو، آن جو (ادبي سطح تي فقط توهان جو، اوهان جو روپ تسليم ٿيا آهن.)
اِها ساڳي حالت ويدن جي رچنا واري زماني ۾ به هئي. اوائلي پراڪرت ٻولين ۾ ڳالهائڻ ۾ گهڻائي جدا جدا اُچار ۽ وياڪرڻي روپ هئا. اُنهن مان لکيل ساهيتڪ ٻوليءَ ۾ فقط اُهي اُچار ۽ روپ کنيا ويا، جيڪي تعليم يافته اعليٰ درجي جا ماڻهو ڪندا هئا. اِن لحاظ کان سنسڪرت مان هاڻوڪيون آريه ٻوليون نڪتيون آهن، انهيءَ بدران ائين چوڻ وڌيڪ درست آهي ته سنسڪرت توڙي هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين جي اوسر اوائلي پراڪرت ٻولين مان ٿي آهي.· اُن پراچين زماني ۾ ٻول چال ۾ ”هست“ لفظ مروج هو، ته انهيءَ جا جدا جدا علائقائي اُچار به هئا. جيئن ته- هاٿ، هٿُ، هتٿ، هات وغيره. اهي هاڻوڪين ڀارتي آريه ٻولين ۾ نظر اچن ٿا. هتي اِن ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي ته هاڻوڪين ڀارتي آريه ٻولين ۾ ملندڙ سڀئي خاصيتون اُنهن ٻولين ۾ اوائلي پراڪرت ٻولين واري زماني ۾ موجود نه هيون. اِنهن مان ڪن نرالين وصفن جو وڪاس پوءِ ٻين جي اثر سببان به ٿيو آهي. مثال طور: سنڌي ٻوليءَ ۾ چوسڻن آوازن (ڳ، ڄ، ڏ، ٻ) جو وڪاس، ڪن ڀاشا وگيانين جي راءِ موجب عيسوي سن جي شروعات واري زماني جي آس پاس ٿيو آهي. ضميري پڇاڙين کي اسم، حرف جر ۽ فعل سان لڳائي پريوگ ڪرڻ جي ريت، مُنڊا، ايراني ۽ داردي ٻولين جي اثر سببان پيدا ٿيل نظر اچي ٿي. اهو طريقو سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين کان ورثي ۾ مليل نه آهي، پر اهڙين خاصيتن کي ڏسي، هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪنهن غير آريائي ٻوليءَ مان ليکڻ بلڪل غلط آهي.
هتي ڀارتي آريه ٻولين جي اوسر کي جنهن ريت سمجهايو ويو آهي، انهيءَ موجب چئبو ته هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جو جنم ان اوائلي پراڪرت ٻوليءَ مان ٿيو آهي، جيڪا رگ ويد واري زماني ۾ يا اُنهيءَ کان به ڪجهه صديون اڳ، موجوده سنڌ واري ايراضيءَ ۾، ۽ اُن جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. اُن جي جهلڪ اسان کي رگ ويد جي پراچين منترن جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. اوائلي پراڪرت ٻولين جو روپ ايترو ته وسيع هو، جو اُن ۾ هڪ طرف سنسڪرت جو شبد ڀنڊار هو، ته ٻئي طرف ديسي، دراوڙي، آسٽرڪ، تبتي، برمي، ايراني ٻولين جا به گهڻيئي لفظ اُن ۾ جذب ٿي ويا هئا. اِن ۾ شڪ نه آهي ته ٻين هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ ۾ به اٽڪل ستر سيڪڙو لفظ سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش ٻولين جا آهن. اِن جون وياڪرڻي خاصيتون به گهڻي ڀاڱي سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان آيل آهن.
ويدڪ سنسڪرت واري دؤر کان وٺي 1000ع سن تائين، سنڌي ٻوليءَ جي اوسر جا جيڪي دؤر آهن، اُنهن کي اڀياس جي سهوليت جي خيال کان هيٺينءَ طرح نالا ڏيئي سگهون ٿا:
سنڌ علائقي جي ٻول چال واري سنڌي ٻولي، انهن دؤرن ۾ ساهتيه ۾ ملندڙ سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش سان گهڻي قدر مشابهت رکندڙ هئي، ان ڪري هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ به انهن ادبي ٻولين جا گهڻا لفظ ۽ وياڪرڻي روپ ملن ٿا. اِن ۾ شڪ نه آهي ته هر هڪ منزل ۾ سنڌ جي مڪاني ٻوليءَ ۾ ڪجهه علائقائي خاصيتون ضرور هيون، جن ڏهين عيسوي صديءَ جي آس پاس، سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڀر وارين ايراضين جي ٻولين کان نرالو روپ عطا ڪيو. 711ع کان 1050ع تائين سنڌ ۾ عربن جي حڪومت هئي. اُن زماني جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اپڀرنش جي وياڪرڻي روپن سان گڏوگڏ پنهنجين نرالين خاصيتن جي به اوسر ٿي رهي هئي. اِن ڪري انهيءَ دؤر جي سنڌ جي ٻوليءَ کي اسين ”جهوني سنڌي“ به سڏي سگهون ٿا.
موجوده سنڌ جي حدن اندر، 1000ع کان اڳ واري دؤر جا شلاليک، تامرپتر، سِڪا وغيره ۽ ادبي لکيتون گهڻي تعداد ۾ نه مليا آهن، جو اُنهن جي آڌار تي اُن زماني جي سنڌ جي ٻوليءَ جو تفصيلوار اڀياس ڪري سگهجي. اِن حالت ۾ اسين سنڌ جي آس پاس حاصل ٿيل لکيتن ۽ پراچين لکيل ساهتيه سان هاڻوڪي سنڌيءَ جي ڀيٽ ڪندي، اُن جي آڳاٽي روپ جو اڀياس ڪري سگهون ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ 1500ع سن تائين جيڪو ساهتيه مليو آهي، اُهو گهڻو ڪري زباني روايتن ذريعي حاصل ٿيل لوڪ ادب آهي. اِهو گهڻو پوءِ سترهين- ارڙهين عيسوي صديءَ کان وٺي قلمبند ڪيو ويو آهي. اِن ڪري اُن جي جهوني سنڌي ٻوليءَ جو روپ به گهڻي قدر بدلجي، هاڻوڪي سنڌيءَ جي ويجهو ٿي ويو آهي. سترهين عيسوي صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن کان وٺي اسان کي سنڌيءَ ۾ ادبي لکيتون چڱي تعداد ۾ ملڻ لڳيون آهن. انهن ۾ قاضي قادن (1463- 1551ع)، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري (1537-1622) جو ڪلام مکيه آهن. انهن کان پوءِ شاهه عنايت الله رضوي (1625-1713ع)، شاهه عبداللطيف (1689-1752ع)، سچل سرمست (1739-1829)، سوامي پراڻناٿ (1618-1694ع)، ڀائي چينراءِ سامي (1743-1850ع) وغيره گهڻيئي سنڌي شاعر روشنيءَ ۾ آيا آهن، جن جي شعر جي ٻوليءَ جي آڌار تي اُن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ جو اڀياس وستار سان ڪري سگهجي ٿو.
هن مضمون جي محدود دائري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اوسر جي منزلن جو هڪ خاڪو پيش ڪجي ٿو. اِهو هن ريت آهن:
ويدڪ سنسڪرت جا گهڻيئي شبد (لفظ) آهن، جيڪي لوڪ سنسڪرت ۾ ئي واهپي مان نڪري ويا، پر اِهي هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ موجود آهن:
ناهري (نائون سنڌي مهينو- منگر، مگهر، مارگ شيريش) لفظ هن وقت فقط سنڌيءَ ۾ سلامت آهي، جنهن جو بنياد ويدڪ سنسڪرت شبد ”نو- آن- آهار“ آهي.
نَوَ- آن- آهار= نَوَ آهار= نواهار= ناهار= ناهري
اِن نائين مهيني تي اِهو نالو اِن ڪري رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته ويدن جي زماني ۾ سياري جو فصل ناهريءَ ۾ لڻندا هئا. اُن کي ”نئين فصل جو اَن“ ڪري سڏيندا هئا. اُن زماني ۾ سال جي شروعات به ناهريءَ کان وٺي ليکبي هئي، جنهن ڪري اِن مهيني تي ”اگرهاين“- اگهن نالو به پيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مِنگر يا مگهر لفظ سنسڪرت ”مارگ شيرش“ جا بدليل روپ آهن.
ٻين هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو شبد- ڀنڊار (لفظي خزانو) لؤڪڪ عوامي سنسڪرت عوامي کان ورثي ۾ آيل آهي. اِهو تتسم روپ ۾ گهٽ آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي اُچارن جي عادتن مطابق بدلجي گهڻي قدر تدڀو روپ وارو بڻجي ويو آهي. مثال طور هتي ڏينهن ۽ مهينن جا نالا ڏسو:
سومارُ/ سوُمر، منگل/ آڱارو، ٻُڌر، وسپت، شڪر وار، ٿارون، (ٿارن ڀڳوان شنڪر جي هڪ صفت آهي)، ڇنڇر، آرتوار، آچر، آڏِتوار، آئچ وار< آچر؛ آڏِتوار= آرتَ وارُ).
چيٽ/ چيٽر، ويساک، ڄيٺ، آکاڙ، سانوڻ، بڊو/ بڊرو، اَسؤ، ڪتي، ناهري، پوه، مانگهه، ڦڳڻ.
(الف) سنڌي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت سٿَ جي ٻولين جا گهڻا لفظ تڌڀوَ روپ ۾ آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي عادتن موجب اُچارن جي تبديلي ڏيکارين ٿا. مثال طور:
(ب) ڀرت مُنيءَ پنهنجي ڪتاب ناٽيه شاستر (ٻين عيسوي صديءَ) ۾ لکيو آهي ته هماليه، سنڌ ۽ سؤوير علائقن ۾ رهندڙن جي اُچارن ۾ ناٽڪ نويس کي ”اُ“ سُر جو گهڻو استعمال ڪرڻ گهرجي.
اِن هدايت مان ظاهر آهي ته ٻين عيسوي صديءَ جي آس پاس سنڌي پراڪرت ۾ ”اُ“ سُر جو اُچار گهڻو ٿيندو هو. اِها ريت هاڻي ٻين هند- آريائي ٻولين مان گهڻي قدر گم ٿي ويئي آهي، پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ هاڻي به قائم آهي، جيئن ته ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻُ، هٿُ، ڪنُ، نڪُ، واتُ، ڏندُ، مُنهن، اُٿڻ، لکڻُ، پڙهڻُ، اُٿُ، لکُ، پڙههُ.
(ٻ) سنڌي ٻوليءَ ۾ چؤسڻن چئن ڌوني- تتن/ ڳ، ڄ، ڏ، ٻ/ جي اوسر، گهڻو ڪري شبدن (لفظن) جي وچ ۾ سنسڪرت جي سنيڪت وينجنن مان ٿي آهي، پوءِ اُچار جي اها عادت شبد (لفظ) جي شروع ۾ ايندڙ هڪ سادي وينجن/ گ، ج/د/ ب/ تي به اثرانداز ٿي آهي. ٽرنر ۽ بين ڀاشاوگيانين جي راءِ موجب، سنڌي ٻوليءَ ۾ اِهي اُچار عيسوي سن جي شروعات جي آس پاس استعمال ۾ آيا آهن:
|
سنسڪرت |
پراڪرت |
سنڌي |
ڳ:
ڄ:
ڏ:
ٻ: |
گرنِٿ ڦالگن جهوا وديت دشڪال دوِگُڻ شبد باههُ ڪُبج |
گنٺ ڦگڻَ جِبڀا وِججُ دُڪڪال دُڻڻا سَڌد باههَ ڪُبَ |
ڳنڍِ ڦڳڻَ ڄِڀَ وِڄُ ڏُڪارُ ڏؤڻو سَڏ ٻانهن ڪُٻو |
(پ) سنڌيءَ ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن اسم مفعول (ڪرمڻي ڀوت ڪردنت) آهن، جن کي وياڪرڻ ۾ بي قاعدي (اَپواد) ڄاڻايو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اِهي پراڪرت، اپڀرنش وارا روپ آهن، جيڪي سنڌيءَ پاڻ وٽ سلامت رکيا آهن:
سنسڪرت |
پراڪرت |
سنڌي |
تپت گيات لبڌ گهرشٽ ڀگن تُشٽ مُشٽ ورشٽ |
تَت جاڻِئه لَڌَڌَ گٽٺُ ڀَگگه تُٽٺَ مُٽٺَ وُٽٺَ |
تتو ڄاتو لڌو گٺو ڀڳو تُٺو مُٺو اُٺو/ وُٺو |
(ڀ) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرمڻي واچيه (passive/ مجهول) ۽ ڀاوي واچيه (impersonal/ غيرشخصي) ۾ فعلن جا روپ فعل جي بنياد ۾ ج- اِج لڳائڻ سان ٺاهيا وڃن ٿا. اِها ريت سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جي آهي، جيڪا هاڻوڪين ٻين هند- آريائي ٻولين مان گهڻو ڪري گم ٿي ويئي آهي. مثال:
سنسڪرت |
سنڌي |
لکيتي نرتيتي جيويتي |
لِکجي (ل+ اِج+ اي) نچجي (نچ+ اِج+ اي) جيئجي (جيءَ+ اج+ اي |
(ڀ) سنڌيءَ ۾ ڪن اسمن جو جمع، پالي- پراڪرت جي طرز تي ٺهيل آهي.ساڳيءَ طرح ڪن اسمن ۾ جهونا معنوي جوڙ به سنڌيءَ ۾ اَڄ تائين سلامت آهن:
ڀاءُ- ڀائُرَ- ڀائِرَ
ماءُ- مائُرُ، مائِرُ، مائرون
ڌيءَ- ڌيئرون، ڌيئرُ
ڳوٺُ- ڳوٺان
گهرُ- گهرِ
(ت) شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ڏسبو ته هاڻوڪي سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ پراڪرت- اَپڀرنش تدڀوَ شبدن جو پريوگ وڌيڪ ٿيو آهي: مثلاً:
سنگهر، پِيَه، پَئِه، اوڙ/ اول
نِيَر، نيئر، رائر (ڍَل)، وڻراههَ
جُوءِ، (جڳهه)، لوءَ/ لوءِ، سوءَ.
سنسڪرت ۽ اپڀرنش سان سنڌيءَ جي ويجهي مشابهت هيٺين دوهن ۾ ڏسو:
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
وگر ڪرتوا ورتنتي، پريت نه ڇنينت آپمس،
پسيه پڪشڻ، مانوَيه مٺ...........
ڍولو سانورو، ڌڻ چمپاورڻي،
ڄڻ سون- ريهه، ڪسوَٽيءَ ڏني.
ڍولا سانولا، ڌڻ چمپاورڻي،
ڻائي، سُوَوڻ- ريهه، ڪسوٽي دني.
(ڍولو يعني پريتم سانوري رنگ جو آهي؛ ڌنيا يعني نائڪا (ڌيءَ/ ڌَڻَ) چمپاورڻ جي آهي، پريتم جي ڀاڪر ۾ نائڪا ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪسوٽيءَ تي سون جي ريهه ڪسي ويئي آهي.)
(1) سنڌ ۾ جڏهن راءِ گهراڻي (495-631ع) ۽ براهمڻ گهراڻي (631-711ع) جو راڄ هو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جو روپ اَپڀرنش جي گهڻو ويجهو هو. ”سن 711ع محمد بن قاسم جڏهن راجا ڏاهر سين کي شڪست ڏيئي، سنڌ جي گهڻي حصي تي عربن جي حڪومت جو پايو وڌو، تڏهن سنڌيءَ ۾ پنهنجون نراليون خاصيتون گهڻي قدر اُسري چڪيون هيون. اُن دؤر جي سنڌيءَ کي اسين ”جهوني سنڌي“ چئون ٿا. اِن جي ڪي قدر ڄاڻ اسان کي مجمل- ”اَل- تواريخ ۾ ڏنل مهاڀارت جي ڪٿا جي فارسي ترجمي (1026ع) ۽ چچ نامي ۾ (فارسي 1216ع) ڏنل سنڌ جي تاريخ ۾ اسم خاص لفظن جي اڀياس ڪرڻ سان ملي ٿي. البيرونيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ به سنڌ ۽ ملان جي علائقائي ٻولين جا گهڻيئي لفظ ملن ٿا. مثال طور:
چچ نامو: لاڏي (لادي)، گوپي- (قوفي) ڍنڍ (دنده)، ٺڪُر (تکر)، چڱي (چنگي)، ٻٽي (بهتي)، جت (زط)، ڍول (دهول)، ٿاڻو (تانه)، ٻيٽ (بيت)، کارمٽي (کارمتي)، ڀاٽيا (بهاتيه، باتيه)، لوهاڻا (لوهانه) لاکا (لاکهه) اروڙ (اَرور/ الور).
البيروني (ڀارت ۾ 1010-1030ع): چيتر (چيٽ)، بيشاک (بيساک)، جيرت (ڄيٺ لاءِ اُچار)، آشار (آکاڙ)، ڀادرو (بهادرو)، اَشوج (اَسو)، ڪارتڪ، منگهر (منڱهر)، پوش (پوهه)، ماڱ (مانگهه)، پاکن (ڦاڳڻ). سيندب، سدماترک (سڌماترڪ)، ناکر (ناگر).
مارڪڻڊييه پنهنجي ڪتاب ”پراڪرت سروَسوَ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ علائقي ۾ وراچڊ سنڌي مروج هئي. اُن ۾ هن وراچڊ جون ڪجهه خاصيتون به ڏنيون آهن. ان بعد هُن اِهو به لکيو آهي ته وراچڊ اَپڀرنش جو باقي ٻيو روپ ناگر اَپڀرنش وارو سمجهڻ گهرجي. حقيقت ۾ ڏسجي ته وراچڊ اَپڀرنش ۾ لکيل ساهتيه مليو ئي نه آهي، جنهن جي آڌار تي سنڌيءَ جي اُن سان ڀيٽ ڪجي، پر اِن ۾ شڪ نه آهي ته ناگر اپڀرنش جيڪا پنهنجي دؤر ۾ ساهتيه جي ڀاشا هئي ۽ اُن ۾ هاڻي گهڻيئي ڪتاب لکيل مليا آهن، اُنهن سان هاڻوڪي سنڌي گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي. مارڪنڊييه جي بيان ۾ سنڌ وارو علائقو موجوده سنڌ آهي يا اُتر ۾ ملتان وارو علائقو آهي، اِن ۾ به شڪ آهي، اِن ڪري ممڪن آهي ته هن جون بيان ڪيل خاصيتون ملتاني يا سرائيڪيءَ بابت هجن، جن سان ڪيتريون خاصيتون ملن ٿيون.
(2) عربن جي حڪومت واري دؤر ۾ عربيءَ جو سنڌي ٻوليءَ تي گهڻو اثر پيو. اِها اسلام مذهب جي ٻولي آهي، اِن ڪري جن مڪاني ماڻهن اسلام قبول ڪيو، تن لازمي طور قرآن شريف جو مطالعو ڪيو ۽ عربيءَ جو محاورو به حاصل ڪيو. اِن جو نتيجو اِهو نڪتو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي عربي لفظ داخل ٿيا، جن جي اثر هيٺ سنڌيءَ جي آوازي سرشتي ۾ خ، غ، ز، ف/ چار ڌوني تت نوان داخل ٿيا. عربي دان سنڌي اِنهن جا درست اُچار ڪندا هئا ته عام سنڌي اهڙن عربي لفظن جا بگڙيل اُچار ڪندا هئا. جيئن ته آبرو، اولياءَ، برڪت، محل، عزت (اِجت) محتاج (موٿاج)، تعويذ (تائٿ)، خارس (کارس)، خاصخيلي (خاشڪيلي)، غريب (گريب)، آرداس (عرض داشت).
(3) سومرن (1050-1350ع) سمن (1350-1520ع) سردارن مان گهڻن ئي اسماعيلي فرقي جي پرچارڪن جي اثر هيٺ اسلام مذهب قبول ڪيو. پير شمس سبزواري (1165-1276ع)، پير صدرالدين (1290-1490ع) ۽ ٻين اسماعيلي پيرن ”گنان“ نالي پد رچيا، جن جي ٻولي سنڌي- هندي- گجراتي- ڪڇي آميزش واري آهي. اِهي گنان هنن خواجڪي لپيءَ ۾ لکيا، جيڪي هٽواڻڪن يا هندو- سنڌي اکرن جو ئي هڪ روپ آهن. اَڄ تائين اسماعيلي پنٿ جا پوئلڳ پنهنجن مذهبي گرنٿن کي اِن لپيءَ ۾ ڇپائيندا آهن.
(4) سومرن جي حڪومت واري دؤر کان وٺي سنڌ ۾ فارسي ٻولي سرڪاري لکپڙهه جي لاءِ ڪتب اَچڻ لڳي. اِن ڪري روزاني زندگيءَ ۾ چاهي سنڌي وهنوار جي ٻولي هئي، پر اُن تي فارسيءَ جو گهڻو اثر پيو، جيڪو اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادبي لکڻين تي نظر اچي ٿو. ارغونن (1520-1554ع)، ترخانن (1554-1592ع)، مغلن (1592-1700ع)، ڪلهوڙن (1700-1783ع) ۽ ٽالپورن (1783-1843ع) جي حڪومت واري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ تي فارسيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو اثر پيو. اِهو ته فقط ٻوليءَ تي، پر سنڌي ادب جي ڌارائن ۽ شاعريءَ جي جدا جدا روپن تي به پيو. غزل، رباعي، قصيدا، مثنويون وغيره روپن ۾ شعر رچڻ ۾ سنڌي شاعر فخر محسوس ڪرڻ لڳا. صوفي درويشن جي ڪلام ۾ چاهي اسان کي گهڻي قدر ٺيٺ سنڌي ٻولي ۽ دوها، سورٺا وغيره ڇندن ۾ شاعري ملي ٿي، تنهن هوندي پڻ اُنهن جي شعر ۾ فارسي لفظن جو واهپو وڌندڙ نظر اچي ٿو. ٻيو ته هن دؤر جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اُپڀاشائن جا پريوگ به صاف ظاهر آهن. قاضي قادن جي ڪلام جي ٻولي اُتر سنڌ جي ۽ سرائيڪي لهجي واري آهي ته ساميءَ جي سلوڪن جي ٻوليءَ تي شڪارپوري عبارت جو گهڻو اثر آهي. شاهه لطيف جي ڪلام جي ٻوليءَ تي لاڙي ۽ وچولي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي. سوامي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي، ڪڇي اُپڀاشا کان متاثر آهي. روحل فقير جي سنڌي ڪلام تي هندي سنت ڪوين جي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي. سگهڙن جي لوڪ شاعريءَ تي به هنديءَ جي شرنگار ڪاويه ۽ ٻوليءَ جو گهڻو اثر پيو آهي.
(5) 1843ع ۾ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿي. هنن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عربي- فارسي لکاوٽ کي هڪ معياري روپ ڏنو ۽ اُن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ درسي ڪتاب به تيار ڪرايا. اُن دؤر ۾ حيدرآباد ۽ ساهتيءَ جي تعليمدانن درسي ڪتابَ تيار ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. اِن ڪري جدا جدا اُپڀاشائن مان وچولي سنڌيءَ ادبي سطح تي پهچي، ادب جي لکڻين ۾ اظهار جو مکيه ۽ مرڪزي درجو حاصل ڪيو.
انگريزن جي حڪومت ۾، اوڻويهين صديءَ ۾ ئي گهڻيئي هندو نثر نويس ۽ سنت شاعر روشنيءَ ۾ آيا. سنڌي ساهت کي اوج ڏيڻ ۾ اُهي پهرين صف ۾ هئا. اُن زماني ۾ ئي سنڌ ۾ سکه پنٿ جو به گهڻو پرچار ٿيو. اِن ڪري هندو ڌرم ۽ سک پنٿ جي ويچارن تي آڌار رکندڙ چڱوئي ادبي ذخيرو سنڌيءَ ۾ شايع ڪيو ويو. اهڙي ساهت جو سنڌي ٻوليءَ تي به گهڻو اثر پيو. ڌرم ۽ درشن شاستر جا گهڻيئي لفظ ۽ اصطلاح سنڌي ڪتابن ۾ واهپي ۾ اچي ويا.
(6) انگريزن جي دؤر ۾، درسي ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ انگريزي ڪتابن جا ترجما سنڌيءَ ۾ شايع ڪيا ويا، جيڪي جدا جدا ۽ نون موضوعن تي هئا (جيئن ته: حساب، جاميٽري، اِتهاس، وغيره). اهڙن موضوعن تي لکڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ نوان ٽيڪنيڪي لفظ به گهڙيا ويا. روزاني عام زندگيءَ تي پڻ انگريزن جي سڀيتا، سنسڪرتيءَ ۽ ٻوليءَ جو گهڻو اثر پيو. اهڙو اثر گهڻو ڪري سڀني هاڻوڪين ڀارتي ٻولين تي نظر اچي ٿو. اِن ڪري جهجهي تعداد ۾ انگريزي لفظ نه فقط سنڌيءَ پر سڀني هاڻوڪين ٻولين ۾ جذب ٿي ويا آهن. ايتري قدر جو بنيادي شبد ڀندار ۾ به اُهي داخل ٿي چڪا آهن. اَمان، اَمي، امڙ جي جاءِ تي ممي، مما ورتي آهي ته بابا، ابا جي جاءِ تي ڊئڊي، پاپا اچي ويا آهن. انڪل آنٽي ته اڻپڙهيلن هندستانين جي ٻوليءَ ۾ به عام جام نظر اچن ٿا. گلاس، سليٽ، اسٽيشن، اِنجڻ، مشين، ريڊيو، ٽيليويزن ته هاڻوڪين ٻولين ۾ ايتري پختائيءَ سان ديرو ڄمائي ويٺا آهن، جو اُنهن کي ڪوبه هڪالي نٿو سگهي.
1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو، پر اِن سان گڏ ورهاڱو به ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي لحاظ کان مکيه مرڪز سنڌ صوبو پاڪستان اندر شامل ڪيو ويو. اٽڪل ٻارهن لک کن سنڌي هندو حالتن کان مجبور ٿي ڀارت ۾ لڏي ويا. اُنهن کي جتي جتي روزي- روٽي ۽ اجهو مليو، اُتي اُتي اُهي ٿاڻو ٺڪاڻو ڪري ويٺا. اهڙيءَ طرح آزاديءَ بعد ڀارت ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا علائقائي ٻولين جي اثر هيٺ اسري رهي آهي ته سنڌ پاڪستان ۾ به اُن جي اوسر، ڀارت جي جدا جدا صوبن مان لڏي ويل مهاجر مسلمانن جي ٻولين وچ ۾ ٿي رهي آهي. اِنهن حالتن جي باوجود، ڀارت جي سنڌيءَ تي سڀ کان وڌيڪ اثر هنديءَ جو پيو پوي، جيڪا اتان جي راج- ڀاشا آهي.
ساڳي حالت پاڪستان ۾ به آهي، جتي اُردو سرڪاري ڪاروبار جي ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪيو آهي. اِن ۾ شڪ نه آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ اڃان تائين انگريزي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنسڪرتيءَ جو بول بالا آهي. اِن جو اثر نه فقط سنڌي ٻوليءَ، پر ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي ٻين به مکيه ٻولين تي قائم آهي.
”سنڌي ڀاشا ڪا سنڪشبت پريچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف، ليکڪ، پنڊت ڪرشڻ چندر جيٽلي) جي مهاڳ ۾ مشهور ڀاشاوگيانيءَ پروفيسر سُمتر منگيش کتريءَ لکيو آهي ته: آزاديءَ بعد ڀارت ملڪ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ ڄڻ هڪ پريوگ شالا (تجربيگاه) آهي. هن ديش جي جدا جدا علائقائي ٻولين جي اثر هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي تبديليون تيز رفتاريءَ سان اچي رهيون آهن، اُهي جيڪر اُنهن عام رواجي حالتن ۾ نه اچن ها، جيڪڏهن سنڌي فقط پنهنجي پرانت (صوبي) جي حدن اندر محدود هجي ها! انهن حالتن جو فائدو تاريخي ڀاشاوگيانيءَ کي ڀليءَ ڀانت وٺي، سنڌي ٻوليءَ جي تبديلين جو باريڪيءَ سان اڀياس ڪرڻ گهرجي.“
هتي مان فقط آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي شبد- ڀنڊار ۾ آيل ڦيرگهير جو ذڪر ڪندس. گذريل پنجونجاهه کن سالن ۾ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ پاڪستان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري قدر ڦيرو اچي ويو آهي، جو ٻنهي ملڪن جا سنڌي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ مشڪلات پيا محسوس ڪن. ڀارت جا سنڌي، پاڪستان جي اردو آميزش واري ساهتيه کي نٿا سمجهي سگهن، ته ٻئي طرف سنڌ جي سنڌين لاءِ به ڀارت جي هندي- سنسڪرت شبدن (لفظن) واري سنڌي سمجهڻ ڄڻ پرولي ڀڃڻ وانگر ٿي پيو آهي. مثال طور: ڀارت جي سنڌي (ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي ساهت واري) ٻوليءَ ۾ هي لفظ عام جام پيا واهپي ۾ اچن: پرجاتنتر (جمهوريت)، آتنڪواد (دهشتگردي)، راشٽرواد (قومپرستي)، راشٽرپتي (صدر)، پرڌان منتري (وزيراعظم)، سچواليه (صلاحڪار)، منتراليه (وزارت)، مکيه منتري (وڏو وزير)، انت راشٽريه (انٽرنيشنل)، انتر- ڀارتي، بهوجن سماج (کاڌ خوراڪ)، وڌان سڀا (اسيمبلي)، سنسڊڀون (پارلياماني ايوان)، سنسد (پارليامينٽ)، سدسيه (گهرڀاتي)، وِڌان (قاعدو)، پريشد (ڪائونسل، مجلس) وغيره.
ٻئي طرف، سنڌ جي سنڌيءَ ۾ هي لفظ ڏسو تمدن، ثقافت، اِشاعت، بين الاقوامي، انفراديت، ارتقا، ترميم، تصنيف، تڪميل، اختصار، بالغ، صغير، متحد، قومي جماعت وغيره.
سنڌ جي مشهور ليکڪا ماهتاب محبوب پنهنجي ڀارت جي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ”ڀارت جي سنڌين واتان جڏهن بار بار ”يوگدان“ لفظ ٻڌم ته مون چيو ته اِها الائجي ڪهڙي بلا آهي؟ هونءَ پاندان، روشندان، پيڪدان، شمعدان، مڇرداني وغيره ته ٻڌا هئا، پر هيءُ ”يوگدان“ خبر نه آهي ته ڇا آهي؟“
سنڌ جي سفر دؤران اِن قسم جو آزمودو مون کي به گهڻيئي ڀيرا مليو. اديبن جي محفل ۾ هڪ اديب کان سڀاويڪ طرح پڇيم ”اوهان کي گهڻي سنتان آهي؟“ ته هو يار منجهي پيو؟ چيائين، ”ڇا مطلب؟“ تڏهن محسوس ڪيم ته مان پاڪستان ۾ آهيان. اِن تي پاڻ سنڀالي وري سوال ڪيم ”اوهان کي ڪهڙو اولاد آهي؟“ ته هو هڪدم سمجهي ويو ۽ وراڻي ڏنائين. ساڳيءَ طرح، هڪ هنڌ گفتگوءَ ۾ چيم ”وشيه، کيتر“ ته ٻڌندڙ انهن جو مطلب نه سمجهي سگهيا.
آخر ۾ هتي مان ڊاڪٽر کتريءَ جي لفظن کي وري دُهرائيندس ته ڀاشاگيانين لاءِ هاڻي سونو موقعو آهي ته هو باريڪيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ ڦيرگهير جو تفصيلوار اڀياس ڪن. انهيءَ ۾ کين معلوم ٿيندو ته جدا جدا حالتن ۽ ٻولين جي اثرن هيٺ هڪ زمين کان اُکڙيل ٻوليءَ ۾ تبديلي ڪيئن ٿي اچي.
]ڪلاچي، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي، مئي 2007ع، تان ورتل[