ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574137 ڀيرا پڙهيو ويو |
قادر جي قدر جو اٽل اصول آهي ته، هن ڌرتيءَ تي هڪڙن هنڌن تي ڪي شهر آباد ٿين ٿا ته ٻين هنڌن تي ٻيا شهر ۽ اهي آباد وستيون وڏين ويرانين ۾ مٽجي وڃن ٿيون، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ نه رڳو نشانين طور باقي رهن ٿيون پر، انهن جي اندر هڪ خاص عرصي جي تهذيب پڻ دفن ۽ محفوظ رهي ٿي. اهڙين ويران وستين کي، جيڪڏهن محض تباهه و برباد ٿيل معمولي ماڳ ۽ نشان سمجهي، انهن کان لاتعلق بڻجي، بي توجهي ڪئي سون ته، اسان جو سمورو دفن ٿيل مهذب ماضيءَ وارو سونو خزانو هميشه لاءِ تباهه ۽ ختم ٿي ويندو. جنهن لاءِ اسان پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهون. اهڙين ويران وستين ۽ پراڻن يادگارن تي نظر ڊوڙائبي ته هن ڌرتيءَ تي ڪيترين ئي قومن جا اهڙا پراڻا آثار ۽ يادگار اڃا سوڌو قائم آهن، جن تي اِهي قومون هميشه لاءِ وڏو فخر ۽ ناز ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن. دنيا ۾ اڄ سوڌو اهڙا ڪيترائي اهم تهذيبي قديم يادگار قائم ۽ دائم آهن، جن مان سنڌو ماٿر ۾ موهن جو دڙو نه رڳو هڪ غيرمعمولي پراڻي کنڊرات مان هڪ آهي پر، هيءَ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي ته، موهن جو دڙو، اهڙن يادگارن مان تمام پراڻو ۽ وڌيڪ سڌريل تهذيبي گهوارو آهي، جنهن جي قدامت 5000 ق. م کان به مٿي ليکي وڃي ٿي. هيءَ يادگار اهڙي قديم تهذيبي مرڪز جي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن جي موجوده بيهڪ کي ڏسي تسليم ٿو ڪجي ته هي پراڻي سنڌ جي تهذيب، ڪيترين ئي ڳالهين ۾ دنيا جي قديم تهذيبن کان وڌيڪ سڌريل ۽ مهذب آهي. جنهن جو چٽو پٽو ثبوت سندس بيهڪ ۽ ان مان مليل مختلف غيرمعمولي شيون ۽ نادر نوادرات آهن. جيتريقدر سنڌي زبان جو تعلق آهي ته هن وقت تائين موهن جي دڙي مان مليل مهرن ۽ مختلف شين تي تحرير شده تصويري اکرن جي نه پڙهڻ سبب، موجوده سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ ذريعي هن مهل تائين ان جي اصل نسل ۽ بڻ بڻياد بابت هڪ پختي ۽ پڪي راءِ مقرر بدران چند نظريا نروار ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري سنڌي زبان جو بڻ بڻياد ڳولي لهڻ ۽ ان لاءِ ڪا آخري راءِ رکڻ ۽ مقرر ڪرڻ اڄ سوڌو هڪ منجهيل مسئلو ۽ هڪ پيچيده معمو بڻيو پيو آهي. تنهن ڪري چئبو ته سنڌي زبان جون پاڙون موهن جي دڙي واري تهذيبي ورثي اندر لڪل آهن.
جهڙيءَ طرح موهن جي دڙي جي تهذيب تمام پراڻي ۽ تمام مهذب آهي، ساڳيءَ طرح يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، اتان جا قديم ۽ اصلوڪا لوڪ به تمام تهذيب يافته ۽ سڌريل هئا. ليڪن انهن لاءِ يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اتان جا اصلوڪا لوڪ ڪير هئا؟ ۽ جيڪا ٻولي اهي ڳالهائيندا هئا، اها ڪهڙي ٻولي هئي؟ يا اها ٻولي ڪهڙي بڻ بڻياد مان هُئي؟ مٿين مڙني سوالن لاءِ اهو سڀ ڪجهه يقين سان تڏهن چئي سگهبو جڏهن موهن جي دڙي مان مليل تصويري اکرن کي صحيح طور تي پڙهي وڃڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي، ٻي صورت ۾ اهڙي قديم ۽ سڌريل ٻوليءَ لاءِ محض مختلف مفروضا ۽ غيريقيني رايائي اهڙيءَ طرح قائم ڪري سگهبا، جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ کي سڀ کان اول سنسڪرتي سڏيو ويو يعني ته نظرين پٺيان نظريا قائم ٿيندا رهيا. مثلاً:
مٿين نظرين کي مختصر طور پيش ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن آخري مروج نظريي کي مڃيو وڃي ها ته، پوءِ يقين سان ائين چئي سگهجي ها ته، حاصل ڪيل تصويري تحرير به دراوڙي آهي، ليڪن ائين نه آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي ڪنهن به عالم ۽ لسانيات جي ماهر کي انهن اکرن کي پوري طرح پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪاميابي ڪونه ٿي آهي. ان ڪري هيءَ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته، ان بابت آخري راءِ تڏهن ئي قائم ڪري سگهبي، جڏهن موهن جي دڙي مان مليل مهرن ۽ ٻين شين تي لکيل تشڪيلي تحرير کي صحيح طور پڙهي سگهبو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ باقي نه رهندو. اهوئي سبب آهي جو، اهو راز اڃاتائين موهن جي دڙي ۾ دفن ۽ محفوظ ٿيل آهي ۽ جنهن کي ان وقت وڌيڪ کولي ۽ سلجهائي سگهبو، جنهن وقت اهي دستياب ٿيل اکر پوري ريت پڙهيا وڃن يا ٻيا ڪي وڌيڪ اکر وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ سان دستياب ٿي سگهن. تنهن ڪري هي دراوڙي نظريو پڻ تحقيق جي طلب آهي. ڇاڪاڻ ته، دراوڙي لوڪن کان اڳي هتي ڪي ٻيا ماڻهو ڪول، ڀيل، سنٿال وغيره رهندا هئا. جن لاءِ سر جان مارشل يا ڪي ٻيا ماهر ان راءِ جا آهن ته، اهي سڀئي دراوڙ لوڪ آهن، ۽ ڪول، ڀيل ۽ سنٿال وغيره جي الڳ قوم آهن، جن کي جدا جدا نالن سان دراوڙ ۽ ڪولرين ڪوٺبا هئا. ان کان علاوه ڪاڪي ڀيرومل تحرير ڪيو آهي ته، دراوڙ لوڪ، پهرين فاتح قوم ۽ ڪول، ڀيل ۽ سنٿال مفتوح قوم آهي.
بهرحال موهن جو دڙو اڃاتائين مڪمل طرح کوٽيل نه آهي. هن دڙي لاءِ مقامي روايت آهي ته، هتي ست شهر غرق ٿيل آهن. تنهن ڪري هن وقت تائين سندس کوٽيل حصو تمام ٿورو آهي. جنهن مان اسان کي اڻپوري ڄاڻ ملي آهي. جنهن مان پوري طرح خبر نه ٿي پوي ته اهي تصويري اکر ڪهڙي ٻوليءَ جا آهن يا انهن جو مقصد ڇا آهي ۽ هتي جي تهذيب جا اصل وارث صحيح معنيٰ ۾ ڪير هئا؟
ان ڪري ضروري آهي ته موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي وڃي، جنهن ڪري ان وڌيڪ کوٽائيءَ مان ٻيا ڪيترائي نوان نادر نواردات جي حاصلات تمام آسان ٿي سگهندي ۽ جنهن کان بعد اهي سڀئي منجهيل مسئلا بآساني حل ٿي سگهندا. ڇوته موجوده ڪيل کوٽائي صرف سنڌي ٻوليءَ جي ٿڙ ۽ ٽآرين کي ظاهر ڪرڻ جو ڪم ڏيندڙ آهي، جن تي ماهرن جي تحقيق جو ڪم جيڪو زور شور سان هلندڙ آهي، اڻپورو ۽ اڌورو رهجي ويو آهي، جنهن مان مليل ڳالهين کان وڌيڪ ڪا نئين شيءِ حاصل ٿي نه سگهي. جهڙيءَ طرح مصر وارن کنڊراتن مان مليل اکر پوري ريت پڙهڻ ڪري اتان جي ٻوليءَ بابت يا اتان جي اصل رهاڪن بابت ڪوبه مسئلو ۽ مونجهارو باقي نه رهيو ۽ هميشه لاءِ حل ٿي ويو، ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بنياد بابت مونجهارو اهڙيءَ طرح ئي حل ٿي سگهي ٿو، جنهن صورت ۾ موهن جي دڙي ۾ ست شهر غرق ٿيل آهن، تڏهن يقين سان چئي سگهبو ته اتي مختلف تهذيبون ضرور اسريون ۽ وڌيون هونديون. يا وري ائين چئجي ته اتي مختلف وقتن تي مختلف قومون رهنديون هونديون، جن جون ڳالهايل زبانون به هڪ هجڻ بدران مختلف هونديون. جن جي ڄاڻ اڃاتائين ڪانه پئجي سگهي آهي. جيئن ته هن وقت تائين جيڪا نالي ماتر کوٽائي ڪيل آهي، اها آخري تهه تائين کوٽائي ڪيل ڪانه آهي، جنهن ڪري اها پڪ نه آهي ته اها ڪيل کوٽائي مذڪوره دڙي جو ڪيترو حصو ٿيندي. اهڙيءَ طرح انهيءَ ٿورڙي کوٽائيءَ مان جيڪي ڪجهه مليو آهي، ان جي بنياد صرف قدامت ۽ اتان جي آباديءَ جي وڌيڪ مهذب ۽ قديم هجڻ جي ثابت ملي ٿي. ليڪن اهم ترين ڳالهه اڃاتائين تحقيق طلب آهي. اهوئي سبب آهي جو، اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد اصل نسل ۽ بنياد وغيره جو منجهيل مسئلو اڄ سوڌو حل ٿي نه سگهيو آهي. حالانڪ ڊاڪٽر جي. اي الانا، ٻاهرين عالمن مان مسٽر پرڀو لاءِ ڪن ٻين لاءِ لکيو آهي ته انهن ماهرن ڪي قدر دعويٰ ڪئي آهي ته، هو انهن تصويري اکرن مان ڪن کي پڙهڻ ۾ ڪجهه قدر ڪامياب ٿيا آهن، ان کان علاوه سراج صاحب جي پڻ ساڳي دعويٰ آهي، ليڪن انهن جي دعوائن کي متفقه طور تي تسليم ڪونه ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي تصديق لاءِ لسانيات جي عالمن ۽ ماهرن کي انهن اکرن جي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي ۽ اهوئي سبب آهي جو ايتري ڪوشش جي باوجود به سڀئي ڪوششون لاحاصل ٿي ويون آهن. تنهن ڪري هاڻي يقين ۽ اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪري سندس آخري تهه تائين پهچڻ کان سواءِ اتان وڌيڪ شين هٿ ڪرڻ يا وڌيڪ اکرن وغيره ملڻ کان سواءِ اهو سنڌي ٻوليءَ جو حساس مسئلو سدائين اتي ئي رهيل هوندو ۽ ڪوبه آخري نظريو نروار ڪري معاملي کي هميشه لاءِ حل نه ڪري سگهبو يا ائين کڻي چئجي ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون انهيءَ اڻ کوٽيل زمين جي اندر ئي دٻيل ۽ لڪل هونديون. جن کي هٿ ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ کان سواءِ انهن پاڙن جي بناوت ۽ بيهڪ، شڪل ۽ صورت لاءِ ڪجهه به چئي نه سگهبو. ليڪن دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪري ڪنهن ممڪنه حد تائين پهچڻ تمام ضروري آهي، ته جيئن وڌيڪ تهذيب، قدامت، اصل رهاڪن توڙي سندن ٻولي يا موجوده سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بنياد بابت واضح راءِ رکي سگهجي.
مختصر ته موهن جي دڙي ۾ اندر سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جون پاڙون پختيون ۽ محفوظ ٿيل آهن. جيستائين وڌيڪ کوٽائي ڪري انهن پاڙن کي کوٽي هٿ ڪري نٿو سگهجي، تيستائين سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بنياد وارو مسئلو ساڳي حالت ۾ برقرار رهندو. پر موهن جي دڙي مان دفن ٿيل سنڌي ٻوليءَ جي پاڙن کي پڌرو ڪرڻ سان موهن جي دڙي جي اهڙي قديم تهذيب ۽ موهن جي دڙي کي آباد ڪندڙ پهرين ۽ اصل لوڪن جي به پڌرائي ٿي پوندي. تنهن ڪري اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون موهن جي دڙي ۾ کتل آهن.