ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574188 ڀيرا پڙهيو ويو |
اٽڪل هڪ صدي اڳ ڊاڪٽر اي. ٽرمپ پنهنجي وڏي ڪتاب ”سنڌي گرامر“ 1872ع ۾ سنڌي ڀاشا جو اونهو اڀياس پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ ٿيل کوجنائن جي باوجود سندس اها دعويٰ اڄ به صحيح مڃي وڃي ٿي: ”سنڌي بنيادي طور سنسڪرت نسل جي ڀاشا آهي. اُها اُتر ڀارت جي ٻين ڀاشائن جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي عناصرن ۽ اثر کان آجي آهي. پراڻي پراڪرت جي وياڪرڻ لکندڙن وٽ، اپڀرنش ٻوليءَ کي، جنهن مان سنڌيءَ جو جنم ٿيو، گهٽ درجي جي اپڀرنش مڃڻ جا واجب سبب ٿي سگهن ٿا، ليڪن اڄ جيڪڏهن اسين ان جي، ڀينر ڀاشائن سان، مشابهت ڪنداسين ته سنڌيءَ کي، وياڪرڻ جي درشٽيءَ کان، انهن ۾، سڀ کان مٿانهون درجو ڏينداسين. هاڻوڪي مرهٽي، هندي، پنجابي توڙي بنگاليءَ جي ڀيٽ ۾، سنڌي پراڻي پراڪرت جي وڌيڪ ويجهو آهي. اُن ۾، انهيءَ گرامر جا مکيه عناصر گهڻي ڀاڱي محفوظ آهن، جن لاءِ سندس ڀينرون ان سان ريس ڪري سگهن ٿيون. ٻيون سڀ هاڻوڪيون پرانتڪ ڀاشائون (صوبائي ٻوليون)، گهڻي قدر بگاڙي جي اوستا ۾ آهن، جن ۾ پراڻي پوتر مول ڀاشا بگڙيل ڌيئرن ۾ مشڪل سان سڃاڻپ ۾ اچي ٿي، ان جي اُبتڙ، سنڌيءَ، ان جا سڀ کان گهڻا ۽ اهم ارڪان سانڍي رکيا آهن ۽ پاڻ لاءِ اهڙي نحوي اڻت اختيار ڪئي آهي جا سندس ڀينر ٻولين جي گهرگهلي ۽ هڪ ڪري اڻت جي مقابلي ۾ وڌيڪ سهڻي ۽ اندروني هڪجهڙائيءَ واري آهي.
”سنڌي، پراڻي پراڪرت کان پوءِ، تبديل جي پهرين منزل ۾، يڪسان رهي آهي، جڏهن ته ساڳئي نسل واريون ٻيون زبانون ڪجهه وڌيڪ بدلجي ويون آهن. اسان ڏسنداسين ته پراڻي پراڪرت جي وياڪرڻي ڪرمديشور اپڀرنش جي حوالي ۾، جيڪي نيم طئه ڪيا آهن، اهي اڄ به سنڌي ڀاشا ۾ موجود آهن. اِها ڳالهه ٻين ڀاشائن سان لاڳو ناهي. ان ڪري سنڌي هڪ خودمختيار زبان بڻجي پيئي آهي. جيتوڻيڪ ان جو اصل نسل، پنهنجي ڀينر ڀاشائن جهڙو آهي، تنهن هوندي به، اها کانئن گهڻي الڳ آهي.“(1)
سنڌي ڀاشا جي هڪ ٻئي مستند ماهر سر جارج گريئرسن، سنڌي ڀاشا کي ڀارت جي آريه ڀاشائن جي سنسڪرت خاندان جي ٻاهرين اپ- شاخ جي اتر اولهه گروهه ۾ ”لهندا“ سان گڏ رکيو آهي. اِهو گروهه اتر ۾ اتر اولهه جي علائقن ۾ داردڪ ٻولين کان متاثر ٿيل مڃيو وڃي ٿو. ”اُن جي اولهه ۾ ايراني- پشتو آهي ۽ ڏکڻ ۾ اهو خطو عربي سمنڊ تائين وڃي ٿو. اِهو فقط اوڀر ۾ ئي ٻين ڀارتي آريه ڀاشائن جي سمپرڪ (تعلق) ۾ اچي ٿو. اهي (ٻوليون) نمبروار اتر کان ڏکڻ طرف هن ريت آهن: پنجابي، راجسٿاني، مارواڙي اپڀاشا ۽ گجراتي. انهن ٽنهي جو اندرينءَ اپ شاخ سان ناتو آهي. ڪنهن زماني ۾ انهيءَ سڄي خطي ۾ داردڪ ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، جن جا اهڃاڻ اڄ به سنڌي ۽ لهندا زبانن ۾ لڀن ٿا. مگر داردڪ ٻولين جي اِن پرڀاو جي باوجود، اِهي ٻئي، چٽيءَ ريت ٻاهرين اپ شاخ جون زبانون آهن ۽ اوڀر ڀارت جي ٻاهرين اپ شاخ جي زبانن سان اِنهن جو جيترو لاڳاپو آهي، اوترو ئي پنجابي ۽ راجسٿانيءَ ۾ اِن لاڳاپي جي غيرموجودگي آهي.“(2)
لهندا بابت سر جارج گريئرسن چوي ٿو، ”اها پڇمي هنديءَ جي اثر هيٺ بگڙيل داردڪ ڀاشا سڏي سگهجي ٿي، جڏهن ته پنجابي داردڪ ٻولين سبب بگڙيل پڇمي هنديءَ جو هڪ روپ آهي.“ پر سنڌيءَ متعلق هو چوي ٿو، ”ان جي ابتڙ سنڌيءَ گهڻي قدر پنهنجي ٻاهرين اپ شاخ جون مول ڀاشائي خصوصيتون سانڍي رکيون آهن، مگر ڪنهن حد تائين ان تي داردڪ ٻوليءَ جو اثر آهي. ان جي اوڀر ۾ راجسٿاني آهي، پنجابي ڪانهي. ان جو هڪڙو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اها پڇمي راجسٿان جي ريگستان جي جاگرافيائي رنڊڪ ڪري، اوڀر جي حملن کان بچيل آهي. جتي هاڻوڪي لهندا اڻ ڏٺي روپ ۾ جذب ٿي وڃي ٿي، اتي سنڌي، راجسٿانيءَ ۾ جذب نه ٿي آهي، اُٽلو ان کان بنهه الڳ آهي. جيتوڻيڪ تمام آڳاٽي وقت کان ئي اهو خطو، جنهن ۾ ڀارتي آريه ڀاشائن جي اولهه اُتر گروهه جون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، گهڻي قدر پرڏيهي اثرن هيٺ رهيو آهي. ان هوندي به اها اچرج جي ڳالهه آهي ته داردڪ گاڏڙ ٻاهرين اپ شاخ جي ڀاشا تي نه جهڙو اثر آهي. مسلم حڪومت ۾ البت، ان جي (سنڌي جي) شبد ڀنڊار ۾ پارسي (عربيءَ سميت) شبد ملي جلي ويا آهن.“
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت گريئرسن ٻڌائي ٿو: ”سنڌيءَ جو سڌو ۽ ويجهي ۾ ويجهو نسلي لاڳاپو وراچڊ اپڀرنش سان آهي. ان بابت ڀارتي وياڪرڻي مارڪنڊييه ڪجهه سامگري ميسر ڪئي آهي. مارڪنڊييه، ان کان سواءِ ساڳئي پرديش ۾، ان کان الڳ روپ ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ ٻيءَ وراچڊ- پئشاچيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور ٿو ڏئي ته ڪيڪييه پئشاچي هاڻوڪي داردي لوڪن جي ابن ڏاڏن جي زبان هئي. ان ريت اولهه اُتر گروهه جي ٻولين تي داردڪ اثر جي شاهدي ان مان ملي ٿي وڃي ته ڪنهن يگ ۾ پئشاچي ان خطي ۾ ڳالهائي ويندي هئي.“
گريئرسن جو چوڻ آهي ته سنڌيءَ ۾ ٿورا ڪتاب لکيل آهن ۽ اُن جي مکيه لپي لنڊا آهي، حالانڪ گرمکي ۽ ناگري لپين ۾ به لکي وڃي ٿي، هاڻ پارسي لپيءَ جو واهپو به ٿئي ٿو. اِن مان هن جو مطلب شايد عربي سنڌي لپيءَ سان آهي، جيڪا سنڌ جي انگريز حاڪمن جي فيصلي موجب هڪ سئو سال (هاڻي هڪ سئو پنجٽيهه سال) اڳ تيار ڪئي ويئي هئي.
آخر ۾ گريئرسن صاحب چوي ٿو، ”سنڌي زبان ۾، گرامر ۽ اُچارن جون اهڙيون انيڪ خاصيتون موجود آهن، جيڪي ٻين زبانن مان غائب ٿي ويون آهن. ان ريت اُها ”ٻاهرين اپ شاخ“ جو هڪ بهتر مثال آهي. پراچين ڪال ۾ سنڌ پرديش ۾ پراڻو وراچڊ ديس پڻ شامل هو. انهيءَ جي اپڀرنش مان هاڻوڪي سنڌيءَ جو جنم ٿيو آهي. اڄ به اُن ۾ ڪئين اهڙيون خصوصيتون موجود آهن، جيڪي سوين سال اڳ وراچڊ اپڀرنش ۾ هيون.“ پر ڪتاب ۾ هيٺ ڏنل نوٽ ۾ گريئرسن ان حقيقت تي زور ٿو ڏئي ته سندس مطلب اهو ناهي ته لهندا يا سنڌي، پئشاچي (يعني داردڪ) ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن، پشاچ لوڪ پرڏيهي هئا، اهي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو ڪين هئا.
سنڌي ڀاشا بابت جان بيمس کي نه چاهيندي به اِهو مڃڻو پيو ته، ”هيءَ اڻ گهڙيل ڀاشا آهي ان جي واٽ ڪنڊن ڇانئي آهي. پر هن ڀاشا کي کڻي منهنجي من ۾ هڪ جهنگلي گل جي سونهن جو احساس جاڳي ٿو، جنهن جي اڻ ڪٽيل پتن جي موجودگي، ڦلواڙيءَ ۾ ڪپيل ڪوريل ڪياريءَ جي گلن جي سونهن کان وڌيڪ سنتوش ڏئي ٿي. ايتري قدر جو پراڪرت يگ کان ئي سنڌو ماٿريءَ جي زبان پنهنجو پاڻ کي زنجيرن کان نجات ڏياري ڇڏي ۽ نيمن قاعدن جي پابند پنڊتن نفرت وچان ان کي اپڀرنش يعني بگڙيل (ڀرشٽ) ڀاشا قراريو. پنجابي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪڻڪ جي اٽي ۽ جهوپڙيءَ جي دونهين جهڙي بوءِ آهي، جي لاشڪ ڀارت جي انهن اوڀر وارن علائقن جي زبانن جي، برعڪس، جيڪي دقيانوسي ۽ پراڻ پنٿي پنڊتن سان حاوي آهن، وڌيڪ فطري ۽ موهيندڙ آهن.“(3) برٽن سدائين سنڌوءَ کي بدنصيب ماٿريءَ جي روپ ۾ ڏٺو، اِن هوندي به هن 1851ع ۾ قبول ڪيو ته، ”جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو واسطو آهي، اهو سولائيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جڏهن ان ديس تي سوڀ پاتي هئي، ان وقت جي ڪنهن به علاقائي ٻوليءَ ۾ ايترو جهجهو ادب ڪونه هو ۽ تمام گهٽ ٻولين ۾ ايتريون اصلوڪيون رچنائون موجود هيون.“ هو اڳتي چوي ٿو، ”سنڌ جي شاعري، ان جي نثر کان گهڻي وڌيڪ گوناگون ۽ ملهائتي آهي. اها مرهٽي، هندي ۽ ٻين برج ڀاشائن جي اصلوڪي ڪوتا کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ اهم ناهي.“(4)
ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي ڀاشا جي اصل نسل بابت گهڻو واد وواد جاري ٿيو آهي. اهو سوال کڙو ڪيو ويو آهي ته ڇا واقع سنڌي سنسڪرت پريوار جي وراچڊ اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي؟ اهو شڪ ان ڌارڻا مان پيدا ٿيو آهي ته ”سنڌي زبان ان وقت به هئي، جڏهن اڃا سنسڪرت ڀاشا جو وجود ئي نه هو يا ويدن جي رچنا ڪانه ٿي هئي. دليل اهو ڏنو ويو آهي ته ”موئن جو دڙو“ جي سڀيتا- سنسڪرتيءَ جي ڪيترين صدين بعد آريه هندستان ۾ آيا هئا ۽ ويد، پنج هزار سال پراڻي سنڌوماٿريءَ جي سڀيتا کان پوءِ، رچيا ويا. ڪي عالم، سنڌي ورڻ مالا (حروف تهجي) جي چئن حرفن کي مخصوص سنڌي آواز ٿا چون. هو اهو به چون ٿا ته سنڌي ”ر“ سان جيڪي لفظ پورا ٿين ٿا، سي ٻئي هنڌ ”ل“ سان سماپت ٿين ٿا ۽ اهڙيون ڪجهه ٻيون ڳالهيون پيش ڪري هو ان نتيجي تي پهچن ٿا ته سنڌي، سنسڪرت کان اڳ جي ڀاشا آهي. ان ڪري سندن راءِ ۾ اها سنسڪرت مان نڪتي آهي، اهو ته پري رهيو، اها خود سنسڪرت کان اڳ ڄميل ڀاشا آهي. ڪن سڄڻن ته ايتري قدر اشارو ڪيو آهي ته سنسڪرت جيڪڏهن هڪ ئي ڀاشا مان ڄاول ڌيءَ ناهي ته پوءِ اها سنڌيءَ جي ڄائي آهي. هن کان وڌيڪ کل جهڙي ڳالهه شايد ٻي ڪانه هوندي. اها ناسمجهي تڏهن بنهه ليڪا لتاڙي ٿي وڃي، جڏهن ائين ٿو چيو وڃي ته سنڌي ”سيميٽڪ“ (سامي) خاندان جي ٻولي آهي يا ڪنهن سامي زبان مان ڦٽي نڪتي آهي.
سنڌي، سنسڪرت، پراڪرت جي وراچڊ اپڀرنش مان نڪتي آهي، ان مڃيل ڌارڻاتي جئرامداس دولترام جهڙا شخص اعتراض ٿا وٺن. هن ”دي اينسيسٽري آف سنڌي“ (سنڌيءَ جو بڻ بنياد- 1975ع) ليک ۾ ”پراڪرت سروسوَ“ جي 18 باب ۾ آيل مارڪنڊييه جي ان قول ”وراچڊ اپڀرنش سنڌو ديس ۾ ڄائي“ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ شڪ گاڏڙ ڪيترا سوال اٿاريا آهن: ”ڇا اهو ممڪن ناهي ته جنهن ڀاشا کي اسين ”سنڌيءَ“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا، ان جي اوسر وراچڊ اپڀرنش بدران، ڪنهن مڪاني قسم جي پراڪرت مان ٿي هجي، جيڪا هيٺاهين سنڌوماٿريءَ ۾ پنهنجي الڳ سروپ مان اُسري هجي ۽ جنهنجو جيون- کيتر اهو ڀاڱو هجي، جنهن کي عرب ۽ ايراني اتهاسڪار براهمڻڪ.... يا برهمڻ آباد چوندا هجن؟ ڀارتي آريه ڀاشائن جي وڪاس (اوسر) جو سلسلو مٿي ڄاڻايل امڪان کي ثابت ٿو ڪري ۽ اهو اهڃاڻ به ڏئي ٿو ته ويدن کان اڳ جي پراڪرت جو هڪ پراڻو لهجو، جيڪو سنڌ جي هيٺاهين ماٿريءَ جا ماڻهو ٻول چال ۾ استعمال ڪندا هئا، اهو شايد رفته رفته اسرندو رهيو ۽ ان پوءِ جي پراڪرت جي ”ٻي“ منزل ۾ پراڻي سنڌيءَ جي شڪل اختيار ڪئي. ته ڇا پوءِ، جڏهن سنسڪرت هن ديش جي ودوانن جي ڀاشا هئي ۽ پرانتن (صوبن) جي وچ ۾ ساهتڪ ناگر- اپڀرنش ڀاشا جو به هڪ روپ وراچڊ، موجوده سنڌ جي اتر ۾ ڪنهن هنڌ اسريو، تڏهن سنڌي پراڪرت به گڏوگڏ، هيٺين سنڌوماٿريءَ جي مکيه ڀاڱي ۾ وڪاس ۽ پريورتن (تبديلي) جي پنهنجي خلاصي ڪوشش جاري رکي ۽ ان ڳالهه ٻولهه جي توڙي ساهتيڪ ڀاشا جي شڪل حاصل ڪري ورتي ۽ ان کي عيسوي سن جي پهرين هزار سالن جي پڇاڙيءَ ۾، اڳلي دور جي پراڻي سنڌي توڙي اپڀرنش ڀاشائن جي دؤر کان پوءِ جي هاڻوڪي دؤر جي سنڌيءَ جي مشابهت ۾ ”وچولي سنڌ“ ڪوٺي ٿو سگهجي؟ ڇا ائين آهي ته وراچڊ موجوده سنڌ جي ماڻهن جي مڪاني ٻولي نه هئي، پر ويجهائيءَ جي ناتي، ان، اترين ٻوليءَ ۾ پنهنجا ڪجهه لفظ توڙي صؤتي (آوازي) خاصيتون ملائي ڇڏيون هجن ۽ ان جو موجوده سنڌ جي ڀاشا تي اثر پيو هجي، ڇوته اترئين ۽ اتر اولهه ڀاڱن مان آيل لوڪن جو ڪيترين صدين کان سنڌ تي سياسي، پختگتي ۽ سڀيتڪ ڌاڪو ڄميل هو؟“
جيرامداس جا شڪ وزنائتا ٿي سگهن ٿا، پر هن جو سڄو دليل ”ويدن کان اڳ جي پراڪرت“ فقري ڳنڍڻ سان رد باطل ٿي وڃي ٿو. ويدن کان اڳ پراڪرت هئي ئي ڪانه. سنڌ ۾ ”موئن جو دڙو“ جي سڀيتا يا ان کان اڳ واري دؤر ۾ سڀ پراڪرت ٻوليون، ويدن کان پوءِ جون آهن، جيڪڏهن جيرامداس جي دليلن کي پوريءَ طرح قبول به کڻي ڪجي ته ان مان اپڀرنش- پراڪرت- سنسڪرت جي اڳيان وري وراچڊ اپسرگ نه لڳائي سگهبو. جيڪا جائز طور سنڌي ڀاشا جي ماءُ مڃي ويئي آهي.
جيرامداس دولترام سنڌ جي هيٺاهين ڏاکڻي ماٿريءَ ۾ سنڌي ڀاشا جي ڏيهي اوسر جو جيڪو دليل پيش ڪيو آهي، ان جي ابتڙ دليل وري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آڏو رکيو آهي. ڊاڪٽرصاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو صدر آهي. هن ”مهراڻ“ رسالي ۾ توڙي ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ: آڳاٽي دؤر کان سمن جي صاحبيءَ تائين“ (1962ع) ڪتاب ۾ پنهنجي اها راءِ ظاهر ڪئي آهي. هو جيرامداس سان مارڪنڊييه جي اِن ويچار کي ٿوڪاري ڇڏڻ ۾ شامل راءِ آهي ته وراچڊ اپڀرنش سنڌوديش ۾ پيدا ٿي (ص: 16) مگر ويدن کان اڳ واري پراڪرت بدران هو ”پروٽو پراڪرت“ لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ ان کي اپڀرنش جو بنياد ٿو سڏي ۽ بنا ڪنهن دليل جي اِها ڌارڻا ٿو ظاهر ڪري ته سنڌ جي جهوني زبان پڪ ئي پڪ سامي صفت زبان هئي، جنهن تي پوءِ آريه ڀاشائن جو اثر پيو.
هو اڳتي چوي ٿو ته جهوني سنڌي زبان غالباً ايراني داردي زبانن کان متاثر ٿيل آهي ۽ ان کان پوءِ پالي ۽ پراڪرت معرفت سنسڪرت جي اثر هيٺ آئي آهي. هوءَ صاحب اِن عام عقيدي کي رد قد ٿو ڏئي ته سنڌي، سنسڪرت مان نڪتي آهي. هن جو رايو آهي ته ان ڌارڻا جي سنسڪرت سان پاس خاطريءَ ۾ سنڌ جا هندو ليکڪ شامل آهن. هن جو رايو آهي ته سنڌ جا آڳاٽا ماڻهو اولهه کان آيا هئا ۽ اُها سڀيتا، جنهن جو اوج موئن جي دڙي جي سڀيتا تائين رسيو، سمير ۽ بئبيلان جي تهذيب مان ڦٽي نڪتي آهي، جا اصل ۾ دجله ۽ فرات ندين جي ڪناري تي اُسري هئي.
اِن بعد هو سنڌي تهذيب و تمدن ۾ سنڌ جي عرب فاتحن جي دين جو ذڪر ڪري ٿو ۽ اِن حقيقت طرف اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي ته عرب حاڪم، صاف طور، مطيع ٿيل هيڻن سنڌين جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ کان گهڻو پٺتي پيل هئا ۽ وري عرب ته صرف تلف ۽ تاراج جي طريقن جا حامي هئا، نه تعمير جا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته جهمٽمل ڀاوناڻي، ڊاڪٽر ايڇ. ايم گربخشاڻي يا عبدالڪريم سنديلي جهڙن عالمن جي ڪيل کوجنا تي به ڪو ڌيان نٿو ڏئي، جي سڀيئي اِن ڳالهه تي يڪراءِ آهن ته سنڌي شبد- ڀنڊار جا اَسي سيڪڙو شبد سنسڪرت بنياد جا آهن.
ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ، ڪن سنڌي مسلمانن جو اِهو رخ ئي رهيو آهي ته هُو پاڻ کي نوح جي ڪنهن پٽ يا پوٽي جا وارث پيا ڄاڻائين ۽ پنهنجي اصل نسل کي ڪنهن ”سئميٽڪ“ (عربي- يهودي) خاندان سان پيا ڳنڍين. اِن ڪري ان ۾ ڪو عجب نه لڳڻ گهرجي ته اِهي شخص سنڌي ڀاشا کي به ڪنهن سئميٽڪ يا اولهه ايشيائي تخم سان ڳنڍيل ظاهر ڪن.
پر سڀ سنڌي مسلمان اهڙين بي بنياد مڃتائن يا تاريخ کان منڪر ڳالهين کي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن. هڪ نوجوان سنڌي مسلمان سراج الحق تازو سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (1964ع) ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راين جي سخت مخالفت ڪئي آهي، حالانڪه ساڳئي وقت عالم فاضل ليکڪ ڏانهن پنهنجو احترام به ڏيکاريو اٿس(5). سنڌ، سنڌي جاتي توڙي سنڌي ٻوليءَ طرف پنهنجي محبت ڪري سراج عربي ۽ سنسڪرت ٻنهي کي هڪ ئي سطح تي رکيو آهي ۽ چيو آهي ته ٻنهي ٻولين جو سنڌي ٻولي توڙي سنڌي سنسڪرتيءَ جي اوسر ۾ ڪوبه يوگدان (حصو) ڪونهي. هن جو رايو آهي ته (جيئن هن مهاڳ ۾ لکيو آهي) ”سنڌيءَ جي تاريخ، سنسڪرت کان به ڪهني آهي ۽ هڪ طرح سان سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اسريا آهن.“
اِن راءِ کي هو نهايت جوش خروش سان پيش ڪري ٿو ۽ کيس توڙي سندس هم خيال محمد ابراهيم جويي کي ڊاڪٽر نبي بخش تي نڪته چيني ڪندو ڏسڻ دراصل هڪ وڻندڙ احساس ٿو ڏياري. ڊاڪٽرصاحب اهو چيو هو ته سنڌي عربي اُچارن ۽ عربي گرامر جي قاعدن مان ڦٽي نڪتي آهي. پر هنن ٻنهي ليکڪن اِن دليل کي ”بڪواس“ سڏيو آهي. هڪ سنڌي مسلمان ۾ اِن ريت عربي مانڊاڻ کي ڊاهڻ لاءِ سچ پچ وڏي جرئت جي درڪار آهي. شايد عربي زبان ۽ عرب لوڪن (سنڌين کي ”مهذب“ بڻائيندڙن جي حيثيت ۾) جي خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ اهو ضروري به هو ته چئجي ته هاڻوڪي سنڌي ٻولي توڙي سنسڪرت ۽ ٻيون سڀ ڀارت جون پاڪ ڀاشائون انهيءَ جهونيءَ ڀاشا مان ڦٽي نڪتيون آهن، جنهن کي سنڌي يا پروٽو سنڌي يا پروٽو هندستاني سڏي سگهجي ٿو ۽ جا سنڌوماٿريءَ ۾ پيدا ٿي هئي ۽ اِهي ڀاشائون سنڌوماٿريءَ مان ئي ڀارت خواهه پاڪستان جي ڌار ڌار پرانتن ۾ توڙي پرڏيهه ۾ ڦهليون.
اِن مکيه بڻ بنياد يا سرچشمي کي ثابت ڪرڻ لاءِ سراج ”موئن جو دڙو“ ۽ هڙاپا جي مهرن تي اُڪريل ٻوليءَ کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِن ڪوشش ۾ هو اِن نتيجي تي پهتو آهي ته هاڻوڪي سنڌي، انهيءَ جهوني ۾ جهوني ڀاشا، جيڪا به سنڌي ئي هئي، جو اسريل روپ آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي علميت ۽ تنقيدي قابليت انهيءَ مڃتا کي قائم ڪرڻ ۾ ظاهر ڪئي آهي ته سنڌيءَ جو بڻ بنياد، سنسڪرت ناهي، بلڪ سنڌي ۽ سنسڪرت، ٻئي هڪ ئي بنياد مان نڪتيون آهن ۽ شايد سنڌيءَ جو جنم سنسڪرت کان اڳ ٿيو. اِن ڪري ان سنسڪرت کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، بجاءِ ان جي ته اها سنسڪرت کان اثرانداز ٿي هجي. ”سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اِن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي. سڌيءَ طرح نه سهي، اڻ سڌيءَ طرح سهي.“(6) سنڌي سنسڪرت کان به جهوني آهي ۽ ان سنسڪرت تي اثر وڌو آهي، ليکڪ ان لاءِ اهو ثبوت ڏنو آهي ته سنڌيءَ ۾ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ ”ر“ حرف قائم رهي ٿو، جڏهن ته سنسڪرت ۾ اهو ”ل“ ۾ تبديل ٿي ٿو وڃي.
جڏهن هڪ ودوان اهو چوي ٿو ته جيڪو ڪم سر جان مارشل يا فادر هيراس نه ڪري سگهيا (يعني ”موئن جو دڙو“ جي مهرن تي اڪريل ٻولي پڙهڻ) اهو ڪم هن نوجوان مسلم ليکڪ ڪري ڏيکاريو، تڏهن هاڻي لڳي ٿو ته سراج الحق جي راين تي غور ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب ۾ هن کي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها ملي آهي، جو هن ڊاڪٽر بلوچ جي ان من- گهڙت اصول کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي ته نج ڀارتي نسل جي هن ٻوليءَ سان انهن ”سئميٽڪ“ (عربي- يهودي) ٻولين جو ڪو ناتو آهي. سراج الحق ڪيئي مثال ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته سئميٽڪ زبانون ۽ سنڌي يا سنسڪرتي يا ڀارتي آريه ڀاشائون هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ آهن. سئميٽڪ زبانن ۾ اڪثر ٽن حرفن جو مُول ڌاتو ٿيندو آهي، جنهن مان ٻيا الڳ الڳ لفظ نحوي بناوتن جو پالن ڪندي ۽ ڪي حرف جوڙي ٺاهيا ويندا آهن. ڪنهن به ڀارتي آريه ڀاشا ۾ ائين نٿو ٿئي.
اها ڳالهه ڌيان ٿي ڇڪائي ته سنڌ ۾ عربيءَ جو سڀ کان وڏو عالم ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو، ٽرمپ ۽ گريئرسن جي راءِ کي پوريءَ ريت مڃي ٿو. ”سنڌي نهايت جهوني زبان آهي ۽ پراڪرت جي ”وراچڊ“ ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي اهي.“(7) ڊاڪٽر دائودپوٽو پراڪرت سان گڏ ”سنسڪرت“ لفظ ڳنڍڻ جو خواهشمند نه آهي، پر ان ۾ سنسڪرت اڻ سڌيءَ طرح شامل آهي، ڇوته پراڪرت ته فقط ڏيهي ٻولي آهي، جڏهن سنسڪرت سڌريل ۽ مڪمل زبان آهي.
سنڌي، سنسڪرت بڻ جي ڀاشا آهي، ان ڳالهه کي قبولڻ ۾ هڪ دقت اها آهي، جو ان جي موجوده لپي، عربي- سنڌي لپي آهي، جيڪا برٽش سرڪار جي حڪم سان، نقلي نموني تيار ۽ اختيار ڪئي ويئي، جڏهن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌ ۾ ڪنهن هڪ لپيءَ جو واهپو ڪونه هو. تعليم يافته فقط پارسي لپيءَ کان واقف هئا، ڇوته انگريزن کان اڳ ڪورٽن ۾ فارسي زبان هلندڙ هئي. سنڌي ڀاشا جا اوائلي گرامر ۽ ڊڪشنريون ديوناگري لپيءَ ۾ آهن، ان جا سبب ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي گرامر“ (1849ع) ۾ درج ڪيا آهن (اهو ان ڏس ۾ پهريون ڪتاب آهي، ڇو ته ان کان پنجويهه سال اڳ واٿين پنهنجو گرامر فارسي لپيءَ ۾ تيار ڪيو هو. پر سڄاڻ ماهرن ظاهر ڪيو هو ته اهو گرامر ئي نه آهي) ڪئپٽن اسٽئڪ چوي ٿو:
”هن ڪتاب تي قلم کڻندي منهنجي من ۾ پهريون ويچار اِهو آيو ته آءٌ ڏيهي لفظن کي ڪهڙي لپيءَ ۾ لکان.
”منهنجي آڏو سنڌي (يا ان جا ڪيئي لهجا) رومن، فارسي، گرمکي يا ديوناگري رسم الخط ۾ هئا.
”مون ڏٺو ته پهرين لپيءَ سان ڪم نه هلندو. اُن ۾ حرف علتن (سُرن) جو استعمال تمام گهٽ ٿو ٿئي. ان ۾ مفرد لفظن کي لکڻ ناممڪن آهي ۽ ٻولي سمجهه ۾ ئي نه ايندي.
”مون رومن کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آءٌ يورپ جي ڀاشائن جي آوازن کي رومن ۾ لکڻ جي فائدي کي مُور سمجهي نه سگهيو آهيان.
”فارسيءَ تي ته ويچار ڪرڻ ئي ضروري نه سمجهيم ۽ اها ڪارگر نه سمجهيم ڇوته ان جا اڳ وارا مثال مون وٽ موجود هئا. واٿين جو گرامر ۽ ڪي ٻيا ڪتاب فارسي لپيءَ ۾ هئا. پر منجهن فارسي لفظن کي ڇڏي باقي ڪن آوازن کي لپيءَ ۾ آڻڻ لاءِ ڪن وڌيڪ نشانين ڏيڻ جي درڪار هئي...
”ان ڪري مون کي گرمکي ۽ ديوناگريءَ مان چونڊ ڪرڻي هئي. گرمکيءَ جي خوبي اها هئي ته ديوناگريءَ جي ڀيٽ ۾ اها سنڌي ٻوليءَ سان وڌيڪ جڙيل هئي ۽ سنڌ جا هندو به ان کي ديوناگريءَ کان وڌيڪ ڄاڻندا سڃاڻندا هئا، پر مون ديوناگريءَ کي ترجيح ڏني آهي. پهريون سبب اهو ته يورپي لوڪ ان لپيءَ کان وڌيڪ واقف آهن ۽ ٻيو اها سنڌيءَ جو مُول روپ آهي. ٻي ڪنهن لپيءَ ۾ لکڻ بجاءِ، پوءِ چاهي اها ساڳئي نسل واري عموماً يڪسان کڻي ڇونه هجي، ان ۾ لکڻ وڌيڪ مناسب ڄاتم.
”سنڌي آوازن ۽ اُچارن کي پوريءَ ريت لپيءَ ۾ آڻڻ لاءِ مون ڪن ديوناگريءَ اکرن ۾ ڪي نشانيون ڳنڍيون آهن، پر اهي گهڻيون ڪين آهن ۽ نه ئي وري اچارڻ ۾ گهڻو تفاوت اٿن، اهي نشانيون جي بلڪل ضروري آهن.“(8)
ساڳين ئي سببن ڪري ڪئپٽن اسٽئڪ پنهنجي ”انگريزي سنڌي شبد ڪوش“ (1849ع) ۽ ”سنڌي- انگريزي شبد ڪوش“ (1855ع) ۾ ديوناگريءَ لپي ڪم آندي آهي. هاڻي انگريزن جي سرپرستيءَ ۾ ٺاهيل عربي- سنڌي لپي استعمال ٿئي ٿي. ان مان اِها ڌارڻا ٿي بڻجي ته سنڌي ٻوليءَ جو عربي زبان سان ڪو ناتو آهي.
هڪ مشڪلات اها به آهي ته سومرن جي صاحبيءَ کان اڳ جي سنڌي ٻوليءَ جا ڪي به نمونا نٿا لڀن. ان ڳالهه جون ته ڪي ثابتيون آهن ته اوائلي عرب حڪومت وقت سنڌيءَ ۾ ڪتاب موجود هئا، ڇوته سن 1000ع کان اڳ سنڌيءَ مان عربيءَ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ، مهاڀارت جون وارتائون، توڙي ڪي ٻيا اهڙا ڪتاب ترجمو ڪيا ويا هئا.(9) پر اسان وٽ سومرن جي حڪومت کان اڳ جي سنڌي نظم يا نثر جو ڪوبه نمونو ميسر ڪونهي. هندو گهراڻي ۽ سومرن کان اڳ جي دؤر جو سنڌي ساهتيه ناس ٿي ويو آهي، جنهن کي اسين وري ته جوڙي نٿا سگهون، ان بابت فقط انومان لڳائي سگهون ٿا. پير حسام الدين راشدي ٻين صدي (هجري) يا عيسوي سن جي اٺين صديءَ جي سنڌي نظم جي جنهن نام نهاد نموني جو ڏس ڏنو آهي.(10) ان جي سنڌي ته، رڳو سندس تخيل جي سنڌي آهي، ان مان، ان زماني جي سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي.
پنهنجي هيڏي ساري تحقيقي مواد يا کوجنا ڪاريه جي باوجود ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سومرن جي صاحبيءَ (1050 کان 1350ع تائين) کان اڳ واري دؤر جي اصلوڪي سنڌيءَ جي هڪ سٽ به پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو آهي. جيرامداس دولترام 1975-5-5 جي ”هندواسي“ هفتيوار اخبار ۾ هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هن ”تاريخ- الهِند“ جي مصنف البيرونيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. البيروني سنڌ ۽ هند ۾ سن 1017ع ۽ 1030ع جي درميان آيو هو ۽ هن پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکيو آهي، ”هن وقت هندستان ۾ يارهن لپين جو واهپو آهي، جن مان ٽي سنڌ ۾ مروج آهن، اهي آهن: ارڌناگري، سئنڌو ۽ ملواڙي.“ ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو به لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ٿو چوي، ”جيتري قدر ان ڳالهه جو تعلق آهي ته سنڌيءَ جي لپي ڪهڙي هئي، البيرونيءَ پنهنجي ڪتاب ”الهِند“ ۾ چوي ٿو، ”ڏکڻ سنڌ ۾ سامونڊي ڪناري طرف ڪم ايندڙ لپي ملواڙي آهي، جڏهن ته ڪن ڀاڱن ۾ ارڌناگري لپيءَ جو واهپو آهي.“(11) پر انهن لپين ۾ به هڪ سٽ هٿ نه آئي آهي، ڪن ٻين ليکڪن مني رام سنهه جي دوهن ۾، جن جو دستخط هڪ جين مندر ۾ محفوظ آهي، توڙي ٻين دستخطن ۾ سنڌي ڪوتا کي ڳولهي لڌو آهي. انهن دوهن جو نمونو راجسٿاني يا گجراتيءَ سان ميل کائي ٿو... پر جنهن نموني ٻوليءَ کي اسين سڃاڻون، ان جو ڪوبه روپ منجهن ڪونهي. نه ته ڊاڪٽر دائودپوٽي جهڙو خبردار کوجنيڪ اهو چوڻ لاءِ مجبور ڇو ٿئي ها ته، ”ان ڳالهه جي صحيح ڄاڻ نٿي ملي ته سنڌي شاعري سڀ کان اول ڪڏهن لکي ويئي.“(12) ۽ اهو به ته سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان اوائلي نمونو هجري سن جي اٺين صدي يعني عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ ملي ٿو.
پروفيسر ڀيرومل مهرچند جو ويچار آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي جنهن روپ ۾ ڄاڻون سڃاڻون ٿا، اها اٽڪل 1100 عيسوي سن ڌاري الڳ ٻوليءَ طور قائم ٿي. ان راءِ کي اڃاتائين ڪوبه رد قد نه ڏنو ويو آهي.(13) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ڪتاب ۾ سمن ۽ سومرن جي صاحبيءَ جي زماني واري سنڌيءَ جا مثال ڏنل آهن، تن ۾ عجب ۾ وجهندڙ هڪجهڙائي آهي. انهن ۾ عربي يا فارسي لفظن جو لڳ ڀڳ نه جهڙو اثر آهي، توڙي اُها مذهبي شاعري ڇونه هجي (جيئن کوجا فرقي جي) ڪٿي ڪٿي ”برڪت“ جهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ لفظ ڇڏي، سڀ لفظ سنسڪرت پراڪرت نسل جا آهن. انهن مثالن مان اِها حقيقت پڌري پٽ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل سنسڪرت- پراڪرت ڀاشا آهي.
ان ڪري سنڌي ڀاشا جي بڻ بنياد بابت گهڻي شنڪا ڪانهي. اها سڀ کان پراڻي سنسڪرت – پراڪرت ڀاشائن مان هڪ آهي. پر ان عربي فارسي زبانن مان به گهڻو ڪجهه کنيو آهي. ان جو، انهن لوڪن سان تعلق يا ڏيٺ ويٺ رهي آهي. جن جي مادري زبان عربي يا فارسي هئي. ان تي دراوڙ ٻولين جو جهونو اثر به نظر اچي ٿو. سنڌيءَ جو شبد- ڀنڊار تمام وسيع آهي ۽ اها نئين يگ جون تقاضائون پوريون ڪري ٿي. بيابان جي ”اُٺ“ لاءِ سنڌيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پندرهن لفظ آهن. اهو ڏٺو ويو آهي ته جسم جي سڀني عضون، گهڻي ڀاڱي جي ڀارتي نباتات، توڙي ساهوارن جو سنڌي ڀاشا ۾ چڱيءَ طرح ورنن ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه ٻين ڪن ڀارتيه ڀاشائن لاءِ چئي ڪانه سگهبي. ڪٽنب جي ڌار ڌار رشتن جو ذڪر سنڌيءَ ۾ هڪ ئي لفظ ۾ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ٻين ڀاشائن ۾ اِنهن رشتن جو تز مطلب ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ لفظن جو استعمال ڪرڻو ٿو پوي.
فصلن، گاهن ۽ مڇين متعلق سنڌيءَ جو شبد ڀنڊار خاصو ڀرپور ۽ شاهوڪار آهي. (ڏسو: فصلن تي ڪوٽومل آڏواڻيءَ جو ڪتابڙو ۽ گاهن بابت ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ ايس. سي. شهاڻي ۽ رامداس لکاڻيءَ جا ليک) پرمانندا ميوارام اڄ کان ڪيئي سال اڳ (هاڻ اٺهتر سال) هڪ همت ڀريو ڪم ڪيو. سنڌيءَ جي هڪ وڏي ڊڪشنري جوڙي شايع ڪرايائين. البت هاڻي ان ۾ سڌاري واڌاري جي ضرورت آهي، ڇوته اُن وقت کان وٺي اڄ تائين ڪيترا نوان لفظ مروج ۽ شامل ٿيا آهن.
(سنڌي ادب جي تاريخ، شايع ٿيل سنڌي ساهت گهر تان ورتل)