ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574198 ڀيرا پڙهيو ويو |
برناڊشا پاڻ کي ملندڙ نوبل انعام جي رقم مان ڪجهه حصو انگريزي رسم الخط جي اصلاح لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه ماڻهو ڪم ڪندا به رهيا آهن، جن کي ان رقم مان معاوضو به ملندو رهيو آهي؛ پر اڄ تائين سندن تحقيقي ۽ اصلاحي ڪمن جو اثر انگريزي رسم الخط تي نه پيو آهي. ان ڳالهه مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا: هڪ ته دنيا جو ڪوبه رسم الخط ايترو وسيع نه هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ٻوليءَ جي هر آواز کي صحيح طريقي سان تحريري شڪل ۾ آڻي سگهي، ٻيو ته هر رسم الخط پنهنجي ٻوليءَ لاءِ مناسب هوندو آهي. ان ڪري هتي جيڪو ڪجهه به عرض ڪيو پيو وڃي، ان جي حيثيت علمي آهي، ڇوته اهو رڳو ڪنهن هڪ رسم الخط جي باري ۾ نه آهي؛ پر اهو پاڪستان جي ٻولين جي لاءِ هڪ گڏيل رسم الخط جو مسئلو آهي، جنهن جي نوعيت ڪجهه مختلف آهي.
ڪنهن به قوم لاءِ هڪ گڏيل ٻولي ۽ هڪ گڏيل رسم الخط انتهائي ضروري هوندو آهي. پاڪستان جي مختلف ٻولين جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو، ته سندس ٻولين جي ترقيءَ لاءِ حالتن کي بهتر بنائيندي، سڀني قسمن جي شڪن کي دور ڪندي، قومي ٻولي اردوءَ جي قومي ۽ رابطي واري حيثيت کي برقرار رکندي، جيڪڏهن اسان غور ڪنداسين، ته اسان کي سڀ کان وڏو مسئلو پاڪستان جي سڀني ٻولين لاءِ هڪ گڏيل رسم الخط جو نظر ايندو ۽ اهوئي اسان جي هن مقالي جو موضوع آهي، هيءُ موضوع بظاهر منجهيل نظر اچي ٿو؛ پر جيڪڏهن ننڍي کنڊ ۾ رسم الخط جي ارتقا جي تاريخ کي نظر ۾ رکيو ويندو، ته اهو مسئلو ايترو ڏکيو ۽ منجهيل نظر نه ايندو.
مسلمانن ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان پوءِ مقامي ٻولين ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ انهن کي سکڻ شروع ڪيو. ان وقت کين اهي ٻوليون لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. قدرتي طور تي هنن مقامي ٻولين کي ان رسم الخط ۾ لکيو، جيڪو هو ڄاڻندا هئا. اهو عجيب اتفاق آهي، ته نه رڳو سنڌ ۾ جتي سڀ کان اڳ ۾ عرب آيا، جن مقامي ٻولين کي عربي رسم الخط (نسخ) ۾ لکيو؛ پر ان کان پوءِ ايندڙ ٻين مسلمانن به پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ مقامي ٻولين کي عربي رسم الخط ۾ ئي لکيو. اهڙيءَ ريت بنگالي، گجراتي، مراٺي، برج، اوڌي، کڙي، پنجابي، سرائيڪي، ڪشميري، سنڌي، پشتو ۽ ٻين ٻولين کي لکڻ لاءِ عربي رسم الخط ئي اختيار ڪيو ويو؛ پر مغلن جي آخري دؤر تائين فارسي ٻوليءَ جي عام رواج جي ڪري فارسي رسم الخط (نستعليق) مقبول ٿي چڪو هو. سنڌي ۽ پشتو کان سواءِ مسلمان ٻين سڀني ٻولين کي فارسي رسم الخط ۾ ئي لکندا هئا. هندن جا ڪجهه طبقا ۽ اردو فارسيءَ جا ڄاڻو به نستعليق جا عادي ٿي ويا هئا. اها صورتحال بنگال کي ڇڏيندي مسلم اڪثريتي صوبن ۾ برقرار رهي. جڏهن ته هاڻي به جيڪڏهن ڪو ڪتاب ملي ٿو، ته اهو قديم عربي رسم الخط ۾ ئي هجي ٿو. جنهن کي مسلمانن جي ڪنهن به علائقي ۾ ناپسند نه ڪيو ويو. ڇوته ڪنهن نه ڪنهن طرح عربي تعليم مسلمانن ۾ جاري رهندي آئي آهي. عربي ٻوليءَ جي مذهبي اهميت جي ڪري مسلمانن جو تمام وڏو تعداد عربي اکر پڙهي به سگهي ٿو. باقي ٻين ماڻهن لاءِ فرق رڳو عادت جو آهي؛ ۽ اڄڪلهه ته هونئن به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪا ڏکيائي نه رهي آهي. ٽائيپنگ جي رواج ۽ پبلسٽي ادارن جي ضرورت جي ڪري عربي رسم الخط جي رواج ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ڪمپيوٽر جي ايجاد کان پوءِ ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون پيدا ٿي ويون آهن.
عربي فارسي رسم الخط، جنهن ۾ مقامي ٻوليون لکيون وينديون آهن، اهو هونئن به گهڻو مختلف نه آهي. انهن ۾ اختلاف ظاهري صورت جو آهي؛ پر جڏهن هي رسم الخط جاري ٿيا، ته ان ۾ ڪيترائي آواز جيڪي مقامي ٻولين ۾ رائج هئا، سي موجود نه هئا. ان ڪري ئي انهن آوازن لاءِ ٻنهي خطن جي اکرن ۾ ترميمون ڪري نوان اکر ٺاهيا ويا. سڀ کان پهرين جن آوازن لاءِ علامتون (Symbols) يا اکر ٺاهيا ويا، سي هيٺيان هئا.
ديوناگري: |
ट |
ड |
ड/ड |
ग |
اردو: |
ٹ |
ڈ |
ڑ |
گ |
سنڌي: |
ٽ |
(ڊ/ڏ |
ڙ |
گ |
پشتو: |
ت |
د |
ر |
ک |
اردو ٻوليءَ لاءِ ته چئي سگهجي ٿو، ته ان جي اکرن جون موجوده شڪليون گهڻي ڦيرگهير کان پوءِ ارتقائي مرحلو طئي ڪري ٺهيون آهن. اردوءَ ۾ ان جي اکرن لاءِ ’ط‘ جي علامت ٽائيپنگ ۽ رسم الخط ۾ سڀني کان پوءِ آخر ۾ آئي. ان کان اڳ ۾ اکر هيٺين صورت اختيار ڪري چڪا هئا:
اصل طوئي کي جدا ڪرڻ لاءِ ننڍي ط جي هيٺان ٻه نقطا يا هڪ ننڍي لڪير لڳائي ظاهر ڪيو ويندو آهي. اهي سڀئي شڪليون ٽائيپ ٿيل ۽ قلمي نسخن ۾ محفوظ آهن.
انهن اکرن کان سواءِ ’هائيه‘ آواز به عربي ۽ فارسي رسم الخط ۾ موجود نه هئا. انهن آوازن کي ’هائيه‘ آواز ان ڪري چيو ٿو وڃي، جو انهن ۾ هه جو آواز مليل ٻڌو ويندو آهي. جڏهن اهڙن سڀني آوازن مان هر آواز گڏيل آواز نه آهي. انهن مان ڪجهه اصلي ۽ قدرتي آواز آهن؛ ۽ ڪجهه گڏيل اهڙا آواز اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جيئن تقريباً هر مقامي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. عربي ۽ فارسي رسم الخط ۾ انهن کي اکرن جي شڪل ۾ ’هه‘ سان ملائي لکيو ويندو آهي. ديوناگري رسم الخط ۾ انهن لاءِ الڳ اکر مقرر آهن.
ديوناگري: झ/भ ठ थ फ भ
اردو ۽ ٻيون ٻوليون: بھ پھ تھ ٹھ جھ
سنڌي: ڀ ڦ ٿ ٺ جهه
ديوناگري: घ ख ढ ध छ
اردو ۽ ٻيون ٻوليون: چھ دھ ڈھ کھ گھ
سنڌي: ڇ ڌ ڍ ک گهه
سنڌي ٻوليءَ جي ڏهن مان اٺن ”هائيه“ آوازن لاءِ اکر واضح ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي ٻن اکرن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ کي اردو ۽ ٻين ٻولين جيئن گڏي لکيو ويندو آهي؛ پر اهڙا ڪجهه ٻيا آواز به آهن. جيئن:
رهه (يارهون) ڙهه (ڪاڙهو)
لهه (ڪولهي) مهه (سمهه)
نهه (انهن کي)
سرائيڪي ٻوليءَ جي مشهور عالم ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر مهر عبدالحق پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻي ’هائيه‘ آواز جي نشاندهي ڪئي آهي، اهو آواز آهي ’يهه‘، جيڪو سرائيڪي ٻوليءَ جي لفظ ’ايهو‘ ۾ ٻڌو ويندو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ ’يهه‘ کان سواءِ هڪ ٻيو آواز ’وهه‘ به آهي، جيڪو ’وهان‘ ۽ ’يهان‘ ۾ موجود آهي. جيڪو انهن آوازن سان ’ديوانِ حالي‘ جي پهرين ايڊيشن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت اهڙا آواز 17 آهن. جنهن ۾ ديوناگري رسم الخط ۾ ڏهه ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اٺن لاءِ الڳ اکر آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو، ته سنڌي اکرن کي ٺاهيندڙن ان مسئلي جي نوعيت تي چڱيءَ طرح ڌيان نه ڏنو آهي؛ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن اکرن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ لاءِ اکر نه ٺاهي سگهيا آهن. ان ڪري رسم الخط ۾ هڪجهڙائي پيدا نه ٿي سگهي آهي.
جيئن ته پهرين عرض ٿي چڪو آهي، ته ’هائيه‘ آوازن تي پوريءَ طرح غور نه ڪيو ويو آهي. اهي سمورا آواز جن لاءِ ديوناگريءَ ۾ الڳ اکر موجود آهن، جن مان اٺن لاءِ سنڌيءَ ۾ اکر ٺاهيا ويا آهن، اهي هائيه آواز يا (Aspirates) سڏجن ٿا. باقي ٻين آوازن کي ’نرم هائيه‘ آواز (Affricates) سڏجي ٿو. مڪمل هائيه آوازن (جيڪي قدرتي آواز آهن) کي سڃاڻڻ جو طريقو اهو آهي، ته اهو معلوم ڪيو وڃي، ته اهي صوتي آواز آهن يا نه. جيڪڏهن اهي صوتي آواز آهن، ته معنيٰ اهي قدرتي آواز آهن، جيڪڏهن اهي صوتي آواز ناهن ته معنيٰ قدرتي آواز نه آهن. (قدرتي آوازن کي حرفِ صحيح به چيو ويندو آهي.) انهن جي شناخت جو اهوبه طريقو آهي، ته انهن آوازن جا ننڍڙا جوڙا ٺاهي سگهجن ٿا يا نه؟ پر ڏٺو وڃي ته انهن هائيه آوازن جا ننڍڙا جوڙا موجود آهن.
پھ – پھاگ، ٹھ- ٹھور، بھ- بھاگ، ڈھ- ڈھور، تھ- تھان، چھ- چھل، دھ- دھان، جھ- جھل، کھ- کھول، گھ- گھول۔
انهن ننڍڙن جوڙن کي اهڙا جاڙا لفظ چئجي ٿو، جن ۾ آوازن کي بدلايو ويندو، ته معنيٰ مٽجي ويندي. جيئن مٿي ڏنل لفظن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. اهڙيءَ طرح انهن آوازن کي صوتي آواز (حرف صحيح يا Consonents) چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڏٺو ويندو ته ’هائيه‘ آواز (Aspirates) بدلبا نه آهن، جڏهن ته نرم ’هائيه‘ آواز (Affricates) بدلجي ويندا آهن. اردوءَ ۾ انهن جو مثال هي آهي:
یہان- یھان- یاں وہاں- وھاں- واں
’يهه‘ ۽ وهه جي ’ي‘ ۽ ’و‘ جي بدلجڻ کان پوءِ معنيٰ ۾ ڪو فرق پيدا نه ٿيو. اهڙيءَ ريت سڀئي هائيه آواز، اصلي آواز آهن؛ ۽ سڀ نرم / هائيه آواز گڏيل آواز آهن.
ارڙهين صديءَ ڌاري سڀئي هائيه آواز ’بهه‘ ۽ ’دهه‘ کي ڇڏي سڀئي نرم هائيه آواز اردو رسم الخط ۾ شامل هئا. اهڙا ڪتاب جن ۾ اهي اکر شامل هئا، ان صديءَ جي شروعات ۾ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. ان مسئلي کي انشاءَ الله خان انشاء پنهنجي مشهور ڪتاب ’درياءِ لطافت‘ ۾ اهڙي نموني بيان ڪيو آهي، جو اهي سڀئي آواز الڳ اکرن جي صورت ۾ اهڙيءَ ريت ظاهر ٿي بيٺا آهن، جو اردو الف ب جو تعداد سنڌي الف ب کان به وڌي ويو. ’انجمن ترقي اردو‘ انهن مان ڪجهه اکرن کي وري پوءِ رائج ڪيو آهي. 1930ع کان پوءِ انجمن، اردو ٻوليءَ جي الف ب کي سيکارڻ لاءِ هڪ قاعدو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ان حوالي کان ضروري هدايتون ڏئي، ان ۾ الف ب کي سيکارڻ جو صحيح طريقو ٻڌايو هو. ان قاعدي جي مدد سان اردوءَ ۾ هائيه ۽ نرم هائيه آوازن جو تعداد پندرهن آهي.
سنڌي ۽ پشتو ۾ ڪجهه آواز مخصوص آهن، جن لاءِ رسم الخط ۾ اکر به مخصوص آهن:
سنڌي اکر: ٻ ڄ ڏ ڳ
ان سان گڏوگڏ ٽي غنه آواز به آهن (جن سان ن جو آواز مليل آهي) جيڪي رڳو سنڌيءَ ۾ نه آهن؛ پر اهڙا ۽ انهن سان ملندڙ ٻيا آواز ٻين ٻولين ۾ به آهن. انهن مان ڪجهه سنڌيءَ جا مخصوص لفظ آهن. جيئن:
ن ۽ ج جو آواز (ن+ ج= نج) اکر ڃ
ن ۽ ڙ جو آواز (ن + ڙ= نڙ) اکر ڻ
ن ۽ گ جو آواز (ن+ گ= نگ) اکر گ
سنڌي ٻوليءَ جو اهو ’ڻ‘ وارو آواز اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ موجود آهي. ’ڃ‘ سنڌيءَ جو مخصوص آواز آهي. اهو آواز سنسڪرت ۾ ٿورو بدليل آهي؛ ۽ ان ۾ ن+ ي جو آواز گڏيل آهي. جنهن لاءِ هي اکر (ञ) مقرر ٿيل آهي. ٽيون آواز ’ڱ‘ جو آهي، جيڪو سنڌيءَ جو مخصوص آواز آهي. اهو آواز به سنسڪرت ۾ ڪجهه بدليل آهي. جنهن ۾ ن غنه سان گڏ گ ۽ ي جا آواز يعني (ن+ گ + ي) مليل آهن، انهن لاءِ اکر (ज्ञ) مقرر ٿيل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جا ٻه اکر اهڙا آهن، جن مان هرهڪ جا ٻه تلفظ آهن: ’ٽ‘ جنهن جو هڪ پنهنجو آواز به آهي، ته اتر سنڌ ۾ ان سان ’ر‘ به ملايو ويندو آهي، يعني ’ٽر‘. هي اهو ئي آواز آهي، جيڪو نرم ٿي سنسڪرت ۾ (تر) جي صورت ۾ موجود آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو تلفظ سخت آهي؛ پر سنسڪرت پنجابي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ان جو تلفظ نرم آهي. سنڌي ’ٽي‘ (ٽي ۽ ٽري) ’ٽن‘ کي چيو ويندو آهي؛ ۽ پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ ’ٽن‘ کي ’تري‘ چيو ويندو آهي. ’ڏ‘ جو به هڪ پنهنجو تلفظ آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ به آهي؛ پر ٻين ٻولين ۾ ’ڊ‘ سان ’ر‘ جو تلفظ به ملايو ويندو آهي. (ڊر) اهڙيءَ ريت ’ڊوڙ‘ جو تلفظ ’ڊروڙ‘ به آهي. اهو به سنڌيءَ جو مخصوص آواز آهي.
پنجابيءَ ۾ به هائيه آواز گڏيل صورت ۾ لکيا وڃن ٿا. (سکن جي مذهبي رسم الخط ۾ انهن آوازن لاءِ اکر مخصوص ٿيل آهن) پر پنجابيءَ ۾ انهن آوازن جي نوعيت بدليل آهي؛ ۽ اهي انهيءَ ٻوليءَ جا مخصوص آواز آهن. انهن کي جهڙيءَ طرح لکيو ويندو آهي، انهيءَ مان ئي ٻولي ڳالهائيندڙ يا سکندڙ تلفظ درست ڪري وٺندا آهن. اهو ان ٻوليءَ جو مسئلو نه آهي. يورپ جون سڀئي ٻوليون، جن جو شمار دنيا جي تمام سڌريل ۽ ترقي يافته ٻولين ۾ ٿيندو آهي، اهي سڀ رومن رسم الخط ۾ لکيون وينديون آهن؛ ۽ ان ذريعي ئي پنهنجي صوتي خاصيتن کي برقرار رکنديون آهن، جن کي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙ به درست تلفظ سان سکي سگهندا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ حد تائين هر ٻوليءَ جي صوتيات جي مخصوص بين الاقوامي رسم الخط مان به ڪم ورتو ويندو آهي؛ پر ٻوليءَ جي مخصوص صوتيات ان جي رسم الخط ذريعي ئي سکي ۽ سيکاري سگهجي ٿي؛ ۽ هونئن به اهو ٻوليءَ جو هڪ اهم شعبو آهي، جنهن جي تعليم جو طريقو منفرد آهي.
ٻين ٻولين کان بلڪل الڳ سنڌي رسم الخط جي اها به هڪ ڳالهه آهي، ته ان ۾ ٻه لفظ ٻيا به رسم الخط ۾ شامل آهن، جيڪي هي آهن.
هڪ ’۾‘، ٻيو ’۽‘ (م ۽ ء جي هيٺان ٻه بيٺل زيريون) اهي لفظ سنڌي الف- ب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن داخل ڪيا ويا، ان جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. غالباً اهو عربيءَ جي اثر تحت ٿيو هوندو. انهن ۾ اختصار ته ضرور آهي، پر اهي اکر (يا لفظ) رسم الخط تي بار آهن. منهنجي خيال ۾ انهن کي لفظي صورت ۾ ’مين‘ ۽ ’ائين‘، لکڻ بهتر ٿيندو.
هيستائين ته معاملو بلڪل صاف آهي، پر سرائيڪي رسم الخط جو معاملو ڏاڍو منجهيل آهي. ٻڌو آهي ته، ملتاني سرائيڪي ٻوليءَ کي صحيح لکڻ لاءِ سڀ کان اڳ ان رسم الخط ۾ ترميم وحيد اختر مرحوم ڪئي هئي؛ پر اها ڪهڙي هئي، تنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. ايتري تائين جو ان جي باري ۾ ڪنهن کي به ثابتيءَ سان ڪا معلومات نه آهي. اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته اها هڪ ابتدائي ڪوشش هوندي، جيڪا مقبول نه ٿي سگهي.
سنڌي ۽ سرائيڪي صوتيات هڪ آهن، ٻنهي ۾ ڪوبه فرق نه آهي. ٻنهي ٻولين ۾ لسانياتي هڪجهڙايون به آهن. ان ڪري ٻنهي جو رسم الخط به هڪ ئي هجڻ گهرجي ها؛ پر انهن ٻنهي ٻولين جي رسم الخط ۾ فرق پيدا ڪرڻ جون دانسته ڪوششون ڪيون ويون. ملتاني سرائيڪي ٻوليءَ جي رسم الخط جي تاريخ رڳو پنجاهه سٺ سال پراڻي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سرائيڪي ٻولي سنڌي رسم الخط ۾ شروع کان ئي لکي ۽ پڙهي ويندي آهي. سرائيڪي ٻولي مناسب رسم الخط نه هجڻ جي ڊگهي وقت دوران پنجابي ٻوليءَ جي فارسي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، جنهن کي چڱيءَ طرح نه پئي پڙهجي سگهيو.
سرائيڪي ملتاني رسم الخط جي معاملي ۾ ان وقت کان غور فڪر شروع ٿيو، جڏهن ننڍي کنڊ جي مشهور اخبار ’رياست‘ جو مشهور ۽ معروف ايڊيٽر ديوان سنگهه مفتون قيد ٿي منٽگمري جيل ويو، جتي هن خواجه غلام فريد جو ڪلام ٻڌو؛ ۽ جڏهن کيس خبر پئي ته خواجه غلام فريد جو تمام ٿورڙو ڪلام ڇپيل صورت ۾ آهي؛ ۽ قابل اعتماد ۽ درست ڪتابت سان هن جو ڪوبه ديوان موجود نه آهي، تڏهن هن بهاولپور جي نواب کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن کيس مخاطب ٿيندي چيو هو، ته اهو هڪ وڏي افسوس جو مقام آهي، ته ملتاني ٻوليءَ جي عظيم شاعر ۽ اوهان جي مرشد خواجه غلام فريد جي ڪلام جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي. ڇا اهو اوهان جو فرض نه آهي، ته هن عظيم شاعر جي ڪلام جو ڪو نسخو ڇپرايو، جيڪو هن عظيم شاعر ۽ اوهان جي شان وٽان هجي. خط ملندي ئي نواب بهاولپور مولوي عزيزالرحمان مرحوم کي حڪم ڏنو، ته فريد جي ڪلام جو اعليٰ نسخو تيار ڪيو وڃي. جنهن هڪ ڪميٽي ٺاهي سُتت ئي ڪم شروع ڪري ڏنو. ان وقت خواجه فريد جي ڪلام کي لکڻ لاءِ جڏهن ملتاني سرائيڪي ٻوليءَ جي رسم الخط جي ضرورت جو احساس ٿيو، ته سنڌي رسم الخط جي الف بي کي سامهون رکي غور ڪيو ويو.
ٻنهي ٻولين جي ساڳي صوتيات ۽ ساڳي ئي رسم الخط ۾ سرائيڪيءَ کي سنڌ ۾ لکجڻ جي ڪري، اهائي صورتخطي اختيار ڪئي وڃي ها؛ پر مسئلو اهو هو ته سنڌي عربي رسم الخط ۾ ۽ سرائيڪي فارسي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي؛ ۽ ٻيو مک سبب اهو هو ته سرائيڪيءَ جا اديب ۽ محقق پنهنجي ٻوليءَ جو تشخص رسم الخط کي سمجهندا هئا. اهڙيءَ ريت هو فارسي رسم الخط کي ترڪ ڪرڻ چاهيندا هئا. ان ڪري هنن سنڌي رسم الخط کي سامهون رکيو، پر ان ۾ معمولي ڦيرگهير کان پوءِ ان کي اختيار ڪري ڇڏيو؛ پر هنن جو سڀ کان وڏو مقصد پنهنجي ٻوليءَ لاءِ هڪ الڳ رسم الخط جوڙڻ هو.
جيڪي اکر سرائيڪي ملتانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا، اهي سنڌي اکرن سان گڏ هيٺ ڏجن ٿا.
سنڌي:
سرائيڪي:
سنڌي رسم الخط ۾ ’ط‘ جي علامت صرف ’ڻ‘ ۾ استعمال ٿيندي آهي. ان ڪري اکر ’ط‘ کان سواءِ اها ’ڻ‘ ۾ برقرار رهي آهي، هاڻي ته اسان اهو ڏسي چڪا آهيون ته ’ٽ‘، ’ڍ‘ ۽ ’ڙ‘ ۾ ’ط‘ جي جاءِ تي نقطا ڏنا ويا آهن.
سرائيڪي ملتانيءَ جي رسم الخط ۾ جيڪو فرق رکيو ويو، سو معمولي آهي. يعني ’ڍ‘ ۽ ’ن‘ ۾ نقطا ۽ ط ٻه رکيا ويا. ۽ ڳ ۽ ڱ ۾ ٻن ٻن بجاءِ هڪ هڪ نقطو رکيو ويو. ڪاش ان وقت سرائيڪي ٻوليءَ جا ماهرِ لسانيات جذباتيت کي ڇڏي لسانيات جي اصولن کي سامهون رکن ها؛ ۽ ٻنهي ٻولين لاءِ ساڳيو رسم الخط برقرار رکن ها، ته اڄ سرائيڪيءَ لاءِ رسم الخط واريون ڏکيائيون پيش نه اچن ها. جيڪڏهن هنن کي فرق ئي رکڻو هو، ته ڇا نسخ ۽ نستعليق جو فرق ڪافي نه هو. ان وقت جيڪو فرق رکيو ويو هو، اهو برابر وڌندو رهيو ۽ سرائيڪي ملتاني رسم الخط سان گڏوگڏ مخصوص اکرن ۾ ڦيرگهير ٿيندي رهي؛ ۽ اڃان به ٿي رهي آهي.
بشير احمد نظامي، ڊاڪٽر مهر عبدالحق، مولانا نوراحمد فريدي (سرائيڪي ادب) ۽ سرائيڪي ادبي مجلس (سرائڪي) اهي اديب، محقق ۽ ادارا آهن، جيڪي مولوي عزيزالرحمان مرحوم جي اکرن ۾ ترميمون ڪري سرائيڪي رسم الخط ۾ مونجهارا پيدا ڪندا رهيا آهن. انهن سڀني اديبن ۽ ادارن پنهنجا پنهنجا اکر ٺاهيا ۽ پنهنجا ڪتاب انهن ئي اکرن ۾ لکي ڇپايا. اهڙيءَ ريت هڪ هڪ اکر جون ڪيتريون ئي صورتون ڇپيل ڪتابن ۾ ملن ٿيون. هيٺ انهن جو تقابلي مطالعو پيش ڪجي ٿو.
سنڌي: ٻ ڄ ڃ ڊ ڳ ڱ ڻ
عزيزالرحمان:
بشير احمد نظامي:
ڊاڪٽر مهر عبدالحق:
مولانا نوراحمد فريدي:
سرائيڪي مجلس:
شيخ محمد اڪرام الحق: (ڊاڪٽر ٽرومپ جي اکر گ ۾ ترميم): ’ک‘
(شيخ محمد ڪرام الحق ’گ‘ کي ڊاڪٽر ٽرمپ جي تجويز ڪيل گ ۾ ترميم ڪري ’ک‘ جي وچ جي مٿان نيم دائرو ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ اهو اکر پشتو مان کنيو هو. ڇوته هن پشتو قاعده لکيا هئا. هن چاهيو ٿي ته ٻين ٻولين لاءِ به عربي رسم الخط استعمال ڪيو وڃي)
ڊاڪٽر ٽرمپ: ’گ‘ (پشتو گ)
انهن سڀني اکرن ۾ نقطن جو تعداد مقرر ڪري ۽ دائرن کي هيٺ مٿي ڪري فرق پيدا ڪيو ويو آهي. نظامي صاحب ’ڳ‘، ’گ‘ لفظن کي اکرن جي ابتدا ۾ رکڻ کان سواءِ اکرن جي وچ ۾ به رکيو آهي. جيئن شيخ اڪرام الحق صاحب پشتو رسم الخط جي پيروي ڪندي ’ڪ‘ جي هيٺان جي بجاءِ مٿان نيم دائرو ڏئي ’ڳ‘ کي ’ک‘ جي صورت ڏئي ڇڏي آهي.
مولانا فريدي پنهنجو ديوان، جيڪو ٻن ضخيم جلدن ۾ شايع ٿيو آهي، ان کي نظامي صاحب جي اکرن ۾ ڇاپيو آهي. اهڙيءَ ريت رسم الخط جي معاملي ۾ مولوي عزيزالرحمان، بشير احمد نظامي ۽ ڊاڪٽر عبدالحق جا اکر هڪ ئي وقت سندن پنهنجين پنهنجين ڇپيل لکڻين ۾ رائج ٿيل آهن.
اکر ’ڻ‘ جو معاملو دلچسپ به آهي، ته ساڳي وقت افسوس جوڳو به. جنهن ۾ ڪوبه بنيادي اختلاف نه هو؛ پر جڏهن ’ڻ‘ جي سرائيڪيءَ واري صورت پشتو اڪيڊمي اپنائي پنهنجي رسم الخط ۾ شامل ڪئي آهي، ته پنجابي ٻوليءَ ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي صورتن کي ترڪ ڪري هڪ ٻي صورت ’ٺ‘ کي اختيار ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ اها صورت پنجابي رسم الخط ۾ رواج پائي وئي آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي، ته جنهن اکر کي سنڌيءَ ۾ سرائيڪيءَ اکر کان الڳ ڪري نئون اکر ٺاهيو ويو آهي، اهو به سنڌي رسم الخط جو اکر آهي، جيڪو ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي کي ڇپائڻ لاءِ پنهنجي ٺاهيل اکرن ۾ شامل ڪيو هو؛ ۽ جنهن کي ٽائپ ليپزڪ جرمنيءَ ۾ وڌو ويو هو.
سنڌي رسم الخط ۾ ان کي ترڪ ڪرڻ جو سبب معقول آهي، ڇوته هاڻوڪي رسم الخط ۾ اها صورت ’ٺ‘ جي آهي. ان ڪري ٻنهي اکرن جي هوندي هڪ ئي الف ب ۾ ڏکيائيون ٿي پون ها. گڏيل رسم الخط جي صورت ۾ ان اکر کي ترڪ ڪرڻو پوندو.
بشير احمد نظامي سرائيڪي رسم الخط لاءِ هڪ نئون اکر ’ي‘ تجويز ڪيو آهي، جنهن کي هن پنهنجي ڪتابن ۾ به استعمال ڪيو آهي. ان اکر کي هن (يا ي ففي الصوت) جو نالو ڏنو آهي. هن جي ’ي‘ اردو لفظن ’ڪيا‘ ۽ ڪيون ۽ سرائيڪي لفظن بياهه ۽ ڪڙهيا ۾ آئي آهي؛ پر هن ان مسئلي تي چڱيءَ طرح غور نه ڪيو آهي. جيڪڏهن هو غور ڪري ها ته ”وائو معدوله“ کي نه وساري ها. اهو به ”واؤ ففي الصوت“ آهي، جيڪو ’خود‘ ۽ ’خواب‘ ۾ استعمال ٿيو آهي. اهو اکرن جي اضافي جي ڪري نه آهي؛ پر اهو بنيادي طور تي ٻوليءَ جي الف. ب جو معاملو آهي، جنهن کي پڙهندي اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڏکيائي محسوس نه ٿي آهي. ٻار به ’ڪيا‘ (ڇا) ۽ ’ڪيا‘ (ڪيو) ۾ فرق سمجهي سگهندا آهن. عملي طور تي انجمن ترقي اردوءَ ان مسئلي تي غور ڪيو ۽ ان جي درست الف بي لاءِ پنهنجي قاعدي ۾ طريقو تجويز ڪيو آهي. واؤ جي مختلف آوازن جو چارٽ هيٺ پيش ڪجي ٿو.
زبر قول Qaul
پيش کول Khol
پيش ڦول Phool
۽ واو معدوله کي لکڻ لاءِ هيٺيون طريقو تجويز ڪيو آهي.
خواب خواب Khwab Khab
خود خود Khud
خوش خوش Khush
۽ ’ي‘ جي گڏيل تلفظ کي به هيٺينءَ طرح لکي سگهجي ٿو.
ڪيا Kya ڪيون Kyon
اهڙيءَ ريت جڏهن معمولي طور تي اهي لفظ لکيا وڃن، ته انهن جو تلفظ هي هوندو.
ڪِيا (Kiya) ديا (Diya) لِيا (Liya)
جڏهن گڏيل ’ي‘ يا گڏيل ’واو‘ لاءِ ساڪن لفظ موجود هئا، ته پوءِ هڪ غيراصطلاحي لفظ خفي الصوت جي استعمال جو ڪوبه سبب نه آهي. ظامي صاحب اهو لفظ ان ڪري استعمال ڪيو آهي، جو هو انهن قاعدن کان اڻڄاڻ هو.
اها هڪ لسانياتي حقيقت آهي، ته سنڌي ۽ سرائيڪي صوتيات ۾ ڪوبه فرق نه آهي، ان ڪري انهن ٻنهي ٻولين جو رسم الخط به ساڳيو هجڻ گهرجي. انهن ۾ فرق نه هجڻ گهرجي ۽ پاڪستان جون سڀ علائقائي ٻوليون فارسي يا عربي رسم الخط ۾ لکيون وينديون آهن. (جن ۾ ڪو بنيادي فرق نه آهي) ان ڪري سنڌي ۽ پشتو جي چئن بنيادي آوازن لاءِ چار چار اکر گڏيل رسم الخط ۾ رکڻ ضروري آهن. ان کان سواءِ اٺن هائيه آوازن کي ترڪ ڪري، باقي هائيه آوازن کي، جيڪي تعداد ۾ گهڻا آهن، تن کي ’هه‘ سان ملائي لکيو وڃي، جيئن اردو، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ وغيره ۾ لکيو ويندو آهي. ايئن ڪرڻ سان پاڪستان جي علائقائي رسم الخط ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي ويندي. ’ن‘ غنه سان لاڳاپيل ٽي اکر آهن، انهن کي ترڪ ڪرڻ به لازمي آهي. جيڪڏهن گهڻو ضروري سمجهيو وڃي ته ’ڻ‘ کي برقرار رکيو وڃي؛ پر جيڪڏهن ان کي به ترڪ ڪيو وڃي ته بهتر آهي.
آخر ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جو ڪو مسئلو هجي، ته ان تي به غور ڪري سگهجي ٿو. مثال طور: براهوي جو هڪ بنيادي آواز آهي، جنهن کي ’ل‘ جي اکر سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو. براهويءَ ۾ اهو آواز ل+ س ۽ ان سان لاڳاپيل لهجن ۽ گڏيل سنڌي لهجن ۾ ”ز“ سان ملندڙ جلندڙ تلفظ ۾ ادا ڪيا وڃن ٿا، اهڙيءَ ريت راجستان سان ملندڙ ڪنهن لهجي ۾ ل+ ڙ جو گڏيل آواز آهي. ان لاءِ ”ڻ“ جي صورت ۾ هڪ لفظ وڌائي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ جيڪي اکر گڏيل رسم الخط لاءِ مرتب ڪيا وڃن، انهن جو تعداد اٺيتاليهه هوندو.
آخر ۾ هڪڙو مسئلو رهجي ويو آهي، اهو آهي، ٽ/ڊ/ڙ لاءِ اردو، سنڌي ۽ پشتو اکرن مان چونڊ جو. جيڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي، انهن مان جنهن تي اتفاق ٿي وڃي، ان تي اتفاق ٿي سگهي ٿو. وڏو مسئلو عربيءَ ۽ فارسيءَ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو آهي، جنهن کي في الحال ڇڏي ڏيڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ ٽائيپ مشين ۽ ٽائيپ رائيٽر کان پوءِ اسان جون اکيون عربي رسم الخط کان روشناس ٿي وينديون ۽ ان تي سڀني جو اتفاق ٿي ويندو.
دنيا جي اهڙي ڪابه ٻولي نه آهي، جيڪا پنهنجي سمورن لهجن جي صوتيات کي پنهنجي رسم الخط ۾ پوئي سگهي، ان ۾ ڪجهه لهجي جي رعايت هوندي آهي. جيئن سنڌي صورتخطيءَ ۾ وچولي جو لهجو، جنهن جو دارومدار لاڙي لهجي تي آهي؛ ۽ اترادي لهجو جنهن جي صوتيات جو ڄار اڳ ۾ ئي ’ٽ‘ ۽ ’ڊ‘ جي ٻن تلفظن ۾ رکيو ويو آهي، ان کان سواءِ صورتخطيءَ ۾ ڪوهستاني، لاسي ۽ ٿري لهجن جي رعايت سان الف- ب ۾ اضافو ڪرڻ ڪنهن به ريت درست نه ٿيندو، اٽلندو پنهنجيءَ ٻوليءَ کي منجهائي ناقابل عمل بنايو ويندو. پاڪستاني ٻولين جي هڪ رسم الخط جي تصور جي دائري ۾ رڳو بنيادي صوتيات جو ڄار ٺاهيو ويو آهي. جيئن پهرين عرض ڪيو ويو، ته سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي کان سواءِ پشتو ٻوليءَ جي لهجن جو به خيال رکيو ويو آهي. ان ٻوليءَ جا ح خ س ۽ ز سندس مخصوص لهجن تي به حاوي آهن. ز جيئن ته اردو ٻوليءَ جي الف- ب ۾ شامل آهي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي، پوءِ ڀلي ان کي سنڌي الف- ب ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه. ان تلفظ کي سنڌيءَ ۾ ’ي‘ سان اچاريو ويندو آهي. هاڻي جيڪي ڪجهه ماڻهو ’ي‘ کي ڇڏي ’ز‘ اچارين ٿا، ۽ ٽيليوين کي ٽيليوزن چون ٿا، اهي صوتيات جي لحاظ کان ز کي وڌيڪ ويجهو آهن، اها تبديلي بهتر ۽ مناسب آهي. ان ڪري نون لفظن، دائرن، نيم دائرن ۽ مختصر ڦڏن خطن جي اضافي سان سنڌي الف- ب کي صحيح تلفظ جي نانءَ تي زير ڪرڻ جو ڪو علمي ۽ فني جواز نه آهي.
اهو ان ڪري به ضروري آهي، ته ٻوليون لساني حوالي کان اختصار ڏانهن مائل آهن. ٻولين جي سلسلي ۾ ازلي ۽ ابدي قانون، سهولت جو قانون (Rule of convenience) آهي. ان حوالي کان سنڌي ٻوليءَ جو شمار انهن ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جن ۾ اختصار واري خاص خوبي شامل آهي، جنهن ۾ جملن کي لفظن ۾ بدلائڻ جو رجحان اڳ ئي موجود آهي، جيڪو هيٺ ڏنل مثالن مان ثابت ٿئي ٿو، جن ۾ جملا گهٽجي لفظ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا:
هونئن به سهولت يا سهل پسنديءَ جو اهو قانون انساني فطرت جي عين مطابق آهي، جيڪو ٻولين ۾ ’غنه‘ ۽ ’هائيه‘ آوازن جي گهٽ هجڻ ڏانهن مائل آهي. اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن کي وڏيءَ ڪوشش سان سست ته ڪري سگهجي ٿو؛ پر ان کي روڪي نه ٿو سگهجي. ان ڪري ٻوليءَ جي صوتيات ۾ مداخلت ڪرڻ واري سلسلي ۾ وڏي احتياط جي ضرورت آهي؛ ۽ هن زماني ۾ جڏهن فني طور تي مصمتي آواز به يا ته گهٽجي رهيا آهن، يا وري انهن جو رجحان گهٽجي رهيو آهي. ان جي مداخلت جي گنجائش اڃان به گهٽ ٿي وئي آهي؛ پر ٻولين جو اصل ڪردار برقرار رکڻ ضروري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي چوسڻن (Implosive) آوازن کي برقرار رکي، کين قائم رکي سگهجي ٿو. اهي آواز ب، ڊ ۽ ج جي آوازن کي، جيڪي ٻين ٻولين ۾ Plosive يا Explosive آواز آهن، جن جي تلفظن ۾ آواز وات جي اندران ٻاهر نڪرندو آهي. انهن آوازن کي سنڌي Implosive جيئن اچارڻ گهرجي، جن ۾ آواز (صوت) ٻاهر کان اندر ويندو آهي. اهڙيءَ ريت پشتو جي خاص آوازن لاءِ به گنجائش رکي سگهجي ٿي. جيڪڏهن براهوي ۽ ڪشميري ٻولين لاءِ به هڪ گڏيل رسم الخط رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته انهن جا به آواز، جن سان ٻولين جو ڪردار برقرار رهندو هجي، شامل ڪري سگهجن ٿا. پر اهو قوم جي گڏيل راءِ تي ٻڌل هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ان کي مناسب سمجهيو وڃي ته مٿين تجويزن تي غور ڪري سگهجي ٿو. في الحال ان مسئلي تي علمي نظر وڌي وئي آهي.
(’مطالعه عشقي، مرتب: شڪيل احمد خان جي ٿورن سان، ’ڪلاچي ‘ تحقيقي جنرل، 2 ڊسمبر 2007ع.)