سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569494   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جون خوبيون (آفتاب ابڙو)


انگريزن جي دؤ ر ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ابتدائي ڪم ٿيو. صورتخطيءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي ويهاري وئي. انهيءَ ۾ انگريزن پاران ٻه ٻوليءَ جا ماهر مقرر ڪيا ويا هئا. هڪ ڪيپٽن رچرڊ برٽن ۽ ٻيو ڪيپٽن اسٽئڪ.

ڪپيٽن اسٽئڪ اُهو عالم هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جو باقاعده مطالعو ڪيو هو ۽ هن ڪاميٽيءَ پاران 1853ع ۾ جوڙيل صورتخطيءَ کان اڳ، هڪ لغت ’انگريزي- سنڌي‘ (1848ع) شايع ڪرائي هئي. ان کان پوءِ جڏهن سرڪاري طور لپي جڙي ته ان جي سختيءَ سان مخالفت ڪيائين. سندس راءِ هئي ته ديوناگري خط، سنڌي ٻوليءَ لاءِ نهايت موزون آهي، ان ڪري جڏهن 1854ع ۾ ٻي لغت ’سنڌي- انگريزي‘ شايع ڪرايائين ته ان جو خط به ديوناگري رکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن لاءِ هڪ انگريزيءَ ۾ گرامر به لکيو هيائين. اهو صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

I was hither proud of English language as I considered, it was more beautiful and very copious language in the world, but it was really vain of me. When I learnt Sindhi. I found reduplicated casual verbs and other points that give to Sindhi, beauties distinct from most Indian tongues.(1)

 ان کان پوءِ سنڌ جي محسن، جڳ مشهور ٻوليءَ جي ماهر ۽ مشرقي علمن جي ڄاڻو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي راءِ ڏيون ٿا، جنهن 1864ع ۾ سرڪار کان خاص موڪل وٺي، پنهنجي ڳوٺ لپسيا، جرمنيءَ ۾ وڃي ٻه سال هيڪاندو ويهي شاهه تي ڪم ڪيو ۽ سڀ کان اڳ ۾ رسالي شايع ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو.

موصوف 1872ع ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ گرامر لکيو، جنهن جي اها اهميت آهي، جو جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جي ماهر ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي 1925ع ۾ سنڌي ’وڏو وياڪرڻ‘ لکيو ته ان جي مهاڳ ۾ اهو ڄاڻايو اٿائين ته هن کي سڀ کان وڌيڪ مدد ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي گرامر مان ملي آهي. ان گرامر جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته ان ۾ مثال گهڻي قدر شاهه سائين جي بيتن مان ورتل آهن. اسمن، ضميرن کان وٺي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن لاءِ شاهه جي رسالي مان مثال ورتا ويا آهن، جيڪو هڪ سونهري مثال آهي، جنهن تي اڳتي هلي ڪاڪي ڀيرومل ۽ ويجهي دؤر ۾ واحد بخش شيخ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي صرف- نحو‘ ۾ عمل ڪيو ۽ شاهه جي رسالي مان وڌ ۾ وڌ مثال ڏنا آهن، ان کان پوءِ سچل، سامي ۽ بيدل وغيره جي شاعريءَ کي به مثال طور پيش ڪيو اٿائون.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي گرامر‘ ۾ لکي ٿو:

Sindhi is pure Sanskritical language, more free from foreign elements than any other of the North-Indian Vernaculars. The old Prakrit grammarians may have had their good reasons to designate the Apabhrnsha dialect, from which the modern Sindhi is immediately derived, as the lowest of all the Prakrit dialects, but if we compare now the Sindhi with its sister tongues, we must assign to it, in a grammatical point of view, the finest place among them. It is much more closely related to the old Prakrit than the Marhati, Hindi, Punjabi and Bengali of our days and it has perserved an exuberance of grammatical forms, for which all its sisters may well envy it, for while all the modren vernaculars of India are already in a state of complete decomposition, the old venerable mother tongue being hardly recognisable in her degenerate daughters the Sindhi has, on the contrary perserved most important fragments of it and erected for itself a grammatical structure, which surpasses in beauty of execution and internal harmony by far the loose and leveling construction of its sisters.(2)

جان بيمس کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايترو وقت نه مليو ۽ البت هن هڪ ڪتاب Comparative Grammar of Modern Aryan Languages of India. لکيو. ان ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

The most advanced language is Hindi, which is closely followed by the Punjabi and Gujrati…. Sindhi ranks next in the matter of development. It is rough language loving thorny paths of it’s own, but there hangs about it, to my mind, some what of the charm of the wild flowers in the hadge whose untamed luxubriance pleases more than the regular splendour of the parterre. Even as early as Prakrit times the dialect of Indus velley shook itself free from trammels and earned for itself  from the pendantic followers of rule and line, the contemptunous epithet of Apabhransa or vitiated. There is flavour of wheaten flour and  a reek of cottage smoke about Punjabi and Sindhi which is infinitely more natural and captivating than any thing which the hide- bound pandit-ridden languages of the eastern ports of India can show us.(3)

سنڌي ٻوليءَ بابت علامه آءِ آءِ قاضي جي راءِ:

سنڌي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ، انهيءَ ڪري ضروري آهي، جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ”سنڌيءَ“ ۾ آهي.

عربي زبان کي رڳو ان ڪري زندهه رکڻ ضروري آهي، جو قرآن شريف ان ٻوليءَ ۾ آهي.

سنڌي زبان هڪ موسيقيءَ واري زبان (Musical language) آهي. ۽ موسيقي، سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي خصوصيت ۽ خوبي آهي. انگريزي ٻولي، انهيءَ خوبيءَ کان محروم آهي. انهيءَ ڪري انگريزيءَ جي سڀ کان وڏي شاعر، شيڪسپيئر جي چند شعرن کي ڳائي نٿو سگهجي، جڏهن ته شاهه عبداللطيف جي سٽ سٽ کي ڳائي ٿو سگهجي. (مهراڻ 4-1965ع، ص- 40)

سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا وڌيڪ خيال:

سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه لڳا آهن. ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو، ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلاً دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور ته ڪي وري ڪڻڪ اپائين ٿا، مگر سنڌ اُهي سڀئي اپائي ٿي. انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خود- ڪفيل ڀاڱو ٿي رهيو آهي.

تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا، هر نڪتي کان دنيا ۾ برک هئا، وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغتدان هن ننڍڙي خطي مان طلب ڪيا ويندا هئا. (مهراڻ-2، 1956ع)

سنڌي ٻوليءَ بابت علامه دائودپوٽي جي راءِ:

اسان جي ٻاجهاري ٻولي، موجوده يورپ جي متمدن ٻولين کان آڳاٽي آهي. اُهي اڃان وجود ۾ ئي نه آيون هيون، ۽ اردوءَ جو اڃان اير- ڀير به معلوم ڪونه هو، ته سنڌي زبان هڪ پاڪيزه نموني ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. جهر جهنگ ۾ سنڌ جا اهل الله سنڌي بيت ۽ دوهرا جهونگاريندا هئا. انهن ۾ ايترو ته سوز ۽ ساز هوندو هو جو ماڻهو پنهنجون جانيون فدا ڪندا هئا. (مهراڻ، 4-1965ع)، ص 40)

 

ڊاڪٽر اينيمري شمل جي راءِ:

”موجوده وقت جي براين ۽ جنگين جي تباهه ڪارين کي ختم ڪرڻ لاءِ انسانذات ۾ محبت ۽ درگذر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انساني همدردي ۽ محبت جي جذبن سان لبريز ”عظيم ادب“ موجود آهي. سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي، جو ان ’شاهه لطيف‘ جهڙو لاثاني ۽ لافاني شاعر پيدا ڪيو. (27 مارچ 1961ع تي حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير)

محقق ۽ ماهر لسانيات سراج الحق ميمڻ جي راءِ:

سنڌي ٻولي انساني شعور جي ست هزار سالن جي تاريخ آهي. انهيءَ دؤر جي ڏاهپ جو ثمر آهي. حقيقت ۾ سنڌي ٻولي ست هزار ورهين جي انساني احساسن ۽ جذبن جي ٻولي آهي. (جمال ابڙي سان سنڌ سينٽر ڪراچي ۾ ملهايل ادبي رهاڻ جي موقعي تي ڪيل تقرير)

محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ:

”سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ ۽ سنڌيءَ کي تعليمي ذريعي استعمال ڪرڻ“. اِهي ٻئي مرحلا به انگريزن جي دؤر کان ٻه صديون کن اڳ طئي ٿيا. سنڌ جي عالمن ۽ استادن اهو محسوس ڪيو ته ٻارن کي شروع ۾ ئي عربي فارسيءَ جي بجاءِ سنڌي پڙهائي، پوءِ عربي فارسي پڙهائجي.

تاريخي طور، سنڌي زبان کي خصوصي تعليمي حيثيت ۽ اهميت حاصل رهي آهي، ڇاڪاڻ جو برصغير هندستان جي سڀني صوبائي ٻولين ۾ سنڌي ئي اُها اڪيلي زبان آهي، جنهن ۾ نه صرف ڪن ٻين صوبائي ٻولين وانگر تعليم ڏني وئي، پر جنهن کي ٻين زبانن سکڻ لاءِ سڀ کان اڳ ”تعليمي ذريعي“ طور استعمال ڪيو ويو. اهو خيال سراسر غلط آهي ته ڪو انگريزن جي دؤر ۾ ’سنڌي الف- ب‘ ٺهي، يا سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي شروعات ٿي، يا سنڌيءَ کي ’تعليمي ذريعي‘ طور استعمال ڪيو ويو. اهي ٽئي مرحلا سن 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه ۽ قبضي کان صديون اڳ طئي ٿي چُڪا هئا. (افتتاحي خطبو، بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس/ ڄام شورو، 1988ع)

23 ٻولين جي ماهر ڊاڪٽر رچرڊ برٽن جي راءِ:

اسان جڏهن برصغير تي قبضو ڪيو ته سمورن خطن جي ٻولين مان صرف ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ ججهو علمي ۽ ادبي ذخيرو موجود هو. (سنڌو ماٿر ۽ ان ۾ رهندڙ قومون، ص 135).

سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت يا خاص خوبيون:

جيئن اسان مٿي ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي سان ڄاڻائي آيا آهيون ته سنڌي ٻولي ’ذريعي تعليم‘ جي لحاظ کان، انگريزن جي قبضي کان به ٻه اڍائي صديون اڳ رائج هئي. البت اُها ثانوي سطح (Intermediate level) تائين پڙهائڻ ۾ ايندي هئي. ان کي اعليٰ ثانوي (Graduate level) طور رائج ڪرڻ لاءِ تعليم جي هڏڏوکي ڏيارام گدومل شاهاڻي عملي ڪوششون ورتيون ۽ 1885ع ۾ 48 صفحن تي مشتمل انگريز سرڪار کي (انگريزيءَ ۾) سنڌ ۾ آرٽس ڪاليج کولڻ لاءِ اپيل ڪئي، جنهن ۾ هن سنڌي ميڊيم تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو.

ان کان پوءِ 1940ع ڌاري تڏهوڪي تعليم جي ڊائريڪٽر علامه عمر بن محمد دائودپوٽي کي چيو ويو ته هو تفصيلي رپورٽ تيار ڪري ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو مايو (وسعت) آهي، جو ان کي M.A تائين رائج ڪري سگهجي. علامه دائودپوٽي تمام تفصيل ۽ وضاحتن سان رپورٽ تيار ڪري موڪلي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ معاملو ٺيڪ طرح پئي هليو، پر 1956ع ۾ تعليمي ڪميشن جي سفارش تحت سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت گهٽائي پنجن درجن تائين ڪئي وئي، جنهن تي پوري سنڌ ۾ ڪهرام مچي ويو. ۽ آخر 14 آڪٽوبر 1962ع تي تمام وڏي جدوجهد کان پوءِ مرڪزي حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساڳئي حيثيت بحال ڪئي وئي.

سنڌيءَ ۾ علم ادب جي ذخيري جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته صرف سنڌ متعلق 25 کان 30 هزار ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيل آهن. ان کان علاوه اُتي تقريباً هر موضوع تي بيشمار ڪتاب رکيل آهن.

سنڌ جي عالمن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم معين الدين ٺٽويءَ جا ڪتاب اڄ سوڌو اسلامي دنيا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي ”جامع الاظهر“ مصر ۾ پڙهايا وڃن ٿا.

قرآن شريف جو ترجمو:

مستند روايتن مطابق قرآن شريف جو سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو، جيڪو عربي ڪتاب ’عجائب الهند‘ مطابق منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ جي زماني ۾ اتر سنڌ جي هڪ هندو راجه جي چوڻ تي لکيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان ۾ ان وقت به ايتري جامعيت ۽ وسعت هئي. ان کان پوءِ مختلف وقتن ۾ قرآن شريف جا، غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي لکڻ مطابق سنڌيءَ ۾ 24 ترجما ٿيا آهن ۽ تفسيرن جو تعداد الڳ آهي.

حرفن جي گهڻائي:

سنڌي زبان پڪ سان ايشيا جي مڙني ملڪن جي زبانن کان حرفن (Phonemes) جي لحاظ کان مٿڀري آهي. صرف چيني زبان ۾ حرف يا صوتيا وڌيڪ آهن، پر اُهي، نيم صوتيا (Semi Phonemes) سڏيا ويندا آهن. ان خصوصيت ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جو تقريباً هر لفظ اچاري سگهجي ٿو. اهڙي خصوصيت ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ نه آهي.

لغت جو ذخيرو:

جامع ۽ وسيع ٻولين جي اها به خوبي هوندي آهي ته انهن ۾ هڪ شيءِ لاءِ گهڻا لفظ هجن ۽ هڪ لفظ گهڻيون معنائون رکندو هجي. انهيءَ ڪسوٽيءَ تي سنڌي ٻولي بنهه پوري آهي. مثال لاءِ ڏسو سنڌ جو سينگار يا ڏهس (لوڪ ادب جون صنفون). خود شاهه لطيف اُٺ لاءِ ويهه لفظ ڪتب آندا آهن.

ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو لغت جو ججهو ذخيرو موجود آهي، ان جو انحصار پنهنجن بنيادي لفظن تي آهي، جڏهن ته اردو ٻوليءَ لاءِ لکيل لغتن ۾ 80 سيڪڙو لفظ عربي، فارسي، هندي ۽ ترڪي زبانن جا آهن. سنڌي لغت جا قاعدا به دنيا جي سڌريل ٻولين مطابق مقرر آهن.

اسمن جي ادائگي:

سنڌي ٻوليءَ جي اها خاص خوبي آهي ته جهڙي ريت جملي جي ادائگي هوندي، اهڙيءَ طرح اسم به پنهنجي صوتي حالت بدلائيندا. جهڙي ريت: مان لاڙڪاڻي ۾ رهان ٿو، مون لاڙڪاڻو ڏٺو آهي. يا لاڙڪاڻو وڏو شهر آهي. جيڪڏهن اهي جملا انگريزي- اردو يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪتب آڻبا ته لاڙڪاڻو هميشه ساڳيءَ طرح لکڻ ۾ ايندو مثال:

I live in Larkana, I have seen Larkana, Larkana is a big city.

اردوءَ ۾ وري: مين لاڙڪانه مين رهتا هون. مين ني لاڙڪانه ديکا هي. لاڙڪانه بڙا شهر هي.

صفت جو جمع وارو صيغو:

سنڌي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڪنهن شيءِ سان صفت لڳائبي آهي، ته اُها به شيءِ جي حالت سان گڏ ڦرندي آهي. جهڙي ريت سٺي بس، وري جمع جي صورت ۾ سٺيون بسون ان لاءِ اردوءَ ۾ ٿيندو: اچهي بس، اچهي بسين، اهڙيءَ ريت انگريزي ۾ Good buses, Good bus.

آخري لفظ متحرڪ:

ايشيا جي ڪن چند ٻولين ۾ اِها خوبي آهي، جو انهن جو آخري لفظ متحرڪ هوندو آهي. يعني انهيءَ جي آخري حرف تي زير، زبر يا پيش هوندو آهي. انهيءَ خصوصيت سان ٻوليءَ جي لغت ۾ بيحد اضافو ٿئي ٿو ۽ لفظن جي اُچار ۽ معنيٰ ۾ چٽائي ٿئي ٿي. انهيءَ جي برعڪس غيرمتحرڪ لفظن واريون ٻوليون، جن ۾ اردو ۽ هندي به اچي وڃن ٿيون، لغت جي ذخيري جي لحاظ کان ايتريون ڪشاديون نه ٿيون ٿين.

ٻٽا لفظ:

ڪي انفرادي خصوصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن سان ٻوليءَ ۾ نکار اچي ويندو آهي. جيئن ٻٽن حرفن جي ترڪيب: ماڻهو ڇيڻو، ڪک پن، ڍور ڍڳو، اوهي واهي، اَويل سويل، چڱو مٺو، وڻج واپار، هوندي سوندي وغيره. اهڙي خصوصيت به ڏيهي ٻولين ۾ گهٽ ملي ٿي. ڏيهي ٻوليون ان معاملي ۾ اجايو اَهل ڪن ٿيون جيئن، انڊا شنڊا، روٽي شوٽي، بس وس وغيره. چوڻ جو مطلب ته انهن ۾ لساني ۽ لغوي خوبي نه آهي جو اُهي ترتيب ۽ ضابطي سان ٻٽا حرف ٺاهي سگهن. اسم تصغير ڪري به سنڌي ٻوليءَ ۾ سونهن پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري شڪارپور جي ٻوليءَ کي ساراهيو ويندو آهي. جيئن: ادڙا هتڙان ٿيندو وڃجانءِ.

پهاڪا ۽ چوڻيون:

سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح، ورجيسون موقعي ۽ محل جي لحاظ کان تمام گهڻيون آهن. جيئن ته اڳ ۾ ئي عرض ڪري آيا آهيون ته سنڌي صدين جي سوچ ۽ ڏاهپ جو ثمر آهي، ان ڪري هن ٻوليءَ ۾ جيڪي پهاڪا آهن، اُهي ڄڻ ته صدين جا طئي ٿيل فيصلا آهن. جيئن:

آزمائي کي آزمائي، ڌوڙ منهن ۾ پائي.

ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان،

الله ڏئي ايمان، ته گوڏا ڏئي گذارجي.

جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي. يا

ڀلا ڪن ڀلائيون مدايون مدن،

جو وڙ جڙي جن سين، سي ئي سو وڙ ڪن.

ته پهاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن جي لحاظ کان به سنڌي ٻولي ڏيهي ٻولين ۾ ڪر کنيو بيٺي آهي.

قديم رسالا:

شاهه جو رسالو، سچل جا رسالا، شاهه ڪريم جو رسالو، لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين عيسي ۽ ميين عنات جو ڪلام ۽ خانزئيءَ جو رسالو وغيره.

اِهي سنڌي علم ۽ ادب جا شاهڪار مجموعا آهن، جن ۾ زندگي، اسلام، تصوف، فلاسافي ۽ لغت جو لاثاني ذخيرو موجود آهي.

شاهه جي رسالي کي انگريزن صورتخطي ۽ ابتدائي نصاب ترتيب ڏيڻ وقت مثالي ڪتاب ڪري آڏو رکيو هو. شاهه جي رسالي ۾ جيڪو زندگيءَ بابت فلسفو آهي ۽ لغت جو ذخيرو آهي، ان جو مثال به ڏيهي ٻولين ۾ نه ملندو.

لوڪ ادب:

سنڌي لوڪ ادب ۾ جيڪا گوناگوني (Depth) ۽ وسعت آهي، ان جا پرڏيهي عالم به معترف آهن. سنڌي لوڪ ادب بلاشڪ دنيا جي تمام سڌريل ٻولين جي لوڪ ادب سان برميچي سگهجي ٿو. اسان بجا طور ان تي فخر ڪري سگهون ٿا. برصغير ۾ ان جو مثال ڪونه ملندو. ڪاش ان جي اڄ لغت به موجود هجي ها!ٰ

مٽي مائٽي يا سڱن جي سڃاڻپ:

جيڪا ٻولي فطرت جي قريب هوندي آهي ۽ وڏو تاريخي پس منظر رکندي آهي، ان ۾ ٻين فطري لاڳاپن، اهڃاڻن سان گڏ مٽي مائٽي وغيره لاءِ به موزون لفظ هوندا آهن. ان جي برعڪس جيڪي ٻوليون ڊگهو تاريخي پس منظر نه رکنديون آهن، انهن ۾ اهڙن لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي. مثال طور:

انگريزيءَ ۾ مامي چاچي يا ٻين بزرگن لاءِ انڪل (Uncle) لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح اردوءَ ۾ سوٽ لاءِ چچازاد بهائي- ماسات لاءِ خاله زاد بهائي- مامون زاد بهائي وغيره.

پر سنڌي ٻوليءَ ۾ هر ننڍي توڙي وڏي سنڱ لاءِ الڳ الڳ لفظ موجود آهن. جيئن: سوٽ، ماسات، ڀيڻيوو، ناٺي، سهرو، سيڻوٽ وغيره. اهڙي خصوصيت ننڍي کنڊ جي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ مشڪل ملندي.

ان ڪري هر حالت ۾ مڃڻو پوندو ته سنڌي ٻولي، علم ادب، لغت جي ذخيري، احساسن جي مڪمل اظهار، مختلف لفظن جي ادائگي ۽ ٻين لساني خوبين ڪري ننڍي کنڊ ۾ ممتاز زبان آهي. منجهس ايتري وسعت آهي، جو ان ۾ هر علم ۽ هنر بابت تعليم ڏئي سگهجي ٿي ۽ ذريعي تعليم Ph.D تائين مقرر ڪري سگهجي ٿي.