سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574489   ڀيرا پڙهيو ويو

اخبار جي لغت ( شمس سومرو)


1980ع کان سنڌي ادب جو ”نئون دؤر“ شروع ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي ضبطي ۽ ٻوليءَ جي فطري وهڪري کي بند ڏيڻ واري عمل شروع ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي اخبارن جو وسيلو ئي باقي وڃي رهيو هو، جيڪو لڳاتار اظهار جي پهچ ۽ پکيڙ جو ذريعو ٿي ڪتب ايندو رهيو.

سنڌي ادب جي هن دؤر جي خاصيت اها آهي ته هن دؤر ۾ مقصديت، سري وار (موضوعاتي) ڇنڊڇاڻ، ٻوليءَ جي صحت ۽ ادبي مرڪزيت جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. انهن ئي حدن ۾ رهندي هاڻوڪو سنڌي ادب پنهنجيءَ جيوتا لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.

سنڌي ادب جا آهيڙي، پراڻا پاپي، جن ڪڏهن به نئين تندرست لاڙي کي ذهني طرح قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي، تن پنهنجي روايتي حق جو ڀرم رکندي ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ سنڌي (ترجمو ٿيل) خبرن جي ٺيٺ ڏيهي انداز تي اعتراض ڪندي، پنهنجا هي ئي پراڻا، گٺل، ورجايل ۽ ڇسا دليل ڪتب آندا، جي هو سالن کان ڪتب آڻيندا رهيا آهن، جن جي جواب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي شاهوڪاريءَ ۽ جيئري جاڳندي زبان هئڻ جي حوالي سان، اسان جي ادب دوستن، ٻوليءَ جي ڄاڻن ۽ ترقي پسند ليکڪن انهن اعتراضن جي موٽ ڏني. 25 جنوري 1982ع وارو هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل انهيءَ موٽ جي اصولي هئڻ ۽ مڃتا جو نتيجو هو.

خوشي ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي بزرگ ليکڪ ۽ سنڌيڪار مانواري فضل احمد بچاڻي صاحب هڪ تفصيلي مضمون ”خبرن جي لغت“ قلم حوالي ڪري ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ ۽ ڌوڙي (Alternate) لفظن جو چڱو موچارو وستار اسان آڏو آڻي رکيو آهي، جنهن مان سندس گهڻ- ڀلائي پڌري آهي، جنهن ڪري نه رڳو اهو ته صحافتي زبان جي صحت تي ويچار جو سهڪار مليو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي پوري لغت جي سهيڙ جي اصولن تي ويچارڻ به ضروري ٿي پيو آهي.

سنڌي ٻولي دنيا جي انهن ”سڌريل ٻولين“ مان هڪ آهي، جنهن ۾ نه فقط اظهار جي تخليقي عمل کي چٽو ڪرڻ ۽ محسوسيات کي اڀارڻ جي سگهه آهي، پر ان ۾ هرڪنهن موضوع جي تشريحي توڙي اصطلاحي خاصيت پڻ اوتري ئي سگهاري ۽ پختي آهي. اڄ به سنڌي زبان ئي هن علائقي (ڏکڻ اوڀر ايشيا) جي پهرين ٻولي آهي، جا هر ڪنهن دٻاءَ هئڻ کان پوءِ به پنهنجو وجود وڃائي نه سگهي آهي ۽ پنهنجي پلوَ ۾ سڌريل ماڻهپي جا سمورا لڇڻ سهيڙيو پئي اچي. ايتري تائين جو هي سائنسي دؤر جي تڪڙي وهڪري ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ بنيادي علمن (Basic Sciences) جي اصطلاحن کي پاڻ ۾ سموهڻ ۽ بيان ڪرڻ جي سگهه ساري سگهي ٿي، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي دؤر ۾ اهميت ۽ حيثيت چٽي ٿئي ٿي. اهو ڪاڪو ڀيرومل هجي، پرمانند ميورام، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هجي يا احمد علي قاضي، سيد وڏو شاهه هجي يا نجف شاهه ڪمتر، اي. اي قاضي هجي يا محمد علي مهيسر، لال بخش بوزدار هجي يا علي مرتضيٰ ڌاريجو، تنوير عباسي هجي يا ظفر حسن، تاج جويو هجي يا فضل احمد بچاڻي، سراج ميمڻ هجي يا نبي بخش بلوچ، تنوير جوڻيجو هجي يا خيرالنساءِ جعفري، غلام علي الانا هجي يا ايس ايم سيءَ جو سيکڙاٽ نوجوان ڊاڪٽر امتياز علي ميمڻ، سڀني پنهنجي پنهنجي وت آهر بدني ڄاڻ، ڀونء ڄاڻ، سماجي، سياسي، نفسياتي ڄاڻ، جيو ڄاڻ، ٻولي واد ڄاڻ تي نور نچويو آهي.

خبرن جي لغت يا صحافتي ڪوشش بابت سائين بچاڻي صاحب جيڪي ذاتي رايا پيش ڪيا آهن، اهي هن ڏس ۾ اسان جو ڌيان سنڌي صحافت جي معيار ۽ جديد صحافتي ضرورتن ڏانهن ضرور ڇِڪائين ٿا پر آءٌ سندس ان راءِ سان سهمت ناهيان ته:

”فڪر کي قديم کان .......؟ افڪار ۽ تفڪر، مفڪر، مفڪر، تفاڪر، تفڪرات وغيره کي نئون ۽ ڌاريو سمجهون؟“

جڏهن ته مانواري ليکڪ جي ئي لفظن ۾:

”ڳرن ۽ ڏکين لفظن وٺڻ بدران وري به پنهنجا تز اکر ڪجهه ”ڊيگهه“ سان لکجن ٿا ته ”بهتر“ ٿو لڳي. مثال طور ”بين البراعظمي“ جي بدران ”کنڊ کان کنڊ تائين مار ڪرڻ وارو“ (جيتوڻيڪ بچاڻي صاحب ميزائيل کي ذهن ۾ رکي هيءُ ترجمو کنڊ کان کنڊ تائين ”مار ڪرڻ وارو“ ڏنو آهي، جيڪو اضافي آهي (بهرحال اسان جو ان بحث سان لاڳاپو ڪينهي) لکجي ته ”اهو جملو ڊگهو هوندي به هڪ ته جلد سمجهه ۾ اچي ٿو، ٻيو ته لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ هن هڪ اکر جيترو ڏکيو نه ٿو لڳي.“

اها ٻه چتائي فقط بچاڻي صاحب جي ڪونهي، پر اسان سڀني جو مامرو آهي، جنهن به ٻوليءَ جي واڌ ويجهه روڪڻ لاءِ هٿرادو بند ٻڌا ويندا آهن، ته انهيءَ ٻوليءَ جي پيدائشي ٻنڀن کي محدود ڪري، ان جي وحدت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سنڌي ٻولي نالي ۾ نهال تيرهن يا چوڏهن ضلعن يا سياسي- جاگرافيائي طرح پينسل سان ليڪ پاتل، سري- وچولي ۽ لاڙ جي ئي ٻولي ڪونهي، پر سنڌي ٻولي پنهنجي فطري جاگرافيائي حدن ۾ تمام پکڙيل ٻولي آهي. يعني سنڌو ساگر سڀيتا جي ٻولي آهي، جنهن جون حدون سنڌوءَ جي شروعاتي حدن کان وٺي لسٻيلي، قلات، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ جيسلمير جي به ٻولي آهي. ظاهر آهي ته ان جا لهجا ۽ ورجيسون جدا جدا هوندي به هڪ ئي ٻنڀي جا اساسي جزا آهن. ٻين لفظن ۾ اسان کي پنهنجيءَ لغت ۾ سرائيڪي، ڪاڇيلي، ڍاٽي، لاسي، گجراتي ۽ ٻين ويجهڙن لهجن وارن Dilects کي به جاءِ ڏيڻ گهربي هئي. شاهه سائينءَ پنهنجن ڪردارن ۾ سهڻي، سورٺ، مارئي، سسئي، مومل، ليلان جي چونڊ به ان ئي ٻوليءَ واري (لسانياتي) ايڪي جي اظهار طور ڪئي هئي، جنهن جي شاهدي شاهه فريد ۽ بلهي شاهه جي شاعريءَ مان پڻ ملي ٿي. شاهه فريد جي ڪلام جي هيءَ سٽ:

ميڏا ملڪ ملير تي مارو ئل

روهي چولستان به تون

گهٽ اهميت نه ٿي رکي. ان لحاظ کان شاه فريد کي سنڌو ساگر وحدت جو ڳنڍيندڙ چئجي ته اجايو نه ٿيندو. هونئن اها ڳالهه تاريخي لحاظ کان مڃيل حقيقت آهي ته سرائيڪي زبان سنڌو ساگر جي لهه وچڙ ۾ ايندڙ (رابطي واري) زبان آهي، جنهن کان انڪار سچ جي وجود کان انڪار برابر آهي ۽ ان ئي حقيقت کي ريٽڻ لاءِ سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو ويو جو سنڌي ٻوليءَ جي ايڪي کي ٽوڙي زوري ان کي مڪمل ٻوليءَ بدران هڪ لهجو (Dilect) مشهور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، ڄڻڪ اها ڪا صابڻ جي ٽڪي هئي جا گسي گسي ڪن ضلعن تائين محدود رهجي وئي.

ٻيو: عتاب هيٺ آيل ٻولين کي غير نصابي ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني ويندي آهي. ان جاءِ تي ”غيرمعياري يا مقامي“ اصطلاح ڪتب آڻي، پير الٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن جا به هڪ نه پر سوين مثال موجود آهن. سنڌي نصاب کي هڪ ته ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، ٻيو ته ان جي سهيڙ ۽ پيداوار ڏيهي عالمن، تعليمي ماهرن، ليکڪن بدران وچان ئي ٽئين ذهن کان ڪرائي وڃي ٿي ۽ اتان پوءِ اڻاسي ۽ اڻ – لاڀي ترجمي جي صورت ۾ ان کي سنڌي لاءِ رائج ڪيو ٿو وڃي؛ يعني منطقي طرح اهو ڄاڻندي به ته ڪوبه اڻ- ڀنيون آدرش نه رڳو تخليقي سگهه لاءِ ڪاپاري ڌڪ هوندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ قومن مان کوجي ۽ ڳولائو سگهه چوسي ان کي بي ستو ڪري ڇڏيندو آهي.

ٽيون: عتاب هيٺ آيل ٻولين ۾ مٿينءَ ريت پيدا ڪيل هٿرادو خال کي ”حاڪم ٻولي“ هٿ ٺوڪيءَ شاهوڪاريءَ سان ڀريو ويندو آهي، ۽ ويڪو طبقو پيدا ڪري، ڪڏهن ”فيشن“ ته ڪڏهن ”يڪجهتيءَ“ جي نالي ۾ سماج کي ٻوليءَ واد طبقي بنديءَ جو شڪار ڪيو ويندو آهي، جيئن اسان مان اڪثر دوست بيدي کي انڊو چوڻ مناسب ڄاڻندا آهن. ارڙهن کي اٺارهان چوڻ ۾ فخر ڀائيندا آهن يا ڪنهن کي کوجنا يا ڇنڊڇاڻ بدران تشخصي ۽ تجزيه مزيدار لڳندا آهن. ڊگهائي- ويڪرائي ڦاڪ کان طول الارض ۽ طول البلد سٺا لڳندا آهن. گوني ڪنڊ ٽڪنڊي جي جاءِ تي مثلث زاويه قائمه وڌيڪ سندن لفظن ۾ ”برمحل دقيق ۽ فلسفيانه“ لڳندو آهي، پر تاريخ جي ورقن مان سنسڪرت جو موت اڃا نه ميسارجي سگهيو آهي.

چوٿون: عتاب هيٺ آيل ٻولين جي پهچ ۽ پکيڙ جا سمورا رستا بند ڪيا ويندا آهن، جيئن ٻوليءَ جي فطري واڌ ۽ شعور جي وهڪري ۾ وٿي وڌي وڃي. ائين ٻولي هڪ- ڪري واڌ (Regular Expansion) بدران بي ڪبتي يا بي ترتيب واڌ (Irregular Expansion) جو دڳ وٺندي آهي، جنهن ڪري کيس پنهنجي جگري اوسر مان ڪيئي اهم (Vital) واڌ جا فطري ۽ سهنجا اصول وڃائڻا پوندا آهن، جنهن ڪري انهن ٻولين جو معيار، اثر جون حدون، معنيٰ پيدا ڪندڙ سگهه گهٽجي ويندي آهي ۽ ائين فقط ٿورڙيئي عرصي ۾ اڳ ڪتب آيل لفظ يا ته ترڪ ڪيا ويندا آهن يا فقط سرڪاري طرح منظور ڪيل لفظ ورجائي ورجائي ٻوليءَ جي فطري واڌاري، وهڪري، پکيڙ توڙي ان جي اثر کي گهٽايو ويندو آهي. ان جا مثال به سڌا سنوان موجود آهن: پهچ ۽ پکيڙ (Communication) جي ذريعن تي حد بنديون، پهرا، ڦري وٺڻ واري اونڌي لڙڪندڙ ترار، تخليقي عمل تي چوڪيداري ايتري تائين جو ڪيتروئي مواد جيڪو انگريزيءَ يا اردوءَ ۾ سرجيو آهي ۽ جيڪو بندش جوڳو آهي سو ته کليو کلايو ڇپجي پيو. پڙهيو پيو وڃي پڙهايو پيو وڃي، پر ساهه گهٽبو ته سنڌي زبان ۾ لکيل معصوم ۽ اسرندڙ ٻاراڻي ادب کي به نه بخشيو ويندو. انهن حالتن ۾ ٻه چتائي پيدا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، ڇوته اهو سڀ ڪجهه ڏينهن ٻن ۾ ٿي چڪو ناهي هوندو، پر ڏور، پهچ رٿابنديءَ واري عمل وسيلي مرحلن ۾، اڻ لکائيندڙ نموني ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن حالتن ۾ جڏهن ان ٻوليءَ جو پاڻ، بچاءَ واري خاصيت به ختم ٿي ويندي آهي جا ظاهر آهي ته ان جا ڳالهائيندڙ پنهنجي ڳالهه ٻولهه، لکڻين، تخليقي قوتن ذريعي برقرار رکندا آهن؛ تڏهن وڏيءَ ڌام ڌوم سان پنهنجن جي هٿان ان جو جنازو ڪڍيو ويندو آهي.

پر سنڌي ٻوليءَ صدين جي سيلابن کي منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به فقط جاڙ وارين جهڙين تهڙين حالتن جيئڻ بدران زندگيءَ جي ڀرپور مفهوم واري جيوتا جي ڳڻ سان اڏول بيٺي آهي. يعني هن کي فقط ۽ فقط ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻو نه آهي، پر ان جياپي جو پورو پورو حق به ادا ڪرڻو آهي، جيڪو هوءَ نهايت پروقار نموني، وڏي حوصلي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ جي ڪڏهن اسان کي آس جهڙي چٽي حقيقت جيان سنڌي ٻوليءَ جي جيئري هئڻ جي پڪ آهي ته اسان کي بهرحال اهڙيءَ ٻه چتائيءَ کي نه فقط ڏور ڪرڻو پوندو، پر ان سان گڏوگڏ انهن ٿيل سببن تي ويچاري انهن کي پرکي پروڙي ان لاءِ پنهنجي عملي راهه ڳولي هلڻو به پوندو ۽ انهن سمورين غيرفطري هٿرادو رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو، جن جي ڪري اهڙي روش اسان وٽ فيشن جي حيثيت سان داخل ٿي اسان جي روايت ٿيو پوي.

انهن حقيقتن جي چٽي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن بچاڻي صاحب جي انهيءَ حجت کي جيڪڏهن صحيح به مڃيو وڃي ته ان سان اسان کي نه فقط لفظن جي هڪ ڪڙم (Group) کي، پر اهڙن سوين لفظن جي ڌاتن (Roots) مان پيدا ٿيندڙ هزارين ٻئي درجي ۽ ٽئين درجي جي لفظن کي ڏيهي ٻوليءَ جي بنيادي لغوي حيثيت سان بناڪنهن مٽا سٽا جي، جيئن جو تيئن قبولڻو پوندو، جنهن سان ٻوليءَ جي صحت بدران بگڙي ۽ ترت بچاڻيءَ جي صورت به پيش اچي سگهي ٿي ۽ اصل مامرو اتي جو اتي رهيو ٿو ڏسجي يعني ”نانگ نڪتو وڃي ۽ ليڪو پيو ڪٽجي.“

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اها راءِ وڏي سوچ ويچار، ڇنڊ ڇاڻ، جاکوڙ ۽ مطالعي جي عمل مان گذرڻ کان پوءِ پڌري ٿي آهي، پر جيڪڏهن بچاڻي صاحب اڃا به ٿورڙو پنهنجي ئي راءِ جي روشنيءَ ۾ اونهيءَ ويچار کان ڪم وٺي ها ته کيس اڃا به ڪا سڻائي واٽ ملي وڃي ها. مثال طور ”ذڪر، ظاهر، سجدو“ وغيره لفظ ته اسان کي ملي ويا ۽ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪتب به آڻيون ٿا، پر انهن جي عام وهنواري ڳالهه ٻولهه (Daily routine conversation) ۾ داخل ٿي، عام ٻوليءَ جي شعوري ڄاڻ پردي تي اُڪري وڃڻ کان پوءِ اسان جو ڏيهي ذهن جنهن فقط فطري يا عام تعليم پرائي آهي، تنهن انهن لفظن جي باقي صورتن کي جيئن جو تيئن قبولڻ بدران ان ۾ ڏيهي ٻوليءَ جي فطرت آهر، ڦيرگهير آڻي ان کي پنهنجون صورتون، پنهنجون معنائون، پنهنجو سوچ ۽ فڪر جو اندازو ڏنو آهي ۽ انهن مٽيل صورتن کي ڏسي ڪوبه خيام، ڪوبه رازي، ڪوبه شيڪسپيئر، ڪوبه ڪاليداس، رومي، ساحر يا فيض پهرين نظر ۾ اها هام به نه هڻندو ته هي هي لفظ سندس ٻوليءَ کان اڌاري طور ورتل آهي. روميءَ، ٻوليءَ واري ان فطري عمل بابت تڏهن ائين چيو هو ته:

سنديان را اصطلاح سند مدح

هنديان را اصطلاح هند مدح

جيتوڻيڪ اسان جي گهڻن گهڻ گهرن ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو هئو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرتي يا سامي بڻ بڻياد مان ڳولي لهن.

ٻوليون لاشڪ لفظ اڌارا وٺنديون آهن، جيئن سيموئل جانسن انگريزي لغات جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو:

“No dictionary of a living tongue can ever be perfect, Since while it is hasteing to publication, Some words are budding and some falling away.”

پر ان جو مطلب ڪڏهن به اهو ڪونهي ته اڌارڻ جي اصول تي هلندي ٻولي پنهنجي فطري لڇڻ کي ڇڏي پوءِ دڳ وٺي هلي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي ڪو لفظ پنهنجو به ڪيو ته پنهنجي فطري اصول تي پورو ڦهڪائي، جيئن افڪار (فڪر جو جمع) مٽجي فڪر ٿيو، متفڪر مٽجي فڪر وند/ فڪر وند ٿيو، مڪفر (صفتي حالتن ۾ فڪر وارو (ڏاهپ وارو) ٿيو.

ان ڪري اهو هرڪنهن جيئري جاڳندي زبان تي ڇڏيل آهي ته اها پنهنجي فطري گهاڙيٽي آهر ۽ وياڪرڻي اصولن پٽاندڙ نون داخل ٿيندڙ لفظن کي ڪيئن ٿي ڪتب آڻي. مثال طور لفظ بائيسڪل (Bicycle) ڪنهن ٻولي جي لفظ جي حيثيت سان سڃاتو ۽ ڄاتو وڃڻ کان اڳ شيءِ (جنس) جي حيثيت سان ڄاتو ويو. ماڻهن جڏهن سائيڪل (بائيسڪل) پهريون دفعو ڏٺي ته ان کي پنهنجو ڏيهي نالو ڏنائون ”ڪسل- گهوڙو“ پوءِ جڏهن هو ان ”سيءِ“ سان ”لفظ“ جي حيثيت سان لهه وچڙ ۾ آيا ته هنن ان کي اصلي حيثيت ۾ قبولڻ بدران ان جي سادي ۾ سادي صورت Cycle کي ڏيهي وهنواري ٻوليءَ ۾ ”سئينڪل“ ڪري ڪتب آندائون. ائين جيئن عربيءَ ۾ ٽيليويزن کي تلاويزن ڪري ڪتب آندو ويو آهي.

پر ڪن حالتن ۾ اصل لفظن جي هجي، وياڪرڻي بيهڪ، معنيٰ وارو ملهه، ٻوليءَ واڌ کاپو (Utility) ٿي مٽجي ويندو آهي ۽ خاص ڪري اهڙن سماجن ۾ جتي اڻ پيش سماج جي حاڪميت ذهني طرح نه قبولي ويندي آهي ته ان ٻولي جي نفسياتي ڪيفيت ڪنهن حد تائين چڙ ڏياريندڙ، کلائيندڙ، نفرت انگيز حد تائين ان ۾ تبديلي پيدا ڪندي آهي، جيئن مخرج لفظ مٽجي مکرز، مخرز ٿيو ته فقط ايترو پر ان جي معنيٰ اصل کان (آواز جو خارج ڪرڻ) نت ناز سان يا کلائيندڙ آواز پيدا ڪرڻ (جيئن جانور ڪڍندا آهن ٿي پئي؛ جيئن چوندا آهن ته ”تون ته مخريزي پيو ڪرين يا ايڏي مخريزي نه ڪندو ڪجانءِ سدائين انسان ٿي ڳالهائجي.“ ان سموري هاڃي واري وارتا جي اپٽار مان منهنجو مقصد ڪڏهن به اهو نه ورتو وڃي ته اسان کي نون لفظن کي اڇوت سمجهي ”ٽوکٽا“ ڪرڻ گهرجي. ٻوليءَ کي هر نئين ڦيرگهير لاءِ نئين سگهه جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا ضرورت هوءَ نوان لفظ ڏيهي گهاڙيٽي ۾ قبولي پوري ڪندي آهي. سنڌي ٻولي انهيءَ اصول پٽاندڙ پنهنجا لفظ ڏنا آهن ته ورتا به آهن، پر جيئن جو تيئن نه.

 

]هلال پاڪستان ميگزين، 1982ع[