ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574192 ڀيرا پڙهيو ويو |
ترقي يافته توڙي ترقي پذير ملڪن ۾ ماڻهن جي فلاح بهبود، سماجي ڀلائي، ملڪ جي ترقي ۽ آمدنيءَ جي واڌ لاءِ رٿابندي هڪ اهم ۽ بنيادي ضرورت آهي. ان رٿابنديءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ملڪي سطح تي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي آهي. رٿابندي ڪرڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جي ذميواري ملڪ جي سربراهن، سياستدانن ۽ ماهرن (Technocrats) جي هوندي آهي. رٿيل ترقيءَ جي اهميت کي، سڄي دنيا ۾ ماهر تسليم ڪري چڪا آهن ۽ مختلف ضرورتن تحت ان ڏس ۾ حڪمت عمليون تيار ڪندا رهندا آهن.
بدقسمتيءَ سان ابتدا کان ئي اسان جي ملڪ ۾ صحيح رٿابندي ۽ فلاح بهبود يا عام ڀلائيءَ وارن منصوبن ڏانهن گهٽ ڌيان ڏنو ويو، جنهن جو اثر سڄي ملڪ جي ترقيءَ تي پيو آهي ۽ ملڪ جي اقتصاديات مضبوط بنيادن تي بيهي نه سگهي آهي. (نتيجي طور سرمايه دار وڌيڪ سرمايي وارو ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ٿو وڃي). سواءِ چند منصوبن جي، باقي تڙ تڪڙ ۾ يا سياسي مجبورين تحت رٿيل منصوبا پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچي نه سگهيا. ان جو مکيه سبب ڊگهي وقت جي رٿابندي Long term Planning طرف ڌيان نه ڏيڻ آهي. ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اهو بحث منهنجي هن موضوع سان تعلق نه ٿو رکي.
جهڙيءَ طرح، اقتصادي رٿابنديءَ طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو ويو، بلڪل اهڙيءَ طرح پاڪستان جي ماڻهن جي ٻولين جي ترقيءَ، بقا ۽ حيثيت بابت رٿابنديءَ طرف سياسي مصلحتن ۽ وقتي جذبن تحت اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جن جي ڪري ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي قومي ۽ نفسياتي طرح وڏا نقصان رسيا. ”حقيقت ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ٻوليءَ جي رٿابندي، ملڪ جي رٿابنديءَ واري شعبي ۾ گهڻو پوءِ داخل ٿي. البت ٻوليءَ جي بناوت (Structure) تبديلي (Change) ۽ حفاظت (Preservation) بابت رٿابنديءَ (Corpus planning) جي ڪوشش اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري ناڻي بابت رٿابندي.“(1) ٻوليءَ جي رٿابنديءَ کي ويجهڙائيءَ ۾ ئي قومي رٿابنديءَ ۾ اهميت ڏني وئي آهي، جو ڪيترن ملڪن ان ڏس ۾ نيون رٿابنديون ڪري پنهنجي گهَڻَ- ٻولين واري ملڪ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو سائنسي ۽ عملي بنيادن تي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. تجربن اهو ثابت ڪيو آهي ته قومي رٿابنديءَ ۾ ٻوليءَ جي شموليت عام ترقيءَ جي رٿابنديءَ جو هڪ اهم حصو ۽ هڪ ٻئي تي آڌاريل آهي.
هن مضمون جو مقصد پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي رٿابندي، پاليسي ۽ ان تي عمل جو جائزو وٺڻ آهي. پر ان کان اڳ اهو ضروري آهي ته رٿابنديءَ بابت ڪي بنيادي وضاحتون پيش ڪجن. ٻوليءَ جي رٿابندي سماجي لسانيات جو هڪ اهم حصو آهي، تنهن ڪري ٻوليءَ جي رٿابنديءَ کي سمجهڻ کان اڳ ”سماجي لسانيات“ جو سمجهڻ ضروري آهي.
جيئن اصطلاح مان ئي ظاهر آهي ته، سماج ۽ لسانيات جي ترتيب وار يا سماج ۽ ٻوليءَ جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي مطالعي کي، ”سماجي لسانيات“ چئي سگهجي ٿو. علم لسانيات ۾ سماجي لسانيات جو اصطلاح ذري گهٽ نئون آهي. هن اصطلاح جو پهريون استعمال ڪيوراءِ (Curri) 1952ع ۾ ڪيو. هرزلر (Hertzler) جي بيان مطابق ”اوڻيهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٻولي ۽ سماج جي حوالي سان ڪجهه مطالعا ڪيا ويا ۽ اهي ڇپيا به ويا“(2)، پر ان ابتدائي ڪوشش کي اڄ جي سماجياتي لسانيات جا ڄاڻو ڪا اهميت نه ڏيندي هن ميدان ۾ گذريل 20-25 سالن کان ڪيل تحقيق کي شمار ڪن ٿا. سماجي لسانيات جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ ڪن اهم عالمن جا نالا پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:
برلنگ 1970ع، پرائيڊ 1971ع، فشمين، 1972ع، رابنسن 1972ع، ٽرڊ گل 1974ع، پلاٽ ۽ پلاٽ 1975ع، بيل 1976ع، ڊٽمبر 1976ع، وارڊ هاگ 1976ع.
هن موضوع تي گهڻو تڻو ڪم 1968ع کان 1976ع واري عرصي ۾ اُسريو ۽ دلچسپيءَ جو سبب بڻيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي موضوع ڪيترو نه نئون آهي، پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته سماج جي تعلق سان ٻوليءَ جو مطالعو ڪو 1960ع جي ايجاد آهي، ڇاڪاڻ ته لهجن، محاورن، ڪلچر ۽ لفظن جي معنويت جي لحاظ کان تحقيق جي ڊگهي روايت آهي، جنهن کي سماجي لسانيات جي مَدَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. (سنڌي لسانيات جي علم ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو آرٽيڪل ”سنڌي ٻوليءَ جي سماجيات تي اسلامي ثقافت جو اثر“ ۽ الهداد ٻوهيي جو پي. ايڇ ڊيءَ لاءِ ڪيل ڪم ۽ ٿيسز ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ سماجي لسانيات ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جڏهن ته محمد عمر چنڊ جي ڪتاب ”ٻوليءَ جون آراڌايون“ ۾ سماجي لسانيات جو ذڪر ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ ڀارت جي سنڌي عالم، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالي “Acculturation of Indian Sindhi into Hindi” کان علاوه سندس ٻيا انيڪ تحقيقي مقالا هن موضوع سان واسطو رکن ٿا. نئين ڳالهه صرف ان ۾ وڌيل دلچسپي ۽ ان حقيقت جي پروڙ يا مڃتا آهي ته ان ذريعي ٻولي ۽ سماج جي اصليت تي چڱيءَ طرح روشني وجهي ڪيترائي منجهيل مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
ٻولي ڪي قدر سماجي حالتن ۽ مامرن جو پرتوو آهي. تنهن ڪري سماجي سائنسدانن جي کوجنا لاءِ مفيد ثابت ٿئي ٿي. ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو، ان جي ڳالهائيندڙن جي ضرورتن، تجربن ۽ ماحول جي چٽي تصوير ٿئي ٿو. (اها ڪا عجيب ڳالهه نه ٿيندي جيڪڏهن اسان اهو چئون ته سماجي ناتن رشتن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي يا ٻين ڪيترين ٻولين کان وڌيڪ لفظ آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ٻٽا لفظ “Compound words” نه آهن.) ٻولي سماجي گهاڙيٽي بابت به ڪيتريون ئي شاهديون مهيا ڪري ٿي. رشتن ناتن، عقيدن، قاعدن ۽ قدرن جي مطالعي مان مختلف نسلي ۽ سماجي گروهن ۾ استعمال ٿيندڙ محاورن ۽ اصطلاحن ذريعي عورتن ۽ مردن ۾ استعمال ٿيندڙ الڳ الڳ محاورن ۽ اصطلاحن ذريعي پڻ سماجي گهاڙيٽي بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙي قسم جي سمورين ڪوششن کي سماجي لسانيات جي مطالعي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ ڪجهه تشريحون هيٺ ڏجن ٿيون:
لسانيات ۽ صوتيات جي لغت مطابق .سماجي لسانيات، لسانياتي علم جي اها شاخ آهي، جنهن ذريعي سماج ۽ ٻوليءَ جي وچ ۾ سڀني لاڳاپن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. سماجي لسانيات جا ڄاڻو، سماجي گروهن جي لساني سڃاڻپ، ٻوليءَ ڏانهن سندن سماجي رويو، معياري ۽ غيرمعياري جوڙجڪ، قومي ٻوليءَ جي استعمال جون گهرجون ۽ گهاڙيٽو (Needs and Pattern) سماجي آراڌايون (Varieties) ۽ سطحون، گهڻ ٻولي سرشتي جي سماجي مدار وغيره جي علم جو مطالعو ڪري سگهن ٿا. سماجي لسانيات کي ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي سماجي علم طور واضح ڪري سگهجي ٿو، پر اها تشريح لساني بدران سماجي ٿيندي.“(3)
سماجي لسانيات جا ڪيترائي پاسا آهن. ٻوليءَ جي رٿابنديءَ ان جو هڪ اهم پاسو آهي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون ڪنهن ملڪ يا قوم جي ترقي، سڃاڻپ ۽ علمي اهميت سان آهي. ٻوليءَ جي رٿابنديءَ کي مختلف عالمن هيٺين طرح واضح ڪيو آهي:
”ٻوليءَ جي رٿابنديءَ جي اصطلاح مان مراد آهي، ٻوليءَ بابت دانشورن ۽ ادارن جو رواجي ڪم جنهن کي عام طور “Language Cultivation” چئجي ٿو، جنهن موجب ڪنهن ٻوليءَ ۾ سڌارا آڻي، وڌائي، نون لفظن ۽ اصطلاحن جي ايجاد ڪري، جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻائڻ جون ڪوششون شامل آهن“.(4)
”رٿابنديءَ کي ڪا مقبول ۽ خاص لسانياتي مصروفيت طور نٿو پيش ڪري سگهجي. پر سماج ۾ ٻوليءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي سياسي ۽ انتظامي ڪوشش ڪوٺي سگهجي ٿو.(5)
ٻوليءَ جي رٿابنديءَ جو اصطلاح قومي سطح تي ٻوليءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ منظم ڪوشش طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو(6).
ٻوليءَ جي رٿابندي، موجوده ٻولين کي قائم دائم رکڻ جو ۽ نين عام (Common) علاقائي، قومي يا بين الاقوامي ٻوليون تخليق ڪرڻ جو هڪ سٽائتو عمل آهي(7).
ٻوليءَ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ وقت ٻولي سيکارڻ ۽ ان جي استعمال بابت حڪمرانن کي اهڙا محتاط فيصلا ڪرڻ گهرجن، جيڪي ايندڙن لاءِ رهنمائيءَ جو ڪارڻ ٿين(8).
انسان جي باقاعدي استعمال ۾ ايندڙ شين ۾ ٻولي هڪ اهم ۽ ضروري شيءَ آهي. انسان شروع کان ئي ٻوليءَ جو استعمال ڪندو آيو آهي ۽ ٻولي هميشه انساني زندگيءَ جو لازمي جزو رهي آهي. تصويري ٻولي، لکيل ٻولي، ڇپيل يا اُڪريل ٻولي، توڙي ڳالهائجندڙ ٻولي؛ ٻوليءَ ذريعي ئي انسان ٻين انسانن سان لاڳاپيل رهيو آهي. ٻوليءَ جو ترتيب وار ۽ بيروني مطالعو (Objective Study) ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. ٻوليءَ بابت بحث هميشه جهڳڙن ۽ ملامتن جو باعث بڻيو آهي. ٻولي هرڪنهن جي آهي، جيڪا هرڪنهن سان واسطو رکي ٿي، تنهنڪري هرڪو عام خاص اهو سمجهي ٿو ته ٻوليءَ بابت کيس پنهنجو رايو رکڻ ۽ ڏيڻ جو حق آهي. ٻولي به سياسي ۽ سماجي علم وانگر، عام ماڻهوءَ جي روين مطابق ۽ ملڪيت آهي، جنهن جي استعمال بابت اختلاف يا تنقيد ڪرڻ تمام سولو آهي. ڇاڪاڻ ته سماج، سماجي ۽ سياسي رويا، ڪنهن به لحاظ کان تنقيد کان مٿانهان ڪونه آهن، تنهنڪري هرڪنهن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو حق آهي. پر جڏهن راين ۾ اختلاف ٿئي ٿو ته مسئلو جذباتي ٿي، وڃي جهيڙي تائين پهچي ٿو. سنڌي، اردو توڙي انگريزيءَ ۾، ننڍن يا ٻوليءَ جي رٿابنديءَ بابت اهم مسئلن تي اختلافن جا ڪيترائي مثال ملندا، جيڪي علمي بحث مان وڌي ذاتي جهڳڙن ۽ وڻت اڻ وڻت تي ختم ٿيا آهن.
ٻوليءَ جو ترتيب وار علم ’لسانيات‘ ئي آهي، جيڪو انساني پرک جي قوت تي اثرانداز ٿئي ٿو. ڪنهن شخصيت جو تجزيو ڪرڻ سندس ذهانت، سماجي رتبي، تعليمي معيار، ڪم جي اهليت، گروهي وابستگي ۽ ٻين ڪيترن سڃاڻپ جي ميدانن ۽ سماجي حيثيتن جو مطالعو لسانيات جي علم ذريعي ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ٻوليءَ جي استعمال تي ڪٺورتا سان حملو ٿئي ٿو، ته نتيجي طور ڪنهن کي ڏکوئڻ يا پنهنجو ڏکوئجڻ نهايت سؤلو ٿي پوي ٿو. مثال طور جڏهن ڪو لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد جو ماڻهو حيدرآباد يا سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن معياري ٻولي ڳالهائيندڙ يا پڙهيل ماڻهو اڳيان ”ڇ“ جو اُچار ”ش“، يا ”ف“ جو اچار ”ڦ“ ڪري اُچاري ٿو، يا وري سکر يا شڪارپور جو سنڌي، ارڙهن بدران ”اٺاره“ ڪري اُچاري ٿو، ۽ معياري ٻولي استعمال ڪندڙ سندس ان ڳالهه کي نظرانداز نه ڪندي، سندس اُچار کي غلط چئي ڏئي ٿو، يا ٽوڪ ڪري ٿو، تڏهن ان ماڻهوءَ جا احساس ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۽ رويي بابت ويچار نهايت ڏکوئيندڙ ٿين ٿا. ساڳيءَ طرح لاڙي ماڻهوءَ جو اتراديءَ سان ۽ وچولي ڳالهائيندڙ جو ٿري لهجي ۾ ڳالهائيندڙ سنڌي ماڻهوءَ سان معمولي اُچاري اختلاف ۽ ان طرف ڌيان ڇڪائڻ، ڪيترن کي گهٽ ۽ ننڍو هجڻ جو احساس ڏياري ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو، ساڳئي علائقي يا حدن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻي ٻوليءَ کي جيڪڏهن مادري ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ وانگر نٿو اُچاري ته اها ڪا لساني طرح گهٽتائي ڪونه ليکبي. ان سلسلي ۾ اردوءَ جي شاعر جوش مليح آباديءَ بابت ڪيترائي واقعا مشهور آهن ته جڏهن ڪير غلط اردو ڳالهائيندو يا اُچاريندو هو ته اُن وقت ئي ٽوڪي، جذباتي ٿي ويندو هو.
هتي سماجي لسانيات جي ڄاڻو ۽ پنهنجي استاد پروفيسر پيٽر ٽرڊ گِل (Peter Trudgill) جي اها راءِ ورجائڻ مناسب ٿو سمجهان ته، ”گذريل ڏهاڪي کان لسانيات جا ڄاڻو دنيا جي ٻولين جو چڱو چوکو حصو مطالعي ۾ آڻي چڪا آهن ۽ ان مطالعي مان ان راءِ تي پهتا آهن ته ڪنهن به ٻوليءَ کي سٺو يا خراب چوڻ جو ڪوبه لسانياتي سبب ڪونه آهي. مڙئي ٻوليون هڪ جيتريون ئي سٺيون آهن. ڪنهن هڪ ٻوليءَ کي ٻيءَ کان مٿانهون سمجهڻ لاءِ ڪوبه علمي معيار ڪونه آهي. مڙئي ٻوليون گهڻ پاسائون (Complexed) آهن، جيڪي پنهنجي ڳالهائيندڙن جون سڀئي گهرجون پوريون ڪن ٿيون“(9).
اها ساڳي راءِ هڪ ئي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ محاورن جي استعمال بابت پڻ اهميت رکي ٿي. ڪاڪو ڀيرومل پڻ ان راءِ جو آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه لهجو يا اُپڀاشا سٺي يا خراب، گهٽ يا وڌ ڪونه آهي. هر اُپڀاشا جو پنهنجو ميٺاج ۽ خاصيت آهي. رڳو ڪن خاص سببن يا حڪومتي ادارن جي ويجهو هئڻ ڪري هڪڙي علائقي جي ٻوليءَ کي ٺيٺ، کري يا معياري ڪري سمجهيو وڃي ٿو، نه ته ڪابه هوند ڪنهن به علمي معيار کان گهٽ نه آهي“(10).
لهجن جي اهميت ۽ حيثيت بابت پروفيسر پيٽر ٽرڊگل جي راءِ آهي ته: ”ڪنهن به هڪ لهجي ڳالهائيندڙ کي، ٻئي لهجي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چوڻ ڪنهن به طرح مناسب نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ان لهجي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته هُو پنهنجي سمجهه جي قوت وڌائي، نه ڪي ڳالهائيندڙ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري. هڪ لهجي کي ٻئي ۾ تبديل ڪرڻ لسانياتي لحاظ کان اڻ ٿيڻي آهي. ٻوليءَ جا مختلف لهجا ان ٻوليءَ جي سونهن آهن.“(11).
لسانياتي علم جا ڄاڻو ان راءِ جا آهن ته سڀئي ٻوليون ماڻهن جي گهرجن مطابق اُسريون ۽ نسريون آهن ۽ سڀئي هڪ جهڙيون ۽ برابر آهن، پر لسانيات جي ڄاڻن جي ان علمي راءِ کي، لسانيات جو سائنسي مطالعو نه ڪندڙ يا اڌي گابري لساني تعليم حاصل ڪندڙ يا وري مختلف تعصبن، نفرتن ۽ محبتن جي بنياد تي راءِ قائم ڪندڙ ماڻهو، وقت به وقت ٿڏيندا يا رد ڪندا رهيا آهن، جنهن ڪري لسانيات جي ڄاڻن جي ان علمي راءِ کي وقت به وقت علمي دليلن سان دفاع جي ضرورت ٿيندي رهي ٿي. ”ڪابه ٻولي اندروني بناوت جي لحاظ کان محدود، گهٽ مان مرتبي يا مڪمل اظهار کان اڻ پوري يا معذور نه آهي. مڙيئي ٻوليون پنهنجي ڳالهائيندڙن جون سماجي ۽ نفسياتي گهرجون پوريون ڪن ٿيون ۽ سائنسي علم لاءِ پڻ هڪ جيتريون لائق يا اهل آهن. اُهي سماجي ۽ انساني فطرت بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ جو ذريعو آهن.“(12)
ٻوليءَ بابت مختلف عالمن توڙي ڄاڻ رکندڙن ۾ ڪيترائي غيرعلمي ۽ غيرسائنسي مفروضا ۽ تصور قائم ٿيل آهن ته ڪجهه ٻوليون اڻ سڌريل يا جهنگلي ۽ گهٽ ترقي يافته آهن. سادي يا عام گرامر، ٿورن آوازن (Sounds) ۽ گهٽ لفظي ذخيري وارين ٻولين کي ان مد ۾ آڻين ٿا، جن جي ڳالهائيندڙن کي اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اشارن کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. پر اهو ثابت نه ڪري سگهيا آهن ته اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ رهن ٿا، جو اڄ تائين دنيا جي نظر کان لڪل آهن، جڏهن ته انسان کوجنا جي جستجو ۾ چنڊ کي به لتاڙي چڪو آهي. هتي سنڌي ٻوليءَ جي عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ راءِ ۽ ان تي بحث جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن مطابق ”اسان جي هاڻوڪيءَ زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان بنيل هئا، يعني ته منجهس حروف علت بلڪل ڪم هئا، يا مورڳو نه هئا... ماضيءَ جي مطالعي مان ڀانئجي ٿو ته عربيءَ جي اثر کان اڳ، سنڌي الفاظ اڪثر حروف صحيح جا مرڪبات هئا“(13). ان راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ ”ڪڪڙ“ ۽ ”گدڙ“ وغيره جا مثال ڏنا اٿائين. ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ جو ذڪر ڪندي سراج لکي ٿو، ”هيءُ صاحب انهن لفظن کي انگريزيءَ ۾ لکي ڏسي ها، ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته انهن لفظن ۾ ٽن حروف صحيح کان سواءِ اوترائي حروف علت موجود آهن.“(14) ٻوليءَ جو ٻيو عالم محمد حسين پنهور ان بابت چوي ٿو ته، “Sindhi had vowels as is clear from “Chachnama” which gives Sindhi names like, Channa, Moka, Sehta, Jatt, Med, Dahar, Jaisina, Debel, Nerun, Alore and many others”(15).
لسانيات جو علم گهڻو ڪري ڳالهايل ٻوليءَ تي مدار رکي ٿو. لکت جي اهميت ٻئي نمبر تي آهي. ٻولي ماڻهو ڳالهائين ٿا. اها انهن جي وات مان آواز جي صورت ۾ نڪري ٿي ۽ صوتيات جي علم مطابق ڪابه اهڙي ٻولي ڪونه آهي، جنهن ۾ آواز نه هجن، پر جيئن ته سنڌي ٻولي عربي لکت ۾ آهي، تنهن ڪري اُن جا آواز عربي مطابق ”زير“، ”زبر“، ”پيش“ جي صورت ۾ لکجن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪن ٻولين ۾ آوازن کي لکڻ لاءِ حروف علت نه هجن، پر هر ٻوليءَ جي اندروني بناوت جاچڻ سان خبر پوندي ته ان ۾ آواز موجود آهن. البت ڪن ٻولين جي صورتخطيءَ ۾ انهن کي لکيل صورت حاصل آهي ته ڪن ۾ نه. هتي حروف صحيح (Consonants) ۽ حروف علت (Vowels) جي تشريح پڙهندڙن لاءِ ضروري آهي. اندرين هوا ڳالهائڻ واري حصي (Oral cavity) ۾ ڪنهن به هنڌ رُڪجي ته ان آواز کي چئبو ”حرف صحيح“ ۽ جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ان حصي جي گول يا تراکڙي صورت جي آڌار تي هوا ٻاهر نڪري ته اهو آواز سڏبو ”حرف علت“. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ جي اهڙي راءِ رکڻ مان مراد سنڌي ٻوليءَ جي نندا ڪونه آهي، پر ٻوليءَ جي صوتياتي علم ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ آهي.
اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي محبت ۾ سنڌي ليکڪا، پوپٽي هيراننداڻي، سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري، ان کي افضل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙين دعوائن جي ڪابه علمي يا لسانياتي حيثيت ڪونه آهي. مثال طور هوءَ هڪ هنڌ چوي ٿي، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي سڀني ٻولين جا اُچار اچي وڃن ٿا“(16). سنڌيءَ ۾ ٻين ڪن ٻولين جي ڀيٽ ۾ رڳو چار ٻٽا آواز ٻ، ڄ، ڌ، ڳ وڌيڪ آهن. انهن جي آڌار تي اهڙي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي.
تهذيب يا ثقافت ڪيتري به سڌريل يا اڻ سڌريل، آڳاٽي يا قديم ڇونه هجي، پر ٻوليون هر وقت پنهنجي ڳالهائيندڙن جي گهرجن مطابق پوريون هيون. تنهن ڪري ڪا قوم ته سڌريل يا اڻ سڌريل ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن به ٻوليءَ بابت اهڙي راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪنهن خاص شيءِ ۾ لفظي کوٽ آهي، پر ان جو مطلب آهي ته اها ايجاد ان قوم جي نه، پر ٻاهران آيل آهي. ان ڪري عالمن، ٻوليءَ جي ماهرن لاءِ ضروري آهي ته ان لاءِ لفظ ايجاد ڪن يا جنهن قوم اها ايجاد ڪئي آهي، ان جي ٻوليءَ واري نالي کي برقرار رکن. ائين ڪرڻ سان ٻوليءَ جي ڪابه گهٽتائي نٿي ٿئي.
مختلف وقتن تي، ڪي خاص حلقا، ڪن خاص ٻولين کي گهٽ ترقي يافته ۽ مختلف وڏون ڪڍي اڻ سڌريل چئي، انهن کي سندن اصل مقام تان هٽائڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي مختلف دليل ڏئي، ڪن ٻولين کي عظيم ۽ مڙئي رابطي جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو اهل سمجهي، عجيب جاهلاڻا، غيرلسانياتي ۽ مذهبي جذبا اُڀاريندڙ دليلن سان، قدرتي طرح عظيم ٻولي قرار ڏئي، ماڻهن جي حقيقي مادري ٻولين مٿان ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. عام طور ماڻهن جو اهو عقيدو هوندو آهي ته سندن ٻولي ٻين ٻولين کان مٿانهين ۽ عظيم آهي، پر علمي طرح اهڙي تصور يا ويچار جي ڪابه حيثيت ڪونه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو ڪنهن خاص ٻوليءَ کي اهميت ڏيارڻ لاءِ مختلف دليلن کان ڪم وٺندا هجن، مثال طور ته، هيءَ ٻولي تمام قديم، منطقي، گهڻي علمي مواد واري يا خدا تعاليٰ جي ٻولي آهي يا وري اُچارڻ ۾ سولي ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اثر واري آهي. جيئن عربي ڳالهائيندڙ اهو چئي سگهن ٿا ته سندن روايتي (Classical) عربي تمام خوبصورت ۽ منطقي آهي. ڪابه ٻولي گرامر جي خوبصورتي ۽ لفظي ذخيري ۾ ساڻس برميچي نه ٿي سگهي. اها مذهبي ٻولي هجڻ سان گڏ ڪلام پاڪ جي ٻولي آهي، جيڪا اسلام جي سچائيءَ بابت معجزاتي شهادت پيش ڪري ٿي. ان ئي سبب ڪري خدا تعاليٰ ان ٻوليءَ کي پيغمبر عليه السلام جي اظهار لاءِ چونڊيو. هيءَ ٻولي ئي آخرت ۾ استعمال ٿيندي، تنهن ڪري سڀني ٻولين کان مٿانهين ۽ اُتم آهي.
اهڙي قسم جا ويچار هندو، سنسڪرت لاءِ يهودي، عبرانيءَ لاءِ رکي سگهن ٿا. خاص ڪري ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾، ساڳيءَ طرح جرمن ڳالهائيندڙ جرمني ٻوليءَ کي سڀني کان اُتانهون سمجهن ٿا، جو سندن عقيدي موجب حضرت آدم عليه السلام باغ عدن ۾ جرمن ڳالهائي هئي(17). اهڙيءَ طرح سياسي، سماجي ۽ مذهبي اثرن ۽ عقيدن جي حوالي سان ڪيترائي رايا ٿي سگهن ٿا. پر علم لسانيات جي حوالي سان انهن جي ڪابه علمي حيثيت نه آهي.
پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي مسئلي کي منجهائڻ خاطر ڪن ٻولين کي مذهب جي آڙ، قومي ٻڌي ۽ حب الوطنيءَ جي نالي ۾ نه صرف تحفظ ۽ ترقي ڏيڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، پر ٻين قومي ٻولين تي مڙهڻ جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. مولانا ٿانويءَ جي هيءَ فتويٰ ته ”هن وقت اردو ٻوليءَ جي حفاظت دين جي حفاظت آهي، تنهن ڪري هن جي حفاظت لاءِ وس آهر ڪوشش ڪرڻ خدا جي اطاعت (حڪم جي بجاآوري) برابر آهي ۽ ان ۾ غفلت ڪرڻ وارن کان آخرت ۾ پڇاڻو ٿيندو.“(18) ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ انهن جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ کان علاوه، ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جي جذبن سان کيڏڻ ۽ ٻين ٻولين جي حقن ۽ اهميت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.
ٻولي سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ جذباتي مسئلو بڻيل آهي ۽ هر ملڪ جي حڪمرانن ٻوليءَ جي مسئلي کي تمام هوشياري ۽ عقل منديءَ سان حل ڪري ملڪ ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ گروهن يا قومن کي برابري جي بنياد تي استوار ڪري هلائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته قومي ٻڌي ۽ ترقيءَ جو دارومدار گهڻو ڪري مواصلاتي ذريعن جي تعداد ۽ خاصيت (اهليت) تي ٿئي ٿو. ۽ ٻولي سمورن مواصلاتي ذريعن ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. قومن ۽ ملڪن جا ليڊر يا حڪمران مواصلاتي ذريعن جي ان اهميت کان اڻ واقف ڪونه آهن. پر ڏسجي ٿو ته اسان وٽ ان مسئلي کي خاص اهميت نه ڏئي مستقل حل ڪرڻ جي ڪوشش کان پئي نٽايو ويو آهي. وقتي طرح ڪنهن خاص ٻوليءَ کي اهميت ڏئي سياسي مصلحتن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر لسانياتي بنيادن تي ٻوليءَ جي رٿابندي ڪري مستقل حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته ٻوليءَ جو مسئلو وقت به وقت ملڪ يا صوبائي سطح تي حڪومت جي لاءِ مٿي جو سور بڻبو رهيو آهي ۽ ڪيترين انساني جانين ۽ قومي ملڪيتن جي تباهيءَ جو ڪارڻ پڻ ٿيو آهي.
هر سماجي گروهه پنهنجي ٻوليءَ کي اهم حيثيت ۾ ترقي ڪندي ڏسڻ گهري ٿو ۽ ان لاءِ ڪنهن به قسم جي جدوجهد ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪيٻائي نٿو. انهن جذبن ۽ جدوجهد کي مختلف سياسي فيصلن يا دٻائن جي ذريعي وقتي طرح ته حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي، پر مستقل حل لاءِ شعوري، علمي ۽ اصولي ڪوشش ڪري ٻوليءَ بابت رٿابندي ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هتي پاڪستان جي ابتدا کان وٺي ٻوليءَ بابت پاليسيءَ جو ٿلهي ليکي جائزو وٺڻ ضروري ٿو سمجهان.
هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هونئن ته ان وقت شامل سمورن علائقن جا ماڻهو هئا، پر هندو آباديءَ جي اڪثريت وارا علائقا ان ۾ سڀ کان اڳرا هئا. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ صرف انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ مقصد هو، پر جيئن جيئن آزاديءَ جا آثار نظر اچڻ لڳا تيئن آزاديءَ کان پوءِ جي ملڪي پاليسيءَ بابت پڻ مختلف سياستدان مختلف نظريا کڻي ظاهر ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هندستان ۾ انگريزيءَ جي جاءِ تي ڪن حلقن طرفان هندي رائج ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هنديءَ کان علاوه هندستان جي ٻين ٻولين جا ڳالهائيندڙ نه صرف اڪثريت ۾ هئا، پر کين اهم حيثيت حاصل هئي. (مهاتما گانڌي گجرات مان، تلڪ مهاراشٽر مان، راج گوپال اچاريه مدراس مان وغيره) ٻئي طرف اڪثريتي هندي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ اردو ڳالهائيندڙ مسلمان ڪنهن به صورت ۾ هنديءَ کي هندستان جي سرڪاري يا قومي ٻولي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. (اردو ٿورڙن آوازن ۽ گرامر جي لحاظ کان هنديءَ کان ڪجهه مختلف آهي جڏهن ته صورتخطي بلڪل جدا آهي.) هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ گانڌيءَ جي شامل ٿيڻ کان پوءِ، گانڌي هندستان جي سرڪاري ٻوليءَ جي حل لاءِ هندستان ۾ واپرائجندڙ ڪنهن هڪ ٻوليءَ بدران اردو ۽ هندي ٻولين جي ميلاپ سان هندوستاني ٻوليءَ جي استعمال لاءِ انڊين نيشنل ڪانگريس جي 1925ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان ٺهراءُ مطابق:
“The proceedings of the Congress shall be conducted as far as possible in “Hindustani”. The English language or any provincial language may be to speak “Hindustani used if the speaker is unable or when ever necessary”(19)
پر مختلف قومون ڪنهن به طرح پنهنجي قومي ٻولين تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح ڪا هڪ ”هندستاني“ ٻولي نه ٿي سگهي، (1967ع ۾ ڀارت جي آئيني اٺين شيڊول مطابق ٻوليءَ جي رٿابنديءَ تي عمل ڪندي 15 ٻولين کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وئي. جڏهن ته هندي ۽ انگريزي سرڪاري لک پڙهه لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.)
هندوستان جي هندي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ ٻي وڏي گهڻائي اردو ڳالهائيندڙن جي هئي، جيڪا اتي رهندڙ مسلمانن جي مادري زبان هئي. جڏهن هندستان لاءِ هنديءَ جا مطالبا زور وٺڻ لڳا، تڏهن انهن ئي علائقن ۾ مسلمانن وري اردو جي حمايت ۾ دليل ڏنا. اهڙيءَ طرح جڏهن مسلم ليگ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ پاڪستان جو مطالبو ڪيو، تڏهن ان جي قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ لاءِ اردوءَ جي حمايت ڪئي.، پر مسلم ليگ پاڪستان ۾ جيئن ته اردوءَ کي ئي قومي ٻولي طور رائج ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، تنهن ڪري پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان تي ڪنهن به ويچار جي ضرورت محسوس نه ڪئي، ۽ اردوءَ کي ئي قومي ٻولي طور چونڊيو. ڪجهه ماڻهن ان سلسلي ۾ آواز اُٿاريو ته باباءِ قوم محمد علي جناح اهڙن ماڻهن کي ننديندي ڊاڪا ۾ اعلان ڪيو ته:
“…… Let me make it very clear to you that, the state language of Pakistan is going to be Urdu and no other language. Any one who tries to mislead you is really the enemy of Pakistan.”(20)
آزاديءَ ۽ مذهبي جذبي تحت جيڪو اتحاد ماڻهن ۾ پيدا ٿي چڪو هو، ان تحت ڪنهن به ڌُر يا قوم ان وقت ته اردوءَ جي قومي يا سرڪاري حيثيت کي رد نه ڪيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ جيئن ئي ترقي ۽ سياسي نظام ۽ ٻيا مختلف مسئلا سامهون آيا، تڏهن قومي ٻوليءَ لاءِ پڻ مسئلا کڙا ٿيندا ويا. (پاڪستان جي پنجن ئي صوبن مان ڪنهن هڪ جي به مادري يا حقيقي زبان اردو ڪونه هئي، پر بنگال جي بنگالي، پنجاب جي پنجابي، سنڌ جي سنڌي، بلوچستان جي بلوچي ۽ سرحد جي پشتو هئي. البت پاڪستان ٺهڻ وقت جيڪي ماڻهو هندوستان جي هندي اڪثريت وارن علائقن مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اچي وسيا، انهن مان گهڻائيءَ جي مادري زبان اردو هئي، جن جو پاڪستان جي آباديءَ ۾، 7.6% حصو هو، جڏهن ته بنگالي 54.6% هئا)(21).
ڪنهن به ٻوليءَ کي ڪنهن به مذهب سان وابسته نٿو ڪري سگهجي. ائين ڪرڻ سان مذهبن جي آفاقيت کان انڪار ٿيندو. ڪابه ٻولي ڳالهائيندڙ ڪوبه مذهب اختيار ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ ڪنهن خاص ٻوليءَ جو ڄاڻڻ ضروري نه آهي، پر مذهبي ۽ ملڪي ٻڌيءَ لاءِ، ان ڳالهه کي اهم سمجهي پاڪستان جي ليڊرن اردوءَ کي قومي ٻوليءَ طور رائج ڪيو. درحقيقت پاڪستان جو مطالبو ڪندڙ جماعت مسلم ليگ شروع کان ئي ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ته پاڪستان مان مراد آهي هندستان جو ورهاڱو ۽ انگريزن ۽ هندن به ان کي ورهاڱي سان تعبير ڪيو ۽ اصل تاريخي حقيقتون وساري ويٺا ته جن علائقن تي پاڪستان مشتمل ٿيندو اُهي ڪڏهن به هندوستان جو حصو ڪونه رهيا آهن. انهن جي هميشه الڳ، خودمختيار ۽ قدرتي حيثيت رهي آهي. اهي ڪڏهن به گنگا جمنا تهذيب جي اثر هيٺ نه رهيا آهن. انهن جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي تهذيب رهي آهي. وقتي طرح ڪجهه علائقن تي هندستان يا ٻين ملڪن ۽ قومن قبضو ته ڪيو آهي، پر اهي ڪڏهن به انهن جو اڻٽٽ حصو نه رهيا آهن. انگريزن پڻ انهن ملڪن تي الڳ الڳ قبضو ڪري انتظامي سهولت خاطر “All- India” يا گڏيل هندستان جو نالو ڏنو. پاڪستان جو ٺهڻ دراصل هندستان جي ورهاڱي سان تعبير نه ڪرڻ گهرجي، پر بنگال، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي آزادي، سمجهڻ گهرجي. جن علائقن تي پاڪستان مشتمل ٿيو آهي، انهن جون پنهنجون ٻوليون ۽ قومي ڪلچر آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن ٻولين يا ثقافتن کي پاڙئون پٽي نٿو سگهجي.
بهرحال جيئن ئي آزادي ۽ مذهبي جوش جا جذبا ماٺا ٿيا تيئن ٻين اقتصادي مامرن کان سواءِ ٻوليءَ جو مسئلو وڌي وڻ ٿيڻ لڳو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ”بنگال بنگالي ٻوليءَ جي بنياد تي هڪ ٿي، پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي درجي ڏيارڻ ۽ آباديءَ جي نسبت سان پنهنجي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حقن جا مطالبا ڪرڻ لڳو. هنن وڏي پيماني تي بنگالي ٻوليءَ جي مڃتا ۽ حقن لاءِ پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ ئي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان تحريڪ ۾ ڪيترين انساني زندگين کان سواءِ، ڪيترين قومي ملڪيتن جو زيان ٿيو“(22). ان هلچل جي نتيجي ۾ پاڪستان جي آئيني اسيمبلي 1956ع ۾ بنگاليءَ کي اردوءَ سان گڏ سرڪاري ٻولي ڪري تسليم ڪيو. اهو فيصلو صرف بنگالين جي دٻاءُ ۽ هلچل جي نتيجي ۾ ٿيو، نه ڪي ماڻهن جي حقيقي فطري ٻوليءَ جو جائز حق تسليم ڪرڻ ڪري. ان وقت ئي حڪمرانن جا ڪن اُڀا ٿيڻ کپندا هئا. باهه کي تيل ڏيکارڻ وارو ڪم وري ون يونٽ قائم ڪرڻ واري عمل سان ڪيو ويو، جنهن تحت صوبن جي اصل نالن کي ختم ڪري اوڀر بنگال کي مشرقي پاڪستان ۽ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان کي مغربي پاڪستان نالو ڏنو ويو ۽ اصل نالن استعمال ڪرڻ تي پابندي وڌي وئي. (ڪيترن عالمن ۽ محققن به ”سابق سنڌ“ ۽ ”سابق پنجاب“ ڪري پنهنجن ڪتابن ۽ مقالن ۾ ذڪر ڪيو!) سنڌ صوبو به لسانياتي رٿابندي نه ٿيڻ ڪري متاثر ٿيو. سنڌ جي ٻولي ”سنڌيءَ“ جا اهڃاڻ قديم زماني کان ملن ٿا. لسانيات جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته جنهن به ايراضيءَ ۾ ڪي ماڻهو رهن ٿا، اهي هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪن ٿا، اها ان گروهه جي قومي ٻولي آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران مليل قديم آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان 5000 هزار سال اڳ به سنڌ ۾ ماڻهو رهندا هئا، جن جي تهذيب يافته هجڻ ۾ ته ڪو شڪ ڪونه آهي، پر سموري انسانيت ان تهذيب تي فخر ڪري رهي آهي. انهن آثارن مان ٻين شين کان علاوه لکيل صورت ۾ ٻولي به ملي آهي، جيڪا يقيناً اتي رهندڙ ماڻهو پنهنجو روزمره جي ڌنڌي لاءِ ڳالهائيندا هوندا. اها ٻولي يقيناً پنهنجي ڳالهائيندڙن جون مڙئي گهرجون پوريون ڪندي هوندي.
سنڌي ٻوليءَ جي ويجهڙائيءَ واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته نه صرف ان ٻوليءَ ۾ هر موضوع تي اهم مواد موجود آهي، پر جديد سائنسي گهرجون پڻ پوريون ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي، ان ئي سبب ڪري انگريزن سنڌ تي قبضي کان پوءِ پهريون ڪم اهو ڪيو جو اڳ وارن حاڪمن جي روايت کي رد ڪندي، سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جي استعمال بدران، سنڌي ٻولي رائج ڪئي ۽ ان کي صحيح تاريخي حيثيت ڏئي سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ لاءِ اها سکڻ لازمي قرار ڏني:
“We Should introduce the language of the country (namely Sindhee) as the medium of official inter course. I do not see in what way our revenue and judicial officers (however their offices and courts may be constituted) can work effectually through a foreign medium of communication, such as Persian or English. A period of 18 months should, therefore, be allowed to the officers in civil employ in the Sind- qualify them selves for an examination in the language”(23).
اهو تسليم ٿيل آهي ته اوڻيهين صديءَ ۽ لسانيات جي علم ۾ انگريز عالم ڀَڙُ هجڻ کان علاوه عالمي حيثيت حاصل ڪري چڪا هئا. اهوئي سبب هو جو انهن سنڌي ٻوليءَ ۾ مڙني گهرجن پوري ڪرڻ جي اهليت سمجهندي ٻين رائج ڌارين ٻولين فارسي ۽ انگريزيءَ تي ترجيح ڏني. انگريزن جي سؤ سالا حڪومتي دؤر ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ نه صرف هر علم ۽ موضوع تي ڪتاب لکيا ويا، پر ٻين پرڏيهي ٻولين مان پڻ چونڊ ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب کي پڻ انگريزيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي عالمي مڃتا حاصل ٿي. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ڳالهين سان گڏ نظرانداز ٿيندو ڏسي دانشورن، اديبن، استادن، ڪتابن، پمفليٽن ۽ اخباري بيانن ذريعي پنهنجو احتجاج ڏيکاريو(24)، پر ان تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. اهڙي قسم جي ٻه اکيائيءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
“…. The experience of other countries show that, where there are many languages, the best results could not be obtained. When the education in mother tongue will be given upto 5th standard… But after standard 5, national language would be adopted as the medium of teaching and the mother tongue will stop forth with. We strongly recommend the above formula”.(25)
جن ٻين ملڪن جي تجربن جو حوالو ڏنو ويو آهي، انهن جو ڪوبه مثال ان رپورٽ ۾ ڪونه ڏنو ويو آهي ته اهڙو فارمولو ڪهڙن ملڪن ۾ رائج آهي ۽ ڇا اسان وٽ ٻوليءَ بابت ساڳيون حالتون آهن؟ جڏهن ته اصولي طرح انهن کي يونيسڪو جي 1951ع واري گڏجاڻيءَ ۾ ٻوليءَ بابت ڪيل فيصلن تي عمل ڪندي، مادري زبان ۽ تعليم تي ڌيان ڏيڻ کپندو هو؛ جنهن مطابق مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ ڪيترائي سبب ڏيندي چيو ويو آهي ته:
“For these reasons, it is important that every effort should be made to provide education in the mother tongue... On education grounds we recommend that, the use of the mother tongue be extended to, as late a stage in education as possible.”(26)
پر تعليمي ڪميشن جو فيصلو نهايت تعجب انگيز هو. حيرت جي هيءَ ڳالهه آهي ته اُن ڪميشن ۾ هڪ به سنڌي دانشور يا تعليمي ماهر شامل ڪونه هو.
1977ع جي مارشلا کان وٺي هيل تائين، سنڌ جي شهري علائقن مان سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ننڍڙن ٻارن به ڪيتريون جماعتون ٺاهي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکي آهي. حڪومتي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وقت به وقت دانشورن، اديبن، استادن ۽ عالمن طرفان ڪانفرنسون ڪوٺائي، پمفليٽ ۽ ڪتاب لکي، حڪومتي اهلڪارن جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ويندو رهيو آهي، پر اڃاتائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي. هن وقت هيءَ معاملو حساس صورت اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن کي ٻوليءَ جي اصولي ۽ علمي رٿابنديءَ تحت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مٿي اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته ٻوليءَ جي رٿابندي ڇا آهي؟ ان جي روشنيءَ ۾ تفصيلي جائزو وٺندي ٻوليءَ جي مسئلي جو حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. ٻوليءَ جي رٿابنديءَ جي ماهرن جي راءِ ۾ (27) ٻوليءَ جي رٿابنديءَ کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پهريون (Corpus planning) جسماني رٿابندي. هن مطابق ٻوليءَ جي بناوت، لفظي ذخيرو، لفظن جي بناوت، صورتخطي ۽ نئين اسڪرپٽ جو اختيار ڪرڻ، نون لفظن ۽ اصطلاحن جو ٺاهڻ ۽ گرامر جا اصول مرتب ڪرڻ، لسانياتي خاصيتون طئي ڪرڻ وغيره اچي وڃي ٿو. ٻيو، درجائي يا حيثيتي رٿابندي (Status planning)، هن قسم مطابق ٻوليءَ بابت قومي رٿابنديءَ ۾ هر ٻوليءَ جي حيثيت مقرر ڪرڻ آهي. مثال طور سکيا يا تربيت جو ذريعو، عام رابطي جو ذريعو، سرڪاري لکپڙهه جو ذريعو يا قومي سڃاڻپ جو ذريعو وغيره. هن قسم جي ذريعي سماج ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جو استعمال ۽ حيثيت متعين ڪري سگهجي ٿي. ٽيون- اختياري يا حاصلاتي رٿابندي (Aquisition planning) هن قسم مطابق ڪنهن به ٻوليءَ کي اختيار ڪرڻ جا طريقا اچي وڃن ٿا، جيئن ته سيکارڻ ۽ سکڻ جا طريقا ۽ ٻوليءَ کي پکيڙڻ بابت پاليسي يعني مواصلاتي ذريعن جو استعمال وغيره اچي وڃي ٿو.
رٿابنديءَ جا مٿي بيان ڪيل ٽيئي قسم جيتوڻيڪ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن، پر ان جي باوجود هرڪنهن جي اهميت هڪ جيتري نه آهي. ٻوليءَ جي رٿابنديءَ ۾ جنهن قسم کي وڌيڪ ۽ بنيادي اهميت حاصل آهي، اهو آهي حيثيتي رٿابندي. ٻوليءَ جي رٿابندي ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته گهڻ- ٻوليائي ملڪ ۾ سڀ کان اول هر ٻوليءَ جي حيثيت مقرر ڪن ۽ جڏهن سڀني ٻولين جا ڳالهائيندڙ هر ٻوليءَ جي حيثيت کي تسليم ڪندا، تڏهن ئي باقي ٻين قسمن تي عمل ڪري ٻولين کي وڌائي شاهوڪار بنائڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ اٿارٽين يا ادارن جو عمل ڪارگر ثابت ٿيندو.
ٻوليءَ جي مسئلي جي سلسلي ۾ رٿابندي ڪندڙن کي بااختيار ڪري ۽ اهميت ڏئي ٻوليءَ جي حيثيت مقرر ڪرائجي، ان مطابق پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. اسان جي ملڪ ۾ چار صوبا آهن، جن ۾ چار قومون رهن ٿيون، جن کي پنهنجي پنهنجي ثقافت، تاريخي ورثا ۽ شاهوڪار ٻوليون آهن. تنهن ڪري انهن چئن ئي صوبن جي مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ٻوليءَ جي رٿابنديءَ تي عمل ڪندي، انهن جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ اٿارٽيون ۽ ادار قائم ڪري ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح پاڪستان جون چار قومي زبانون ٿينديون، جيڪي قومي ٻڌيءَ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نقصانڪار نه ٿينديون، پر جڏهن هر ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ اُن جي ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ جا هڪ جيترا ۽ تاريخي حق حاصل ٿيندا، تڏهن ايڪي، ٻڌي ۽ سهپ جا پڻ جذبا وڌندا.
جيئن ته اردو گذريل 40 سالن کان جاري آهي ۽ ملڪ جي گهڻي آبادي ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿي، تنهن ڪري ان کي عام واهپي (Lingua Franca) ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي، ان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪوششون جاري رکيون وڃن. عالمي سطح تي مقابلن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ کي هر تعليمي سطح تي رائج ڪري ملڪ ۾ لکپڙهه ۽ ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. هن وقت جيڪا سهولت شهري ۽ وڏن ماڻهن جي ٻارن کي حاصل آهي ته انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري وڏا عهدا ماڻي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱيوار ٿين، پر جڏهن انگريزيءَ کي هر سطح تي رائج ڪيو ويندو ته اها سهولت هر طبقي جي ٻار ۽ ماڻهو کي هڪ جيتري حاصل ٿيندي ۽ ملڪ جي سموري آبادي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي ۽ اهڙي قسم جو احساس، ملڪ سان پيار جو جذبو پيدا ڪندو ۽ نفرتن بدران محبتون وڌنديون. اهڙي قسم جي رٿابنديءَ ۾ وقت ضرور لڳندو، پر ان کانپوءِ جيڪي نتيجا نڪرندا، اهي ملڪ ۾ هڪ سونهري ۽ خوشحاليءَ جو دور آڻيندا ۽ گهڻي قدر ٻوليءَ جي بنيادن تي رنجشن جو خاتمو ٿي ويندو.
Reference
Apeal to the people of Pakistan 1951.
The Story & Suffering of Sindh 19.