سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574194   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جو تعليمي زبان وارو ڪارج (ڊاڪٽر تنوير عباسي)


هن ڪاليج جا سرواڻ ڊاڪٽر عبدالرشيد شيخ صاحب! هن مانڊاڻ جا منتظم مسٽر عبدالمجيد مري صاحب! مانائتا ۽ لائق استادؤ، پيارا شاگردؤ، خواتين ۽ حضرات.

اڄ مون کي هڪڙي تمام اهم موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو آهي، اهو آهي سنڌي ٻولي ”تعليم جو ذريعو“ (Medium of Instruction) ٿيڻ کپي يا نه ۽ ان جي اهميت.

هاڻي اچو ته ڏسون ته تعليم شروع ڪٿان ٿي ۽ پهريون استاد ڪير هو. يعني پهريون سيکاريندڙ ڪير هو؟ ۽ پهريون سکندڙ ڪير هو؟ عرض آهي ته تعليم ڏيڻ نبين جو پيشو آهي. برابر! سڀ نبي رشي، سنت سڀ استاد هئا. انهن جي حيثيت استاد جي هئي، پر اڃا به ان کان اڳتي وڌون ته قرآن مجيد ۾ ۽ انجيل ۽ پراڻي عهد نامي ۾ جنهن کي عام طور توريت چيو ويندو آهي ۾ ذڪر آهي ته، جڏهن الله سائينءَ حضرت آدم عليه السلام کي خلقيو. تڏهن فرشتن کي چيائين ته هن کي سجدو ڪريو. فرشتن مان ڪجهه انڪار ڪيو ۽ چيائون ته اسين هن کي سجدو نه ڪنداسين، ڇوته هي مٽيءَ مان ٺهيو آهي، اسين باهه (نور) جي پيدائش آهيون، پوءِ الله سائين آدم کي ڪي نالا سيکاريا جي ڪجهه شين جا نالا هئا: فرشتن کان پڇائين ته توهان کي هنن شين جا نالا اچن ٿا ته چيائون نه! حضرت آدم عليھ السلام کي چيائين ته تون اهي نالا ٻڌاءِ ته حضرت آدم عليھ السلام اهي سڀ نالا ٻڌائي ويو. تنهن کان پوءِ فرشتن حضرت آدم عليھ السلام کي سجدو ڪيو ته چئبو ته پهريون سيکاريندڙ الله سائين پاڻ هو، ڇو ته اتي فرشتن چيو ته اسان کي اُهو علم آهي ته جيڪو فقط تو اسان کي ڏنو آهي ته الله سائين آدم کي علم ڏنو ۽ علم ڄاڻڻ کان پوءِ ئي آدم ان لائق ٿيو ته فرشتا ان کي سجدو ڪن. انهيءَ تي اسان جي سرمست شاعر سچل سائين چيو آهي ته:

ملڪ فلڪ سجدا ڪيا ٿي واهه مٽي تنهن جو ملهه،

تون ته آدم اصلي ناهين ڀول نه ڪنهن ٻيءَ پل.

ته اهو مٽيءَ جو ملهه علم جي ڪري ٿيو. ان ڪري مان چوان ٿو ته توهان جو پيشو تعليم ڏيڻ هي ۽ اهو نبين وارو پيشو برابر آهي، پر اهو خدائي پيشو به آهي. “It is divine profession” ڇوته پهريون سيکاريندڙ الله تعاليٰ پاڻ هو ۽ پهريون سکندڙ حضرت آدم هو.

هاڻي تعليم جي اهميت تي انگريزن جو هڪڙو قومي هيرو آهي، انهيءَ جو نالو آهي لارڊ نيلسن، لارڊ نيلسن جو مجسمو ٽريفلگر اسڪوائر تي ٻه سئو فٽ ڊگهي مناري تي ٺاهي لڳايو ويو آهي، ايترو اهم، هي انهن لاءِ لارڊ نيلسن، هاڻي اچو ته ٻڌون ته لارڊ نيلسن ڇا ٿو چوي، پهرين مان توهان کي ان جو Back ground / پس منظر ٻڌايان. توهان شايد يورپ جي تاريخ نه پڙهي هجي. لارڊ نيلسن اهو جنرل هو، جنهن نيپولين بونا پارٽ کي واٽرلو جي جنگ ۾ شڪست ڏني هئي، انهيءَ جي ڪري ان کي هنن ايتري اهميت ڏني ته انهيءَ لارڊ نيلسن چيو هو ته ”اسان واٽرلو جي جنگ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين مان کٽي“ تنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين جي ڪري کٽي. جڏهن ايترا تعليم يافته هئاسين، تڏهن اسان اها جنگ کٽيسين، جيڪڏهن اسان جاهل هجون ها، اسان ڄٽ هجون ها ته اسان واٽرلو جي لڙائي کٽي نه سگهون ها، ته هاڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته تعليم جي اهميت هميشه رهي آهي. ڄٽن ڪڏهن به حڪومت نه ڪئي آهي، نه ئي ڄٽن جي قوم ڪڏهن حڪومت وٺي سگهندي، نه ئي حڪومت هلائي سگهندي ۽ نه ئي حڪومت قائم رکي سگهندي.

هاڻي اچون ٿا، پڙهڻ پڙهائڻ تي: ته طوطو به پڙهي ٿو. طوطي کي توهان ڪابه شئي پڙهايو ته هو پڙهي ويندو. طوطي کي قرآن پاڪ پڙهايو ته هو توهان کي پڙهي ٻڌائيندو. طوطي کي توهان گانو چورايو ته هو چئي ويندو، پر اهو حقيقت ۾ پڙهڻ نه آهي. علم محض پڙهڻ نه آهي، پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ ۾ فرق آهي، انهيءَ ڪري اسان جي صوفين پڙهڻ جي انهيءَ اصل ڄاڻ جي ڳالهه تي زور ڏنو آهي، چون ٿا پڙهڻ معنيٰ ڪڙهڻ، تعليم يافته هجڻ، جيئن اسان جي اوائلي شاعرن مان قاضي قاضن جو بيت آهي ته:

ڪنز قدوري قافيه، ڪي ڪين پڙهيام،

سو ڏيهه ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام.

يا ٻئي هنڌ اسان جي قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي ته:

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،

مٿان ڏوهه چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.

يا وري هيئن چوي ٿو ته:

اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.

چئبو ته اهو پڙهڻ آهي اندر اجارڻ، اهو پڙهڻ آهي ڪڙهڻ. اصل ڳالهه پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ به آهي. پڙهيل آهي ڪڙهيل نه آهي، تيسين ان جو پڙهڻ بيڪار آهي، بيسود آهي، تعليم اندر کي اجاري ٿي، جنهن جو اندر نه اجاريو آهي ته ان جي پڙهيل هجڻ ۾، ڊگري يافته هجڻ، پي. ايڇ ڊي هجڻ ۾ ڪابه چڱي ڳالهه چئي نٿي سگهجي.

هاڻي ڏسون ته ڪڙهڻ ڇا آهي؟ پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ جو مطلب آهي، هڪڙي ڪلچرڊ سوسائٽي پيدا ڪرڻ، اها سوسائٽي ڪلچرڊ “Cultured” هجي  جيڪا سولائيزڊ “Civilized” هجي. جيڪا تهذيب يافته هجي، جيڪا مهذب هجي ڇوته ماڻهو جيڪو مهذب هوندو اهو ئي فضيلت وارو هوندو ۽ اهوئي تميز وارو هوندو. اهو ڄٽن وانگر، غنڊن وانگر، بدتميزي نه ڪندو، اها مهذب سوسائٽي ٺاهڻ لاءِ هي تعليمي ادارا آهن. انهن ادارن جو وري هيءُ مهان ادارو آهي يعني (ڪاليج آف ايجوڪيشن) جتي توهان پڙهو ٿا. توهان هتان نڪري وري به تعليمي ادارن ۾ ويندؤ ته چئبو ته توهان ڦهلاءُ ٿا ڪريو تعليم جو، تهذيب جو، مهذب هجوم جو، ڪڙهيل هجڻ جو، مان ته ائين چوندس ته توهان هتان ڪڙهي نڪرو، جيئن توهان وٽ جيڪي شاگرد هجن اهي به ڪڙهي نڪرن ڇوته جيڪڏهن اهي رڳو پڙهندا ۽ ڪڙهندا ڪونه ته پوءِ اهي رڳو طوطا هوندا.

هاڻي اچون ٿا ”سنڌي ٻولي ذريعه تعليم“ تي، ان لاءِ مان لازمي سمجهان ٿو ته توهان کي ان بابت پنهنجا خيال ۽ ويچار ٻڌايان. سنڌي ٻوليءَ جو جيتري قدر تعلق آهي ته پهرين پهرين اسان کي جيڪا سنڌي لکيت صورت ۾ ملي ٿي اها آهي موهن جي دڙي جي ٻولي- ’انڊس اسڪرپٽ‘ حالانڪه اها اڃا تائين چڱي طرح پڙهي نه وئي آهي. يعني decipher ڪانه ٿي آهي. خبر ناهي ته اها هن جديد سنڌي ٻوليءَ کان ڪيتري قدر مختلف هئي، پر سڀئي چون ٿا ته اها هڪ باقاعده ٻوليءَ جي سڀني خصوصيتن سان لکي ۽ پڙهي ويندي هئي، ڇوته ان جا آثار، ان لکيت جا آثار، موهن جي دڙي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به چوڪنڊي (چوکنڊي) جي مقبرن مان ملندا رهيا؛ خود اسان جي سچل چيئر ۾ هڪ قلمي نسخو پيل آهي، جيڪو  ڏيڍ سئو سال پراڻو آهي، ان ۾ ان ٻوليءَ جي لکيت آهي. تنهن کان پوءِ اڄ تائين جيڪي ڌوٻي ڪپڙن کي ئي نشان هڻن ٿا، ڀاڳيا جانورن کي ٺپا هڻن ٿا. انهن جي جيڪا لکيت آهي اها به اهائي آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته جيئن موهن جي دڙي جي بيل گاڏي به اڃان تائين آهي، موهن جي دڙي جي ٻيڙي به اڃا تائين آهي، ته ممڪن آهي ته ان ٻوليءَ جا ڪجهه لفظ، ڪجهه لکيت جا نمونا به اڃا تائين جاري رهيا هجن، جيڪي ان صورت ۾ آهن؛ پوءِ سڄي ٻولي کڻي موجود نه هجي. هن مان ٻي ڳالهه به سمجهي سگهجي ٿي ته موهن جي دڙي جون جيڪي مهرون آهن، انهن تي جيڪي لکڻ وارا هئا، انهن کي به ڪنهن ته اها ٻولي سيکاري هوندي ته پوءِ چئبو ته ان وقت به سنڌي ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ذريعو هئي، ته پوءِ ”سنڌي ٻولي ذريعه تعليم“ لاءِ جيڪڏهن چئجي ته سنڌي ٻوليءَ جو تعليم جو ذريعو ايترو پراڻو آهي، جيتري موهن جي دڙي جي تهذيب، ته منهنجي خيال ۾ ته اها ڳالهه غلط نه ٿيندي.

هاڻي هلو اڳتي! چچ نامي ۾ لکيل آهي ته راجا راءِ سهاسي چچ کي ان ڪري پاڻ وٽ ويجهو رکندو هو جو هو تمام سٺي عبارت لکي سگهندو هو. اهو آهي اٺين صدي عيسويءَ جو دؤر. چچ جيڪو ڪجهه لکندو هو، ان جي لپي Script يا صورتخطي ڪهڙي هئي، اهو چئي نٿو سگهجي. بهرحال اها ته پڪ آهي ته اها ٻولي سنڌي ٻولي هئي، ڇوته چچ نامي ۾ جيڪي لفظ ملن ٿا، اهي لفظ اڃا تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. جيئن لوهاڻا، لاکا، ڍنڍ ۽ سما وغيره ٻيا به ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جيڪي چچ نامي ۾ بيان ٿيل آهن. جيئن ماپن جا نالا، ماڻهن جا نالا، تورن جا نالا وغيره. حالانڪه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خيال آهي ته موجوده سنڌي ٻولي بصورت ٻولي، يارهين صدي عيسويءَ جي آهي، پر مان چوان ٿو ته اها اٺين صدي عيسويءَ ۾ ڪافي لکي ويندي هئي، ڇوته چچ، بادشاهه جي چوڻ تي ان زماني ۾ لکندو هو.

تنهن کان پوءِ اڳتي ٿا هلون! ته اروڙ تباهه ٿيو. ان کان اڳي جو ڪوبه لکيت جو ڪوبه مسودو يا ڪوبه پٿر يا ڪابه شئي ڪانه ٿي ملي. عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته هڪڙي حڪومت ڊهندي آهي ته ٻيا ان ۾ نظرون وجهيو ويٺا هوندا آهن، ته جيئن اها قوم جاهل رهي. ”شعر العجر“ ۾ سليمان ندوي لکيو آهي ته عربن جي ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ اڍائي سؤ سال هڪ به شاعر فارسي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿي ڪونه سگهيو، پر رڳو عربي ٻوليءَ جا شاعر پيدا ٿيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته عربن اسڪندريه ۾ لئبررين کي ڊاهيو. عين ممڪن آهي ته هتي اسان وٽ به اهي سنڌي لکيتون جيڪي چچ جي زماني ۾ مروج هيون، ختم ڪيون ويون هجن. انهيءَ ڳالهه تي وڏي تحقيق ٿيڻ کپي. خاص ڪري اروڙ ۾ جيڪڏهن کوٽائي ڪرائي وڃي ته، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي عربن جي دؤر کان اڳ جي دؤر جي صحيح خبر پئجي وڃي. بهرحال ان کان پوءِ اڃا اڳتي ٿا اچون ته سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ اسان کي سنڌي لکيت ته ڪانه ٿي ملي، پر فارسي ڪتابن ۾ ڪجهه سنڌي شعر مليا آهن. جيئن اسحاق اهنگر جو بيت، ماموئي فقيرن جا بيت، شاهه ڪريم جا بيت، ان مان ائين ٿو لڳي ته ان زماني ۾ جيڪا صورتخطي سنڌ ۾ مروج هئي، اها فارسي هئي. سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي ٿورا گهڻا بيت ملن ٿا. اهي فارسي رسم الخط ۾ لکيل هئا. هتي هڪ ٻي وڏي ڳالهه سامهون آئي آهي، جيئن اسان جي دوست هيري ٺڪر ڪم ڪيو آهي. سورهين صدي عيسويءَ ۾ قاضي قاضن جا بيت ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکيل ان کي مليا آهن. اهي  هڪ سؤ کان مٿي آهن. اڳي چوندا هئا ته قاضي قاضن جا رڳو سٺ بيت آهن. هيري اهي مليل بيت شايع ڪرايا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ٻيا سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها واقعي سنڌي ٻولي آهي. تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سمن ۽ سومرن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪڙي اسڪرپٽ ديوناگري مروج هئي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي لکي ويندي هئي. حالانڪه قاضي قاضن مسلمان هو ۽ ديوناگري اسڪرپٽ هندو ڪم آڻيندا هئا. قاضي قاضن ته ڇا پر جيڪو سکن جو ڪتاب آهي گروگرنٿ، انهيءَ ۾ توهان کي بابا فريد گنج شڪر جا بيت ملندا، ٻه سنڌي بيت جيڪي گرمکيءَ ۾ آهن ملن ٿا. تنهن کان پوءِ سوامي پراڻناٿ جا چار سئو کن سنڌي دوها ديوناگري لپيءَ ۾ مليا آهن، جيڪو شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي دؤر جو هو. ٻيو جيڪو قلمي نسخو هٿ آيو آهي، جيڪو عربي سنڌي لپيءَ جو سڀ کان قديم نسخو ليکيو وڃي ٿو. اهو  1655ع يا 1675ع ۾  لکيو ويو هو. اهو قلمي نسخو هن وقت به پيرڳوٺ ۾ موجود آهي. انهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي نظم جيڪي عربي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن ملن ٿا. اها ته هئي 1655ع کان 1675ع جي ڳالهه، پر ان کان جيڪڏهن اڳتي وڃجي ته دادو ديال، قاضي قاضن ۽ پراڻ ناٿ جا بيت اسان کي ديوناگري لپيءَ ۾ ملن ٿا. ان لاءِ مون کي هيري ٺڪر ٻڌايو ته راجستان ۾ بوبنا جراڙ جي جيڪا سنڌيءَ ۾ ڪهاڻي آهي، اها مون کي ٽن جاين تان ديوناگري لپيءَ ۾ ملي آهي. ان جي معنيٰ ته سمن ۽ سومرن واري دؤر ۾ ٻئي اسڪرپٽ ”عربي سنڌي“ ۽ ”ديوناگري“ سنڌ ۾ رائج هئا ۽ سنڌ جو گهڻو ادب ديوناگري اسڪرپٽ ۾ هو. دهليءَ ۾ مون کي ٻين دوستن به ٻڌايو ته اسان دعويٰ ٿا ڪريون ته اسان وٽ جيڪڏهن ماڻهو ۽ وسيلا هجن ته هڪ هزار نسخا هندستان ۾ آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مواد موجود آهي. هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اهي ٻئي اسڪرپٽ مروج رهيا آهن.

هاڻي ان کان اڳتي وڃجي ته مون هڪ ڪتاب ۾ چيو هو ته يارهين صديءَ ۾ مخدوم جهانيان جهانگشت وٽ جيڪي به مريد ۽ عقيدتمند سنڌ مان ايندا هئا ته هو هنن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهائيندو هو. ان جي معنيٰ ته ڏهين صدي هجريءَ کان وٺي سنڌي ٻولي يا زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو رواج هو. تنهن کان پوءِ اها ڳالهه ته توهان کي معلوم هوندي ته پهريون درسي ڪتاب ”مقدمته الصلوات“ مخدوم ابوالحسن 1700/1680ع ۾ لکيو، پر ان کان اڳ ۾ نظمن جو ڪتاب جيڪو سمن جي دؤر جو مون توهان کي ٻڌايو هو ته، پير جي ڳوٺ ۾ پيل آهي. اهو هڪڙو جهڙوڪر ٽيڪسٽ بڪ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جي نئين نسخي ۾ سنڌي زبان جي انفراديت ۽ اسڪرپٽ بابت لکيو آهي!

ان کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دؤر اچي ٿو، جنهن ۾ گهڻين جاين تي عربي سنڌي لپي مستعمل ٿي. 1853ع ۾ وري موجوده لپي مقرر ٿي، جيڪا اسان اڄڪلهه لکون ٿا. ان ۾ ڪيئي ڪتاب ڇپيا آهن. ان دؤر ۾ عجب ٿو لڳي ته تاريخي ڪتاب، جاگرافيءَ بابت ڌرتي نروار نالي ڪتاب ڇپيا، گرامر تي وياڪرڻ نالي ڪتاب ڇپيا. ليکي جي پيڙهه ميٿميٽڪس تي ڪتاب ڇپيو. اوڻويهين صديءَ جي وچ ۾ ۽ آخر ۾ انهن سڀني موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب تيار ٿيا. بمبئي يونيورسٽي به سنڌي ٻوليءَ کي مئٽرڪ تائين رائج ڪيو، تنهن کان پوءِ اڳتي هلي. بي اي تائين هن کي تسليم ڪيو ويو.

1947ع کان پوءِ ورهاڱو ٿيو ته ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙي ڪڍيو ويو ۽ ذريعه تعليم کي ختم ڪيو ويو، جيڪي سنڌي شاگرد هئا، اهي ڏاڍا پريشان ٿيا. مون کي ياد آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌي شاگردن جلوس ڪڍيو. ڪورٽ ۾ ڪيس وڌو، تنهن کان پوءِ وڃي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا کليا.

1958ع ۾ جڏهن مارشل لا لڳو ۽ ايوب خان کي هڪ قوم ۽ هڪ قومي ٻوليءَ جو ڏاڍو خفت لڳو هو. هن هڪڙي شريف ڪميشن ويهاري. شريف ان وقت جو سيڪريٽري تعليم هو. انهي ڪميشن جيڪا فتويٰ ڏني اُها هئي ته سنڌي ٻوليءَ کي پرائمري ليول تائين پاڙهيو وڃي. اڳتي هلي سنڌي ٻولي ذريعه تعليم جي حيثيت ۾ ختم ڪئي وئي. ان جي جاءِ تي اردو کي آندو ويو ۽ سنڌي سبجيڪٽ طور رکي وئي، انهيءَ تي سنڌي قوم کي ٻيو شاڪ لڳو. هزارين سنڌي ماستر ويچارا سڀ بيروزگار ٿي پيا.

انهيءَ ڳالهه تي مون کي فخر آهي ته اسان ان وقت ايوب خان جي خلاف وڏو احتجاج ڪيو. اهو منهنجي خيال ۾ پهريون موقعو هو جو ايوب خان جي خلاف احتجاج ڪيوسين. حميد سنڌي صاحب به اسان سان گڏ هو. آءٌ هئس، مخدوم فهيم هو، سردار علي شاهه هو، مخدوم امير احمد مرحوم هو. وڏي ويڙهه ڪئي سين تنهن کانپوءِ مون کي ياد آهي ته ان وقت جي سيڪريٽري محمد شريف حيدرآباد ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه ڏانهن شام جو گاڏي موڪلي، اسان به وياسين، اسان ويهي ڳالهيون ڪيون. اسان ان کي سڄو رڪارڊ ڏيکاريو، جنهن چيو اسان کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته 1853ع کان اڳي به سنڌي ذريعه تعليم هئي. اسان ان کي 1853ع کان 1948ع تائين اهو ويهي رڪارڊ ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي ذريعه تعليم رهي آهي، تنهن کان پوءِ ايوب خان ان حڪم کي رد ڪيو. منهنجي خيال ۾ اهو اهڙو ان جو پهريون ۽ آخري حڪم هو، جيڪو هن رد ڪيو. بهرحال اها ته ٿي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت جي تاريخ، هاڻي اچون ٿا هن وقت تي ته سنڌي ٻوليءَ جي ذريعه تعليم جي حيثيت ڇا ٿيڻ کپي. هن وقت اسان جا ڪي دوست ان راءِ جا آهن ته سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طرح سان ذريعه تعليم ڪيو وڃي، پر منهنجي خيال ۾ آرٽس جي شعبن جو جيستائين تعلق آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مڪمل طرح اها لياقت آهي، پر جيستائين سائنس جو تعلق آهي ته سوين نوان ٽيڪنيڪل ٽرم (اصطلاح) روز جنم وٺن ٿا. ڪمپيوٽر سائنس، نيوڪليئر فزڪس، اسپيس سائنس يا ڪيتريون ئي سائنس جون ٻيون برانچون آهن، جنهن ۾ ڪيترائي نوان ٽيڪنيڪل ٽرم ٺهن ٿا. هي هڪ ضرب خانو آهي، جنهن مان لفظ نڪرندا رهن ٿا. اسان جي ٻوليءَ ۾ اڃا ايتري سگهه نه آهي. ٻولي ٿيندي آهي قوم سان. اسان جي قوم ۾ اڃا اها صلاحيت ڪونهي، ايترا هزار نوان ٽيڪنيڪل ٽرم هر مهيني ترجمو ڪندي هلي ۽ ڇپائيندي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ کڻي اها صلاحيت هجي مان مڃان ٿو، پر قوم ايتري جفاڪش نه آهي.

ٻي ڳالهه جيڪا مان ذاتي طرح ڄاڻان ٿو، جيئن مون 1960ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪئي. هاڻي 1996ع آهي. انهيءَ دوران ڪيتريون ئي نيون دوائون، نيون ٿيوريون، ڪيتريون ئي ٽيسٽون وجود ۾ آيون آهن. جيڪڏهن انگريزي نه ڄاڻندو هجان ها ته اها 1960ع واري جيڪا منهنجي ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري بيڪار هجي ها. ساڳيو ئي حال فزڪس، ڪيمسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، تعليم ۽ ٻين سڀني سبجيڪٽن جو آهي. هاڻي منهنجي ناقص راءِ اها آهي ته جيستائين اسان ٻين قومن وانگر، جپانين وانگر، چينين وانگر، روسين وانگر پنهنجي قوم کي ان ليول تي، انهيءَ سطح تي پهچائي سگهون جو اسان پنهنجي تعليم، سائنسي تعليم، ٽيڪنيڪل تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو نه ڪري سگهون، تيستائين اسان کي لازمي طرح انگريزي ٻوليءَ جو سهارو وٺڻو پوندو، ڇوته هر شعبي ۾ هزارين جرنل شايع ٿين ٿا. اهي اسان يڪدم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو نٿا ڪري سگهون. هاڻي جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اسان هڪڙي صدي دنيا کان پوئتي هليا وينداسين. تنهنڪري منهنجي راءِ اها آهي ته آرٽس جي شعبن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ هرڪا صلاحيت آهي جو اها ذريعه تعليم ٿي سگهي ٿي. باقي سائنس جي شعبن ۾ ڪنهن حد تائين انٽر ميڊئيٽ ليول تائين به سنڌي ڀلي تعليم جو ذريعو هجي، پر جيستائين مٿي ريسرچ جو سوال آهي ته جيڪي ريسرچ وارا آهن، انهن کي خود انگريزي زبان جو سهارو وٺڻو پوندو ته هو دنيا سان اپ ٽو ڊيٽ رهي نٿا سگهن ته ريسرچ جي لاءِ اسان کي به انگريزيءَ جو سهارو وٺڻ لازمي ٿيندو.

مان توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان ۽ توهان جي پرنسپال صاحب جو ۽ شاگردن جو، توهان مهرباني ڪري مون کي پنهنجا رايا ظاهر ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ تمام ڌيان سان ۽ قرب سان مون کي ٻڌو. مهرباني.

(هي ليڪچر سنڌي ٻوليءَ جي دانشور ڏاهي، اديب، محترم ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ صاحب گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر طرفان توسيعي ليڪچرن جي سلسلي ۾ ڏنو هو.)

 

 

]ماهوار پرک، ڪراچي، آڪٽوبر، 2004ع[