سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     570143   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي روشني (استاد لغاري)


سنڌي الف- ب جا ڪل 52 اکر آهن: جن جي بيهڪ هن وقت هيٺين ريت آهي:

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڃ ڄ جهه چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.

انهن ۾ 29 اکر اهڙا آهن، جيڪي عربي، فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ هڪجهڙا آهن؛ اُهي هن ريت آهن:

ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و هه ء ي.

باقي 23 اکر بلڪل جدا صورتن ۾ سنڌيءَ جا آهن، جيڪي هن ريت آهن:

ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ پ جهه ڃ ڄ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ک گ ڳ گهه ڱ ڻ.

انهن اکرن ۾ ست اکر اهڙا آهن، جن کي سواءِ نج سنڌي ماڻهن جي، ٻيو ڪير به صحيح اچاري نٿو سگهي، اُهي هن ريت آهن:

ٻ ڄ ڃ ڏ ڳ ڱ ڻ

مزيدار ڳالهه ته هڪڙا ست اکر سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا به آهن، جيڪي ايڏي ساري سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ناهن، ۽ انهن جي جدا شڪل جو ڪوبه وجود ڪونهي، پر اسين ڳالهائڻ مهل انهن کي اچاريندا آهيون، جيڪي هن ريت آهن:

ٽر، ڊر، لهه، ڙهه، مهه، نهه ۽ ڻهه.

مثال طور: پيءُ ۽ پٽ- چانهن ۽ کنڊ- مَلهه- وڙُهه- سَنهِي- سُمههُ- ماڻهو وغيره.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسين ڪجهه اکرن کي ”هه“ هرڻي ملائي، انهن جي جدا صورت ٺاهيندا آهيون، پر ”ک“ کٽ هڪ اهڙو اکر آهي، جنهن کي نه ”هه“ هرڻي ملائيندا آهيون، ۽ نڪو ڪنهن ٽٻڪي جي اضافي سان ان جي ڌار حيثيت ظاهر ڪندا آهيون، ۽ ساڳي حالت ٽر ۽ ڊر جي به آهي، انهن اکرن جو هئڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ نهايت ئي لازمي آهي.

هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن، جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻوليءَ کي ضرورت ڪونه هئي. ليڪن اُهي شامل ڪيا ويا آهن، ۽ اسان انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪريون ٿا، مثال طور:

الف- ع- ء

ت- ط

ث- س- ص

ح – هه

ذ- ز- ض- ظ

ق- ڪ

هنن ۾ سنڌي اکر هي آهن.

الف- ء، (ساڳيو اکر آهي، ليڪن شڪل جدا جدا آهي.)

ت- (ث ۽ س ٻيئي سنڌي اکر آهن) ز- ۽ ڪ

هن الفابيٽ ۾ ڏهه اکر اهڙا آهن، جيڪي ”هه“ هرڻي سان ٺهن ها، پر انهن کي هڪ ٽٻڪي جي اضافي سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اُهي هن ريت آهن.

ڀ ٿ ٺ جهه ڇ ڌ ڍ ڦ ک ۽ گهه

انهن مان ”ک“ کٽ تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي.

هڪڙا ٽي اکر نج عربيءَ جا آهن، جن جي بلڪل الڳ حيثيت آهي، پر اهي اسان جي ٻوليءَ تي حاوي ٿي رهيا آهن. مثال طور خ- غ- ۽ ف.

اِهي اسان جي اکرن ک- گ- ۽ ڦ، جي جاءِ والاري رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه اِها به آهي ته اسان جا کوڙ سارا سنڌي پرائمري استاد به انهن کي سمجهي نه سگهيا آهن. ۽ جڏهن ڪو معصوم ٻار پٽي کڻي پڙهڻ ويهي ٿو ته اهو خاص ڪري انهن اکرن کي پنهنجي پيدائشي (سنڌي) انداز ۾ اچاري ٿو. مثال طور ”خ“ خچر کي ”ک“ کچر چوي ٿو، ”غ“ غاليچو کي ”گ“ گاليچو ۽ ”ف“ فانوس کي ”ڦ“ ڦانوس چوي ٿو. انهن اکرن کي سنڌيءَ ۾ اچاريندي معصوم ٻار پنهنجو پيدائشي حق استعمال ڪري ٿو، پر ٻارن کي ان جي ڏاڍي ذهني تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي.

جيئن ته اسين هتي سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي بحث ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري اهو ڄاڻڻ به نهايت لازمي آهي ته ماڻهن جا ٺيٺ سنڌي نالا ڪهڙا آهن؟ ۽ اڄڪلهه وري سنڌي قوم جي نالن ۾ عربي نالن جو رواج پئجي ويو آهي. هيٺ ڄاڻايل نالن مان ئي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ جي ڇنڊڇاڻ ٿي ويندي. هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا سنڌي نالا پيش ڪجن ٿا:

قيمتي نالا:

ماڻڪ، سونو، چاندي، روپو، هيرو، موتي، لالو، جوهر، هزاري، امولک، پدمون، بولو، نٿو يا ناٿو ڳهڻو ۽ قيمت وغيره.

(2) ٻوٽن، ميون ۽ وڻن جا نالا:

ڦوٽو، لونگ، گل، ڦلو، سرهو، ڪيوڙو، اڪ، ڪانڊيرو، ٽوهه، تلسي، پيرون، ٻٻر، ڪنڊو، ڪرڙ، ڦوڳ، ڏاڙهون، انب، ميوو، ليمون، گلاب وغيره.

(3) بادشاهي نالا:

راڄا، شاهن، مير، امير، وزير، سورهيه، بهادر، شيرو، مانجهي، راوت، سوڍو، سوڀو، ڦتو، دودو، دولهه، ڏاهر، ڏهراج، شهزادو، مهراڻ، ڄام، وريام، بهرام وغيره.

(4) پيار وارا نالا:

منٺار، جاني، سڄڻ، سهڻو، ڀورو، جانب، ڍوليو، دلدار، ننڍو، دادو، مٺو، پوڙهو، سڀاڳو، پرين، پيارو، راڻو، سچل، سڪيلڌو، دلبر، سانول وغيره.

(5) جيتن، پکين ۽ مندن جا نالا:

پوپٽ، ماڪوڙو، ڀنورو، چتون، مِٺو، مور، سارنگ، سانوڻ، بادل، مينهون، ملهار، آگو، گوڙو، واسن، گاجي، بهار، پوهو، ٿڌو، گلڻ، گلزار، گل بهار وغيره.

هيٺ ڪجهه سنڌي ماڻهن جا عربي نالا پيش ڪجن ٿا:

عبدالله، نصرالله، هدايت الله، امان الله، حزب الله، عبدالجبار، عبدالغفار، عبدالستار، عبدالوهاب، عبدالحڪيم، عبدالرشيد، محمد بخش، محمد عالم، محمد عمر، محمد عثمان، محمد علي، علي بخش، حسين بخش، حسن بخش، امام بخش، غلام الله، غلام محمد، غلام علي، غلام حسين، غلام فاروق وغيره.

ياد رکو! جيڪڏهن ڪنهن به سنڌي ماڻهو جي نالي ۾ ح، خ، ص ض، ط، ظ، ع، غ، ف ۽ ق مان ڪوبه اکر اچي وڃي ته فورن سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌيءَ جو آهي.

جيڪڏهن اهو نالو ڪنهن مسلمان سنڌيءَ جو نه هجي ۽ هندو سنڌيءَ جو هجي ۽ مٿي ڄاڻايل ڏهن اکرن مان ڪوبه اکر ان جي نالي ۾ شامل ٿيل هجي ته سمجهو ته گرامر ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان اهو نالو غلط لکيل آهي ۽ ان کي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ درست ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي.