ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574197 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻولي پنهنجي قدامت ۽ ساهت جي شاندار ورثي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ ان ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا آهن. جدا جدا زمانن ۾ ان کي مختلف صورتن ۾ تحرير هيٺ آندو ويو آهي. عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت اسان جي ٻولي، خروشطي خط ۽ ديوناگري توڙي ٻين متعدد صورتن ۾ ضبط تحرير ٿيندي هئي(1). عربن سنڌ تي ٽي صديون راڄ ڪيو. ان دور ۾ عربي زبان هتان جي علمي، سرڪاري ۽ مذهبي ٻولي رهي. اهو ئي سبب آهي جو عربي ٻولي، سنڌي زبان جي هيئت، لسانيات ۽ لغت تي اڻ مٽ اثرات ڇڏيا. ان جو لازمي نتيجو هي نڪتو جو آهستي آهستي قديم رسم الخط جي بجاءِ، سنڌي ٻولي به عربي ر سم الخط ۾ لکجڻ شروع ٿي. اڳتي هلي ان کي عربي- سنڌي رسم الخط سڏيو ويو. عام طرح ٺٽي جي مخدوم ابوالحسن کي هن قسم جي رسم الخط جو باني سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ کي پهريون سنڌي ڪتاب سڏيو ويو آهي. اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ خانبهادر محمد صديق ميمڻ ان متعلق لکيو هو ته:
”1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جاري ٿي، جنهن ڪري سنڌي عالمن مجبور ٿي پارسي ۽ عربيءَ جي بدران سنڌي زبان ۾ تصنيف شروع ڪئي. بغداد جي مشهور قطب رباني سيد شيخ عبدالقادر جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو ۽ سندس واعظ ۽ نصيحت جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪيترا غير مسلم اسلام ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۽ ڪڇ جا ميمڻ (مومن) انهيءَ شيخ جي هدايت تي ٺٽي ۾ مسلمان ٿيا...
”ان وقت جو عالم مشهور فقيـﮣ مولوي ابوالحسن، جو سنڌ جي تختگاهه ٺٽي ۾ هو، تنهن سمجهيو ته ايترن عمر رسيده ماڻهن کي پارسي عربي سيکاري اسلامي واقفيت ڏيڻ، خاص ڪري فقـﮣ جي مسئلن کان واقف ڪرڻ ممڪن نه آهي، تنهنڪري هن ماڻهن جي مادري زبان يعني سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ابوالحسن پنهنجو ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ سال 1700ع ڌاري لکيو ۽ 1715ع تائين پاڻ ٺٽي ۾ پاڙهيندو ۽ سمجهائيندو هو“(2).
جنهن وقت هيءَ راءِ ڏني وئي، اهو مواد جي لحاظ کان قحط جو زمانو هو. بعد ۾ ايندڙ سالن ۾ تازه ترين تحقيق پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ٿيو آهي. تاهم اسان جي ادبي تذڪره نويسن ۽ مصنفن حسب دستور ابوالحسن کي هن رسم الخط جو باني ۽ پهرئين سنڌي ڪتاب جو مصنف پي سڏيو آهي!
ان کان اڳ جو اسين اصل عنوان طرف اچون، بهتر ٿيندو ته مرحوم محمد صديق ميمڻ جي مٿي ڏنل اقتباس جو تنقيدي جائزو وٺجي.
ابتدا ۾ ”ڪنزالعبرت“ کي مخدوم ابوالحسن جي هڪ عزيز ميان عبدالله واعظ (ميان موريو) جي تصنيف سمجهيو ويو. هي ڪتاب 1175هه/ 1761ع ۾ تصنيف ٿيو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي تحقيق موجب، جيڪي تصنيفون ميان عبدالله واعظ جي نالي منسوب ٿيون آهن، اهي سڀ ڪتاب مخدوم عبدالله نرئي واري جا لکيل آهن (5). اهڙي تصديق مشهور سنڌ شناس مصنف رچرڊ برٽن به ڪئي آهي(6). برٽن جي تحرير مان اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم عبدالله نرئي واري سال 1821ع ڌاري وفات ڪئي. ميان عبدالله واعظ، مصنف ته نه هو، البته سندس هڪ ٽيهه اکري مشهور آهي.
ميان عبدالله واعظ مصنف نه هو، تڏهن به پاڻ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهم شخصيت ضرور ٿي گذريو آهي. مير علي شير سندس وفات جو سال 1167هه (1753ع) ڏنو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته ميان عبدالله جي جنازي ۾ عوام جو وڏو هجوم شريڪ ٿيو هو (7). مير علي شير ”تحفته الڪرام“ ۾ مخدوم ابوالحسن جو ذڪر، هڪ سنڌي مصنف جي حيثيت ۾، وڏي ادب ۽ احترام سان ڪيو آهي. ليڪن هي مصنف، ابوالحسن جي زماني ۽ وفات يا ڄم جي سالن متعلق بلڪل خاموش ڏسجي ٿو. محمد صديق ميمڻ جي اندازي موجب، هن عالم جي وفات سن 1165هه ۾ ٿي هوندي. ان جو مطلب ته ابوالحسن به ان دور ۾ ٿي گذريو، جنهن زماني ۾ شاهه عبداللطيف، مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٿي گذريا آهن. مير علي شير هنن بزرگن جي زماني متعلق مواد ڇڏيو آهي، ليڪن ابوالحسن متعلق بلڪل خاموش آهي. مير علي شير قانع جنهن انداز سان مشهور سنڌي شاعر ميين عنات جو ذڪر ڪيو آهي، ٺيڪ ان ريت پاڻ ابوالحسن متعلق به اظهار خيال ڪيو اٿس (8). هن مان هي گمان نڪري ٿو ته، شاهه لطف الله قادري، ميون عنات رضوي ۽ ميون ابوالحسن، لڳ ڀڳ هڪ ئي زماني ۾ ٿي گذريا. هونئن به مخدوم عبدالله ۽ ”ڪنز العبرت“ متعلق ڇنڊڇاڻ ٿيڻ بعد، محمد صديق ميمڻ جي راءِ پنهنجي وقعت وڃائي ويٺي هئي. پوءِ به خبر نه آهي ته ڪيئن ايندڙ دور جي تذڪره نگارن، وري وري ساڳي ڳالهه پي دهرائي آهي.
تاريخي طرح اسان کي مذڪوره نواب جو زمانو معلوم آهي. نواب حفظ الله سن 1103هه/ 1691ع ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ جو حاڪم ٿي آيو. جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي مضبوط ٿي، مغل شهنشاهه جي قوت کي للڪاريو، تڏهن شهزادو معز الدين ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو. شهزادي جي حڪم تي نواب حفظ الله سيوهڻ ۾ پل ٺاهڻ جي ڪم جي خود نگراني ڪئي. سخت گرمي سبب کيس ڏينهن لڳو ۽ هو 1112هه/ 1700ع ۾ فوت ٿي ويو (9). مخدوم ابوالحسن جي سوانح جي ضمن ۾، محمد صديق ميمڻ هڪ وڌيڪ عملدار نواب شهادت خان جو ذڪر ڪيو آهي (ص 129). حقيقت ۾ ان نالي سان ڪو به نواب ٺٽي ۾ نه پهتو هو (10). اهڙيءَ ريت ميمڻ صاحب ٺٽي جي نوابن متعلق جيڪو مواد مهيا ڪيو آهي، تاريخي طرح اهو درست ڪونهي يا وري انهن جو زمانو صحيح نه ڏنو ويو آهي.
شيخ يوسف الدين جي هن تحريڪ لاءِ تاريخي طرح ڪوبه ثبوت ڪونهي. خبر نه آهي ته هن بيان جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ مشهور مصنف ڪاڪو ڀيرومل ان ڏس ۾ لکي ٿو:
”سمن جي صاحبيءَ کان وٺي، سنڌ جا ڪيترا لهاڻا ڦري ميمڻ ٿيا ۽ اهي وڌيا ويجهيا، ته ائين مسلمانن جو تعداد سترهين صديءَ ڌاري وڌي گهڻو ٿيو(11).
بلاشبه ننگر ٺٽو صدين کان وٺي اسلامي تعليمات جو هڪ اهم مرڪز رهندو پي آيو. لهٰذا، اتي مسلمانن جو تعداد به قدم بقدم وڌي رهيو هو. اُن پس منظر ۾ شيخ يوسف جي فرضي تبليغي تحريڪ کي ڪا به وقعت ڪانهي. بهرحال ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته سترهين صدي ڌاري سنڌي مسلمانن جي تعليم واسطي، سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ازحد ضرورت سمجهي وئي ۽ اهڙي سوچ ”مقدمة الصلواة“ کان به گهڻو وقت اڳ پيدا ٿي چڪي هئي.
عربي سنڌي رسم الخط، سنڌ ۾ اسلامي دور جي پيدائش آهي. امڪاني طرح ان جو زمانو مغل دور (ارغون، ترخان ۽ مغل) حڪومت ڏسجي ٿو. هي رسم الخط ڪهڙي تهذيبي صورت حال، ادبي ماحول ۽ سياسي حالتن ۾ وجود ۾ آيو، ان جو سرسري خاڪو همعصر ذريعن مان هن ريت ملي ٿو.
سن 93هه/ 712ع ۾ سنڌ تي عربن جو راڄ قائم ٿيو. عرب دور حڪومت سنڌ لاءِ مڪمل تهذيبي، علمي ۽ ادبي تبديلي آندي. سنڌ ۾ ان پوري عرصي ۾ عربي زبان دفترن، مدرسن ۽ درسگاهن ۾، سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ موجود رهي. عربن جي زوال کان پوءِ، هن ملڪ تي سومرن ٽن صدين (1350ع تائين) لاءِ راڄ ڪيو. هن دور ۾ به عربي زبان ڪورٽ ۽ تعليم جي ٻولي رهي(12).ان بعد سمن جي سلطنت قائم ٿي. هي بادشاهي اٽڪل روءِ ٻه صديون (1520ع تائين) برقرار رهي. هن دور ۾ فارسي زبان کي عربيءَ جي ڀيٽ ۾ اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ٿي. ليڪن ان دور جو ٺوس تاريخي ۽ علمي اڀياس ٻڌائي ٿو ته، سمن جي دور ۾ عربي ٻولي، سرڪاري ۽ تعليمي زبان طور برقرار رهي (13).
سن 927هه/ 1520ع ۾ دولهه دريا خان جي شهادت سان، سنڌ تي ارغونن جو راڄ مڙهجي ويو. هن سياسي تبديليءَ سبب، سنڌ جي سموري تهذيبي فضا توڙي علمي ۽ ادبي صورت حال تبديل ٿي وئي. سنڌ جي پنهنجي هر آرٽ، هنر ۽ فن کي مٽائڻ جي رٿا ٺهي. ارغونن مڪليءَ تي فن تعمير لاءِ به وچ ايشيا جي ڪاريگري استعمال ڪئي (14). شاهه بيگ کان پوءِ سندس پُٽ شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم بڻيو. ارغونن جي مادري زبان فارسي هئي، ان ڪري وچ ايشيا، قنڌار ۽ ايران مان سوين فارسي گو شاعر، عالم ۽ اديب سنڌ پهچڻ لڳا. انهن کي هتي هر طرح سان نوازيو ويو. شاهه حسن جي درٻار ۾ مرزا حسين بايقرا (وفات: 911هه) جو ديوان پهتو، تڏهن هو ان جي احترام ۾ با ادب اٿي بيٺو(15). هيءَ قدرداني ڏسي فخري هروي ”روضة السلاطين“ (958هه) نالي هڪ تذڪرو تيار ڪري شاهه حسن جي نالي منسوب ڪيو. فخري هروي هڪ ٻيو تذڪرو ”جواهر العجائب“ (962هه) نالي تيار ڪيو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال جي نالي منسوب ڪيائين.
سن 962هه/ 1555ع ۾ مرزا شاهه حسن وفات ڪئي. اتر سنڌ تي سلطان محمود بکريءَ راڄ قائم ڪيو. هو ظالم هوندي به فارسي علم ادب جو مداح هو. ٺٽي ۾ ترخانن جو راڄ قائم ٿيو. مرزا عيسيٰ، باقي بيگ، جاني بيگ ۽ غازي بيگ، خونريزي سبب سنڌ جي تاريخ ۾ نهايت ئي پڌرا آهن. ليڪن فارسي علم ۽ سخن پروري ڪري، سنڌ جا هي حاڪم ايران، هند توڙي سنڌ ۾ مشهور آهن. سلطان محمود بکري سن 982هه/ 1574ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن اپر سنڌ مغل سلطنت جو حصو بڻي. سن 1001هه/ 1592ع ۾ ٺٽو صوبو به اڪبري سلطنت ۾ شامل ٿي ويو. هن دور ۾ ٺٽو، سيوهڻ ۽ بکر، سرڪاري مرڪزن جي حيثيت ۾ فارسي علم ۽ شعر جي پرورش ۾ پيش پيش رهيا.
اڪبر، سلطنت جي هر حصي ۾ فارسي زبان جي ترقيءَ لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا. ان پس منظر ۾ مغل جاگيردارن، نوابن ۽ حاڪمن هن ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ خاص دلچسپي ورتي. سرڪاري ڪارندن کان علاوه هتان جي مختلف خاندانن: امير خانين، بلگرامي ساداتن، بيگلارن، پورانين ۽ شڪر الاهي سيدن، پڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي فضا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نواب امير خان، ابو نصرت خان، حفظ الله خان، امين الدين خان، احمد يار خان، محبت خان، سيف الله خان، دلير دل خان ۽ مير لطف علي پارن عملدارن ننگر ٺٽي ۾ وڏي پيماني تي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي سرپرستي ڪئي(16). هونئن ته ارغونن کان مغلن تائين، سنڌ ۾ سوين اهل قلم هئا، جي هتان جي درٻار تي ڇانيل رهيا، تاهم هي نالا ان ڏِس ۾ وڏي اهميت رکن ٿا: مير طاهر محمد، يوسف ميرڪ، سيد مير محمد، ادراڪي بيگلاري، عبدالشڪور ٺٽوي، قاضي محمود ٺٽوي، مير معصوم بکري، شاهه جهانگير هاشمي، سيد علي ثاني، عبدالغفور سيوهاڻي، محمد بن بايزيد پوراني، عطا ٺٽوي، سيد عبدالقادر، مير غلام علي آزاد ۽ عبدالرشيد ٺٽوي وغيره. هنن بزرگن سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ سنڌ اندر فارسي زبان ۾ تصوف، عرفان، تاريخ، مشاهير، لغت، تذڪري ۽ شعر و سخن جا سوين جلد تيار ڪيا ۽ انهن جو بهترين ڦل ماڻيو!
سنڌي شعر و سخن جا ابتدائي اهڃاڻ، اسان کي عربن جي دور ۾ ملن ٿا. تاهم سومرن ۽ سمن جي راڄن ۾ سنڌي شاعريءَ مناسب ترقي ڪئي. موجوده معلومات جي آڌار تي اسان کي پنهنجي علم ادب جا پختا اهڃاڻ ۽ ثبوت ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت واري زماني ۾ ملن ٿا. ملڪي توڙي ادبي سطح تي هنن ٽنهي راڄن جي حاڪميت کي هڪ زماني ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هنن سنڌ ۾ سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ حڪومت ڪئي. هن دور ۾ فارسي ادب، سرڪاري سرپرستيءَ ۾ مثالي ترقي ڪئي. هن دور ۾ سنڌي ساهت جي واڌاري ۽ عربي- سنڌي رسم الخط جي اوسر جي حوالي سان، اسان کي هي نڪتا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.
”سنڌيءَ ۾ قاضي قاضن جهڙي اهل الله، شاهه عبدالڪريم جهڙي ڪامل ولي، مخدوم محمد هاشم جهڙي فقيـﮣ ۽ مولوي ابوالحسن جهڙي محدث جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ڪنهن کان ڳجهي نه آهي“ (18).
”هن نسخي ۾ جملي 28 موضوع شامل آهن، جن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سوانح عمري، مدح ۽ منقبت، مخدوم عثمان جو چئن علمن بابت تفصيل، فارسيءَ ۽ عربيءَ مان ترجمو ٿيل ٻه رسالا، معراج نامو، نور نامو ۽ چار قصا شامل آهن. هي عربي سنڌي رسم الخط ۾ هيل تائين هٿ آيل قلمي ڪتابن ۾ جهوني ۾ جهونو نسخو آهي. هن جو ڪاتب عزت پٽ سليمان آهي ۽ ڪتابت جو سال 1068هه/ 1657ع اٿس.“ (20). هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سعيي سان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 1993ع ۾ ڇپيو آهي.
ڪوڏا ڪِئو رسالو ايء فقير جوڙي بيتن
ته هوءِ سِنڌي وائي سَهُلو ٻُجهڻ اٻوجهَنِ
پاهِنجي ٻُولِي ڪري سِگهائين اِي سکن
لطف الله چئي، لئي پيو، ور سکن ۽ پڙهن(22).
مغل دور ۾ سنڌي ادب جي واڌاري متعلق هي نڪتا ذهن ۾ رکڻ سان، اسان آڏو عربي سنڌي رسم الخط جي اوسر جو هڪ چٽو تصور اڀري ٿو.
سنڌي ٻولي تاريخ جو هڪ طويل ۽ ڪٺن سفر طئه ڪيو آهي. اسلامي دور کان اڳ به، ان کي جدا جدا صورتن ۾ قلمبند ڪيو ويندو هو. عربن کان پوءِ تاريخ جي ڪهڙي دور ۾، سنڌي ٻولي به، پنهنجي پاڙيسري فارسي زبان وانگر عربي رسم الخط ۾ لکجڻ ۾ آئي، ان متعلق ڪو چٽو مواد يا حوالو موجود ڪونهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
”اهو چئي نه ٿو سگهجي ته عربي رسم الخط، انهيءَ قديم خط جي جڳهه ڪڏهن والاري. يقيناً اسلامي فتوحات کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن (خاص طور مسلمانن) جلد ئي اسلامي خط (عربي خط) اختيار ڪيو هوندو“(24).
عربن جي ٽن صدين جي حڪمرانيءَ بعد، سنڌ ڏيهه تي سومرن طويل عرصي لاءِ حڪومت ڪئي. هنن جي زماني ۾ سنڌي ٻولي، شعر ۽ ڪلچر ۾ جان پئي. سومرن جي زوال ڌاري ابن بطوطه سنڌ پهتو. هن لاڙ ۾ هڪ ڦٽل شهر ۾ سنڌي تحرير ڏٺي هئي. هو لکي ٿو:
”اتي ڪيترين ئي ديوارين تي سنڌي زبان ۾ ڪي اکر لکيل هئا“(25). اندازو آهي ته ان تحرير جي طرز ديوناگري هئي، جيئن هن جي سفرنامي جي انگريزي ايڊيشن مان ظاهر ٿئي ٿو (26).
سمن ڄامن اٽڪل روءِ ٻه صديون، سنڌ تي آزادي ۽ استقلال سان راڄ ڪيو. هنن جي مادري زبان سنڌي هئي. سندن اٿي ويٺي ۽ محفل توڙي معرڪن جي ٻولي سنڌي هئي. فطري طور تي ان دور ۾ سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽ ترويج کي ڪافي هٿي ملي. ليڪن وطن دوست سلاطين جي حيثيت ۾، هنن سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت توڙي تحرير کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪو غير معمولي قدم نه کنيو. ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي، ليڪن جڏهن اقتدار جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ هجي، تڏهن ڪنهن به ڳالهه جو فڪر باقي نه ٿو رهي.
ارغون حاڪميت قائم ٿيڻ سان (927هه)، سنڌ جي سموري تهذيبي، علمي ۽ ادبي فضا تبديل ٿي وئي. غير ملڪي عالمن، شاعرن ۽ سوين ڌارين قبيلن جي اچڻ سان، هتان جو اصل سماجي ڍانچو لڏي ويو. سنڌي عالمن ۽ اديبن مان ڪن گجرات ۽ حجاز مقدس جو رخ رکيو ۽ ڪجهه بزرگن وطن ۾ رهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي آبياري شروع ڪئي. شيخ لاڏ جيو وطن کي ياد ڪندي گجرات ۾ ڪافيون جهونگاريندو هو (27). مڪلي ۽ ٻين درگاهن تي فقير تن صوفين سماع جون محفلون ڪري سنڌي سخن جي خدمت جاري رکي. حضرت مخدوم نوح رحه جهڙي مثالي درويش، ان دور ۾ سنڌي عوام جي بيڪسي هن ريت ظاهر ڪئي:
”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانيو ماڻهئا
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي“ (28).
سنڌ جي علمي دنيا ۾ آيل تبديلين کي هڪ عالم هن ريت ٻڌايو آهي:
”هي عجيب واقعو آهي جو ارغونن جي حڪومت جو زمانو فارسي تصنيفات جي لحاظ کان سنڌ لاءِ علمي عروج جو زمانو ثابت ٿيو. اهو ساڳيو زمانو سنڌي ٻوليءَ جي تحرير يعني لکت ۾ اچڻ جو زمانو پڻ آهي.....
مهدوي تحريڪ کان اڳ تصوف جو سمورو مواد ڪجهه عربي ۽ زياده تر فارسيءَ ۾ هو. ڀانئجي ٿو ته مهدوي تحريڪ جي بزرگن کي انهيءَ رمز جو احساس ٿيو ۽ انهن صوبائي زبانن ۾ پنهنجي خيالات ادا ڪرڻ جي ابتدا ڪئي“(29).
مرحوم محمد صديق ميمڻ، هن راءِ جي برعڪس سنڌي ادب ۾ آيل تڪڙي تبديليءَ ۽ ترقي لاءِ ارغون حڪومت کي جوابدار سمجهي ٿو. هو لکي ٿو:
”ارغون اصل مغل هئا، تنهنڪري انهن پنهنجي حڪومت ۾ ايران جا شاعر ۽ عالم آندا. شاهه بيگ وڏو پڙهيل هو، ۽ پاڻ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير پارسيءَ ۾ تيار ڪيائين. ارغونن جي حڪومت ۾ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فارسي مدرسا برپا ٿيا ۽ فارسيءَ جي تعليم رائج ٿي....
ميمڻ صاحب وڌيڪ لکي ٿو:
زيردست عالمن ارغوني درٻار جي اثر کان بيزار ٿي وڏيءَ جرئت سان سنڌي علم ادب جي خدمت ڪئي“(30).
مغل دور جي مٿي آيل تهذيبي ۽ علمي اڀياس توڙي الحاج الهه بخش عقيليءَ ۽ محمد صديق ميمڻ جي مٿي ڏنل اقتباسن جي آڌار تي، هي چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه هجڻ گهرجي ته ارغونن، ترخانن ۽ دهليءَ جي عملدارن، سنڌ ۾ جيڪا تعليمي ۽ عمراني پاليسي اختيار ڪئي، ان دور اندر سنڌي ساهت جي ترقي ۽ سنڌي- عربي رسم الخط، ان جي ردعمل ۾ نسري نروار ٿي. ان قسم جي علمي تحريڪ لاءِ عقيلي صاحب مهدوين ۽ قاضي قادن کي رهبر طور اڳتي آڻي ٿو. بلاشبه قاضي قادن هن دور ۾ سنڌي شعر ۽ بزم جي پرورش ۾ ڀلان ڀل حصو ورتو آهي (31). سورهين سترهين صديءَ ۾ حاڪمن طرفان سنڌي ساهت ۽ زبان ڏانهن جيڪو رخ اختيار ڪيو ويو، ان کي اسان جي عالمن، صوفين ۽ شاعرن وڏيءَ شدت سان محسوس ڪيو. ان جي تصديق ميمڻ صاحب مرحوم به ڪئي آهي (تعجب آهي ته ايڏو واضح هوندي به، هن صاحب ان قسم جي خاص علمي تحريڪ کي شيخ يوسف الدين جي خيالي هلچل سان لاڳو ڪري ڇڏيو). شاهه عبدالڪريم (وفات: 1623ع) جي درويشي عالم آشڪار آهي. ان بزرگ به سنڌي سخن ۾ زبردست دلچسپي ورتي. مغل دور جي زوال ڌاري ميين شاهه عنات رضويءَ جي، سنڌي سماج سان دلچسپي ۽ لاڳاپي جو هي حال هو، جو هن پنهنجي شعر ۾ ميان نصير محمد، ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وڌندڙ طاقت کي ساراهيو ۽ انهن جي فتح ۽ سوڀ لاءِ دعائون ڪيون (32). شاهه لطف الله قادري (وفات: 1679ع)، ابتدا ۾ ته فارسي زبان ۾ سلوڪ ۽ طريقت بابت ڪتاب تيار ڪيو، ليڪن ستت ئي کيس هي احساس ٿيو ته، سنڌي عوام جي تعليم ۽ تربيت لاءِ، سنڌي زبان ۾ تصنيف ضروري آهي. ان پس منظر ۾ پاڻ ”سنڌي رسالو“ جوڙي راس ڪيائين. مرحوم محمد صديق ميمڻ ان صورت حال جي پس منظر ۾ ڪهڙو نه سچ لکيو آهي:
”ديس ۾ ڌارين جي ٻولي ڪيتري به ترقي ڪري وڃي ۽ پڙهيلن جي دل ۾ گهر ڪري وڃي ته به ممڪن نه آهي ته عام ماڻهن لاءِ اها زبان مقبول ۽ محبوب ٿيندي“ (33).
شاهه لطف الله قادري پنهنجي دور جو ناليرو عالم ۽ درويش هو. هن بزرگ پنهنجي پوري ارادي ۽ نيت سان، سنڌي عوام جي تعليم واسطي سنڌي رسالو تيار ڪيو. خاطري آهي ته ان جي ذهن ۾ پنهنجي پورهئي کي، پني تي اتاري محفوظ ڪرڻ ۽ عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي سوچ ۽ تصور به موجود هوندو. عربي- سنڌي رسم الخط ۾ تصنيف تاليف جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ پختو مثال ۽ ثبوت، قادري صاحب جي سنڌي رسالي کان به ڏهاڪو کن ورهيه اڳ جو، اڄ اسان جي آڏو موجود آهي. عزت پٽ سليمان سن 1068هه/ 1657ع ۾، عربي سنڌي خط ۾ مختلف عنوانن تي هڪ ڪتاب نقل ڪيو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هي واقعو ان دور جو آهي، جڏهن اورنگزيب وڏي ڪَشت و خون سان، مغل شهنشاهت تي قبضو ڪيو هو. مخدوم ابوالحسن جو ”مقدمة الصلواة“ هن رسالي کان پوءِ تيار ٿيو آهي. الف اشباع جي طرز جي نظم جو باني به، ٺٽائي بزرگن کي سمجهيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي نظم جو پهريون مثال، اسان کي ابوالحسن جي تصنيف کان هڪ صدي اڳ، پير محمد لکويءَ جي ضمن ۾ ملي ٿو.
هت هي سوال ٿو اٿي ته جڏهن وسيع پيماني تي سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ضرورت سمجهي وئي، تڏهن ديوناگري يا ٻين قسمن جي رائج الوقت رسم الخط کي ڇو نه اختيار ڪيو ويو؟ مرحوم الهه بخش عقيلي ان متعلق لکي ٿو:
”سنڌي زبان هڪ ٻولي جي حيثيت ۾ ته تمام آڳاٽي آهي، پر ان کي هڪ مستقل تحريري شڪل ڏيڻ جو مرحلو ان وقت پيش آيو، جڏهن قاضي قاضن ۽ ان کان پوءِ ايندڙ بزرگن اسلامي تعليمات ۽ تصوف جي مسئلن بيان ڪرڻ لاءِ ان کي سنڌي عوام جي خاطر هڪ ذريعي طور اختيار ڪيو. جيئن ته هنن جو ڪوششون خالص اسلامي نوعيت جون هيون، تنهنڪري اصلي پراڪرت جو قديم رسم الخط هنن کي انهيءَ مقصد لاءِ موزون نظر نه آيو“ (34).
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن قسم جي تحريڪ خاص اسلامي تعليم جي پکيڙڻ لاءِ ظاهر ٿي، تاهم ان جي پس منظر ۾ جيڪي به بزرگ هئا، انهن پنهنجي دور جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي تنگ نظر پاليسين کان هٽي، همـﮣ گير پيغام واري وحدت الوجودي فلسفي جو پرچار شروع ڪيو. ان ريت قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات، سنڌي زبان کي جيوت به بخشي ۽ ان جي سماجي ڪارج ۾ به تازگي پيدا ڪئي. بعد ۾ ايندڙ شاعرن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ساميءَ پنهنجن اڳين بزرگن جي مشن کي تڪميل تي پهچايو.
عربي- سنڌي رسم الخط جو موجد ڪير هو يا ان خاص ڪهڙي زماني (ارغون يا ترخان يا وري مغل) ۾ جنم ورتو، ان متعلق في الحال ڪجهه چوڻ مناسب ڪونهي. سنڌي سماج صدين کان ڇڙوڇڙ پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. سورهين سترهين صديءَ ۾ جڏهن عربي رسم الخط ۾ سنڌي ڪتب نويسي شروع ٿي، تڏهن عالمن متحد يا متفق ٿي، ان قسم جي رسم الخط کي جنم نه ڏنو، ليڪن حالتن جي دٻاءُ تحت اتر کان لاڙ تائين، هر محب وطن اديب، شاعر يا مصنف، پنهنجي روءِ سوءِ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جاري رکي. اوڻيهين صديءَ ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن عربي رسم الخط ۾ سنڌي ڪتابن جو چڱو تعداد موجود هو. ان کان علاوه متعدد ٻيا خط به ان وقت ڌاري سنڌ ۾ رائج هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي زبان کي صوبي جي واحد سرڪاري ٻولي بنايو، تڏهن ان لاءِ هڪ متفق رسم الخط جي ضرورت اڃا باقي هئي (35).
ادبي محققن بنا ڪنهن تاريخي جواز جي، مخدوم ابوالحسن کي ڪلهوڙن جي دور جو مصنف سڏيو آهي. اسان جي تحقيق موجب هي بزرگ به ان دور ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ميين شاهه عنات ۽ لطف الله قادري پنهنجو ادبي ڪردار ادا ڪيو. مخدوم صاحب سڄي زندگي ننگر ٺٽي ۾ گذاري ۽ پنهنجو ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ ۽ ڪي ٻيا رسالا هن ئي شهر ۾ تيار ڪيا. تاهم سندس دور جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم واقعا ذهن ۾ رکڻ گهرجن: