سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574486   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ هڪ بُڻائتي ۽ قديم ٻولي آهي، جنهن جو ادب صدين کان شاهڪار، شاهوڪار، وڌندڙ ۽ ويجهندڙ آهي. هن ٻوليءَ جون پاڙون موهن جي دڙي جي پوريل تهذيب ۾ کتل ۽ قديم آهن. سنڌي ٻولي صدين جو سفر ڪندي، پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ سان گڏ اڄ به نه صرف سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پر پنهنجي پاڙيسري صوبن بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کان علاوه، دنيا جي ٻئي نمبر آباديءَ واري ملڪ هندستان ۾ به هن ٻوليءَ جا ڪيترائي ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ ٻين ملڪن جهڙوڪ هانگ ڪانگ، عرب امارات، انڊونيشيا، عمان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ کي تاريخ جي هر دؤر ۾ اهڙا شاعر، عالم ۽ اديب مليا آهن، جن ان جي آبياري ڪئي آهي. هيءَ ٻولي هڪ مڪمل علمي، ادبي زبان آهي، جنهن کي ججهو لغت جو ذخيرو آهي، ادب جو قديم خزانو آهي. منجهس لوڪ ادب جا انبار آهن. هن ٻوليءَ جي لوڪ ادب مان هتي جي جيوت جا نشان عيان آهن. اهڙيءَ طرح اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، قصن، ڪهاڻين ۽ شعرن جو هڪ وڏو خزانو موجود آهي ۽ هن جو هڪ معياري رسم الخط آهي. سنڌي ٻولي برصغير جي انهن ٿورين ٻولين مان هڪ آهي، جنهن جو علم اللسان جي مطابق اڀياس ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ادب ۽ زبان جي ترقيءَ ۽ اڀياس ۾ ڏيهي اديبن ۽ عالمن کانسواءِ پرڏيهي عالمن به ڀرپور حصو ورتو آهي.

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جا اهڃاڻ صرف راءِ دؤر (495-632ع) کان ئي ڳوليون ته ’چچ نامي‘ جي آڌار تي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا ان ۾ لکپڙهه به ڪندا هئا. علم و ادب جا ماهر به موجود هئا، جن جي همت افزائي به ڪئي ويندي هئي. ’چچ نامي‘ ۾ راءِ سهاسي ٻئي (II) بابت اچي ٿو ته: ”هن کي مختلف علمن سان خاص لڳاءُ هوندو هو. ملڪ ۾ تعليم لاءِ خاص وزارت هوندي هئي.“ ان دؤر لاءِ گمان آهي ته ان دؤر ۾ سنسڪرت، هندي ۽ فارسيءَ جي موجودگيءَ سبب سنڌي ٻوليءَ تي انهن جو به اثر هوندو. ايران سنڌ جو سرحدي ملڪ هو جتي فارسي رائج هئي. ايراني سنڌ تي ڪاهون به ڪري چڪا هئا. اهڙي طرح هندستان وارا به سنڌ جا پاڙيسري هئا ۽ سنڌ تي ڪاهون  به ڪندا هئا. راءِ دؤر کانپوءِ برهمڻ دؤر(632-712ع) آيو، هن خاندان جو بنياد راجا چچ رکيو، جنهن وٽ راءِ حڪومت ۾ تعليم جو قلمدان هو. سنڌي سماج ۾ مقامي ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، جنهن جي ثابتي آثار قديمه مان ملي چڪي آهي. تحرير جو رواج پايه تڪميل کي پهتل هو. ننڍي کنڊ ۾ ان وقت ديومالا کان ڌرمي ادب جو دؤر هو، جنهن کان سنڌ ڪيئن وانجهيل هوندي! عرب سياحن جي سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ وارا علم جوتش، علم نجوم، علم رياضي، علم طب ۽ ٻين علمن ۾ مهارت رکندا هئا. ان مان اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن علمن جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڪي ادارا هوندا، ڪي عالم هوندا، تحريري علم و ادب جو بندوبست هوندو، جيڪو اتان جي ئي زبان ۾ هوندو.

عرب دؤر  (712-1050ع)۾ سنڌي زبان تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ ان جي نئين سر تشڪيل ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق ”عرب دؤر حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بدلي، ٻوليءَ جي تمدني سرمائي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ صورتخطيءَ ۾ تبديلي آئي ۽ اها عام رائج ٿيڻ لڳي، جيتوڻيڪ ٻيون مقامي صورتخطيون پڻ هلنديون هيون.

هن دؤر جي سنڌي ادب ۽ سنڌي رسم الخط جي باري ۾ عرب سياحن جي سفرنامن مان معلومات ملي ٿي ته انهن جا رسم الخط مختلف هئا. جاحظ (864ع) مطابق: ”سنڌ جا ماڻهو علم رياضي ۽ علم نجوم ۾ تمام اڳتي آهن. هنن کي لکڻ لاءِ پنهنجي زبان ۽ رسم الخط آهي.“

اهڙي طرح بشاري مقدسي (985ع) موجب: ”ديبل جا ماڻهو واپاري آهن، اهي سنڌي ۽ عربي ڳالهائين ٿا.“ اهڙي طرح ابن نديم، البيروني اصطخري، ابن حوقل، ابن بطوطه ۽ ٻين عرب سياحن وٽان سنڌي علم و ادب ۽ زبان جي جهجهي معلومات ملي ٿي.

عربن جي اچڻ سان سنڌ ۾ ڪيتريون درسگاهون کليون، ديبل، سيوهڻ، منصوره، ملتان وغيره علم و ادب جا وڏا مرڪز هئا. اسلامي تعليم لاءِ خاص جتن ڪيا ويا. مستند ذريعن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. عالمن عربيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ کي به زور وٺرايو. عرب دؤر ۾ سنڌي زبان جي لفظن ۾ وڏو ذخيرو اچي ويو. ان جو وڏو سبب عربي ۽ سنڌيءَ جو پاڻ ۾ ميلاپ هو. هن دؤر ۾ سنڌي ادب جا پڻ ڪيترائي اهڃاڻ ملن ٿا. سنڌي شاعري، سنڌي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما، سنڌي عالمن ۽ اديبن جا عربي زبان ۾ شاندار ڪارناما وغيره هن دؤر جي ادب جي خوبين ۾ شامل آهن.

عربن کانپوءِ سومرن جو دؤر (1050-1350ع)، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لحاظ کان اهم تصور ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن دؤر ۾ سنڌي زبان سنڌ جون سرحدون اورانگهي پري پري تائين پکڙجي ويئي. سنڌي زبان ۽ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جون زبانون هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيون. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٿري ۽ ڍاٽڪي محاورن جي اوسر ٿي. هن دؤر لاءِ خيال آهي ته ”عربي“ ۽ ”سنڌي“ سرڪاري زبانون هيون. البته فارسي زبان جو تسلط هن دؤر کان شروع ٿي چڪو هو. علي ڪوفي ۽ قلندر لعل شهباز هن ئي دؤر ۾ فارسي زبان، شعر ۽ علم کڻي سنڌ آيا ۽ ڇانئجي ويا. عرب دؤر ۾ لکيل عربي ڪتاب ”فتح نامه السنڌ“ جو ترجمو علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾ ڪيو جيڪو پوءِ ”چچ نامي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

سومرا حڪمران جيئن ته سنڌي هئا، ان ڪري سنڌي زبان جو اسرڻ هڪ فطري عمل هو. هن دؤر ۾ آيل سياسي استحڪام ۽ معاشي خوشحاليءَ جو اثر هن دؤر جي ادب، فن ۽ ٻوليءَ تي نمايان آهي. هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مقامي لهجن، سياسي ۽ جاگرافيائي تبديلين ۽ مذهبي جماعتن جي تبليغن جي ڪري هزارين نوان لفظ، محاورا ۽ اصطلاح سنڌي زبان ۾ شامل ٿيا، جن نه فقط سنڌي ٻوليءَ کي سونهن بخشي، پر ان ۾ خاص صوتياتي نظام به پيدا ٿيو ۽ لغت ۾ واڌارو آيو. هڪ خاص لپي ايجاد ٿي، جنهن ۾ اسماعيلي عقيدن جو مذهب لکيو ويو. موجوده تاريخ جا مؤرخ ۽ لسانيات جا ماهر ان کي ”خواجڪي سنڌي“ سڏين ٿا. هن لپيءَ ۾ اسماعيلي مبلغن جا گنان لکيا ويا. سومرن  جي دؤر جي سنڌي شاعري ۾ بيت، ڳيچ، ڳاهون، سورٺا وغيره اچي وڃن ٿا.

 سمن جو دؤر(1350-1520ع) سنڌ جي تاريخ جو اهم ۽ خوشحال دؤر رهيو آهي. ادبي تاريخ ۾ هي دؤر قاضي قادن جو دؤر آهي، ڇو جو هو هن دؤر جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. هن دؤر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب پنهنجي موضوع ۽ وسعت ۾ بي پناهه طاقت حاصل ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو هن دؤر کي ”سنڌي ادب جو تعميري دؤر“ به چيو ويندو آهي. هن دؤر ۾ سنڌ جي رياستي زبان فارسي ٿي چڪي هئي. تعليمي درسگاهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي، پر جيئن ته سما حڪمران خود سنڌي هئا ان ڪري سنڌي زبان جو ترقي ڪرڻ لازم هو. هن دؤر ۾ سنڌي زبان سرائڪي ۽ پنجابيءَ تي به وڏو اثر ڇڏيو. مهدوي طريقي جو باني سيد ميران محمد مهدوي ۽ مراڪش جو مشهور سياح ابن بطوطه سمن جي وقت سنڌ ۾ آيا. اهو ئي هن دؤر جي علم ادب ۽ زبان جي ترقيءَ جي عروج جو ثبوت آهي.

شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي قبضو ڪري سنڌ جي آزاديءَ جي عظيم دؤر جو انت آندو. سنڌي ٻولي ۽ ادب تي هيڪر وري ڏکيا ڏينهن اچي ويا. ارغونن جي دؤر (1520-1555ع)۾ فارسيءَ جي حيثيت سنڌ ۾ سامراجي ٻوليءَ واري ٿي ويئي. سمن جي دؤر ۾ فقط ٺٽي شهر ۾ سوَن جي تعداد ۾ تعليمي ادارا هئا، جتي سنڌيءَ سان گڏ ٻين ٻولين جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ارغونن سنڌي معلمن جي حوصله شڪني ڪري فارسي تعليم تي زور ڏنو. هن دؤر ۾ اسان کي ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ملي ٿو، جن ملڪي حالتن کي ڏسي سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري وڃي ٻيا ملڪ وسايا. هڪ طرف سنڌ مان عالمن جو لڏڻ ته ٻئي طرف حڪمرانن جي مادري زبان فارسيءَ کي سرڪاري سرپرستيءَ ملڻ سان سنڌيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جو ارغون حڪمران شاهه حسن خود به فارسي زبان ۾ نظم ۽ نثر لکندو هو. هن لاءِ مشهور هو ته هُو فارسي زده عالمن ۽ شاعرن جي خوب حوصله افزائي ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو ڪيترا سنڌي عالم به فارسيءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. ان جو نتيجو بهرحال اهو نڪتو جو سنڌي ۽ فارسيءَ هڪٻئي جو اثر قبول ڪيو ۽ فارسيءَ جا ڪيترائي نوان لفظ سنڌيءَ ۾ شامل ٿيا. سنڌ بابت فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيا ويا. سنڌ جا افسانوي ۽ رومانوي موضوع سنڌ جي مقامي ماحول سان فارسي شاعري ۽ نثر جي زينت بڻيا. سنڌي لفظ فارسي عبارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳا ۽ فارسي تصنيفن ۾ سنڌي بيتن ۽ عبارتن جا پيوند لڳا. هي سلسلو ترخان دؤر ۾ اڃا به وڌيو ۽ مغل دؤر ۾ پنهنجي عروج تي پهتو.

ترخانن جو دؤر(1555-1592ع) ادبي لحاظ کان شاهه ڪريم جو دؤر آهي. ارغونن کانپوءِ ترخانن تائين سنڌ ۾ فارسيءَ جو وڏو ڪردار آهي. عموماً سنڌي نسل جا شاعر فارسيءَ ۾ شعر چوڻ تي فخر ۽ برتريءَ جو اظهار ڪندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ فارسي عام ماڻهن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو به ذريعو بڻجي چڪي هئي. ڪيترائي فارسيدان سنڌ ۾ مقيم هئا. ان جي برعڪس سنڌي شاعرن، ٻوليءَ جي رکوالن نج سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. شاهه ڪريم، مخدوم نوح، عثمان اگهم ڪوٽي، عثمان درٻيلائي، مخدوم پير محمد لکوي ۽ ٻيا هن دؤر جا نمائندا شاعر آهن. ٻئي طرف سنڌي زبان سرڪاري سرپرستي نه هئڻ باوجود سنڌ جون سرحدون اورانگهيون. هن دؤر ۾ دادو ديال جو نالو ملي ٿو، جيڪو راجستان جو رهاڪو هو. هو نه صرف قاضي قادن جي فڪر ۽ فلسفي کان متاثر هو پر هن سنڌي زبان ۾ شاعري پڻ ڪئي.

مغلن جي دؤر حڪومت (1592-1700ع) ۾ فارسيءَ کي هيڪاري وڌيڪ سرپرستي ملي، ڇو جو مغل هئا ئي فارسيدان. سنڌ ۾ پهاڪو مشهور ٿيو ته ’مغلن اڳيان فارسي وسريو وڃي‘. هن ئي دؤر ۾ اهو به مشهور ٿيو ته ’فارسي گهوڙي چاڙهسي.‘ هن دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياسي حالتن تي ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيا ويا. ادب پنهنجي ملڪي حالتن جو ردعمل هوندو آهي ۽ زبان ان ردعمل جو بهترين اظهاري وسيلو هوندي آهي. مغلن فارسي ادب ۽ زبان کي ترقي ڏيارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.  ٻئي طرف سنڌي اديبن، شاعرن ۽ عالمن به سنڌي زبان کي وڌائڻ ۾ ڪابه ڪمي نه ڪئي. سنڌي زبان ۾ تعليمي نظام شروع ٿيو. مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ لپي جوڙي ’مقدمة الصلواة‘ لکيو، ۽ نصابي روايت وڌي، ائين نئين سنڌي صورتخطي ايجاد ٿي. هيءَ هڪ تحريڪ هئي، جنهن جو اثر ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جابجا نظر اچي ٿو.

سنڌي زبان جي محبت ۽ ميٺاج غير سنڌين کي به پنهنجو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڄام ننگر، گجرات ۾ جنم وٺندڙ مهراج پراڻناٿ سنڌيءَ ۾ سلوڪ چيا. هتي سنڌ ۾ شاهه لطف الله قادري، فاضل بکري، عثمان احساني، ميون شاهه عنات رضوي، ميون عيسو هالائي، شاهه عنايت صوفي، احسان فقير جهڙا شاعر موجود هئا، جن سنڌي زبان جي آبياري پئي ڪئي.

ڪلهوڙن جو دؤر (1700-1782ع) سنڌي ادب جي تاريخ ۾
”سونهري دؤر“ سڏيو وڃي ٿو. هي دؤر” شاهه لطيف جو دؤر” آهي. حڪومت هڪ دفعو وري مقامي نسل جي گهراڻي جي هٿ ۾ هئي، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. جيتوڻيڪ ملڪ جي دفتري زبان فارسي هئي، پر گهريلو ۽ عام روزمره استعمال جي ٻولي سنڌي هئي. سنڌي زبان کي حڪومتي سرپرستي ملڻ ڪري به ترقي ملي. اهو ئي سبب هو جو سنڌي ٻوليءَ کي سياسي حالتن ڪري گهڻي ترقي ملي. ڪڇي، ڪاٺياواڙي، سرائڪي، لاسي، جيسلميري ۽ بلوچي زبانن جو اثر سنڌي زبان قبول ڪيو ۽ مٿن پنهنجو اثر ڇڏيو. هزارين نوان لفظ، محاورا ۽ اصطلاح سنڌي زبان ۾ شامل ٿيا. مخدوم ابوالحسن واري جديد عربي لپيءَ جي ٺهڻ ڪري ڪتاب لکجڻ سان هڪ تحريڪ شروع ٿي. بنيادي طور تي هن دؤر ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي مدرسا هلندڙ هئا، جن کي هاڻي عربي ۽ فارسيءَ بدران سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ان تحريڪ کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، مخدوم عبدالله نرئي، عبدالخالق ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، مولوي محمد حسين ۽ ٻين عالمن وڌايو. هنن عالمن الف اشباع جي طرز کانسواءِ شاعراڻي نثر (Poetic Prose) جو به بنياد وڌو. اهڙيءَ ريت هن دؤر ۾ سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل مختلف خيالن، احساسن، آسن، اميدن ۽ ذهني اظهار جي ترقيءَ ڪري ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ٿي.

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ سبب گهڻي ۾ گهڻا شاعر پيدا ٿيا. لوڪ ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي، شاعريءَ ۾ فني پختگي آئي، ديني ادب عروج تي پهتو، اسلامي تصوف ۽ هندو ويدانت جو فلسفو شاعريءَ ۾ غالب ٿيو. شاعريءَ جون نيون صنفون ايجاد ٿيون. ٻئي طرف عروضي شاعري سنڌي شاعريءَ ۾ شروع ٿي. تصوف ۽ ويدانت جي فڪرن جي اظهار سبب ٻوليءُ جي شاهوڪاريءَ جي ڪري شاعري ۾ روشن خيالي مذهبي، رواداري، انساني برابري ۽ انسان دوستي جهڙن قدرن جنم ورتو. هن دؤر جو عظيم شاعر شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ آهي، جنهن بلاغت، سلاست ۽ جدت جا لاڙا متعارف ڪرايا.

ٽالپرن جي دؤر (1782-1843ع) ۾ سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور ٿيو ته:”آيا مير ڀڳا پير“.هي دؤر ادبي طور تي “سچل سرمست جو دؤر “آهي. ٽالپر حڪمران نه صرف علم و ادب سان چاهه رکندا هئا، پر شاعرن عالمن جي همت افزائي به ڪندا هئا. هن دؤر ۾ لکت وارو ادب ڪافي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ڪافي حد تائين هڪجهڙي صورتخطي لکجڻ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي نگاريءَ جو رواج پيو. جيتوڻيڪ، ملڪ جي دفتري زبان فارسي ۽ حڪمرانن جي مادري زبان سرائڪي هئي، پر هنن سنڌي زبان کي ترقي ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. رچرڊ برٽن ان وقت ۾ سنڌ ۾ برٽش ريزيڊنٽ هو، تنهن ملڪ جي تدريسي نظام تي روشني وجهندي، ان وقت جي مڪتبن ۾ رائج ٿيل سنڌي نصاب جي فهرست ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نثر ۽ نظم جا ڪتاب شامل آهن. يعني هن دؤر جي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مقرر نصاب شامل هوندو هو. ٻئي طرف هن دؤر ۾ فارسي زبان جو به اثر تمام گهرو هو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تعلقات تمام ويجها هئا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي شاعريءَ ۾ عروضي شاعري پنهنجي عروج تي پهتل هئي. سنڌي نثر جي باقاعده شروعات ٽالپرن جي دؤر ۾ ٿي. ان سلسلي ۾ آخوند عزيز الله جو نالو اچي ٿو، جنهن قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ برطانوي دؤر (1843-1947ع)جو عرصو، قديم سماج کان جديد سماج ۾ پير پائڻ جو وچ وارو عرصو آهي. انگريزن پنهنجي مفاد ۾ ئي سهي، پاڻ سان گڏ اها ٽيڪنالاجي به آندي، جيڪا هنن وٽ برطانيه ۾ هئي. هو سچ پچ تاريخ ۾ داناءُ دشمن ٿي آيا، جڏهن ته مقامي حاڪم نادان دوست هئا. انگريزن هتي جديد علم متعارف ڪرايا. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريز پهريان حڪمران هئا جن سرڪاري سطح تي سنڌي الف- ب تيار ڪرائي. هتان جي عوامي سهڪار سان نوان اسڪول، ڪاليج کوليا، جن ۾ انگريزي زبان سان گڏ سنڌيءَ به وڏي ترقي ڪئي. سنڌيءَ لاءِ سرڪاري سطح تي الف- ب جي مقرر ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ انقلاب اچي ويو. صدين جي رهيل ڪسرڄڻ ٿوري عرصي ۾ پوري ٿيڻ لڳي. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنهن ڪري رسالا، اخبارون جاري ٿيا ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان عمل سان انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي تسليم ڪندي، هتان جي عوام جي ثقافتي تشخيص جي مقامي قدرن ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٻولي ڪنهن قوم جي ثقافت جو بنياد ۽ ان جي فروغ جو اهم ذريعو هوندي آهي، ان ڪري تاريخ ۾ پهريون دفعو هتان جي عوام جي وچ ۾ ٻوليءَ ذريعي تخليقي رشتا قائم ٿيا. وچولي، اترادي، لاڙي، ٿري ۽ ڪوهستاني لهجا ڳالهائيندڙ ماڻهو جيڪي هن کان اڳ ثقافت جي مختلف درجن تي پهتل هئا، تن جي وچ ۾ مضبوط رابطو قائم ٿيو. ۽ ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. ٻئي طرف يورپ جي سائنسي علمن سان هتان جي عوام جي واقفيت ٿي. سنڌي ادب ۾ شاعري ۽ نثر ۾ هر اها صنف شامل ٿي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ جي ادب ۾ هوندي آهي.

1947ع ۾ انگريزن ننڍي کنڊ کي الوداع ڪري گڏيل هندستان ۾ ٻن آزاد رياستن پاڪستان ۽ ڀارت جو قيام آندو. ”سنڌ“ پاڪستان جو صوبو بڻيو ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. دنيا جي تاريخ جي وڏي لڏپلاڻ ٿي. سنڌ جا ڪيترائي هندو هندستان لڏي ويا ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان اردو ڳالهائيندڙ مسلمان آيا ۽ شهرن ۾ آباد ٿيا. سنڌي ٻوليءَ کي هڪ دفعو ٻيهر نئين ٻوليءَ، تهذيب ۽ تمدن سان واسطو پيو. ان کان علاوه، روزگار سانگي پاڪستان جي ٻين صوبن جي شهرين پڻ سنڌ جي شهرن ڏانهن رخ ڪيو. هاڻي سنڌ ۾ ثقافتي گهڻ رنگي (Cultural Diversity) پيدا ٿي پئي، جنهن ۾ سنڌي زبان کي پروان چڙهڻو هو.

آزاديءَ کان پوءِ اهو خيال ڪيو ويو ته سنڌي ادب ڏينهن رات ٻيڻي چئوڻي ترقي ڪندو، پر ائين نه ٿيو. خاص طور تي سنڌي ناول، سنڌي ڊرامو، سنڌي اسٽيج پروگرام، سنڌي نثر جون ٻيون صنفون خاص ترقي ڪري نه سگهيون. وقت سان گڏوگڏ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿيندا رهيا، تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو ويو ۽ ادب ۽ ٻوليءَ ڏانهن توجهه ۾ گهٽتائي ايندي وئي. ون يونٽ جي قيام ويتر حالتن کي وڌيڪ ناسازگار بنايو. ان جي خلاف تحريڪون هليون، اديبن شاعرن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ هلچل هلائي. هن دور ۾ سڄي سنڌ ۾ مزاحمتي ادب تخليق ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ علمي ادبي ادارا وجود ۾ آيا.

موجوده دور گلوبلائيزيشن جو دور آهي. ان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وڏا چئلينج سامهون آهن. ڌارين ٻولين جي اثر ۽ برتر حيثيت سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ادب جي ميدان ۾ به اڳوڻو اوج نظر نٿو اچي. ادب ۾ فڪري رجحان ۽ نوان موڙ گهٽ ٿي رهيا آهن، يونيورسٽين جي پروفيسرن جو تحقيق طرف رجحان تمام گهٽ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن جي اثر جو رجحان تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. اخبارن ۽ ٽيلي ويزن وسيلي غير معياري ٻوليءَ جو ڦهلاءُ عام ٿي رهيو آهي. نوجوان نسل ڪتابن جي بجاءِ فلمن ۽ راندين ۾ مشغول آهي ۽ پنهنجي ماضيءَ جي سرمايي کان بي خبر لڳو پيو آهي. شهرن ۾ سنڌي ٻار اردو ۽ انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. اڄ جي مقبول برقي آمد و رفت موبائيل فون تي پيغام (Message) به سنڌيءَ بدران اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو. مطلب ته موجوده 21 صديءَ ۾ سنڌي زبان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تذڪري بعد، موجوده ترتيب ڏنل مضمونن بابت عرض آهي ته هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ۽ مضمون سنڌ جي نالي وارن اديبن، عالمن ۽ ماهر لسانيات جا لکيل آهن. هي سڀئي مضمون مشهور رسالن ۽ ڪتابن تان کنيل آهن. اگر ڏٺو وڃي ته موضوع جي لحاظ کان هن ڪتاب ۾ ٽن قسمن جا مضمون آهن: 1. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي پسمنظر وارا مضمون، جن ۾ مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي، ۽ تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. 2. انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي مختلف ٻولين جا پيل اثر بيان ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردو زبانون اچي وڃن ٿيون. خاص طور تي انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي الف- ب جي نئين سر جوڙجڪ، ادبي ترقي 3. ٽئين قسم ۾ موجوده دؤر جي حساب سان سنڌي ٻوليءَ جي سائنسي، سماجي، علمي، اخباري علمن جي لحاظ کان وسعت ۽ صلاحيت کي زير بحث هيٺ آندو ويو آهي. مطلب ته هي تربيت ڏنل ڪتاب سنڌي زبان جي مڙني پاسن جي اڀياس کي پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن کي بهترين ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. انهن مان ڪن مضمونن يا سندن لکندڙن جو ٿورو پس منظر ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.

سنڌي ٻولي :هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪ مضمون ”سنڌي ٻولي“ نئين زندگي رسالي جي سيپٽمبر 2001ع واري پرچي تان ورتل آهي. هي مضمون بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر تي روشني وجهي ٿو، جنهن ۾ تاريخ جي اڳ واري زماني کان وٺي موجوده دؤر جي 1973ع واري عرصي تائين ٻوليءَ جي ترقي، اهميت ۽ عظمت کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. مضمون ۾ مفروضن جي بنياد تي سنڌي ٻولي، قديم رسم الخط، واڌ ويجهه ۽ ادبي اهڃاڻن تي به مفصل روشني وڌي ويئي آهي. مطلب ته پورو مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پهلوئن کي کولي بيان ڪري ٿو.

سنڌ جي ٻولي :ڪتاب ۾ ڏنل مضمون ”سنڌ جي ٻولي“ نالي واري ليکڪ، اسڪالر ۽ انجنيئر ايم. ايڇ پنهور جو لکيل آهي، جيڪو محبت ٻرڙي ترجمو ڪيو آهي. هن مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي تلاش 4 هزار ورهيه ق- م کان ڪئي ويئي آهي. هي مضمون جاگرافي، آرڪيالاجي، ۽ رگ ويد جي سنسڪرت جي آڌار تي لکيو ويو آهي. پنهور صاحب جي راءِ مطابق سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد پروٽو انڊو- يورپي ٻولي آهي. ان جي اوڀر واري شاخ آهي. ”پروٽو انڊو- ايراني“ ان مان پروٽو ايراني (اوستا، پهلوي، فارسي) پروٽو سنسڪرت (رگ ويدي سنسڪرت ۽ ڪلاسيڪل سنسڪرت) پروٽو- انڊين (پروٽو سنڌي، پروٽو لهندا، پروٽو پنجابي، هندستان جون ٻيون آريائي ٻوليون) نڪتيون آهن. پنهور صاحب جو مقالو ڳوڙهي اڀياس، حوالن ۽ موضوع جي لحاظ کان شاندار آهي، جنهن کي محبت ٻرڙي صاحب انتهائي قابليت سان ترجمو ڪري، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد ۾ شايع ڪرايو هو.

قديم زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ميلاپ : هي مضمون ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب جو لکيل آهي، هي مضمون سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان نڪرندڙ تحقيقي رسالي ”ڪينجهر“ تان کنيو ويو آهي. ڊاڪٽر هدايت پريم جون سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي خدمتون آهن. هن سنڌي ٻولي جي مختلف پهلوئن تي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب پڻ لکيا آهن. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم سنڌي ٻولي بابت آيل نظرين ۽ ان تي ٿيل اثرن جي روشني ۾ ٻين ٻولين کي زير بحث آندو آهي.

سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد ۽ اوسر :ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي انهن عالمن، مان هڪ آهي، جن سنڌي ٻولي تي عقلي دليلن ۽ سائنسي اصولن مطابق تحقيق ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس مقالو ”سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد ۽ اوسر“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي طرفان نڪرندڙ جرنل ”ڪلاچي“ تان کنيو ويو آهي. هن طويل مقالي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد متعلق ڏنل نظرين تي تنقيدي نظر وڌي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج ميمڻ صاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، ايم. ايڇ پنهور صاحب جا نظريا اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر جيٽلي جهڙي نموني مٿين عالمن جي نظرين جو اڀياس ڪيو آهي. اهڙي ئي سهڻي نموني هن پنهنجي علمي کوجنا موجب قديم دؤر کان سنڌي ٻوليءَ جي اصل جي تلاش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڀارتيه آريه ٻولين جي اوسر هاڻوڪين هندستاني آريه ٻولين جي ترقيءَ جون منزلون، اوائلي پراڪرت ٻولين وغيره کي کولي بيان ڪيو آهي.

ورهاڱي بعد ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديليون: هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو هي ٻيو مقالو آهي، جنهن ۾ هن هند ۽ سنڌ ۾ موجوده دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ تي روشني وڌي آهي.

سنڌي زبان جو بنياد ۽ موهن جو دڙو: هي مضمون پروفيسر مظهر علي قريشيءَ جو آهي. جيڪو نئين زندگي نومبر ڊسمبر 1992ع تان ورتل آهي. پروفيسر قريشي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد کي موهن جي دڙي جي تهذيب جي آڌار تي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت آيل نظرين کي زير بحث آڻي ٿو ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ لکت تي به روشني وجهي ٿو. سندس خيال آهي ته موهن جي دڙي ۾ سنڌي ٻولي جي اصل نسل جون پاڙون پختيون ۽ محفوظ ٿيل آهن.

سنڌي ڀاشا ۽ ان جو اصل نسل: هي مضمون لعل سنگهه اجواڻيءَ جو لکيل آهي. سندس مشهور ڪتاب ”History of Sindhi Literature“ جو ترجمو هيرو شيوڪاڻي ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي نالي سان ڪيو آهي، جنهن تان هي مضمون کنيو ويو آهي. پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي انگريزي ادب جو استاد هو، پر پنهنجي ٻوليءَ جو شيدائي ۽ خادم رهيو. سنڌي ايڊوائيزري بورڊ جو ڪنوينر به لاڳيتو رهيو ۽ سرڪاري سطح تي حڪومتي اداري ساهتيه اڪيڊمي جو به انتهائي موثر رڪن هو. هن مضمون ۾ سنڌي ٻولي جي اصل نسل بابت ڪاڪي ڀيرومل واري نظرئي جو حامي آهي. سندس خيال ۾ ”سنڌي بنيادي طور سنسڪرت نسل جي ڀاشا آهي.“

سنڌي ٻولي 1500ع کان 1843ع تائين :هن ڪتاب ۾ ٻه مضمون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال“ ترتيب ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي تان کنيا ويا آهن. جيڪي 21 فيبروري 2000ع تي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي سلور جوبليءَ جي موقعي تي سيمينار ۾ پڙهيا ويا هئا.

سيمينار ۾ پڙهيل هڪ مضمون ”سنڌي ٻولي 1500ع کان 1843ع تائين“ هيري ٺڪر جو لکيل آهي. هن صاحب 1500ع کان سومرن ۽ سمن جي دؤر کان وٺي انگريزن جي آمد تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جو مجموعي جائزو ورتو آهي. هيري ٺڪر پنهنجي مقالي جو مجموعي تاثر ڏيندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي شاعرن ۽ عالمن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سورهين صديءَ ۾ ئي عربي، پارسي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جن لاءِ اهو پڻ خيال رکيو ويو هو ته جيئن انهن ذريعي سنڌي ۾ تعليم ڏيئي سگهجي.

برطانوي دؤر ۾ سنڌي ٻولي: هي مضمون به ساڳئي ڪتاب مان کنيو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جو لکيل آهي. هن صاحب ٻوليءَ جي وصف سان گڏوگڏ سماج ۾ ٻولي ڳالهائڻ جي اهميت کي بيان ڪيو آهي. لالواڻي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي اوسر کي سمجهائڻ لاءِ برطانوي دؤر کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. 1843ع کان 1907ع واري دؤر ۾ سنڌي نثر جا الڳ الڳ ترجما ڪيا ويا. جڏهن ته ٻئي دؤر ۾ 1907ع کان 1947ع ۾ نئين سجاڳيءَ طرف ڌيان ڏنو ويو. مطلب ته لالواڻي صاحب برطانوي دؤر ۾ سنڌي ادب جي ترقيءَ جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر کي بيان ڪيو آهي.

انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي: هي مضمون نالي واري اديب آفتاب ابڙي جو ترجمو ٿيل آهي. مظهر يوسف صاحب سنڌي ٻوليءَ جي الف- ب جي ٺهڻ جي سلسلي ۾ سڄو سهرو انگريز عالمن جهڙوڪ بارٽل فريئر، ايلس، جيڪب، ٽرمپ، اسٽئڪ ۽ رچرڊ برٽن کي ڏئي ٿو. مظهر يوسف ان سڄي صورتحال ۽ حالتن جو به جائزو ورتو آهي، جن ۾ اها الفابيٽ ٺهي ۽ ان دؤر ۾ ٻولي جي الفابيٽ ٺهڻ ۾ ڪهڙا مسئلا در پيش آيا، انهن جو به تنقيدي جائزو ورتو آهي. اهڙي طرح مترجم به پنهنجا رايا مقالي ۾ مختلف جاين تي ڏنا آهن.

انگريز راڄ ۾ سنڌي ٻولي :هن ڪتاب ۾ ڏنل اهو مضمون ممتاز بخاري جو لکيل آهي، جيڪو ماهوار ”پيغام“ آڪٽوبر 1979ع واري شماري تان کنيو ويو آهي. هن مضمون ۾ سڀ کان پهرين اهو ٻڌايو ويو آهي ته 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ هڪ حڪم نامو ڪڍيو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ سر بارٽل فريئر هڪ اطلاع نامو جاري ڪيو ته سمورا سرڪاري عملدار سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. پوءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن بالاآخر عربي- سنڌي رسم الخط جي منظوري ڏني.

پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي رٿابندي ۽ سنڌي ٻولي: هي مقالو نالي واري محقق ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي جو لکيل آهي، جيڪو نئين زندگي ڊسمبر 1991ع واري شماري تان ورتو ويو آهي. هن ليک جو مقصد پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي رٿابندي، پاليسي ۽ ان تي عمل جو جائزو وٺڻ آهي. پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ ملڪي پاليسين جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته لسانياتي رٿابندي نه ٿيڻ ڪري سنڌ صوبو به سخت متاثر ٿيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو ماضي ۽ حال ٻڌائين ٿا ته ان ٻولي ۾ هر موضوع تي اهم مواد موجود آهي، ۽ جديد سائنسي گهرجون پڻ پوريون ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي.

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين جو سٻنڌ: سنڌي ٻوليءَ پنهنجي حيثيت بچائيندي، ٻين ٻولين جي لفظن، محاورن ۽ ادبي صنفن کي ڪيئن پاڻ ۾ سمويو آهي، ان سلسلي جو مضمون ڪريم بخش خالد جو لکيل آهي. ڪريم بخش خالد جيتوڻيڪ ماهر لسانيات ڪونه هو، تڏهن به ان پنهنجي موضوع کي نڀائڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي. هن صاحب سنسڪرت جي لفظي معنيٰ کان وٺي سنسڪرت جو تاريخي پسمنظر پڻ بيان ڪيو آهي. مطلب ته هن ۾ سنسڪرت جو سنڌي مٿان اثر ۽ رابطا سمجهايا ويا آهن.

سنڌي ٻوليءَ تي پارسيءَ جو اثر: هي مقالو  ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو لکيل آهي. ڊاڪٽر اياز قادري ادبي حلقن ۾ انتهائي معتبر محقق طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي غزل تي سندس تحقيق تمام اهم آهي ان کانسواءِ هو ڪهاڻي ۽ شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ فارسي زبان جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ڪيتريون ئي صديون فارسي، سنڌ جي رياستي ٻولي رهي آهي. سنڌ جو آڳاٽو علم و ادب ۽ تعليم جو نظام به فارسيءَ ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق مطابق پارسي زبان جو فروغ سنڌ ۾ محمود غزنويءَ جي دؤر کان شروع ٿيو. پاڻ اهو به لکي ٿو ته پارسي زبان سان ايتري پراڻي ۽ ويجهي ناتي سببان ان جو سنڌيءَ تي وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي. ايتري قدر جو لاتعداد لفظ، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ والاري ان ۾ اهڙو رلي ملي ويا، جو اهي سنڌي ٿا لڳن.

سنڌي ۽ عربي ٻوليءَ لاڳاپا: هي مضمون پروفيسر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو لکيل آهي. 712ع ۾ عربن سنڌ کي فتح ڪيو. سنڌ جي رياستي ٻولي عربي بڻي، رياستي مذهب اسلام ٿيو. قرآن شريف، حديث، فقهه ۽ ٻين اسلامي علمن سان سنڌي زبان جو ويجهو ميلاپ ٿيو. سنڌي- عربي رسم الخط ۾ لکجڻ شروع ٿي، جيڪا اڳتي هلي مستقل بنيادن تي مڃي ويئي. مانواري محقق مطابق ”عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو هڪ ٻئي تي گهرو ۽ گهاٽو اثر ٿيو، هن مضمون ۾ عربي ٻولي جي سنڌي ٻوليءَ تي اثر کي پيش ڪيو ويو آهي. مثال طور: سنڌي ٻوليءَ جي لساني انفراديت تي عربيءَ جو اثر، سنڌي ٻوليءَ جي مرڪزيت تي عربي زبان جو اثر، سنڌي ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت تي عربيءَ جو اثر، سنڌي ٻوليءَ جي لغات تي عربيءَ زبان جو اثر، سنڌي علم ادب جي بنياد تي عربي زبان جو اثر وغيره وغيره.

سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جو اثر :انهيءَ تسلسل ۾، ڊاڪٽر هدايت پريم جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جو اثر“ به اهم آهي، ڇو جو موجوده دؤر ۾ انگريزي ٻوليءَ کي عالمي حيثيت حاصل آهي. اسان جو تعليمي نظام انگريزي زبان ۾ آهي. اسان جي آفيسن جي لکپڙهه انگريزيءَ ۾ ٿيندي آهي. سائنسي علم ۽ انهن جا ڪتاب نيون ايجادون ۽ انهن جا نالا انگريزيءَ ۾ آهن. انگريز اسان جا حڪمران رهي چڪا آهن، ان نموني سنڌي ٻولي انگريزيءَ جي سڌي طرح اثر هيٺ آئي. اهي سڀ نڪتا ڊاڪٽر هدايت پريم جي مضمون ۾ زير بحث آندا ويا آهن. هن خاص ڪري ماهتاب محبوب جي ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ کي ماڊل طور پيش ڪندي ادبي شهپارن تي انگريزي ٻوليءَ جي اثر کي پيش ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ تي وڌندڙ ڌارين ٻولين جا اثر :ڌارين ٻولين جي اثرات جو آخري مضمون امر انصاريءَ جو ڏنل آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڌارين ٻولين جي وڌندڙ اثر ۽ ان سان سنڌي ٻولي ۾ ٿيندڙ بگاڙ تي بحث ڪري ٿو، بلڪه اهو به چوي ٿو ته ان ٻوليءَ جي بگاڙ جا سبب اسين پاڻ به پيدا ڪندا رهيا آهيون. اهڙي طرح مسئلن ۽ سببن سان گڏوگڏ انهن جا حل به ٻڌائي ٿو.

ٻوليءَ جون خوبيون: هي مضمون نالي واري محقق آفتاب ابڙي جو آهي. هي مضمون سندس ڪتاب ”شاهه جي ٻولي“ تان ورتو ويو آهي. هن مضمون ۾ سڀ کان پهرين ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جا سنڌي ٻوليءَ بابت رايا پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪئپٽن اسٽئڪ، ارنيسٽ ٽرمپ، جان بيمس، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر اينيميري شمل، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ رچرڊ برٽن شامل آهن. ان کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت يا خاص خوبين کي نروار ڪيو آهي. هن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، لوڪ ادب، ادب، لغت، عام روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جون خوبيون بيان ڪيون  آهن.

اخبار جي لغت :محترم شمس سومرو، نئين نسل جو نوجوان نقاد ۽ محقق  هو. هن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا هئا. زير بحث مضمون: ”اخبار جي لغت“، هن صاحب مانواري ليکڪ ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي جي هڪ تفصيلي مضمون: ”خبرن جي لغت“  جي سلسلي ۾ لکيو. سومري صاحب سندس ڪن راين کي ساراهيو آهي ته ڪن سان اختلاف به رکيو آهي. مجموعي طور تي هن مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ هر ڪنهن موضوع جي اصطلاحي خاصيت رکڻ واري اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي.

عربي- سنڌي رسم الخط جي اوسر: هي مضمون ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو لکيل آهي. ڊاڪٽر لاکو تاريخ جو ماهر آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي. سنڌ جي تاريخ تي سندس گهري نظر آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب عربي- سنڌي رسم الخط بابت اڳ ۾ لکيل تاريخن وارن بيانن ۽ احوالن تي تنقيدي نظر وڌي آهي ۽ ڪن پهلوئن سان اختلاف به ڪيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي ان موضوع تي پنهنجي قسم جو هڪ منفرد مضمون آهي.

سنڌي تعليم جي ترقي ۽ ان آڏو آيل مسئلا: هي مضمون هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي صورتحال تي روشني وجهي ٿو. ليکڪا ڪملا گوڪلاڻيءَ شاهه لطيف چيئر پاران 2006ع ۾ سڏايل بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهڻ لاءِ اهو مضمون موڪليو هو پر وقت سر ويزا نه ملڻ سبب اچي نه سگهي هئي. اهو مضمون ان ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپيل ڪتاب ۾ شامل آهي، جتان ورتو ويو آهي.

سنڌي گرامر جا مسئلا: هي هڪ تحقيقي مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. پاڻ ان جو اختصار ”سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل“ نالي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڙهيو هئائين ۽ اهو مقالو مڪمل صورت ۾ ان موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتاب ۾ شامل هو، جتان هن ڪتاب لاءِ ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد جي حيثيت سان سالن جا سال سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو مضمون پڙهائيندي رهي ۽ انهيءَ موضوع تي سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا موجود آهن. هن مقالي ۾ هن سنڌي گرامر لکندڙن ۽ پڙهائيندڙ استادن آڏو گرامر جي اصولن ۽ قاعدن بابت پيش ايندڙ مسئلن تي روشني وڌي آهي ۽ سندس خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ان جي پنهنجي خاصيتن خوبين کي نمايان ڪرڻ بدران ڪڏهن عربي، ڪڏهن سنسڪرت ته ڪڏهن انگريزي گرامر جي معيار تي رکيو ۽ سمجهيو ويو آهي.

سائنسي علم جي تاليف لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت :ان موضوع تي انجنيئر احسان احمد عرساڻيءَ جو مضمون شامل ڪيو ويو آهي. عرساڻي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي سائنسي وسعت کي مثالن سان پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي جي راهه ۾ مضبوط بنياد ۽ درست ابتدا جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ اڃا پوري طرح ڪوشش ورتي نه وئي آهي، بلڪه ان جي ابتڙ اسان جا ڪيترائي سنڌي استاد، سائنسدان ۽ ادارا پنهنجي نااهليءَ تي پردو رکڻ خاطر ماڻهن کي اهو چئي گمراهه ڪري رهيا آهن ته سنڌي زبان ۾ جديد سائنسي علم لکي پڙهي نٿا سگهجن.“

سنڌي ٻوليءَ جو تعليمي زبان وارو ڪارج: دراصل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ليڪچر آهي، جيڪو هن گورنمينٽ ڪاليج، سکر ۾ ڏنو هو. ڊاڪٽر تنوير جيڏو وڏو شاعر ۽ نقاد هو، اوترو وڏو محقق هو، اهو ئي سبب آهي جو هن ليڪچر ۾ هن سنڌ جي تعليمي نظام جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي وسعت کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، استعمال ۽ پيداواري صلاحيت: ڊاڪٽر شمس سومري جو هڪ ٻيو شاندار مضمون ماهوار رسالي ’سوجهرو‘ نومبر 2002ع تان کنيو ويو آهي. هن مضمون ۾ سڀ کان پهرين ٻوليءَ جي وصف بيان ڪئي ويئي آهي. ان کان پوءِ ان وصف جي آڌار سنڌي ٻوليءَ جي اهميت بيان ڪيل آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا بيان ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ واري سوال جو جواب ڏنو ويو آهي. آخر ۾ عالمي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش چئلينج کي اڀاريو ويو آهي.

جديد ميڊيا ۽ سنڌي ٻولي :انجنيئر احسان احمد عرساڻيءَ جو هڪ ٻيو اهم مضمون آهي. اسان کي معلوم آهي ته موجوده دؤر آهي ئي جديد ميڊيا جو، جنهن ۾ اخبارون، ريڊيو، ٽي وي، موبائيل فون، ڪمپيوٽر انٽرنيٽ، ڪيبل سسٽم، سڄي دنيا کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.

موجوده دؤر ۾ موبائيل فون هر شخص جي ضرورت آهي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي بغير وقت ضايع ڪرڻ جي دنيا جي ٻئي حصي ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو. انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي ڪابه معلومات، ڪتاب، تحقيق، ڪچهري هڪٻئي سان ونڊڻ سولي ٿي پئي آهي. موجوده دؤر ۾ ڪيترائي ٽي وي چئنل سنڌي زبان ۾ هلي رهيا آهن. ايف. ايم (FM) ريڊيو سسٽم سنڌي زبان ۾ هلي رهيا آهن. مطلب ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقيءَ جو دارومدار سنئون سڌو جديد ميڊيا جي ترقيءَ تي منحصر آهي. هن مضمون ۾ عرساڻي صاحب سنڌي زبان ۽ جديد ميڊيا جي حساب سان سرڪاري ادارن جو به جائزو ورتو آهي ۽ سنڌ ۾ ميڊيا جو تاريخي پس منظر به بيان ڪيو آهي.

ڪتاب ۾ ڏنل آخري مضمون منهنجو لکيل آهي، جيڪو ڪافي حد تائين معلوماتي مضمون آهي. ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي، حڪومتي ۽ ذاتي حيثيت ۾ اسان تي ٻولي بچائڻ لاءِ ڪهڙا فرض آهن ۽ اسين ڇا ڪري سگهون ٿا. مون خاص طور تي موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

ڪراچي

2010-09-25

مختيار احمد ملاح