ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574189 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻولين جو جڏهن هڪ ٻئي تي اثر پوندو آهي، ان جا ڪجهه اصول ۽ سبب هوندا آهن. انهن مان هڪ اهم اصول اهو آهي ته جڏهن ڪوبه ملڪ يا ڪا قوم، ڪنهن اهڙي ملڪ جي تسلط هيٺ ايندي آهي، جنهن جي زبان مفتوح قوم جي زبان کان مختلف هوندي آهي، تڏهن ٻئي ٻوليون (فاتح ۽ مفتوح قوم جون) ڪجهه وقت تائين گڏوگڏ قائم رهنديون آهن ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ يا ته فاتح قوم جي ٻولي، مفتوح قوم جي ٻوليءَ تي غالب پئجي ويندي آهي يا وري مفتوح قوم جي ٻولي فاتح تي غالب پئجي ويندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي غالب ٻولي جيڪا به هجي، پنهنجا ڪجهه نشان ڇڏي مٽجي ويندي آهي ۽ نئين صورت واري ٻولي هڪ نئين روپ ۾ نڪري نروار ٿيندي آهي. اهو سڄو ٻوليءَ جي سٽاءَ، جوڙجڪ، خط، تاريخ، قدامت، لفظن جي ذخيري ۽ شاهوڪاريءَ تي دارومدار به رکي ٿو. انهيءَ دعويٰ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سنڌي زبان آهي. سنڌ ۾ آيل عرب سياحن جي سفرنامن ۾ ڏنل حوالن مان ثابت ٿو ٿئي ته عرب دؤر ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪافي عرصي تائين ٻئي ٻوليون يعني عربي ۽ سنڌي ڳالهائيندا رهيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌي لفظ عربي زبان جي لغت جو حصو بنيا. اسلام جي اثر سنڌ جي ماڻهن جي ذهنيت، سوچ ويچار ۽ فڪر جي ارتقا ۾ تازي خون مثل ڪم ڪيو. نئين مذهب سبب، نئين معاشري جنم ورتو، مذهبي نالا، اسلامي تعليم انتظامي، سياسي، معاشرتي علومن جا هزارين لفظ سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. عربي زبان جي اثر سبب سنڌي زبان ۾ وسعت، مرڪزيت ۽ گهرائي پيدا ٿي ۽ زبان جي تمدني سرمائي ۾ اضافو ٿيو. ان کان سواءِ حديث، فقهه ۽ اسلامي احڪامن ۽ علومن سان گڏ ادبيات، ثقافت، دينيات، عمرانيات، فلسفي، سائنس، تاريخ، جغرافيه، فنون لطيفه ۽ ٻين علمن جا انيڪ عربي اصطلاح ۽ فني الفاظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿيا.
سنڌ جي فتح دوران جيڪي عرب سپاهي آيا سي هتي رهي پيا، شاديون ڪيائون، بعد ۾ بغداد، مصر، شام ۽ ٻين عرب ملڪن مان عالم، درويش ۽ سياح آيا، سنڌ جو عرب ملڪن سان تجارت جو سلسلو شروع ٿي ويو، عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو اثر ٿيو، سنڌي زبان عربيءَ تي غالب پئجي وئي. سنڌي عالمن، اديبن، حڪيمن، ويدن ۽ شاعرن پنهنجو پاڻ کي مڃايو ۽ عربيءَ جي بين الاقوامي حيثيت سان سنڌي زبان کي به اهو مان مرتبو مليو. سنڌي ۽ عربيءَ جو هڪ ٻئي سان 1026ع تائين سڌو واسطو رهيو(1).
سنڌ تي عرب حڪومت ۾ نئين علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ سياسي ماحول جي زير اثر سنڌيءَ ۽ عربي زبان جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو قائم ٿيو، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي لساني انفراديت تي عربي زبان جو اثر ظاهر ٿيو ۽ سنڌي زبان کي بين الاقوامي سطح تي مڃتا ملي ۽ هن تي علمي تحقيق شروع ٿي، جنهن ۾ عرب عالمن ۽ ماهرن جا خط، ابن حوقل، ۽ ٻين عالمن سنڌي زبان بابت حوالا قلمبند ڪيا ۽ اهو سڀ ڪجهه عربي زبان سان لڳ لاڳاپي، تعلق، عربيءَ جي اثر قبول ڪرڻ سبب ٿيو ۽ عربن خود سنڌي زبان ۾ اهي خوبيون ۽ صلاحيتون ڏٺيون، جن عربيءَ سان گڏ سنڌي زبان سکڻ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تحقيق شروع ڪئي ۽ سنڌي زبان کي بين الاقوامي حيثيت ۽ مرتبو ڏياريو.
چوٿين هجري صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري هڪ عرب محقق اسحاق ابن النديم سنڌي زبان بابت تحقيق لاءِ هڪ وک اڳتي وڌائي ۽ انهيءَ دؤر ۾ هڪ ٻئي عرب ماهر ۽ عالم بشر بن عبدالوهاب الفزاري سنڌي لغت جو وڌيڪ گهرو مطالعو ڪيو ۽ ان کان بعد پنجين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ البيروني سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت وسيع پيماني تي معلومات قلمبند ڪئي(2)
ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ کان وٺي عرب عالمن علم طب تي تحقيق شروع ڪئي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ پسارڪي وکر بابت ڪتابن لکجڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان ڪري مختلف ملڪن ۾ جڙين ٻوٽين جي سڃاڻپ ۽ سمجهه لاءِ نالا ٻين ٻولين ۾ ڏيڻ ضروري سمجهيا، ليڪن صرف انهن ٻولين ۾ جيڪي بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هيون، انهن ٻولين ۾ قديم يوناني، رومي، سرياني ۽ رائج ٻولين مان عربي، فارسي، سنڌي ۽ هنديءَ کي به بين الاقوامي حيثيت سان تسليم ڪندي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو سنڌي زبان لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو، ابو حنيفه جي ”ڪتاب النبات“ محمد بن زڪريا جي ”ڪتاب الصيدنه“ بشر بن عبدالوهاب جي ڪتاب ”تفاسير الادويه“ ۽ البيروني (ڪتاب الصيدنه في الطب) ۾ ٻوٽين جا نالا ٻين زبانن سان گڏ سنڌي زبان ۾ به ڏنا آهن، جيڪي سنڌي زبان جي لساني انفراديت ۽ بين الاقوامي طور تي سنڌيءَ جي اهميت ۽ حيثيت کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ان تي عربن جي خصوصي تحقيق، مطالعي، دلچسپيءَ ۽ عربي زبان جي اثر جو به هڪ ثبوت فراهم ڪن ٿا.
عربن جي حڪومت دوران سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جنهن جي ڪري هڪ جامع سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي، سنڌي عام ملڪي ٻولي بطي ۽ ان جو بنياد مضبوط ٿيو. هن جي مرڪزيت جا جيڪي اهم سبب هئا، انهن مان هيٺيان 3 مکيه ڪارڻ هئا. 1- نظام حڪومت، 2- مذهب، 3- آبادي ۽ تجارت.
هن دؤر ۾ سڄي سنڌ هڪ پختي نظام حڪومت هيٺ آئي، جيڪو اڍائي سَوَن سالن تائين قائم رهيو. ملڪ ۾ قافلن جي اچ وڃ ۽ تجارت، قضا ۽ عدالت، خراج ۽ زراعت جي ساڳئي سرشتي، سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ ۾ يڪجهتي پيدا ڪئي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿيڻ ۽ عربي زبان جي اثر جو ٻيو اهم سبب مذهب هو عربن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي ماڻهن عربن جي دعوت ۽ تبليغ جي عمل ۽ دين اسلام جي رواداري، ڀائيچاري، تحفظ ۽ احترام انسانيت جي اعليٰ اخلاقي قدرن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو هو، اسلامي عقيدن ۽ اسلامي تعليم سببان عربن ۽ هتان جي مسلمانن جي زندگيءَ ۾ يڪسانيت پيدا ٿي. جنهن ڪري سماجي توڙي سياسي مرڪزيت وڌيڪ مضبوط ٿي، قومن، قبيلن جا ويڇا، ذات پات جو فرق ختم ٿيو. شريعت اسلامي قبائلي ريتن رسمن کي هموار ڪيو، اسلامي اقدار ۽ ديني تعليم، قرآن، حديث، سنت، فقهه، نماز، روزي، جزا ۽ سزا وغيره جا نوان اصطلاح سنڌي زبان ۾ داخل ٿيا.
عربن جي حڪومت ۾ نون شهرن ۽ آبادين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ منصوره جو نئون مرڪزي شهر تعمير ٿيو، جنهن جو تذڪرو علم، ادب، فن ۽ تاريخ جي حوالي سان پوريءَ دنيا ۾ مشهور آهي. واپار کي ترقي ملي خشڪي ۽ بحري رستا کليا، ملڪ ۽ ڏيساور ۾ واپاري قافلن جي اچ وڃ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سببان هڪ طرف ملڪي معيشت کي هٿي ملي، ٻئي طرف هڪ ٻئي سان لاڳاپن ۽ تعلق سببان تهذيب، تمدن، زبان رسم ۽ رواج تي پڻ اثر ٿيا. مختلف علائقن ۾ عربن جي ميل جول، ڪاروبار، تجارت ۽ معاشرت ڪري ماڻهن ۾ وڌيڪ لهه وچڙ ۽ لڳ لاڳاپو پيدا ٿيو، مختلف ٻولين ۽ لهجن ۽ محاورن ۾ لساني ربط پيدا ٿيو. جيڪو هڪ عام ۽ مشترڪه سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو.
سنڌ تي عرب حڪومت دوران محمد بن قاسم سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عربن جون آباديون قائم ڪيون، جنهن ڪري سنڌين ۽ عربن جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا قائم ٿيا، سنڌ وارن جا عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽ عالمن سان گهرا معاشرتي ناتا ۽ تعلق پيدا ٿيا. عربن سنڌ جي سرزمين کي پنهنجو وطن بنايو، محمد بن قاسم کانپوءِ، سنڌ ۾ آباد عرب باشندن واپس موٽڻ ٿي چاهيو، ليڪن خليفي سليمان جو فرمان آين ته ”اتي رهو کيتي ڪريو، هر ڪاهيو ته سُکيا هجو“. سليمان جي ان حڪم پهچڻ بعد سنڌ ۾ آباد عرب باشندا سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي ويهي رهيا ۽ سنڌي آبادگارن ۽ هارين جا پاڙيسري ٿي پاڻ سنڌي بنجي ويا.
سندن دائمي سڪونت سببان، عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ شادين مرادين ۽ مائٽين جا سلسلا قائم ٿيا. سنڌين جي شرافت ۽ مروت کان وڏا وڏا عرب خاندان متاثر ٿيا ۽ هنن سنڌين سان مٽيون مائٽيون ڪيون. معتبر حوالن مان معلوم ٿيو آهي ته حضرت علي رضه جي فرزند محمد، امام زين العابدين ۽ امام زيد بن الحسين جون مائرون سنڌي هيون (3) علي اصغر بن زين العابدين علي بن الحسين جي امڙ به سنڌڻ هئي (4) بنو اميه جي مشهور جرنيل مهلب جي ٻن بهادر پٽن مفضل ۽ عبدالمالڪ جي ماءُ سنڌڻ هئي. سندس نالو مائي ڀلي هو. (5) بنو اميه جي آخري ڪمانڊر انچيف يزيد بن عمر بن هبيرته الفزاري جي ماءُ جيڪا نهايت حسين عورت هئي، سا به سنڌڻ هئي. (6).
انهيءَ سنڌي رشتي جي ڪري ئي ان وقت جي شاعر ابو عطا سنڌيءَ سندس ظالمانه قتل ٿيڻ تي هڪ دردناڪ مرثيو چيو، جو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو ۽ عربي شاعريءَ ۾ مرثيي گوئيءَ جو بهترين مثالي شعر بڻيو ۽ عربي ادب جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ نموني طور نقل ٿيو.
ٻيو اهم ڪارڻ، جنهن ماڻهن جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ وڏي نفسياتي تبديلي آندي، سو هو اسلام جو دلين تي اثر. خداوند تعاليٰ جو خوف، ڪفر ۽ ايمان ۾ فرق، دنيا ۽ آخرت جو تصور، دوزخ ۽ بهشت (عذاب ۽ انعام) جو فڪر، حق تي سر ڏيڻ، شوق شهادت، ۽ اسلامي عقيدن ماڻهن جي سوچ ويچار توڙي عقيدن ۾ نئين ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن ڪري شخصي توڙي اجتماعي نفسيات جو رخ بدليو ۽ ان ڪري نفسياتي ڪيفيت ۾ به تبديلي آئي، جنهن جو ٻوليءَ جي نفسيات تي به اثر پيو. جڏهن ماڻهن جي خيالن، احساسن ۽ جذبن جي نوعيت بدلجڻ لڳي، تڏهن سندن نفس ڪلام جي هيئت بدلجڻ ضروري هئي. اسلام، ايمان، شريعت، دين، توحيد، فرض، سنت، نماز، روزا، حج، زڪوات، خيرات ۽ ٻيا متعدد الفاظ روزمره جي ٻوليءَ ۾ رائج ٿيا، عملي زندگيءَ ۾ انهن تخيلن جي اثر، خيال ۽ ويچار جي ڪيفيت (Thought Process) عمل جي نوعيت (Behaviour) ۽ اڃا به زياده نفس ڪلام جي حيثيت ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ تي پيو، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي نفسيات ۾ وڏو ڦيرو آيو (7) عربي زبان جي اسلامي، ادبي، اخلاقي، مذهبي اصطلاحن سنڌي زبان کي متاثر ڪيو ۽ ڪيترائي لفظ هوبهو ڪجهه ملندڙ جلندڙ ۽ ڪجهه لفظ ٿوري تبديليءَ سان سنڌي زبان ۾ شامل ٿي ويا.
عرب حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۾ ڪافي واڌارو آيو، اسلامي تعليم، عبادتن، عقيدن لاءِ هوبهو عربي لفظن سنڌي زبان ۾ جاءِ والاري ورتي جن ۾ مسجد، وضو، آذان، تڪبير، اقامت، اطاعت، زڪوات، خيرات، صدقو، عفو، شڪر، ذڪر ۽ ٻيا ڪيترائي مذهبي اصطلاح ۽ لفظ داخل ٿيا.
زراعت ۽ ٻين ڌنڌن ۾ ڪم ڪندڙن، ڪم جي اصطلاحن ۽ اوزارن کي عربي ٻوليءَ جا لفظ مليا، زراعت ۾ ”هاري“ ۽ ”مجيريءَ“ جا بنيادي نالا، عربي لغت ۽ ان جي اثر سببان سنڌي ٻوليءَ جو جز بنيا. هاري، جيڪڏهن ”هر“ مان اسم فاعل آهي ته به عربيءَ جي اثر هيٺ، ۽ جيڪڏهن ”حارث“ مان نڪتل آهي ته به عربي اثر هيٺ؛ هرلي، يا ايٽ، لاءِ عربي نالي ’ناعوره‘ مان سنڌيءَ ۾ ”نار“ جو نالو رائج ٿيو ۽ نار چاڙهيندڙ کي ان ابتدائي دؤر ۾ اسم فاعل جي ترڪيب موجب، ناري سڏيو ويو؛ جنهن جو اهڃاڻ اڄ تائين ”هاري ناري“ جي اصطلاح ۾ موجود آهي.
”مجيري“ عربي اُچار- يُجير مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڀاليندڙ، حافظ يا نگران. عراق جي آباد زمين وانگر سنڌ جي زمين جي ماپ ٿي ۽ ’جريب‘ جو آڳاٽو عربي لفظ عام مروج ٿيو.
هاڻوڪي سکر بئراج وانگر، عربي دؤر ۾ خليفي معتصم بالله جي دؤر ۾، سنڌ جي گورنر موسيٰ بن عمران زراعت جي ترقيءَ لاءِ هڪ بئراج يا بند ٻڌرايو، جنهن جو نالو هو ”سڪرالميد“ يعني ميد يا مهاڻن وارو بند، عربيءَ ۾ ’سڪر‘ لفظ جي معنيٰ آهي بند، هاڻوڪي سکر شهر جو نالو شايد انهيءَ آڳاٽي بند جو يادگار هجي، ڇو جو درياهه جي ڪپ تي (ميد= مهاڻا، ملاح = ميربحر) رهندا هئا، ان ڪري ان بند جو نالو سڪرالميد رکيو، جيڪو اڳتي هلي سکر نالي سان مشهور ٿي ويو. درياهه ۽ واهن جي ڪنارن تي آمد رفت لاءِ دڪا بنيا، جن تان سنڌي لفظ ڦڙ (عربي فرضه = ڪچي پل) عام استعمال ٿيو. اهڙيءَ طرح اَنَ جي ماڻ جو نالو ڪاسو ڪنهن عربي ماپي ”ڪاسنه“ برتن جو يادگار آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌي زبان ۾ رائج آهي.
چوٿائي، عربي لفظ ربع جو ترجمو آهي ۽ خرار عربيءَ جي ذريعي آيل فارسي ماڻ جو نالو آهي.
لوهارڪي ڌنڌي ۾ مترڪو، عربي زبان جي ’مطرقه‘ مان نڪتل آهي. ۽ ’سنداڻ‘ لفظ عربي جي ”سندان“ جا يادگار آهن.
جهازرانيءَ ۾ ’مڪڙي‘ (عربي جي مُخر= ٻيڙيءَ جو پاڻي جي سطح کي چيرڻ (مخري= ٻيڙي)) ’ملاح‘، ’ميربحر‘، ’اميرالبحر‘، ’زورق‘ ٻيڙيءَ جو قسم، ’سڪان‘ عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ’سکاڻ‘ لفظ رائج ٿيا.
ڪاسائڪي ڌنڌي ۾ ’ڪاسائي‘، عربي قصاب، ’ڪاتي‘؛ عربيءَ جي قاطع مان، ’حُلوان‘ عربيءَ ۾ ننڍو ٻڪر، ’ذبح‘، ’حلال‘، ’حرام‘ ۽ ’تڪبير‘ اهي لفظ نج عربي آهن. واپار ۾ دڪان فارسيءَ مان عربي ذريعي ساهمي، دلال، منيب، بيانو، عربيءَ جي بيعانه، ڪاٻاڙو، عربيءَ جي قباله، کڙيو يا خرجين عربيءَ جي خرج مان بقر يا باقري، عربيءَ جي بقال، بجاج عربيءَ جي بزاز، حلوو، عربيءَ جي حلواه، مان نڪتل آهي.
سنڌ ۾ عرب دؤر حڪومت ۾ اسلامي سلطنت واري علم ادب ۽ سائنس جو سڄيءَ دنيا ۾ چرچو هو. جتي جتي اسلام پهتو اتي علمي ادبي ۽ فني ميدان ۾ ترقي ٿي. سنڌ ۾ به فتح اسلام بعد نئون علمي دؤر شروع ٿيو. سنڌ ۾ عربي حڪومت جي شروع ٿيڻ کان اٽڪل هڪ سؤ ورهين اندر، سنڌ جي علمي درسگاهن مان عربي ۽ سنڌي توڙي هندي ٻولين جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر پيدا ٿيا. عباسي حڪومت جي دؤر ۾ خاص ڪري مامون جي وقت ۾ جيڪي علمي ۽ فني ڪتاب سنسڪرت مان ترجمو ٿيا، سي اڪثر سنڌ جي گورنرن معرفت ۽ سنڌ جي درسگاهن مان نڪتل عالمن جي معرفت ٿيا. هڪ عرب عالم جو بيان آهي ته: هن طبرستان طرف هڪ ڪتبخاني ۾ هڪ هندي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته هي ترجمو ساوندي جي امير جي سرپرستيءَ هيٺ ٿيو. ”ساوندي“ سنڌ جو شهر ساوڙي نوابشاهه ۾ هو، جنهن جا والي سما هئا.
خاص سنڌ جي ڪيترن ئي باشندن مان، محدث، مصنف، مؤرخ ۽ شاعر پيدا ٿيا، جنهن ڪري سنڌي علم ۽ ادب تي عربي زبان جي اثر سببان واڌارو ٿيو.
ابو عطا سنڌي، عربيءَ جو بلند پايه شاعر، ابو معشر سنڌي تاريخ جو مشهور راوي، انهن جا نالا قابل ذڪر آهن. سنڌ جي گادي ”منصوره“ جي قاضي احمد بن محمد، عراق ۽ فارس ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي.
انساب سمعاني، معجم البدان ۽ ٻين عربي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي سنڌي محدثن، ديبل جي عالمن فرح السندي، ابوالفرج السندي، خلادالسنديءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. هڪ طرف سنڌي نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف عرب عالمن ۽ اديبن جي اثر سببان سنڌي علم ۽ ادب تي عربي زبان جا گهرا اثر ٿيا، ساڳي وقت عرب عالمن ۽ اديبن سنڌي زبان جي مطالعي ۾ مهارت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ منصوره علم جو مرڪز هو، جتي 117 هه ۾ برهمگپت جي ڪتاب ”کنڊ کا ديڪ“ جو عربيءَ ۾ ’والار ڪند‘، جي نالي سان ترجمو ڪيو. سن 288 هه ۾ ابو محمد الحسين نالي هڪ عالم منصوره ۾ هو، هن اتي هڪ معتبر شخص کان ٻڌو ته ڪشمير جي طرف جي هڪ راجا، جنهن جو لقب (راءُ) ۽ نالو (مهروڪ بن رايق) هو، جيڪو هندستان جي نام نهاد راجائن مان هو، سن 270 هه ۾ سنڌ جي حاڪم عبدالله هباريءَ ڏي لکيو ته سندس واسطي اسلامي احڪام جو هندي، ڏيهي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪلي، عبدالله منصوره جي هڪ عالم کي گهرائي اسلامي احڪامن کي ڏيهي ٻوليءَ ۾ قصيدي جي صورت ۾ نظم ڪرائي راجا ڏانهن موڪليو. عبدالله هباريءَ جنهن عالم کي گهرايو هو اهو اصل ۾ عراقي عرب هو، ليڪن هو هتان جي ڏيهي ٻولين ۽ محاورن جو وڏو ڄاڻو ۽ سٺو شاعر به هو. جڏهن راجا وٽ اهو نظم پهتو ته هن کي ڏاڍو پسند آيو ۽ راجا عبدالله کان مصنف جي گهر ڪئي، جنهن کي عبدالله راجا ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو ٽن سالن بعد واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته راجا مون کان قرآن مجيد جو ترجمو ڪرايو ۽ هن قلب توڙي زبان سان اسلام کي قبول ڪيو آهي، ليڪن سياسي مصلحت تحت اعلان نٿو ڪري ۽ هن ٻڌايو ته راجا مون کي ٽن ڀيرن ۾ ڇهه سؤ مڻ سون بخشش طور ڏنو. (8)
انهن حقيقتن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ نه رڳو سنڌي بلڪه عربي زبان جي مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست هو. عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻ ويهڻ سبب سنڌي زبان جي علم و ادب تي گهرا اثر ٿيا. سنڌ ۾ آيل سڀني عرب سياحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون رائج هيون. سنڌي زبان ۽ عربي زبان ۾ ترجما، شعر شاعريءَ جو چرچو بغداد جي درٻارن تائين عام هو ۽ انهن کي انعامن سان پڻ نوازيو ويو. عربن جي دؤر ۾ عرب ملڪن مان شاعر، عالم اديب ۽ فني ماهر سنڌ ۾ ايندا رهيا، جنهن ڪري سنڌي زبان جي علم ادب ۽ لغت ۾ واڌارو ٿيو، نه رڳو ايترو ليڪن ابو جعفر منصور جي دؤر ۾ هڪ عالم سنڌ جي تاريخ بابت پڻ تحقيق ڪئي. محمد بن قاسم جو درياهه اڪرڻ وارو باب به ان تحقيق جو نتيجو آهي. (9)
جيئن ته عربي زبان جنهن کي (ام اللسنه) يعني تمام زبانن جي ماءُ چيو وڃي ٿو، ان جي سنڌي زبان تي اثر بابت جيڪي نوان راز نروار ٿين ٿا، انهن مان خبر پئي ٿي ته سنڌي زبان پنهنجي جاءِ تي هڪ شاهوڪار ۽ مالا مال زبان ضرور آهي، ليڪن سنڌي زبان جي بنيادن ۾ عربيءَ زبان جو جيڪو اثر نظر اچي ٿو، اهو ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ نظر نٿو اچي. سنڌي الف- ب ۾ عربي حرفن جي داخل ٿيڻ جو مسئلو هجي، رسم الخط، لغت ۾ واڌارو، گرامر، علم عروض، شاعريءَ ۽ ادب جو معاملو هجي، اتي سنڌي زبان تي عربيءَ جو اثر نمايان طور تي نظر ايندو. اسان کي علم ڪلام، علم بديع، علم بيان ۽ علم معاني تي نه رڳو عربي زبان جو اثر نظر اچي ٿو، بلڪه سنڌي شاعريءَ جي صنفن جي نالن ۽ گرامر تي هوبهو عربي زبان جي اثر وانگر هتي به يعني انشا پردازي، ۽ اعليٰ مضمون نويسيءَ لاءِ علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ لاءِ جيڪي نالا ۽ الفاظ، ترڪيبون ۽ قاعدا بيان ڪيا ويا آهن، اهي به عربي زبان مان اخذ ڪيل آهن. بذات خود لفظ ’علم‘ عربي زبان جو لفظ هجڻ سان گڏ ’بديع‘، ’بيان‘ ۽ ’معنيٰ‘، ’معاني‘ الفاظ به عربي زبان سان واسطو رکن ٿا. صنائع و بدايع لفظي ۽ معنويءَ ۾ وري ”تجنيس تام“ ۽ ’تجنيس ناقص‘، ’ايهام‘ يعني وهم مان نڪتل، ’مراعات النظير‘ يا تناسب جا قاعدا (لف و نشر معنيٰ ويڙهڻ ۽ ڦهلائڻ، وغيره جا عربي زبان جا لفظ، اغراق= (غرق) (مدح مشابه ذم): جو اصول حشو مليح ۽ قبيح جا اصول عربي اثر جي علامت آهن. علم بيان ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو ”مشبه“، ملفوف، مجمل، مفصل، قوي، ضعيف، ڪامل، استعاره ۾ استعاره له، مستعارله، مستعار منه، استعاره داخليه، استعاره خارجيه، ڪُله، جزئيه، سيپه، مسيبيه، محليه، ماضيه، استقباليه وغيره جا قاعدا، جيڪي علم بيان ۾ استعمال ٿين ٿا، سي تقريباً سڀ عربي زبان مان نڪتل آهن ۽ ڪجهه ٻين زبانن ذريعي سنڌي زبان ۾ داخل ٿيل آهن، اهي به عربي جي قريب ترين آهن.
علم معاني ۾ فصاحت، بلاغت، مسند، مسنداليه، قصر، قصر حقيقي ۽ غير حقيقي وغيره اهي تمام الفاظ، جيڪي قاعدن ۽ ضابطن لاءِ سنڌي زبان ۾ رائج آهن، سي سڀ عربي زبان جي اثر جو واضح نشان بنيل آهن.
عربي زبان جي اعرابن ڏيڻ سببان سنڌي زبان جي لفظن کي صحيح طريقي، اچارڻ، ادا ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي. اعرابن جي استعمال ڪري زبان ۾ هڪ ضابطو مقرر ٿيو ۽ اعرابن جي ذريعي انهن کي صحيح نموني ادا ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري لفظ پنهنجي اصلي حالتن ۾ موجود آهن. مثلاً عامل کي عاملُ، اصيل کي اصيلُ، قاعده کي قاعدو، فائده کي فائدو، قانون کي قانونُ، ڪاغذ کي ڪاغذُ، قلم کي قلمُ، ورق کي ورقُ، صفحه کي صفحو، انصاف کي انصافُ، انقلاب کي انقلابُ، وعده کي واعدو، صوفيءَ کي صوفي، نفع کي نفعو، نصيب کي نصيبُ، قسمت کي قسمتَ، انعام کي انعامُ، استعفيٰ کي استعيفا. ان کان سواءِ عربي زبان ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت لاءِ هڪ باقاعدي قرات جو نظام آهي، جنهن ۾ هرهڪ لفظ لاءِ ان جو الڳ آواز، مخرج ۽ قرات مقرر ٿيل آهي، ان جو به سنڌي زبان تي گهرو اثر ٿيو ۽ جيڪي 11 عدد لفظ عربي الف- ب مان سنڌي الف- ب ۾ شامل ٿيا، انهن جي باقاعدي عربي زبان ۾ تجويد جي فن هيٺ ادائگيءَ لاءِ ضابطو ۽ مخرج مقرر آهي، جڏهن ته ٻيا به سنڌي الف- ب ۾ عربيءَ جا مشترڪ الفاظ موجود آهن ۽ باقي رهيل حرفن جي ادائيگيءَ لاءِ سنڌي زبان ۾ به باقاعدي علم اللسان ۽ سنڌي زبان جا قاعدا آهن ۽ اچارن ۽ اعرابن به ان سلسلي ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. ان ڪري صدين جي گذرڻ باوجود لفظن جي لکت ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ٿي آهي ۽ اميد ته اڳتي به نه ٿيندي، يعني لفظ عامل کي آمل، اصيل کي اسيل، قانون کي ڪانون، ڪاغذ کي ڪاغز، قلم کي ڪلم، صفحه کي سفو، انصاف کي انساف واعدو کي وائدو يا وادو، قسمت کي ڪسمت، انعام کي انئام، چقمق کي چڪمڪ، قابو کي ڪابو، استعفيٰ کي استيفا ڪري نه لکبو آهي ۽ نه وري غلط تلفظ سان پڙهبو (10). اعرابن جي ڦيرڦار سان نه رڳو لفظ غلط ٿي ويندا آهن، بلڪ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم به بدلجي ويندو آهي، مثلاً اشراف کي اشِراف، اَسباب کي اِسباب، حَل کي حِل، شرارت کي شَرارت، تندرستيءَ کي تندرستي، خودڪشيءَ کي خودڪشي، فساد کي فساد ڪري نه پڙهبو.
اهڙيءَ طرح شد يا تنوين جي صورت ۾ به لفظ جي ادا ڪرڻ ۾ غلطيءَ جو امڪان هوندو آهي، ليڪن اعرابن کي صحيح نموني سمجهي ادا ڪرڻ سان غلطيءَ جي گنجائش نه رهندي آهي ۽ لفظ جي معنيٰ به ساڳي رهندي آهي. مثلاً لفظ مدبر (ب جي شد سان) وڏي سياستدان کي چئبو آهي، اگر ان جي شد جو خيال نه رکيو ويو ۽ ان کي مدبر (دال جي جزم سان ۽ ب جي زير سان) پڙهبو ته ان جي معنيٰ به بدلجي ويندي، مدبِر جي معنيٰ آهي، بدبخت، نڀاڳو، بدقمست، بدنصيب ۽ پوئين پير ڀڄندڙ. هن مان ثابت ٿيو ته عربي زبان جي اعرابن سنڌي زبان جي لفظن جي ادائگيءَ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي.
ساڳيءَ طرح تنوين به سنڌي زبان ۾ هوبهو عربي واريءَ صورت ۾ رائج آهي، اگر ان کي سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو غلط ٿي ويندو، مثلاً لفظ، کي لکڻ مهل (مثلاً) لکڻ گهرجي ۽ اهو صحيح آهي، ان کي اگر مثلن لکبو ته اهو سراسر غلط ٿي ويندو.
عربيءَ جي ڪن لفظن مٿان الف ۽ لام (اَل) هوندو آهي، انهن جي مٿان اسم يا حرف ايندو آهي، ته پڙهڻ مهل الف جو اچار نه ڪڍبو، بلڪه لکڻ مهل الف ضرور لکبو، جهڙيءَ طرح عبدالڪريم کي پڙهبو ته عبدل ڪريم، ليڪن جڏهن لکبو ته الف ۽ ل به لکبو يعني عبدالڪريم. ڪجهه لفظ اهڙا آهن، جن جي لکڻ مهل الف نه لکڻ جو رواج پئجي چڪو آهي، جيڪو غلط العام جي قاعدي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ليڪن انهن لفظن کي به صحيح صورت ۾ لکڻ گهرجي، جهڙيءَ طرح (بلڪل ۽ بلفعل) اصل ۾ بالڪل ۽ بالفعل آهن. جن لفظن مٿان حرف علت (و الف ي) ايندو ته اهو به پڙهبو مثال ”ابو الڪلام“ پڙهڻ مهل اَبُل ڪلام پڙهبو، ليڪن لکڻ مهل ابوالڪلام لکبو. اهي سڀ قاعدا عربيءَ جي اثر جو ثبوت آهن. وقت سان گڏ انهن ۾ تبديلي به آئي آهي، جيڪا صحيح آهي يا غلط ان جو فيصلو عالم ئي ڪري سگهن ٿا. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ان سلسلي ۾ ڪو معيار مقرر ڪري.
]ڪلاچي، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي، ڊسمبر، 2000ع تان ورتل[