ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574136 ڀيرا پڙهيو ويو |
مون کي مقالي لاءِ جيڪو وشيه (موضوع) ڏنو ويو آهي، سو آهي ”سنڌي ٻولي، 1500ع کان 1843ع تائين“. اُن ۾ 1843ع وارو ٽاڻو ته هِڪُ چِٽو سنگ ميل آهي، جيڪو اُن واقعي جي تُز نشاندهي ڪري ٿو. جنهن ذريعي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري، اُتي پنهنجو حڪومتي سرشتو قائم ڪيو. جنهن سان سنڌ ۾ نئين سياسي، حڪومتي، سماجي، تعليمي ۽ آرٿڪ حالتن جو آغاز ٿيو. جن وڏيون تبديليون آنديون. جن جو يقيني طرح سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه تي به اثر پيو. پر موضوع جو ٻيو ٽاڻو ڪو گهڻو چٽو نه آهي، سواءِ اِن جي ته اگر سنڌي ٻوليءَ جي اوسر تي ڏها صدي يعني ملينيمي جي حوالي سان نظر وجهبي، ته اِهو سال ڏها صديءَ Millennium جي تُز وچ وارو سال آهي. جنهن کي جيتوڻيڪ ڪو واقعاتي پس منظر نه آهي، پر اِن سن جي آس پاس وارن سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معيار ۽ اُن جي ادبي حيثيت ۾ جيڪو انقلابي ڦيرو ڪارفرما ٿيندو ڏسجي ٿو؛ اُن خيال کان اِن ٽاڻي کي به اهميت ڀريو چئي سگهجي ٿو.
سن 1500ع ۾ سنڌ ۾ سمن جو راڄ هو ۽ حڪومت جي واڳ سمن جي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي هٿ ۾ هئي. اُن وقت جي سنڌي ٻولي ۽ اُن جي اوسر تي نظر وجهڻ کان اڳ اِهو بيجاءِ نه ٿيندو ته اُن کان ٿورو اڳ واري سنڌيءَ جي حالت کي به جاچجي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اڀياس جي سلسلي ۾، سمن کان اڳ وارو دؤر سومرن جو دور آهي.
سومرن جو دور جيڪو چوڏهين صديءَ تائين هليو، تنهن دوران سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو، صدري (زباني) روايتن؛ خاص طور عشقيه داستانن، جنگ نامن، قصيدن ۽ واقعاتي بيتن تي جيڪي ڳالهين ۽ ڳاهن جي روپ ۾ چيا ويندا هئا، اُنهن تي مشتمل رهيو. اُن وقت چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ منگتن، وقت جي حاڪمن جي سرپرستيءَ ۾ جيڪو لوڪ ادب خلقيو؛ تنهن کي هڪ پنهنجي سونهن، سندرتا ۽ اهميت آهي. جيتوڻيڪ اِها ٻي ڳالهه آهي ته علمي، ادبي ۽ معياري ڪسوٽيءَ تي اُن کي ڪا گهڻي اهميت نه آهي. سومرن جي دؤر جي بيتن جي ٻوليءَ جا ڪجهه مثال هن طرح آهن:
جين ڏوُنگر تين هاٿيا، جين کِنيريو تِين ڇَٽَ،
هميراڻي موج، ڪر، آڳا اُڀ نکٽ.
ڍري ڍوري راءُ جنهين چارڻ سان کاهُ،
پتڻ پٽي جو ٿِئو، سِج وتايو ساهُ،
هميران پُوراهه راڄُ نه ڪندا سُومرا.
کٽئين يا هارائين مري ته وڃي واء،
ٻنهي منجهئون هڪڙي، چڱي ته ٿئي ڪاء.
آءٌ هڱورل پؤڇز يار اڄ گهرجين هِت،
سومرن ماري سما، ڪُنرن ڀريا رت.
اُڀُ سڀڪنهين اوُچو، اُڀ نه اوُچو ڪوء،
مُئي به مٿو ٿئو سوُره سير سندوء.
مذڪوره بيتن مان ڏسبو ته اُن وقت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي قوت ۽ ادائگيءَ جي خوبصورتي اچي چُڪي هئي. ٻي ڳالهه جيڪا يڪدم ڌيان ڇڪائي ٿي، سا اِها ته اُن ۾ نج ۽ ٺيٺ سنڌي شبد ڪم آندل آهن. سومرن کان اڳ، جيتوڻيڪ اٽڪل چار سؤ سالن تائين سنڌ تي عربن ۽ انهن جي صوبيدارن جي حڪومت رهي، پر مذڪوره بيتن ۽ پڻ اُن وقت جي ڳاهن ۽ ڳالهين ۾ استعمال ٿيل بيشمار ٻين بيتن کي آڌار بڻائي، اِئين چئي سگهجي ٿو ته اُن مهل تائين سنڌي ٻوليءَ تي ڪنهن غير ڏيهي زبان جو اثر نه پيو هو. اِنهن ڳاهن ۽ ڳالهين ۾ اِستعمال ٿيل سنڌي ٻولي، پنهنجي سِٽاء، شبداوليءَ، ادائگي ۽ وياڪرڻ جي نقطه نظر کان ٺيٺ نج ۽ ڳوٺاڻي فطرت واري سنڌي لڳي ٿي.
اِنهن ڳاهن ۽ ڳالهين، قصن ۽ داستانن جو اڀياس ڪرڻ بعد اِن نتيجي تي به پهچجي ٿو ته سُومرن جي دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت، ۽ قصن ڪهاڻين بيان ڪرڻ جي قوت پيدا ٿي چڪي هئي ۽ پڻ ادبي صلاحيت جي نشونما ٿي رهي هئي. جنهن سان سُومرا سردارن جي سُورهيائي ۽ سخاوت بيان ڪرڻ جو بنياد پيو ۽ اهڙن قصن کي خوبصورت نموني ۾ شعر جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو ويو. اُن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر جي ٻي هڪ خاصيت اِها آهي جو اُها ’عام فهم‘ ابتدائي ادبي ۽ معياري ٻوليءَ جي تعمير ۽ توسيع کي ظاهر ڪري ٿي. عموماً اِن ئي دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ نثريه داستانن جو بنياد پيو ۽ ڪن مثالن کي خيال ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي شعر، علمي سطح تي پڻ بيتن ۽ ڪافين جي روپ ۾ سماج جي محفلن ۽ دوريشانه بزمن جو جُز بڻيو.
سُومرا دؤر جي پوئين حصي ۾ سمن سردارن جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب، سندن ٻانهن ٻيلي سردارن، سما قبيلي وارن جي زبان کي اهميت ملي ۽ سنڌي ٻولي اهڙين حالتن ۾ آئي، جنهن کي جيڪر معياري سنڌي ٻوليءَ جي اوسر وارو مرحلو ڪري سڏجي.
سمن جي طاقت، ڄام انڙ جي سرداريءَ واري زماني ۾ زور وٺڻ شروع ڪيو. ڄام انڙ چوڏهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ ملڪ رتن کي ماري مات ڪيو، جيڪو دهليءَ جي حڪومت طرفان سيوهڻ جي گورنر طور مقرر ٿيل هو. ڄام انڙ 1350ع ڌاري، پاڻ تي ’ڄام‘ جو لقب رکائي، سما گهراڻي جو بنياد وڌو ۽ خودمختيار نموني حڪمراني شروع ڪيائين. جيڪا 1520ع تائين ڄام فيروز تائين هلي.
سمن جي ايامڪاريءَ جا اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال، سنڌ جي اندروني حصن ۾، سنڌ جي ڳوٺاڻن ڀاڱن ۾ معياري سنڌيءَ جي اوسر ۽ سنڌ جي حدن کان ٻاهر تائين سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ لاءِ تمام مفيد رهيا. سما اصل کان سنڌ جي وچولي حصي سان واسطو رکندڙ هئا. عربن جي آمد وقت اُهي هاڻوڪي تعلقي نواب شاهه، ضلعي نواب شاهه (شهيد بينظيرآباد) ۾ ”سمن جي ساوڙي“ نالي ديهه ۾ سڪونت پذير هئا ۽ ڇهه سؤ سالن بعد جڏهن ڄام انڙ طاقت ۾ اچي سيوهڻ تي قبضو ڪيو، تيستائين به اُهي سنڌ جي وچولي حصي ۾ ئي رهندا پئي آيا. تاريخي احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سمن جا انڙ، ڏاهري، ساند، ساوريا ۽ ڪيريا قبيلا، سيوهڻ ۽ نصرپور سرڪارين (علائقن ۾) هاڻوڪن ڪوٽڙي، سيوهڻ، مورو، سڪرنڊ، نوابشاهه، شهدادپور، ٽنڊو الهيار علائقن ۾ وڏي گهڻائيءَ ۾ رهندا هئا. اِهو سنڌ جو وچولو حصو آهي. اُن ڪري اِن حصي جي ٻولي، سمن جي حڪومت دوران، خاص طور اُنهن جي حاڪم ڄام نظام الدين جي ايامڪاريءَ دوران ڪافي ترقي ڪئي. ڄام نظام الدين جي حڪمرانيءَ وارو وقت سنڌ ۾ عام طور امن ۽ استحڪامت وارو وقت رهيو آهي. جنهن دوران ڪن جزوي ننڍڙن ننڍڙن مقابلن کي ڇڏي ڪنهن به وڏي جنگ جهيڙي جو ذڪر نٿو ملي. ڄام نظام الدين خود هڪُ پڙهيل ڳڙهيل ۽ علم پسند حاڪم هو. جنهن عالمن جو قدر ڪيو ۽ علم کي همٿايو ۽ ترقي وٺائي. جنهن ڪري سندس وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ ڪافي ترقي ڪئي. پر هن جي موت بعد سندس پٽ ڄام فيروز ۽ ڀاڻيجي ڄام صلاح الدين حڪمرانيءَ جي هوَس ۽ چٽاڀيٽيءَ ۽ پنهنجن بداعمالن جي ڪري سنڌ جي جيڪا حالت ڪئي ۽ بعد ۾ غيرڏيهي حاڪمن ارغونن ۽ ترخانن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ ۾ جيڪو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اِنتشار رهيو؛ تنهن سنڌ کي اهڙي بدترين حالت ۾ آندو، جهڙي بدترين حالت سنڌ ۾ اڳي ڪڏهن به پيدا نه ٿي هئي. بهرحال ڄام نظام الدين، ڄام فيروز ۽ ويندي شاهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاهه حسن جي وقت تائين، يعني ارغون دؤر تائين سنڌي ٻوليءَ جي اوسر جو سُٺو رڪارڊ ملي ٿو. سمن واري دؤر جي آخري حصي ۾ ئي سنڌيءَ جو هيستائين جو ڄاتل سڃاتل پهريون وڏو شاعر ۽ برک صوفي ۽ عالم قاضي قادن پيدا ٿيو. قاضي قادن غالباً 1463ع ۾ ڄائو ۽ 1551ع تائين حيات رهيو. هُو سنڌ جي چئن حاڪمن: ڄام نظام الدين، ڄام فيروز، شاهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاه حسن جي دؤر حڪومت ۾ قاضي القضات يعني سڀ کان وڏي قاضيءَ واري ۽ ٻين رتبي وارن عهدن تي فائز رهيو.
قاضي قادن جي شاعريءَ کي گهڻين ئي نقطه نگاهن کان اهميت آهي. پر هتي مان اِهو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد کي جاچڻ ۽ پروڙڻ لاءِ قاضي قادن جي شاعريءَ کي وڏي اهميت آهي. ڇوته هي پهريون آڳاٽو شاعر آهي، جنهن جو گهڻي ۾ گهڻو (260 بيت) لکت ڪلام ۽ سو به گهٽ ۾ گهٽ 1629ع ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ لکجي رڪارڊ ٿيل ڪلام اسان کي ملي سگهيو آهي.
قاضي قادن جا اڳ ۾ فقط 7 بيت موجود هئا. ڪئين صديون پوءِ، بعد ۾ 1978ع ۾ 112 ٻيا بيت روشنيءَ ۾ آيا. هن جي اڳين بيتن ۽ پوءِ مليل بيتن جي ٻوليءَ ۾ ڪافي فرق آهي. اڳيان بيت لاڙي لهجي وارا هئا ۽ بعد ۾ مليل بيت مٿئين سنڌ واري، اُترادي يا سنڌي سرائيڪي لهجي وارا آهن. اڳيان بيت قاضي قادن جي انفرادي بيتن طور اسان تائين نه پهتا هئا، پر لاڙ جي شاعر شاه ڪريم بُلڙيءَ واري جي بيتن سان گڏ، کانئس پوءِ سندس هڪ ٺٽئي ۽ لاڙائي مريد محمد رضا ٺٽويءَ جي لکيل ڪتاب ذريعي اسان تائين پهتا هئا. ظاهر هو ته انهن ڌارين اثرن جي ڪري ئي قاضي قادن جا 7 بيت، جيڪي هونئن وڏي تعداد ۾ اُترادي يا سنڌي سرائيڪي لهجي ۾ آهن، سي بدلجي لاڙي لهجي ۾ آيا هئا. اِن مسئلي تي اسان پنهنجي مضمون ’قاضي قادن جي ٻوليءَ‘ ۾ تفصيلي طرح روشني وجهندي اِهو نتيجو ڪڍيو آهي ته، قاضي قادن جي ٻولي اُترادي هئي ۽ اُن نتيجي کي هاڻي سنڌ جي وڏن وڏن عالمن به قبول ڪيو آهي.
قاضي قادن جي بيتن جي ٻوليءَ کي باريڪيءَ سان جاچڻ سان پتو پوي ٿو ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ خاص نزاڪت، اظهار جي صلاحيت ۽ معنيٰ ۽ فڪر جي وڏي قوت پيدا ڪئي، جو اُهو تصوف جهڙي فلسفي کي به اظهار ڏيئي سگهيو.
اُن اڀياس مان اِهو به پتو پوي ٿو ته سندس دؤر ۾، سنڌ ۽ هند ۾ عربي ۽ فارسي تعليم جي روا هجڻ ۽ وقت جي اُستادن ۽ عالمن طرفان عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي باوجود سنڌي ٻولي، پنهنجي نِج ڳالهائجندڙ روپ ۾ ئي ڪتب ايندي هئي. يعني ته جيئن عام ماڻهو اُها اُچاريندو هو، تيئن ئي اُها لکي به ويندي هئي. عوام جي ٻوليءَ جو بول بالا هو ۽ عالم ۽ فاضل به عربي، فارسي يا ڪهڙيون به رُتبي واريون ٻوليون ڄاڻندي به پهرين ته ٺيٺ ۽ نج سنڌي ٻولي ئي استعمال ڪندا هئا. اگر ضروري ٿيندو به هو ته اِنهن ٻولين جي لفظن کي هُو اهڙي طرح استعمال ڪندا هئا، جيئن عام سنڌي ماڻهو يا سنڌي ٻوليءَ اُن کي پنهنجي سڀاوَ يا ذاتي خصوصيتن موجب اختيار ڪيو هو. ’ش‘ کي ’س‘، ن کي ’ڻ‘، ’ز‘ کي ’ج‘ ۾ ڦيري اُچار ڪيا ويندا هئا.
مثال:
جنين جان جدا ڪي تون منهن تنهين ”پس“،
لتاڙين لتن سين، اٺئي پهر عرس
”سفافي“ مون ”سيڻ“ وسن ”سهر“ سفاف ۾
ڳالهين چون سفافيان، چون سفافي ويڻ.
جيئن ڦڦڙ ماه ۾ اِئين ”روجا“ عيد ”نماج“
اڃا آه ڪاء ٻي الله هند جي حاج
پڙهندا پئي ويا ڪوڙين لک قُراڻ
لکي لوڪ نه سگهيا پاڻيءَ اندر پاڻ.
سنڌ جي ماڻهن جي اِن ’ش‘ کي ’س‘، ’ج‘ کي ’ز‘ ۽ ’ز‘ کي ’ج‘ ۽ ٻين متعدد غير ڏيهي اکرن کي، ڏيهي متبادله اکر ۾ بدلي ڪرڻ واري ڳالهه جي تصديق ۽ ثابتي مشهور ڪتاب ’ڪتاب البيان والتبيين‘ مان به ملي ٿي. جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ’سنڌ جو رهاڪو لامحاله‘ ’ج‘ جو اُچار ’ز‘ ۽ ’ز‘ جو ’ج‘ ڪري ٿو. پوءِ ڀلي کڻي هو عرب جي فصيح ۽ بليغ قبيلن بنو قيص ۾ پنجاه سال ڇونه رهيو هجي.‘ ابو عطا سنڌيءَ پڻ اِن جاچنا جي تصديق ڪئي آهي.
قاضي قادن جي ٻوليءَ مان اِهو به پتو پوي ٿو ته اُن وقت جي ٻولي سرائيڪي ۽ ملتاني لهجي کان گهڻو متاثر هئي. ٻوليءَ جي وياڪرڻي جزن: اِسمن، ضميرن، ظرفن، صفتن ۽ ڪن حالتن ۾ فعلن تي به اِهو سرائيڪي اثر نظر اچي ٿو.
سرائڪي- ملتاني آميزش وارا ٻيا ڪي بيت هن طرح آهن.
جهڙي پائي هٿڙي تهڙي پاڻ پرين،
بهڻ محبا ڇڏيا، تون نه ڇڏ ڌڻي.
ڀُلي وي ڀُلي، ڀُلي تنگائون آئي،
بابا آدم اتي حوا ڀُلي ڀُلي سڀ دنيا.
سيڄاڻا اتي سينهن، ڏوُنئون وسن جهنگ ۾،
سي کڙ کاون ڪيئن ماسُ جنهان ڪون لکيو.
توئون اسان نهين پُڇيو تئن پڇي ”اساڻ“
نهين رتو رحمان سين، وي پڙهڻهار قُراڻ.
مذڪوره بيتن جي سرائيڪي سٽاء، خاص طور ويندي ’قرآن‘ کي به ’قراڻ‘ ڪري چوڻ، اِهو ڏيکاري ٿو ته سنڌيءَ تي اِهو سرائيڪي لهجو گهڻو غالب هو. اِن جي صفائيءَ طور مون اڳ ۾ ڪن مضمونن ۾ اِئين به چيو آهي ته قاضي قادن جا وڏا اُچ ملتان جا ويٺل هئا، ۽ بعد ۾ به اُهي مٿئين سنڌ جي بکر ۾ مقيم هئا. تنهن ڪري هنن جي ٻوليءَ تي اِهو اثر رهيو هوندو. پر ان سان گڏ اُنهن ڳالهين کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته ملتان جا سنڌ سان صدين کان روحاني، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا رهيا آهن. مشهور صوفي بهاءُ الدين ذڪريا جي درگاه به ملتان ۾ هئي ۽ سنڌ جا ڪيترائي حاڪم ۽ اُن جي ڪري يا خود ذاتي عقيدت جي ڪري سنڌ جو وڏي تعداد ۾ عوام پڻ اِن در جو معتقد ۽ زيارتي هو ۽ پيرن ۽ مرشدن جي ٻوليءَ جي ناتي سرائيڪي- ملتاني ٻوليءَ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.
عوامي سطح تي ڏسبو ته سرائيڪي ملتاني روزمره جي ڪرت ڪار ۽ ڪن خاص ڪمن ڪارين ۾ به سرائيڪيءَ جو استعمال عام هو.
اُتر سنڌ ۽ سري ۾ ڪيترن ڦِٽل کوُهن جي لڌل ڪجهه سِرُن تي اُڪريل ڪي ڪُتبه نظر آيا آهن. جيڪي به اِن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا:
سِل ٿپي ٿپڻهاري، صابُو نان کوُهاري،
دلوُراءِ دي واري سِل پڪي ٻل ڄانڀي تي.
ٿپڻ والي ٿپي، سڪندر دي واري دي،
ڪوئي آکي سلان ڪنھ پڪايان، داو نان کوهاري،
ڄانڀي دا ٻل ٻلايا شاه سڪندر واري.
سلا بلند ٿپيان، ٺڳيا نام نصير،
کوُه کٽايا پتر کامڻ دي اونر نام همير،
وقت سڪندر بادشاه ملڪ ڌني پهلوان،
رعيت راضي ايهه جيهي ٻڍانت جوان،
هڪ لک سلان اڳيان ٿيا کوهه تمام،
تري سو ٻُوٽي باغ دي راڌي اونڙ ڄام.
اِنهن سڀني مثالن ۽ پڻ تازو مليل قاضي قادن جي بيتن جي مدنظر برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي به اِها راءِ قائم ڪرڻي پيئي آهي ته سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي ٻولي پڻ سري ۾ عام هئي ۽ نه فقط ڳالهائبي هئي، پر تاريخي ڪُتبن لکڻ لاءِ به استعمال ٿيندي هئي. جيئن اِنهن سرن وارن عبارتن مان ان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ۽ سرائيڪي ڄڻ ته ساڳئي ملڪ جون ٻه ٻوليون هيون ۽ خاص طرح اُترين سنڌ ۾ ۽ سري ۾ ٻنهي جي قريبي رشتي جي تصديق قاضي قادن جي ڪلام مان به ٿئي ٿي.
بهرحال سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا اسان جي سامهون اچي ٿي؛ سا هيءَ ته جيئن قاضي قادن جي شاعريءَ مان ظاهر آهي، سن 1551ع تائين سنڌي ٻولي معياري ۽ ادبي اعتبار کان ڪافي بلوغت کي پهچي چڪي هئي. اُن ۾ تصوف توڙي ويدانت، يوگ توڙي اخلاق جا دقيق ۾ دقيق خيال سمائڻ جي قوت به پيدا ٿي چڪي هئي. جيئن ته:
”لا“ لاهيندي ڪنهن کي، ”لا“ موراهين ناه،
بالله ري پريان ڪٽ نه ڏسي ڪو ٻيو.
لوڪان نحو صرف من مطالع سپرين،
سوئي پڙهئو سو پڙهان، سوئي سو حرف.
يا اگر ويدانت ۽ يوگ آچار جا خيال ڏسڻا هجن ته هيٺيان بيت اُن جا عمدا مثال آهن:
پرين وڃائي رت روئن ڪَٻُڌي ري ڪارڻ،
ڪنچن راس وِڃاء ڪي ٻُڪين ڌوڙ پون،
روئي م ڪر پڌرو هٺ منجهيئي حال،
جان جان پريان نه مِڙء تن ڪاٺيءَ جيئن ٻال.
سمن جي دؤر ۾ سنڌ جو ڪڇ ۽ گجرات سان به گهرو لاڳاپو رهيو. ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڪڏهن ڄام صلاح الدين ۽ ڪڏهن ڄام فيروز ڀڄي وڃي پئي ڪڇ ۾ پناه ورتي. يا ڪڇ ۽ گجرات جي راجائن کان مدد وٺي هڪ ٻئي تي يا بعد ۾ ٻاهران ڪاهي آيل ارغونن سان پئي لڙايون ڪيون. حاڪمن جي لڏپلاڻ سان اُنهن جا لشڪر ۽ غلام ساڻن گڏ ايندا ويندا هئا. جنهن ڪري لازمي طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي گجراتي لفظ به گهڙيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون پڻ گجرات تائين ڦهليون. قاضي قادن جي شاعري پڻ فڪري ۽ معنوي طرح ايتري ته بلند هئي، جو اُها پڻ سنڌ سان گڏوگڏ اُن جي ڀر وارن علائقن، گجرات، راجسٿان ۽ پنجاب وارن ٽڪرن، جن کي هينئر هرياڻا سڏيو وڃي ٿو، اُتي به پڻ مقبول بڻي. ڇوته راجسٿان جي مشهور درويش دادو ديال ۽ سندس پنٿ جي ڪيترن ٻين سنتن جهڙوڪ: رجب، سندرداس ۽ ٻين به ڪيترن اُن کي پسند ڪيو ۽ اُها دُور دُور تائين ڦهلي. اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ ڀر وارن علائقن جي گجراتي، راجسٿاني ۽ پنجابيءَ جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿي.
بعد ۾ اِها روايت پراڻناٿ جي ڪڇي سنڌيءَ ۾ شاعريءَ سان اڃا به وڌي. پراڻناٿ عرف مهراج، جاڙيجن سمن جي ڄام نگر شهر ۾ 1618ع ۾ ڄائو ۽ هڪ سنڌي ماءُ جو ڄائو هو. سندس مادري زبان سنڌي هئي، پر هن ڪڇ ۾ رهڻ ڪري پنهنجو ڳچ ڪلام ڪڇي محاوري واري سنڌيءَ ۾ چيو آهي. هن جي سلوڪن جو نمونو هن ريت آهي:
آخر ويرا اُٿڻ جي آنئين روحين ڇڏيجا راند،
اُٿي وِچ عرش جي، ڪوه ڪري وڙون ڪانڌ،
ڌڻي موُهجي روح جا هاڻي چوُئان ڪيئن ڪري،
روح کي ڏِنو پرڏيهڙو، چؤ سو دل ڌري.
سوامي پراڻناٿ کان ٿورو ئي اڳ جي ٻِن ٻين ناميارن شاعرن، سنڌ جي لاڙ جي ميين شاه ڪريم ۽ راجسٿان جي سنت دادو ديال جا به متعدد سنڌي بيت اسان کي ميسر آهن. جن مان اُن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اُنهن مان شاه ڪريم جي بيتن تي لاڙي ۽ دادو ديال جي بيتن تي راجسٿاني رنگ چٽيءَ طرح نمايان آهي.
شاه ڪريم جي شعر جو نمونو:
وهاڻيءَ ئي وڃُ تو نه سرندو تِن ري،
تان سا وڃي ڀڃُ، پيئي جا ڪاڻ پرين سن.
جي مون سڏ ڪِئا، ڀنڀوران ٻهار ٿي،
جي سي پرينءَ سُئا ته هند وِئا نه نڪري.
يا دادو ديال جي راجسٿاني رنگ واري سنڌي:
دادو! اکيون پسڻ کي پرين ڀري اُلٽيان منجهه،
جتي ويٺو مان پرين نهاريندو منجهه
دادو غافل ڇو وَتين، منجهين ربُ نهار،
منجهيئي رب پانهنجو، منجهيئي ويچار.
اِن ئي دؤر دوران هڪ طرف اوڀر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا گجراتي، راجسٿاني ۽ پنجابيءَ سان پيچ پيا، ته ٻئي طرف اولهه ۾ وري بلوچي ۽ بروهڪي ٻولين سان به اُن جي آميزش ٿي. لس ٻيلي ۾ رونجهن جي زور وقت ڪيترائي سنڌي قبيلا موجوده بلوچستان جي ڪن ايراضين ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. سنڌي ٻولي اُنهن سنڌي قبيلن سان گڏ سفر ڪندي، ويندي مڪران تائين وڃي پهتي هئي. آڳاٽي دؤر کان وٺي سنڌي ۽ بلوچي ٻولين جي سرحد جو پاڻ ۾ ملڻ، سنڌين جو بلوچستان ۾ ۽ بلوچن جو سنڌ ۾ وسڻ، سنڌي قبيلن جو اُتر ۾ سبي ۽ اولهه ۾ مڪران ۾ ڦهلجڻ، انهن ڳالهين پڻ سنڌي ۽ بلوچيءَ وچ ۾ ڏي وٺ کي زور وٺايو ۽ ڪيترائي بلوچي الفاظ سنڌيءَ ۾ مروج ٿيا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهڙن گهڻن ئي لفظن جي لسٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽئين ڇاپي) ۾ ڏني آهي.
مٿي شاه ڪريم ۽ دادو ديال جو بيان ڪيو ويو آهي. اُن بعد شاهه لطف الله قادري (جنم 1611ع) ۽ ميين شاهه عنايت (جنم 1621ع) به پنهنجن ڪلام جي رسالن سان سنڌي ٻوليءَ کي ڪافي زور وٺايو آهي. اِنهن شاعرن جي ٻولي لازمي سنڌي آهي. پر اُن ۾ جوڳين، ويراڳين، سنياسين متعلق جيڪي بيت آهن، تن ۾ ڪافي تعداد ۾ بيت، سلوڪ ۽ طريقت واري روايت ۽ عوامي بيتن جي روايت وچ ۾ معنوي ميلاپ جي نشاندهي ڪن ٿا. اهڙو ميلاپ ميين شاه عنايت جي ڪلام ۾ واضح طور نظر اچي ٿو. هُن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ بيتن جا ’عارفانه‘ ۽ ’عوامي‘ قسم جا ٻه جدا جدا سلسلا هلندڙ هئا. پر ميين عنايت جي بيتن ۾ انهن ٻن درياهن جي پلٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
شاهه لطف الله قادريءَ جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت بلڪل واضح آهي. هُن خاص طرح ڌيان ڏيئي تصوف جي خيالات تي سنڌيءَ ۾ بيت لکيا. پاڻ خود پنهنجي رسالي ۾ چيو اٿس:
ڪوڏان ڪِئو رسالو ايءُ فقير جوڙي بيتن،
ته هوءِ سنڌي وائيءَ سُهکو ٻُجهڻ اٻوجهن،
پانهنجي ٻوليءَ ڪري سِگهائي اي سِکن.
اهڙي قسم جو اظهار اُن زماني جي متعدد ٻين شاعرن ۾ به ملي ٿو. جن خاص توجهه ڏيئي پنهنجو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ جوڙيو. بهرحال، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو وڏو عروج مليو، سو ڪلهوڙن جي دؤر ۾، سنڌ جي سدا حيات ۽ سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان. شاهه صاحب جي ولادت 1689ع ۾ ٿي ۽ هُو 1752ع تائين هن فاني دنيا ۾ حيات رهيو. اِن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته شاهه عبداللطيف، قاضي قادن جي پيڙه وڌل سنڌي اساسي شاعريءَ جي عمارت کي اُن بلنديءَ تي پهچايو، جنهن بلنديءَ کي اڃاتائين ته ٻيو ڪوبه سنڌي شاعر ڇُهي نه سگهيو آهي. شاهه سائين جي ڪلام جو ڪٺ ”شاهه جو رسالو“ آهي، جنهن ۾ شامل اٽڪل ٻه سؤ وايون ۽ ٽي هزار اهڙا بيت آهن، جن کي معياري ۽ صحت جي لحاظ سان شاهه سائينءَ جا پنهنجا رچيل بيت ڪري مڃيو وڃي ٿو.
سنڌي ٻولي، شاهه عبداللطيف جي وقت تائين گهڻن ئي گهٽن ۽ گهيڙن مان گذرندي اِن منزل تي پهتي هئي. جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي، شاهه کان اڳ جي ڪن شاعرن: قادري ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ڏي خاص ڌيان ڏنو. مخدوم ابوالحسن ۽ سندس ٻين همعصر عالمن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ لکڻ جي طريقي کي هڪ مخصوص روپ ڏنو هو. جنهن کي ’ابوالحسن جي سنڌي‘ سڏجي ٿو. سنڌي ادب جي تاريخ نويس محمد صديق ميمڻ جو رايو آهي ته شاهه عبداللطيف اُها ساڳي سنڌي ڪم آندي، جا مخدوم ابوالحسن ۽ سندس همعصرن ڪم آندي هئي. هن جون لغوي ترڪيبون ۽ صورتخطيءَ جو نمونو به ساڳيو آهي.
شاهه جي رسالي جو اڀياس ڪرڻ سان ڏسجي ٿو ته شاهه، نج ۽ چيدي سنڌي ڪتب آندي آهي. اُن ۾ سنڌيءَ جي فطري اوسر واري طريقي، پراڪرت ۽ اصل ٻولي سنسڪرت جا ڪيترائي لفظ اسان کي ملن ٿا. شاهه ۾ عربي ۽ پارسيءَ جا جيتوڻيڪ تمام گهڻا لفظ نه آهن، پر ڪِن ڪِن هنڌن تي انهن ٻولين جي لفظن جو به استعمال ٿيل آهي ۽ پڻ قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن جا ٽڪرا، جيڪي عربيءَ ۾ آهن، تن کي پڻ تضمين طور ڪم آندو ويو آهي. سندس ’سُر رامڪلي‘، ’سُر آسا‘ ۽ ’سُر پورب‘ ۾ جيڪا ٻولي ڪم آئي آهي، تنهن ۾ ڪيترائي لفظ ۽ ترڪيبون هندو جوڳين ۽ سنياسين جي ٻوليءَ واريون آهن. اِنهن سڀني ڳالهين جي ڪري شاهه جو ڪلام ايترو ته سليس ۽ عام فهم آهي، جو هرڪو شخص هندو توڙي مسلمان اُن مان فيضياب ٿيندو رهيو آهي ۽ اُن کي پسند ڪندو رهيو آهي.
شاهه کان يڪدم پوءِ واري شاعر سچل سرمست پڻ گهڻو تڻو شاهه عبداللطيف واري اڍ ڇڪي آهي. سچل جيتوڻيڪ پارسي، سرائيڪي، هندي، جملي ستن ٻولين ۾ ڪلام چيو آهي. پر سندس شعر جيڪو سنڌيءَ ۾ آهي؛ اُن جو مزاج ذري گهٽ شاهه جهڙو ئي آهي. اُن جي برعڪس شاهه، سچل، سامي واري ٽمورتي جي ٽئين شاعر، چئنراءِ بچومل لنڊ ’ساميءَ‘ جي ٻوليءَ ۾ اڳين ٻن شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڏو فرق آهي. اِن فرق جو هڪ وڏو، پر سمجهه ۾ ايندڙ ڪارڻ اِهو ٿي سگهي ٿو ته شاهه ۽ سچل نج تصوف واري فلسفي جا شاعر هئا. جڏهن ته سامي، ويدانت ۽ ڀارتي اڌياتمڪ فلسفي وارو شاعر هو. جنهن پنهنجي سلوڪن ۾ خود به چيو آهي ته ويدن جي واڻي، سنڌيءَ منجهه سڻايان. سوئي اُن ويدڪ ۽ ڀارتي اڌياتمڪ پسمنظر سبب، سڀاويڪ طور هن جي ٻوليءَ تي پڻ سنسڪرت هندي وغيره ٻولين جو اثر چٽو آهي. ساميءَ جي سنڌي ڀاشا ۾ وچين دور وارن ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ اِهو فرق شايد ان ڪري به آهي، جو ٻيا گهڻي ڀاڱي شاعر ته لاڙ ۽ وچولي جا هئا. پر هيءُ ئي هڪ شاعر آهي، جيڪو شڪارپور جو هو ۽ پڻ زندگيءَ جو ڪجهه حصو امرتسر ۾ به رهيو هو. سنسڪرت ۽ هنديءَ جي اثر جي لحاظ کان ڏسجي ته ڪلهوڙن جي دؤر جي شاعر روحل ۾ پڻ اسان کي اِهو اثر نظر اچي ٿو. روحل، جيتوڻيڪ سنڌ جو شاعر هو ۽ سندس ٿورو ڪلام (31 بيت) سنڌيءَ ۾ به آهن، پر هن پنهنجو گهڻو ڪاويه هندي، راجسٿاني ۽ سرائيڪيءَ ۾ چيو آهي. هن جي رهائش به گهڻو وقت جوڌپور ۾ ٿي. جنهن ڪري روحل جي هندي ڪويتا توڙي سنڌي ڪلام تي هندي ۽ سنسڪرت جو اثر وڌيڪ آهي. بهرحال هنن شاعرن ۽ سندن نقش قدمي ڪندڙ، اِن ساڳئي دؤر جي بيشمار شاعرن، سنڌي شعر جي ذخيري کي خوب مالامال ڪيو آهي. پر اُن ۾ شاهه جي شاعريءَ جهڙو ٻيو ڪو مثال ئي نه آهي. اُهو ته ڄڻ سنڌي ادب جي آسمان جو سُورج آهي.
جيئن لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي مٿي لکيو ويو آهي، سنڌ ۾ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جي قدر کي سڃاڻندي؛ شاعرن ۽ عالمن، خاص توجهه ڏيئي سنڌيءَ ۾ عربي، پارسي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ، سورهين صديءَ ۾ ئي شروع ڪري ڇڏيا هئا. اُهي ڪتاب فقط ڪلامن جا ئي نه هئا، پر اُن سلسلي ۾ اِهو به خيال رکيو ويو ته اهڙا ڪتاب هجن، جن ذريعي سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيئي سگهجي. اهڙن ڪتابن ۾ هڪ مشهور ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“ آهي، جيڪو ٺٽي جي مشهور عالم ميان ابوالحسن لکيو هو. بهرحال تازي ٿيل تحقيق سان اِها ڳالهه به روشنيءَ ۾ آئي آهي ته ميان ابوالحسن کان اڳ به سنڌيءَ ۾ تعليمي ڪم کي ترقي وٺائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا هئا. ڊاڪٽر بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي تازي ڇاپي ۾ اِهو ظاهر ڪيو آهي ته ابوالحسن جي سنڌيءَ کان اڳ ۾ به سنڌيءَ ۾ تعليم جا اٽڪل 49 ڪتاب موجود هئا. اُهي ڪتاب سمورا نظم ۾ آهن. اِن ڪري اُنهن کي ’منظوميه‘ سڏيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جو اِهو به رايو آهي ته سنڌ ۾ نئين تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جي شروعات مخدوم جعفر جي ڪتاب ’حاصل النهج‘ جي لکجڻ کان پوءِ ٽيهن چاليهن سالن بعد ٿي. سورهين صديءَ کان وٺي اُوڻويهين صديءَ تائين، يعني انگريزن جي آمد واري وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد سميت بي شمار ڪتاب ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيا. ايترو ئي نه، سنڌي عالمن سنڌي ۽ پارسي ۽ سنڌي- عربي- پارسيءَ جون ٻن ٻولين واريون ۽ ٽن ٻولين واريون ڊڪشنريون به جوڙيون. جن کي نج سنڌي نالن سان ’دو وايا‘ يعني ٻن واين ۾ ۽ ’ٽِه وايا‘ يعني ٽِن واين يا ٻولين ۾ ڪري سڏيو ويو.
اِن طرح مذڪوره تجزيي مان ڏسبو ته 1500ع کان وٺي اُڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري 1843ع تائين، سنڌي ٻولي منزل به منزل مسلسل ترقيءَ جي راهه تي گامزن رهي آهي.
(سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال: ترتيب منوهر مٽلاڻي تان ورتل، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئيء، ممبئي.)