ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574135 ڀيرا پڙهيو ويو |
اها حقيقت آهي ته ڪنهن به خطي ۾ ٻولي صدين جي صفر ۾ گهڻائي لفظ، اصلاح ۽ ڪي بناوٽون حاصل يا ترڪ ڪي ٿي، پر ان جي سٽاءَ ۽ ساخت ۾ اوستائين ڪا وڏي تبديلي نه ٿي اچي، جيستائين ماڻهو اها اصلوڪي ٻولي ڳالهائڻ ڇڏي، مڪمل ڪا ٻي ٻولي نه اختيار ڪري وٺن. سنڌي ٻوليءَ سان به ائين ئي ٿيو آهي جو اها ڪيترين ئي ٻولين سان لهه وچڙ ۾ آئي، انهن کان ڪيترائي لفظ اُڌارا ورتائين، ڪيترا لفظ متروڪ ٿي ويا، پر سندس بنيادي ساخت ۽ سٽاءَ، جوڙجڪ ۽ بناوٽ ۾ ڪا وڏي تبديلي ڪانه آئي.
ٻولين جي انهيءَ بنيادي ساخت ۾ جيڪي اصول ڪارفرما هوندا آهن، انهن کي بيان ڪرڻ جي علم کي گرامر/ وياڪرڻ چيو ويندو آهي، انهن کي عربيءَ ۾ صرف ۽ نحو به چيو ويندو آهي. ڇوته ان ۾ لفظن ۽ جملن جي بناوٽن جي باري ۾ اصول بيان ٿيندا آهن. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هرڪا ٻولي پهرين وجود ۾ آئي ان جو گرامر ان جي اندروني جوڙجڪ (frame work) ۽ نظام (organization) جي سمجهڻ سمجهائڻ لاءِ پوءِ جوڙيو ويو.
سنڌيءَ ۾ باقاعده گرامر لکڻ جو رواج ته انگريزن جي دور ۾ پيو (اڳ ۾ جيڪڏهن سنسڪرت، پراڪرت وغيره جا گرامر هئا ته به انهن جو سنڌيءَ سان ڪو سڌو لاڳاپو ڪونه ٿو ٺهي.) هن وقت تائين ڪيترائي گرامر جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، پر اهي سڀ ٻوليءَ جي بنياد بابت ڪنهن نه ڪنهن نظريي ۾ يقين رکي لکيا ويا، ان ڪري خود سنڌي ٻوليءَ کي سندس اصلوڪي صورت موجب پرکي، لسانيات جي اصولن مطابق ڪو گرامر ڪونه جوڙيو ويو. ويهين صديءَ ۾ تشريحي (Descriptive) ۽ جوڙجڪ وارا (Structural) گرامر لکڻ جو رواج پيو ۽ اهي Transformational, Practical ۽ Generative پهلوئن کان لکيا ويا، جيڪي ٻوليءَ جي تعميري ۽ تخليقي سگهه کي بيان ڪن ٿا ۽ ان ۾ واڌارو آڻين ٿا، پر سنڌيءَ ۾ ائين ٿي نه سگهيو آهي. هن مقالي ۾ سنڌي گرامر جي ارتقا ۾ ان جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڪيترائي نظريا موجود آهن، جن کي دهرائڻ کان سواءِ ٿلهي ليکي چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ کي هڪڙا هند آريائي ته ٻيا غير آريائي ٻولي قرار ڏين ٿا. هند آريائي ٻولي مڃڻ ناتي سنڌيءَ جو رشتو ناتو سنسڪرت سان سڌو يا اڻ سڌو ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ غير آريائي حوالي سان هڪڙا ان کي دراوڙي دفعي جي ته ٻيا نج ديسي اصلوڪي ٻولي قرار ڏين ٿا ۽ ٽيان وري ان کي سامي (Semetic) گروهه سان لاڳاپين ٿا. اهڙي قسم جا نظريا ان ڪري به وجود رکن ٿا جو انهن عالمن کي انهن ٻولين سان ڪانه ڪا هڪجهڙائي سنڌيءَ ۾ نظر آئي. اها ڪجهڙائي ساڳئي خطي ۾ رهڻ ۽ هڪ ٻئي سان واهپي سبب به ٿي سگهي ٿي. ان قسم جي هڪ ٻئي کان ڌار نظريا رکندڙ عالمن جڏهن سنڌي گرامر تي ڪم ڪرڻ لاءِ قلم کنيو ته انهن ان کي پنهنجي نظريي جي روشنيءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي... آءٌ انهن جي نيڪ نيتيءَ يا خلوص تي ڪو شڪ ڪرڻ گناهه ٿي سمجهان. ڇاڪاڻ جو انهن جو ڪم علمي هو ۽ سندن اڳيان جيڪي مثال هئا، انهن کي سامهون رکي انهن ڪم ڪيو.
سنڌيءَ جي هند آريائي هئڻ واري نظريي ۾ يقين رکڻ وارن جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ته شعوري يا غير شعوري طور انهن سنسڪرت- پراڪرت- اپڀرنش- وراچڊ اپڀرنش واري ارتقائي سفر کي سماهون رکي، سنڌيءَ جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ کي انهيءَ حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنسڪرت پراڪرت جي وياڪرڻين جي ڏنل اصولن موجب ان کي ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
انهن مان ڪن کي سنڌي ٻوليءَ جي بناوٽ کي انهن اصولن تي ٺهڪائڻ (يا فٽ ڪرڻ) ۾ ڏکيائي پيش آئي ته انهن ان کي ڪنهن اصلوڪي ديسي (aboriginal) ٻوليءَ جو اثر چئي نظرانداز ڪيو ته ڪٿي ڪٿي انهيءَ لاءِ جواز به گهڙيا... سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي باقاعدگيءَ سان ڪم جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي، جنهن جو تفصيل سان ذڪر اڳتي ڪندس....
انگريزن جي ئي دور ۾ سنڌيءَ جي موجوده صورتخطي ٺهي، ان کان پوءِ جيڪي گرامر جوڙيا ويا اهي يا ته عربي ”صرف و نحو“ جي اصولن کي سامهون رکي جوڙيا ويا يا وري انگريزي گرامر کي معيار بڻايو ويو. نتيجي ۾ جيڪي ڳالهيون انهن ٻن ٻولين سان ٺهيڪ نٿي آيون، انهن کي ٻوليءَ جون نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون خاصيتون يا شاعراڻيون خوبيون چئي نظرانداز ڪيو ويو يا غيراهم بنايو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اردو ٻوليءَ جو واهپو وڌڻ جي ڪري هاڻي ”اردو قواعد“ جي معيار مطابق ڪي گرامر جوڙڻ جي ڪوشش پڻ ٿي آهي، خاص ڪري اردودان طبقي کي سنڌي سيکارڻ لاءِ اهڙا گرامر ٺاهيا ويا آهن.
بقول ڊاڪٽر الانا جي هن وقت تائين سنڌي وياڪرڻ جي موضوع تي گهڻو ڪري ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ سر گيرئرسن جي جڳ مشهور ڪتابن جو ترجمو ئي پيش ٿيو آهي... جيڪڏهن سنڌي وياڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي ته اهو وري عربي ۽ فارسي وياڪرڻ جو چربو آهي. (مهاڳ: گريئرسن: ترجمو فهميده)
ان سموري عمل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي انفرادي خصوصيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ايتري ڪوشش ڪانه ڪئي وئي، جيتري ڪرڻ گهربي هئي. هتي آءٌ مختصر طور تي سنڌيءَ ۾ گرامر لکڻ جي تاريخ کي بيان ڪرڻ سان گڏوگ سنڌيءَ جون اهي ڳالهيون نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس، جيڪي هن ٻوليءَ جي پنهنجي خصوصيت آهن جن ۾ ئي هن جي سونهن لڪل آهي. ڪئي صدين کان مختلف حمله آورن، نقل مڪاني ڪري ايندڙن جي ٻولين، ڌرمن ۽ مذهبن جي اثر سببان سوين بلڪ هزارين لفظ شامل ٿي وڃڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ پنهنجي اها انفراديت قائم رکي آهي، جيڪا ان جي گرامر کي صحيح رُخ ۾ سمجهڻ سان سمجهي سگهبي.
سنڌي ٻوليءَ جو پهريون گرامر جو ڪتاب، جنهن جو ذڪر اسان کي مختلف حوالن ۾ ملي ٿو، سو هو Wathen’s Grammar جنهن کي اڳيان رکي ڪيپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجو ڪتاب جوڙيو Grammar of Sindhi Language هن جو اهو ڪتاب 1849ع ۾ ڇپيو ۽ اهو ديوناگري لپيءَ ۾ هو، جڏهن اڃا سنڌيءَ جي موجوده صورتخطي ڪانه ٺهي هئي. انهيءَ گرامر تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي تفصيل سان لکي چڪو آهي. (آءُ ڪوشش جي باوجود اهو هٿ ڪري ڪانه سگهيس§) پوءِ 1853ع ۾ موجوده صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ انهيءَ صورتخطيءَ ۾ 1872ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجو گرامر· جوڙيو جنهن جو نالو آهي:
1- A Grammar of Sindhi Language
هن ڪتاب جي شروع ۾ تعارف واري ڀاڱي ۾ ٽرمپ سنڌيءَ جو سنسڪرت ۽ پراڪرت سان لاڳاپو بحث هيٺ آندو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن سنڌيءَ جو گرامر لکڻ مهل انهن ٻولين جي گرامر کي ضرور معيار بڻايو آهي. هو اها دعويٰ ته ڪري ويٺو ته؛
The Sindhi is pure Sanskritical language, more free from foreign elements than any other of the North Indian vernaculars, (Introduction, page7)
يعني سنڌي خالص سنسڪرتي ٻولي آهي، جيڪا اتر هندستان جي ٻين ديسي ٻولين جي ڀيٽ ۾ ٻاهرئين عنصر کان آزاد آهي.
پر هو ان ۾ موجود ڪيترن نمونن تي حيران ضرور هو، لکيائين:
The Sindhi is by no means an easy language, it is on the contrary beset with more intricacies and difficulties than any of its Prakrit sisters… for Sindhi has preserved a great many forms for which we look in vain in the cognate idioms. (Introduction, Page2)
يعني سنڌي ڪنهن به ريت سولي ٻولي ڪانهي، بلڪ ان ۾ ڪيتريون پيچيدگيون ۽ ڏکيائون آهن، جيڪي سندس ٻين پراڪرت ڀينرن ۾ ڪونه آهن. ڇوته سنڌيءَ ڪيتريون اهڙيون صورتون قائم رکيون آهن، جيڪي ٻين ڄاتل ٻولين ۾ نه ٿيون ملن.
هن کي ان ٻوليءَ جي وياڪرڻي بناوٽ جي سونهن جو اعتراف ڪرڻو پيو.
The Sindhi has preserved most important fragments of it and created for itself a grammatical structure which surpasses in beauty of execution and internal harmony. (int. pg.3)
ترجمو: سنڌيءَ ڪيتريون تمام اهم خاصيتون سنڀالي رکيون آهن، جن سندس اهڙي وياڪرڻ سٽاءَ کي قائم رکيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي اندروني آهنگ ۽ استعمال ۾ اعليٰ سونهن رکي ٿو.
ٽرمپ پراڪرت جي وياڪرڻي ڪرمديشو جي اپڀرنش جي حوالي سان ڍاهيل گرامر جا اصول سنڌيءَ سان لاڳو ڪري، ان کي هڪ منفرد ٻولي قرار ڏنو. ٻوليءَ جي انهيءَ انفراديت ۽ اچارن ۾ ٻين آريائي ٻولين کان فرق لاءِ هن انهيءَ پراڻي ٻوليءَ کي ذميوار ٺهرايو، جيڪا سندس لفظن ۾ aboriginal (اصلوڪي) هئي. جنهن جو نه ڪو نالو نڪو ڪو تفصيل ملي ٿو. انهيءَ کي هو آرين جي اچڻ کان اڳ جي ٻولي ڪوٺي ٿو. سندس خيال هو ته پراڻن پراڪرت وياڪرڻين ان کي غيرآريائي لفظن مان residuum (بچيل) سڏيو هو، جن مان خاص طور حالتن وارين پڇاڙين (case-terminations) جي سنسڪرت جي وياڪرڻ جي اصولن سان ڀيٽ ڪيائين.
هو لکي ٿو ته، ”حالت مفعولي سببي (accusative) کي سنڌيءَ واحد ۽ جمع ۾ بنهه ختم ڪري ڇڏيو آهي. خصوصاً اپنڀرنش واري مرحلي تي. (ص 112)
ٽرمپ جي انهيءَ ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌيءَ کي اپڀرنش جي ارتقائي صورت مڇيندي ان جي اصولن تي پرک ڪري رهيو هو.“
“We shall now first investigate the remnants of the ancient case-terminations. In the arrangement of the cases we shall follow the common order, which has been instituted by the old Sanskrit grammarians, in order to facilitate the internal comparison. (pg.42)
ترجمو: اسين هاڻي قديم حالت وارين پڇاڙين بابت کوجنا ڪنداسين. حالتن جي ترتيب ۾ اسين اهوئي رستو وٺنداسين جيڪو پراڻن سنسڪرت جي وياڪرڻين ورتو هو ته جيئن ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.
مثال طور هو سنڌيءَ ۾ حالت جريءَ جي هڪ قسم ablative case جو بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ اسم ۾ ”آن“ پڇاڙي گڏي ويندي آهي. مثلاً واحد ”گهران“ ”دران“، ”مروان“ ۽ جمع ۾ ”گهرنئان“، ”مرنئان“ وغيره... هو ان (case affix) پڇاڙيءَ جي اصل اسم سان گڏجڻ کي پالي پراڪرت سان ٿو ڀيٽي: لکي ٿو؛
This case-termination corresponds exactly to the Pali Prakrit Ablative case-termination a by elision of final thin Sanskrit ablative ‘t’, in Sindhi the Final long vowel has been nasalized. (pg.117)
معنيٰ: اها حالت واري پڇاڙي پالي پراڪرت جي اهڙي حالت جريءَ واري پڇاڙي ”آ“ سان هڪجهڙائي رکي ٿي، جيڪا سنسڪرت جي اهڙي پڇاڙيءَ ۾ ”ت“ کي حدف ڪري ٺهيل آهي. سنڌيءَ آخري ڊگهي سر (يا حرف علت) کي گهڻو ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي ڏسو ته اصل سنسڪرت ۾ پڇاڙيءَ ۾ ”ت“ هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪي جيڪا غائب ٿي وئي، وري پالي پراڪرت ۾ اها ”آ“ جي صورت ۾ ملي ٿي، ان مان سنڌيءَ جي لفظن جي پڇاڙي ”آن“ کي نڪتل ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته سنڌيءَ ان پالي پراڪرت واري ”آ“ کي ڊگهو گهڻو آواز بنائي ”آن“ ڪيو- هلو اها ڳالهه هڪ طرف رکو! هو وري اچي ٿو، سنڌيءَ جي اترادي لهجي تي جنهن ۾ اها نشاني ”اَون“ آهي ان کي به ساڳئي بڻ بنياد مان ثابت ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته پراڪرت ۾ آخر ۾ ”دَو“ هو جنهن مان ”د“ حدف ٿي وئي. باقي بچيو ”اَو“ جنهن کي اترادي سنڌين نڪ مان ادا ڪري ”اَون“ ڪيو- جيئن ”گهرئون“، ”درئون“ وغيره ۾ آهي... اهو ٿيو زوريءَ ڇڪي وڇي ملائڻ! ۽ اهو ڳچ وقت کان ٿيندو پيو اچي (مثال لاءِ ڏسو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پاران شاهه جي رسالي ۾ ڏنل معنائون جتي هرهڪ لفظ کي زوريءَ ڇڪي سنسڪرت مان ڪڍيو ويو آهي).
اهي ته اسمن جون صورتون آهن، جيڪي ڪنهن حالت ۾ ڦيرو کائين ٿيون، پر سنڌيءَ ۾ ته اهڙا حرف جَرَ (Postpositions) به آهن، جن ۾ اها ”آن“ (يا اترادي ”اَون“) نشاني اچي ٿي. مثلاً؛ مان، کان، تان وغيره (مئون، کئون، تئون)، هو سنڌيءَ جي انهن حروف جر جهڙا متبادل آريائي ٻولين ۾ خاص ڪري سنسڪرت- هنديءَ ۾ نه ٿو ڏسي ته به انهن جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چوي.... اتي وري انگريزي گرامر کان مدد ٿو وٺي. لفظ جي اهڙي حالت جري جنهن ۾ اهڙو ڪو حرف جر اچي ان کي هو ablative case ٿو سڏي ۽ کان مان ۽ تان جي استعمال کي انهيءَ حالت ۾ ٿو ڳڻي، جڏهن ته ”سان“ جي بي جان شين سان استعمال کي instrumental case ٿو چوي....
اهي ”آن“ وارا حرف جر خاص سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيت طور مڃڻ گهرجن. ڊاڪٽر جارج شرٽ اهڙن ”آن“ وارن لفظن کي دراوڙي ٻوليءَ جي خصوصيت قرار ڏنو هو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ حوالو ڏئي بحث ڪيو آهي ته:
”ٻن لفظن ”کان“ ۽ ”آن“ مان شرٽ ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ”آن“ سنڌ ۾ اڳ موجود هئي، مگر اها دراوڙي ٻولين جي هئي. ڇاڪاڻ ته اڃا بروهڪي ٻوليءَ ۾ موجود آهي.“ (ص 10) ڊاڪٽر بلوچ ان ڳالهه کي رد ڪري ٿو. منهنجو خاص آهي ته ان کي ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جي خصوصيت چوڻ بدران خالص سنڌي خصوصيت قرار ڏئي گرامرن ۾ ان کي داخل ڪرڻ گهرجي.
ماهرن آريائي ٻولين ۾ حالت اضافت کي هالت جريءَ ۾ ڳڻيو ته اسان جي گرامر جي ماهرن به اها ڳالهه سنڌيءَ لاءِ قبول ڪندي، سنڌيءَ جون حالتون گهٽائي ڇڏيون (اها ڳالهه ڀيرومل پڻ پنهنجي ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ ڪئي آهي، جنهن تي اڳيان هلي بحث ڪنداسين).
ٽرمپ کي سنڌيءَ جو حرف اضافت ”جو“ ڪنهن به ريت سنسڪرت پراڪرت يا ٻين آريائي ٻولين سان ٺهڪندڙ ڪونه لڳو ته هن اجهو هيئن وضاحت ڪئي:
”پالي پراڪرت ۾ سيه“ ۽ ”سس“ هو، پوءِ اهو ٿيو عام ”ڪو“ (سنسڪرت ”ڪ“ وري اڳتي لکي ٿو؛
“With transition of the tenuis c=k, in totha media (j).” (Trumpp: pg 119)
مطلب ته بدلجڻ واري عمل ۾ بيصوت ”سَ“ جو آواز ”ڪ“ جي برابر ٿيو ۽ پوءِ چونڊ وسيلي ”ج“!
اهڙيءَ ريت ”جو“ کي زوريءَ سنسڪرت جي ”ڪو“ مان ته ڪڍيائين، پر ان جي ڦيري ۾ هڪ هنڌ سنسڪرت جي ڌيءَ هنديءَ کان مختلف واٽ کي بيان ڪو نه ڪيائين.
سنڌي مذڪر واحد حرف اضافت ”جو“ جمع ۾ ”جا“ ٿيو ۽ مؤنث واحد ”جي“ جمع ۾ ”جيون“ ٿيو پر هندي (۽ اردوءَ) ۾ ”جيون“ جو متبادل ”ڪيان“ نه پر ”ڪي“ ئي رهيو. (مثال ”ڪاري ٻلي“- ”اس ڪي ڪالي بلي“ ”هن جي ڪاري بلي“ اس ڪي ڪالي بلي“ ٿيندو پر ”ڪاريون ٻليون“ به هن جون ڪاريون ٻليون- اس ڪي ڪالي بليان ”ڪالي بليان“ ٿيندو). اهي اضافتون جن لفظن سان لڳن ٿيون اهي اسم هجن يا ضمير هي انهن جي ڦيري سان ٺهڪي ٿيون اچن. سنڌيءَ جي ان اصلوڪي خاصيت جو به گرامر ۾ ذڪر هئڻ گهرجي.
واحد |
|
جمع |
|
سنڌي |
هندي |
سنڌي |
هندي |
جو |
= ڪا |
جا |
= ڪي |
جي |
= ڪي |
جيون |
= ڪِي |
اها ته ٿي عام ڳالهه جيڪا ڏسڻ ۾ ٿي اچي، پر سنڌيءَ ۾ حالت اضافت جا ڪيترا مثال اهڙا ملندا، جن ۾ حرف اضافت ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي (حالت جريءَ جا ٻيا به ڪيترا مثال اهڙا ملندا، جن ۾ حرف جر ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي). انهن جو ذڪر ٽرمپ ڪري ضرور ٿو، پر انهيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيت طور سمجهڻ بدران صرف شاعريءَ ۾ استعمال سمجهي ٿو. مثال طور شاهه لطيف جون هي بناوٽون ٿو کڻي:
واحد: |
مون ورتو تون هي تون تو اوڏا مون ڏور ڏکيءَ ڏک مَ ڏيج |
(مون= منهنجو) (تو= توکي، مون= مون کان) (ڏکيءَ= ڏکيءَ کي) |
جمع: |
ليڙنِ لُڪَ مَ لڳ اُسَ مَ لڳي اوٺئين |
(ليڙن=ِ ليڙن کي) (اوٺئين= اوٺين کي) |
(ٽرمپ ص 452 ۽ 453)
ڏٺو وڃي ته ”مون“ ۽ ”تو“ (يا هُن) اهڙا ضمير موصول جا مثال آهن، جيڪي فعل متعدي معروف جي فاعلي حالت ۾ زمان ماضيءَ سان استعمال ٿيڻ مهل ٻٽي اکر وارو ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ هڪڙو حرف جر جهڙوڪر اڳئي لڪل موجود آهي. ان کي ٽرمپ Instrumental ٿو سڏي، پر اڳتي ٻين ائين ڪونه ڪيو آهي. ان بناوٽ کي اسان جي گرامر ۾ ڪڏهن سمجهائڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ٿي آهي، نتيجي ۾ انهن جو غلط استعمال به عام آهي.
لفظ ”مون“ کي فعل متعديءَ سان ماضيءَ ۾ استعمال ڪبو ته هيءَ صورت ٿيندي: ”مون لکيو“ يا ”مون چيو“... هندي ۽ اردوءَ ۾ ان جو ترجمو ڪري ڏسو ته اهو ٿيندو ”مين ني لکا“ يا ”مين ني ڪها“ (اهو صرف متعدي فعل سان ٿيندو آهي) اتي جيڪو حرف جر ”ني“ آهي اهو ٻين به اڪثر آريائي ٻولين ۾ موجود آهي. هاڻي ان کي گرامر جي ڪتابن ۾ نه سمجهائڻ ڪري خود سنڌيءَ جا مختلف لهجا ڳالهائڻ وارا معياري لهجو ڳالهائڻ ۽ لکڻ مهل غلط استعمال ڪندا آهن. سنڌيءَ جي معياري لهجي ۾ ضمير متڪلم واحد ”آءٌ“ (جمع ”اسين“) آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ متعدي فعل سان ”مون“ ٿيو وڃي. جڏهن ته سنڌيءَ جي اترادي لهجي ۾ ضمير متڪلم ”مان“ آهي (جمع ”اسان“) جيڪو لازمي توڙي متعديءَ ۾ ساڳيو رهندو آهي. هاڻي ڇاڪاڻ جو انهيءَ فرق کي گرامر جا ڪتاب چٽو نٿا ڪن. انهيءَ ڪري ڪيترا ماڻهو ”مون“ کي ”مان“ جو متبادل سمجهي ”آءٌ لکيو“ يا ”آءٌ چيو“ لکي ۽ چئي ويندا آهن ۽ ان کي غلط به ڪونه سمجهيو ويندو آهي. ساڳيو فرق ”اسين“ ۽ ”اسان“ ۾ آهي، ضمير حاضر واحد ”تو“ ۽ ”تون“ جمع ”توهين“ ۽ ”توهان“ ۾ آهي. اترادي ”مان“ ”اسان“ ۽ ”توهان“ لازمي ۽ متعدي فعل سان ٻنهي حالتن ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، پر معياري وارو ”آءٌ“ يا ”اسين“ ۽ ”توهين“- ٻنهي صورتن ۾ استعمال ڪونه ٿيندا ”اسين چيو“، ”توهين لکيو“ وغيره غلط ٿيندو. وري جيڪڏهن انهن ضميرن کي لازمي فعلن سان لاڳو ڪبو ته فعل ۾ ڪانه ڪا متصل پڇاڙي (ضميري پڇاڙي) لڳائڻي پوندي:
آءٌ/ مان آيس/ آيم (س/ م)، اسين/ اسان آياسين (سين/ سون) وغيره.
اهي ڳالهيون جيڪڏهن سنڌي گرامرن ۾ آهن به ته چٽيءَ طرح سان سمجهايل ڪونهن. انهن کي اهميت سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وري اچون ٿا ٽرمپ جي ڏنل مثالن تي:
پهرئين ۽ ٻئي مثال (’مون ور تون‘ هي تون ۽ ’تو اوڏا مون ڏور‘) ۾ ”مون“ ”تو“ جي اها ٻٽي لفظ هئڻ واري خوبي ڏسي سگهجي ٿي، جنهن ۾ هتي حرف اضافت ۽ هرف جر لڪل آهن. (’منهنجو‘ ۽ ’توکي ۾‘) ٽئين مثال ”ڏکيءَ ڏک مَ ڏيج“ ۾ لفظ ”ڏکيءَ“ جي حالت مفعولي به آهي ته جري به، جنهن کي انگريزيءَ ۾ oblique چئبو آهي. ان جي استعمال کي سؤلن لفظن ۾ اٿلايون ته مطلب ٿيندو ”(تون) مون ڏکيءَ کي ڏک نه ڏيج“... جملي جو لڪل فاعل آهي ’تون‘ ۽ مفعول آهي ”مون ڏکي“ جنهن ۾ ”ءَ“ ملائي ان جي حالت بدلائي وئي آهي ۽ ظاهري طور حرف جر نظر نه ٿو اچي... ساڳي ڳالهه جمع وارن مثالن لاءِ چئي سگهجي ٿي ”ليڙنِ“ جي ”ن“ هيٺيان زير جو استعمال ۽ ”اوٺئين“ ۾ ”ئين“ پڇاڙيءَ ”کي“ لڪل حرف جر ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. ڇا انهيءَ قسم جي بناوٽن تي ڪنهن به گرامر ۾ بحث ڪيو ويو آهي؟ ٽرمپ صرف شاعريءَ ۾ اهڙو استعمال چئي ذڪر ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ اڪثر اسم، ضمير، صفت ۾ ڪنهن خاص سُر/ اعراب (زير زبر پيش) وغيره جي استعمال سان حالتن ۾ تبديلي آڻبي آهي. جيئن هالت مڪاني (Locative case) ۾ ٽرمپ جا ڏنل مثال آهن.
وڻن ويٺا ڪانگ |
(وڻن= وڻن تي) |
ديڳين دوڳ ڪڙهن |
(ديڳين= ديڳن ۾) |
وڃان ٿي وڻڪارِ |
(وڻڪارِ= وڻڪار ڏانهن) |
ٻيا درَ ڏئي ٻينِ، آيسِ تنهنجي دَرِ |
(ٻينِ= ٻين کي، درِ = درَ تي) (ص 460) |
عام ٻوليءَ ۾ پڻ چئبو آهي ته ”آءٌ گهر ٿو وڃان“ يا ”ڪالهه ڳوٺِ ويو هئس“ ان ۾ ”گهر“ ۽ ”ڳوٺِ“ لفظن جي حالت مڪاني آهي، جنهن ۾ طرف/ جاءِ ڏيکاريندڙ حرف جر لَڪل آهي ۽ اسم جي حرڪت بدلائي وڃي ٿي، ان کي آريائي، عير آريائي ثابت ڪرڻ بدران خاص سنڌي خاصيتون سمجهي ان تي تفصيل سان گرامرن ۾ لکڻ جي ضرورت آهي.
ٽرمپ ڪجهه ٻيا مثال هي ڏنا آهن:
سهڻيءَ کي سيد چوي وڌو قربَ ڪُهي- (هن ۾ ”قربَ“ برابر آهي. ”قرب سان“ جي)
اسم ۾ ”سان“ حرف جر جي ملڻ سان جيڪا حالت ٺهي ٿي، هو ان کي instrumental case ٿو سڏي، پر ڏٺو وڃي ته هن سٽ ۾ ”قربَ“ لفظ جي حالت فاعلي آهي (واجي سؤلن لفظن ۾ هيءَ سٽ ٿيندي ”قربَ سهڻيءَ کي ڪهي وڌو... سيد چوي“) فعل ”ڪهي وڌو“ ۽ مفعول ”سهڻي“ اٿس، جنهن جي هتي حالت مفعولي جري آهي، جنهن کي ٽرمپ عام جري حالت (Dative case) لکيو آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ Syntax جي سري هيٺ جڏهن ڳالهائڻ جي اٺن لفظن تي اچي ٿو ته سندس اڳيان انگريزي گرامر معيار طور موجود آهي، ان ڪري سڀ کان پهرين سنڌيءَ ۾ definite article جي نه هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري... سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀلا ضروري آهي ڇا ته جيڪو ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي بناوٽ ۾ هجي سو ٻيءَ ۾ به هجي!
ان کان پوءِ ضميرن جي بيان ۾ هو سنڌيءَ ۾ ضمير غائب Third person pronoun جي جاءِ تي ضمير اشارو (demonstrative) استعمال ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، لکي ٿو:
There is no personal pronoun of the Third person (singular and plural) in Sindhi, its place being generally supplied by the demonstrative. (pg 467)
ٽرمپ ”هي“ ۽ ”هو“ کي ضمير اشارو ٿو ڪوٺي this, that جي مفهوم ۾، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهي لفظ پنهنجو هڪ مڪمل ڦيرو رکن ٿا ۽ مذڪر مؤنث ۾ تبديل ٿين ٿا (هيءَ، هوءَ) زورائتي انداز ۾ definite طور اِهو اِها اِهي اُهي (اجهو، اجها، اجهي صورتون بنهه نج سنڌي آهن، جن جو هڪ لفظ ۾ متبادل نڪو هنديءَ ۾ ۽ نه انگريزيءَ ۾ ملندو) وغيره صورتن ۾ ڳالهائي سگهجن ٿا، جيڪي متعدي فعل سان حالت فاعليءَ يا مفعوليءَ ۾ ”هِن“، ”هُن“، ”هِنن“ ”هُنن“) توڙي جري، اضافتي حالتن ۾ استعمال ٿين ٿا، جڏهن ته this, that سان اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي ٿئي سواءِ جمع ۾ these & those ٿيڻ، جي جن جون ٻيون حالتون ساڳيون he, she, it جهڙيون آهن، ان ڪري انهن سان ڀيٽڻ ئي غلط هو....
ضمير موصول (relative pronoun) ۽ جواب موصول (co-relative) جي پڻ سنڌيءَ ۾ پنهنجي واٽ آهي. ان ڏس ۾ ٽرمپ شاهه جي بيتن مان هي مثال ڏنا آهن:
سو وڙ سيئي ڪن، جو وڙ جڙي جن سين
تَن جنهين جي تانگهه، سي سڄڻ هليا سفر
(ص 467)
ٽرمپ ان ڏس ۾ صرف ضميرن تائين پاڻ کي محدود رکي ”جو“ ۽ ”سو“ ”جنهين“ ۽ ”سي“ جي باري ۾ لکيو آهي.
ٽرمپ اهڙين صفتن relative and co-relative adjectives جي مختصر ڳالهه به ڪري ٿو، پر اهڙن ظرفن (adverbs) جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري. ڇا اسان وٽ ڪنهن گرامر ۾ اها ڳالهه بيان ٿيل آهي ته صفت ۽ ظرف جون به اهڙيون ئي co-relative ۽ relative صورتون آهن. جيئن ضميرن جون ٿين ٿيون. اهڙا ٻيا ڪيترائي لفط سنڌيءَ ۾ ڏئي سگهجن ٿا. جيڏو- تيڏو، جيترو- تيترو (صفت) يا جيڏانهن- تيڏانهن، جڏهن- تڏهن (ظرف) وغيره وغيره.
ضميري پڇاڙين Pronominal suffixes کي ضمير متصل به چيو ويندو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ انهن تي تفصيل سان لکيو آهي. هو اسمن ۽ حروف جر (postpositions) ۽ ظرفن (adverbs) ۽ فعل سان انهن جي لڳڻ جو بيان ڪري ٿو، پر انهن جي استعمال جي اصول کي بيان نه ٿو ڪري. ان ڪري خصوصاً فعلن جي ڦيرن ۾ انهن جي استعمال جي خبر ڪانه ٿي پوي. مثلاً جيڪڏهن ”م“ ضمير متڪلم جي نشاني آهي. جيئن ”لکيم“ معنيٰ مون لکيو ته پوءِ لازمي فعل سان متڪلم لاءِ ”س“ ڇو ٿي لڳي. جيئن ”ڊوڙئس“ معنيٰ آءٌ ڊوڙئس. (جڏهن ته ڪن ٻين صورتن ۾ ”س“ ضمير غائب جي نشاني آهي. مثلاً ”اٿس“ ۾) وري انهن ٻنهي جي جمع ۾ صورت ڏسو ته ”لکيوسين“ ۽ ”ڊوڙياسين“ ۾ ٻنهي هنڌ پڇاڙي ”سين“ آهي (مکيه فعل ۾ فرق آهي ”يو“ ۽ ”يا“ جو). اها ڳالهه معياري توڙي اترادي لهجن سان لاڳو ٿئي ٿي. اتراديءَ ۾ لازمي فعل سان به متڪلم لاءِ ”م“ جو استعمال ٿيندو آهي، جيئن ”آيم“، ”ڊوڙيم“ وغيره... پر جمع ۾ ”آياسين“، ”ڊوڙياسين“ (يا آياسون ۽ ڊوڙياسون) ۾ ساڳي ضميري پڇاڙي ’س‘ سان آهي...
اهي مسئلا سنڌي گرامر جا آهن، اهي ڪهڙن اصولن موجب سمجهائبا اها ڳالهه به طي ٿيڻ کپي. اهي خالص سنڌي بناوٽون آهن ته انهن جو باقاعدي چارٽ هر گرامر جي ڪتاب ۾ سمجهاڻين سان ڏيڻ کپي.
ضميري پڇاڙين جي ڏس ۾ به ٽرمپ لکي ٿو:
The use of these suffixes constitutes quite a peculiar feature of Sindhi language and distinguishes it very advantageously from all the kindred idioms of India, which are dstritute of pronominal suffixes. (page 225)
ترجمو: انهن پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت آهي، جيڪا ان کي هندستان جي ٻين ٻولين ۾ ممتاز ڪري ٿي، جيڪي اهڙين ضميري پڇاڙين کان محروم آهن.
اڳتي ڊاڪٽر ٽرمپ انهن کي فارسي ۽ پشتو جي ڪن اهڙين نشانين سان هم آهنگ ٿو چوي. سنڌيءَ جي دراوڙي ٻولي هئڻ واري نظريي جو داعي ڊاڪٽر جارج شرٽ انهن پڇاڙين جي استعمال کي دراوڙي ٻولين سان هم آهنگ ٿو ڪري، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ رد ڪري داردي ٻولين سان ٿو لاڳاپي. (بلوچ: ص 10 ۽ 11)
اهي نشانيون ڪنهن سان به ملن ۽ هم آهنگ هجن، انهن کي سنڌيءَ جي خصوصيت سمجهي، انهن کي گرامر ۾ باقاعده سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر کي ترجمو ڪري، ان کي گرامر جي ارتقاءَ ۾ اهم جاءِ ڏجي (مون اهڙو ترجمو ڪيو آهي، پر ديوناگري لپيءَ کان واقف هئڻ جي باوجود ان ۾ موجود سنسڪرت لفظن کي نه سمجهي سگهڻ ڪري اڻپورو رهيو§).
صفت جي درجن (degrees) جي باري ۾ پڻ سنڌيءَ جو لاڳاپو مختلف ٻولين سان هيئن ٿو سمجهي.
The Sindhi, as well as the cognate idioms, has lost the power to form a comparative and superlative degree after the manner of Sanskrit (and Persian) by means of adjective suffixes, and it is very remarkable that the semetic way of comparison has been adopted. (Trumpp: page 156)
يعني: سنڌيءَ توڙي ٻين ڄاتل محاورن مان سنسڪرت (۽ فارسي) وانگر صفتي پڇاڙين لڳائڻ وارو نمونو گم ٿي ويو آهي ۽ هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ڀيٽ/ تفصيل لاءِ ان سامي طريقو اختيار ڪري ورتو آهي.
اهو لکڻ وقت ٽرمپ کي صفتن لاءِ انگريزي جوڙ est/er ۽ فارسي ”تر“ ۽ ”ترين“ ذهن ۾ آهن. ان ڏس ۾ آءٌ وري به اهو چوندس ته هو سنڌيءَ ۾ ڀيٽ يا تفصيل جو پنهنجو انداز وساري ٿو ويهي، جيڪو اسين اڄ به استعمال ڪندا آهيون. (چڱو- چڱيرو- چڱيرڙو وغيره ۾ ”رو“ ۽ ”ڙو“ پڇاڙيون).
هي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ اسڪولي ٻارن لاءِ لکيل آهي، ان ڪري ان ۾ ان وقت گرامر پڙهائڻ لاءِ مروج عام ڳالهيون ڪيل آهي ته، ڳالهائڻ جا لفظ اٺ آهن، پوءِ هرهڪ جي باري ۾ مثالن سان سمجهايل آهي.
هن ڪتاب ۾ اسم جون ڪل پنج حالتون ٻڌايل آهن. فاعلي مفعولي، اضافت، جري ۽ ندا- (اهي ئي حالتون هاڻي به اسڪولن ۾ پڙهايون وڃن ٿيون) انهن حالتن ۾ مذڪر مؤنث واحد جمع صورتن ۾ ڦيرا سمجهايل آهن.
صفت جي حوالي سان هر ڪو انگريزيءَ وارين degrees يا درجن سان ڀيٽي ائين ٿو چوي ته ان جا ٽي درجا ته آهن، پر انهن لاءِ ڪي مقرر پڇاڙيون ڪين آهن. مثلاً جيئن انگريزيءَ ۾ آهن good, better, best ۾، ڀيٽ/ تفصيل (comparative) لاءِ er ۽ est مبالغي (superlative) لاءِ (يا فارسيءَ ۾ ”تر“ ۽ ترين وغيره).
پر سنڌي گرامر کي انگريزي گرامر جي نموني تي پرکيل آهي. انهيءَ ساڳي روايت تي هلندي اڌارام ٿانورداس به لکي ٿو ته:
”حقيقت ڪري سنڌيءَ ۾ صفت تفضيل ۽ صفت مبالغي ڏيکارڻ لاءِ ڪي مقرر پڇاڙيون ڪين آهن، جيئن پارسي- شاستري ٻولين ۾ آهن، پر رڳو تفضيل ۾ موصوف جي پٺيان حرف جر ”کان“ گڏ آڻي، پوءِ کڻي صفت خالص آڻيندا آهن ۽ صفت مبالغي ۾ ”سڀني کان“ يا ”سڀني ۾“ لفظ صفت خالص جي اڳيان آڻيندا آهن.“
هاڻي اسان کي خبر آهي ته هروڀرو ائين ڪونهي چڱو- چڱيرو يا چڱيرڙو خالص سنڌي مڪاني بناوٽون آهن، جن کي هروڀرو نظرانداز ڪيو ويو آهي.
منشي اڌارام ٿانورداس مختلف جاين تي صفتن جا ڦيرا به ڏيکاريا آهن. ايتري قدر جو صفتن طور استعمال ٿيندڙ انگن جا ڦيرا به سمجهايا اٿس. جيئن؛ هڪڙو (فاعلي) هڪڙي (مفعولي) هڪڙن (جمع فاعلي/ مفعولي) وغيره (ٻه – ٻن – ٻنهي وغيره).
ساڳي ڳالهه اڻپورن انگن/ ڀاڱن لاءِ به ٻڌائي ٿو ته سوا- ڏيڍ مان- سوايو، ڏيڊو- اڍايو- ٻيڻو، ٻيڻي، ٻيڻن وغيره.
اهي ڳالهيون اسان جي هاڻوڪن گرامرن ۾ بنهه سمجهايل ڪونهن. هو ضمير ۽ انهن جا ڦيرا به سمجهائي ٿو. ضمير موصول ۽ جواب موصول جو به ذڪر ڪري ٿو. جيڪي پڻ مختلف حالتن ۾ ڦرن ٿا. هو ضمير اشاري مان ضميري صفتون ٺهڻ جو آسان طريقو به ٻڌائي ٿو:
بنياد |
انداز |
قد |
قسم |
اِي |
ايترو |
ايڏو |
اِهڙو |
او |
اوترو |
اوڏو |
اوهڙو |
جو |
جيترو |
جيڏو |
جهڙو |
سو |
تيترو |
تيڏو |
تهڙو |
ضميري پڇاڙين تي تمام مختصر ۽ منجهيل لکيو اٿس.
فعل جا قسم، ڦيرا ۽ بناوٽون به مختصر نموني سمجهايون اٿس.
هن ڪتاب ۾ ڳالهائڻ جا اٺ لفظ سمجهائڻ کان پوءِ هڪ صفحي تي باب آهي ”نحو جي بيان ۾ آهي“. هو ان ۾ جملي جا مکيه ڀاڱا فاعل، فعل ۽ مفعول بيان ڪري پريوگن جو بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪرمڻي، ڪرتري ۽ ڀاوي پريوگن جو ذڪر ڪري ٿو. جيڪو ننڍڙن اسڪولي ٻارن کي سمجهائڻ درست نه هو ۽ نه اڄ آهي، بلڪ ڪاليج سطح تي ان کي آڻجي ته بهتر ٿيندو.
”هن وقت جيڪي وياڪرڻ جا ڪتاب موجود آهن، تن ۾ فقط وياڪرڻ جون حقيقتون ڏنل آهن، پر ٻارن کي ڪيئن اهي سمجهائجن، تنهن بابت ڪا ترتيب ڏنل نه آهي.“(صفحو1، منڍ)
هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ اهو ٻڌايل ڪونهي ته اسم ڇا آهي، ضمير ڇا آهي يا انهن جا قسم ڪهڙا آهن، بلڪ جملن مان اهي ڌار ڪري ڏيکاريل آهن ۽ پوءِ نتيجو بيان ڪيل آهي ته ”سڀني نالن کي اسم چون ٿا“. ياد ڪريو ته ”ضمير اسم جي بدران ڪم اچي ٿو“ وغيره.
ٻئي ڀاڱي ۾ وري سڀني اٺن ڳالهائڻ جي لفظن جون وصفون ڏنل آهن.
هي پهريون موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيل وياڪرڻ آهي، جنهن ۾ حالتون (Cases) ڏنل آهن ۽ تمام سٺي نموني سان سمجهايل آهن. حالتون، فاعلي مفعولي جري، اضافت، ندا بيان ڪيل آهن، پر ٻڌائي ٿو ته سنسڪرت ۾ اٺ حالتون آهن، پوءِ هن سنسڪرت ۽ انگريزي گرامرن ۾ موجود حالتن جا نالا ڄاڻائي مثال به ڏنا ويا آهن، پر سمجهاڻي ڏنل ڪانهي ته اهي ڪيئن بڻيون.
هو لکي ٿو ته ”انهن پنجن حالتن کان سواءِ باقي اسان حالت جري جي دفعي ۾ آنديون آهن... سنسڪرت ۾ اهي جدا جدا آهن، پر سنڌيءَ ۾ سڀ حالت جريءَ ۾ اچن ٿيون.“
سوال آهي ته ڇو؟؟ اها هڪ سنڌيءَ جي خصوصيت آهي ته ان کي ڌار حالتن ۾ ڇو نه بيان ڪجي. (انهن جا نالا سولي سنڌيءَ ۾ گهڙي سگهجن ٿا) خاص حالت اپادان (Ablative case) جو ته گرامرن ۾ خصوصي طور بيان ڪرڻ گهرجي. ڇوته اهي حرف جر (کان مان تان سان) اسين اسمن ۾ به استعمال ڪندا آهيون.
گهرَ مان - گهران
نڪ مان - نڪان
جڏهن ته حالت مڪاني (Locative) ۾ به اسين اسم سان حرف جر ملائي پڇاڙيءَ واري حرڪت بدلائي ڇڏيندا آهيون ته پوءِ ڇونه ان کي ڌار ظاهر ڪجي. جيئن:
هو گهر ويو آهي.
آءٌ راتوڪو هتي ويٺو آهي.
آءٌ رات آيو آهيان.
هن ڪتاب ۾ ضميري پڇاڙين جو به مختصر احوال آهي.
هن ڪتاب ۾ زمانن کي تمام تفصيل سان سمجهايو ويو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هن وقت تائين مون جيڪي گرامر ڏٺا آهن، انهن مان سڀني کان سؤ ۽ ڀرپور ڪتاب اهوئي آهي ۽ پوءِ جا لکلي سمورا گرامر انهيءَ کي سامهون رکي لکيل آهن. اهو هڪ بنيادي ڪتاب آهي ۽ تمام بي ريا ٿي لکيل آهي، جنهن کي نئون گرامر جوڙڻ لاءِ ضروري سامهون رکڻ گهرجي.
سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ، جيڪو وڏو اهم ڪتاب سنڌي گرامر تي روشني وجهي ٿو، سو آهي سر جارج گريئرسن جو ڪتاب Linguistic Survey of India (جنهن جو سنڌي ترجمو مون ڪيو هو، جنهن کي سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ ڇاپيو آهي. مون ان جو اردو ترجمو پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس حوالي ڪيو هو، پر انهن اهو اڃا ڪونه ڇاپيو آهي ۽ نه ئي ڇاپڻ جو ڪو ارادو رکن ٿا).
ڊاڪٽر ٽرمپ وانگر گريئرسن به سنڌيءَ کي هند آريائي/ سنسڪرت جي ڄائي سمجهي، ان جي گرامر کي پرکيو آهي... ان ڪري هن کي به ڊاڪٽر ٽرمپ وانگر ڪيتريون بانوٽون سمجهه ۾ نه آيون آهن ته انهن کي محض شاعراڻي بناوت ڪوٺي ٿو، مثلاً:
لفظن جي حالتن لاءِ لکي ٿو ته،
The accusative of the personal pronouns must be marked by the pospositon dropped in poetry. (گريئرسن: ص 225)
ترجمو: ضمير موصول جي حالت مفعولي سببيءَ ۾ حرف جر گم ٿيڻ واري ڳالهه شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
مٿال طور شاهه جي هيءَ سٽ ڏسو،
مون گهر مون پرين جي اچڻ وارو
لکي ٿو ته هن سٽ ۾
مون= منهنجي- ان ڪري حالت اضافت (Genetive) ۾ آهي.
گهر= گهَر ۾- ان ڪري حالت مڪاني (Locative) آهي.
پريَن= پرينِ جي- حرف اضافت کي حرف جر طور قبول ڪندي، ان جي هالت جري (Dative) ٿو ٻڌائي.
پر هو لڪل حرف جر جي ڪري حالت فاعلي مفعولي ۽ جري وغيره ۾ لفظن جي صورت کي سمجهائي نه ٿو سگهي.
مٿي مون ڊاڪٽر ٽرمپ پاران ضمير موصول relative ۽ co-relative جي حوالي سان هڪ نڪتو اٿاريو هو ته اهڙا ساڳيا لفظ صفتن (adjectives) ۽ ظرفن (adverbs) طور به سنڌيءَ ۾ موجود آهن، جن کي گرامر جو حصو هئڻ گهرجي. گيرئرسن انهن تي روشني وڌي آهي. مثال لاءِ هي سٽون ڏسو:
جتي جيتريون لکيون لوهه قلم ۾،
تتي تتريون گهڙيون گهارڻ آئيون.
هنن سٽن ۾ relative ۽ co-relative صفتون به آهن... جيتريون- تيتريون ۽ ساڳيءَ طرح ظرف (مڪان) به آهن... جتي- تتي، پر هو انهيءَ ڳالهه کي واضح نه ٿو ڪري.
ڊاڪٽر ٽرمپ کان وڌيڪ گريئرسن سنڌي گرامر کي انگريزي معيارن موجب ڏٺو آهي. لفظن جي حالتن جي سلسلي ۾ هن ڪيترا نوان اصلاح ڪم آندا. مثلاً:
متعدي مجهول جي فاعلي هالت لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ Agent ڪم آندائين (مثال: مون کي صوبيدار پڪڙيو آهي) وري حالت جريءَ بدران مفعول ثانيءَ واري حالت کي Dative لکيائين. (مثال تنهنجي خدمت پيو ڪريان)، هالت سببي يا Accusative لاءِ هڪ مثال ڏنائين. (مثال: پنهن جو پيٽ ڀريان). البت ”مان“، ”تان“، ”کان“ حرف جر واري لفظ جي حالت کي ساڳيو Ablative نالو ڏنائين. هن حالت اضافت واري مڪمل ڦيري کي به سمجهايو ۽ حرف اضافت ”جو“ ۽ ”وارو“ جو پورو گردان ڏنو. (گريئرسن جا ڏنل مثال ترجمي ۾ ص 85 ۽ 86 تي ڏسو)
لڪل حرف جر جي سلسلي ۾ هن هڪ مثال ڏنو ته:
”جيڪو ڀاڱو منهنجي حصي اچي“.
چوي ٿو ته هن ۾ لفظ ”حصي“ جي حالت مفعولي جري آهي، پر ان سان حرف جر موجود ڪونهي، پر ”۾“ ان ۾ لڪل آهي. ضميري پڇاڙين جي ڏس ۾ گريئرسن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جو مڪمل نظام آهي ۽ اهڙيون ئي ساڳيون پڇاڙيون ڪشميري ۽ لهندا ۾ لڳنديون آهن، پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته ڪشميريءَ ۾ صرف فعل سان لڳنديون آهن، لهندا ۾ فعل کان سواءِ اسم سان به لڳنديون آهن، پر سنڌيءَ ۾ ته فعل، اسم کان سواءِ حرف جر ۽ ظرف سان به لڳنديون آهن.
مثال طور:
جوڻهم- جوڻهين- جوڻهس (اسم)
ماريم- ماريئي- ماريس (فعل)
سندم- سنڌءِ- سندس (اضافت)
وٽم- وٽئه- وٽس (حرف جر)
مٿس- مٿم، مٿانس (ظرف)
گريئرسن نه صرف انهن مفرد پچاڙين جي نظام جي ڳالهه ڪئي، جنهن ۾ مذڪر مؤنث ۽ واحد جمع جا ڦيرا مڪمل طور موجود آهن، پر سنڌيءَ ۾ ٻٽين پڇاڙين جي موجودگيءَ بابت پڻ ٻڌايائين.
ماريومانس، چيوسونس، چيائينس، لکرائيندو سانس وغيره.
هڪ ڳالهه گريئرسن اها به ڪئي ته فعل جا قسم متعدي، لازمي ۽ بالواسطه مثالن سان ڏنائين ۽ اهو پڻ ڏيکاريائين ته ڪو لازمي فعل متعديءَ ۾ ڪيئن ٿو ادا ٿئي. وري ان جي معروف صورت مجهول صورت کان ڪيئن مختلف آهي، پر اهڙو ڪو اصول بيان ڪونه ڪيائين ته فعل بدلجڻ جي صورت ۾ لفظ مختلف صورتون ڪهڙي اصول تحت وٺن ٿا. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ان مسئلي جو حال ڇا آهي. ان جي پٺيان ڪهڙو اصول ڪارفرما آهي. شاگردن کي انهيءَ ڳالهه جي سمجهاڻي ڪيئن ڏجي. باقاعده ۽ بي قاعده (regular- irregular) فعلن کي ڪيئن ڌار ڪجي؟
زمانن جي پرک ڪندي گريئرسن ساڳيا انگريزي زمان سامهون رکيا آهن. هو زمان حال ۽ ماضي مداميءَ کي habitual ٿو سڏي. ان جا مثال به ڏي ٿو. هتي اسان کي انهيءَ زمان کي سنڌيءَ ۾ هڪ خاص زمان ڪري سمجهڻ گهرجي. هندي اردوءَ توڙي انگريزيءَ ۾ اهو زمان ايترو چٽو ڪونهي، انگريزيءَ ۾ ته صرف عام زمان حال مطلق Present indefinite ئي استعمال ٿيندو آهي.
”آءٌ بس ۾ اسڪول وڃان ٿو“ يا ”آءٌ بس ۾ اسڪول ويندو آهيان“ جو ترجمو ساڳيو ٿيندو I go to school by bus البت ماضيءَ ۾ used to وجهي اهو زمان ٺاهبو آهي. هندي/ اردوءَ ۾ پڻ ساڳيءَ صورتحال آهي. ”مين بس سي اسڪول جاتا هون“، ”جاتاهون“ ٻنهي صورتن ۾ استعمال ٿيندو آهي. البت هڪ صورت ماضيءَ ۾ نظر اچي ٿي. ”جايا ڪرتا تها“ اهو به مدادميءَ کان وڌيڪ استمراري (Continuous) مفهوم وارو آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ زمان حال مدامي ۽ زمان ماضي مدامي ٻئي ڌار آهن. عام يا مطلق زمانن کان!
(حال) آءٌ اسڪول وڃان ٿو- آءٌ اسڪول ويندو آهيان (حال مدامي)
(ماضي) آءٌ اسڪول ويس- آءٌ اسڪول ويندو هئس (ماضي مدامي)
اها سنڌيءَ جي خوبي ٻين ٻولين کان ان کي جدا ڪري ٿي، انهيءَ کي گرامر ۾ نمايان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ساڳيءَ صورتحال زمان حال ۽ ماضي متشڪيءَ جي آهي، جنهن جو ذڪر گريئرسن پنهنجي گرامر ۾ ڪيو آهي ۽ مزي جي ڳالهه تي سنڌيءَ ۾ اهو متشڪي سڏبو آهي. پر گريئرسن ان کي Future Perfect ٿو سڏي، ان ڪري جو اهڙو زمان انگريزيءَ ۾ مستقبل ۾ ڳڻبو آهي.
ان ڏس ۾ ديوان اڌارام ٿانورداس جي 1912ع ۾ ڇپيل وياڪرڻ واري ڪتاب ۾ ان زمان کي زمان حال متشڪي سڏيو ويو آهي، مثال طور ”آءٌ پٽيو هوندس“، ”تون پٽيو هوندين“ وغيره. (اها بناوٽ اصل ۾ ماضي متشڪي جي آهي)
سنڌيءَ ۾ اسم مفعول سان زمان مستقبل وارو هوندس. گڏي اهو شڪ وارو زمان حال ٺاهيو ويندو هو، جنهن جو ذڪر گريئرسن ڪيو. پر پوءِ وارن گرامرن ۾ اهو زمان ماضي متشڪي لکيو ويو آهي.
مثال: ”هليو هوندس“- لازمي فعل سان
”مون ماريو هوندو“- متعدي فعل سان
هاڻي سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن زمان حال متشڪيءَ لاءِ (يا ڪن صورتن ۾ مستقبل لاءِ) جملو ٺاهبو ته پوءِ اهو اسم حاليه ملائڻ سان ٺهندو آهي.
مثال: ”هلندو هوندس“ ۽ ”ماريندو هوندس“
ان کان سواءِ گريئرسن سنڌيءَ ۾ جنس بي جان (Neuter) جي نه هئڻ ڏانهن به اشارو ٿو ڪري.
انهن ڳالهين کي سنڌي گرامر ۾ واضح نموني بيان ڪرڻ گهرجي.
هي ڪتاب 1915ع ۾ ڇپيو. مرزاصاحب جي اڳيان واٿن، ٽرمپ، اڌارام ٿانورداس، گلاب سنگهه وارا گرامر هئا. جيڪي تمام گهڻي محنت سان لکيل هئا. اهي عالم سنسڪرت انگريزي ۽ فارسي ٻوليون ڄاڻندا هئا، پر انهن جي ڀيٽ ۾ وٽس هڪ وڌيڪ ٻوليءَ جي ڄاڻ هئي، جيڪا هئي عربي. ان ڪري هن انهيءَ ڄاڻ کي به ڪتب آندو.
هن لکيو ”سنڌي صرف و نحو جو نمونو شروع کان وٺي عربي نموني تي ٺهيل اڃا ڪم پيو اچي. فقط هاڻي انگريزي صرف نحو موجب ٿوري گهڻي ڦير گهير ٿي آهي. گرامر جا اصطلاحي لفظ به سڀ عربي ڪم اچن ٿا. فقط هاڻي ڪي سنسڪرت صورتون به داخل ٿيون آهن، جيئن ته ”ڪردنت“ ۽ ”پريوگ“ وعيره (قليچ ص 59، ڀاڱو ٽيون)“.
مرزا صاحب جي ڪتاب ۾ مٿي ٻين گرامرن ۾ بيان ڪيل سموريون ڳالهيون هيون، پر جيڪي ڳالهيون هن نيون لکيون انهن جو بيان هتي ڪرڻ چاهيندس.
مرزا صاحب پهريون دفعو ضمير مشترڪ ۽ مبهم جي ڦيرن جي ڳالهه ڪئي. مثال طور ”پاڻ“ ۾ ”جو“ اضافت ملڻ سان ان جون صورتون ”پنهنجو“، ”پنهنجا“، ”پنهنجي“، ”پنهنجيون“- ”پنهنجي“ ”پنهنجن“، ”پنهنجين“ وغيره وغيره. يا وي ڪو- ڪا- ڪي- ڪن، ڪنهن.... وغيره.
هن اسمن جي قسمن جو بيان ڪندي، collective nouns (ڌڻ، فوج وغيره) ۽ material nouns (سون، لوهه، اٽو وغيره) کي به بيان ڪيو- تنهن کان سواءِ اسم ذات کي ڌار سمجهائڻ جي لاءِ اسم عام ۽ خاص کي concrete nouns يا صفاتي اسم سڏيو ۽ اسمن، ضميرن، فعلن ۽ حرف جرن سان لڳندڙ ضميري پڇاڙين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.
مرزا صاحب ڪيترين جاين تي سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي خوبين کي عربي ۽ فارسيءَ سان ڀيٽيو. صفت جي ڦيري بابت هڪ هنڌ لکي ٿو:
”عدد ۽ جنس ۾ ڦرندڙ صفتون نج سنڌي ٻوليءَ جون آهن. مگر فارسي ۽ عربي ٻولين جا صفتي لفظ عدد ۽ جنس سان نه ٿا ڦرن. جيئن خوبصورت- خوش وغيره“. (ص 49)
پر ٻئي هنڌ وري سنڌيءَ کي انگريزي ۽ سنسڪرت سان به ڀيٽي ٿو. فعل جا قسم ڏيندي هو لازمي ۽ متعديءَ جا مثال ڏي ٿو. تڏهن هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”انهن ۾ صرف متعديءَ جون منجهول ۽ معروف صورتون هونديون آهن، پر سنڌيءَ ۾ لازمي فعل به اهي ٻئي صورتون وٺن ٿا. اهو نمونو قديم سنسڪرت مان ورتل آهي (ص 69)“.
فعل لازميءَ جا مثال |
لڏي ٿو (معروف) |
لڏجي ٿو (مجهول) |
فعل متعديءَ جا مثال |
ماري ٿو (معروف) |
مارجي ٿو (مجهول) |
اڪر ترڪ يا فاعل |
لڏجي ٿو، لڏبو آهي |
(ڊوڙبو ته پگهر ايندو) |
بي فعل جا مثال |
لکبو |
|
ڏٺو وڃي ته اها خوبي ته هڪ لفظ سان هڪ پورو مفهوم ادا ٿئي، هندي اردوءَ ۾ به ڪانهي. ”لکبو“، ”ڊوڙبو“ جو هندي/ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڏسو، هڪ کان وڌيڪ لفظ ڪتب ايندا!
مرزا صاحب وري اڳتي لکي ٿو ”سنڌيءَ ۾ ڪيترائي فعل آهن، جيڪي مجهول صورت ورا آهن ۽ انهن ساڳين فعلن جي ڌاتن مان معروف صورت وارا فعل موجود آهن. اهي مجهول فعل اڪثر لازمي آهن ۽ معروف فعل اڪثر متعدي آهن، تنهن ڪري هيٺ انهن کي لازمي ۽ متعدي ڪري ڄاڻائجي ٿو.“
لازمي – متعدي
اجهامڻ – اجهائڻ
جڙڻ – جوڙڻ
ڦاٽڻ – ڦاڙڻ (ص 62)
اهڙي ساڳي ڳالهه گريئرسن به ڪري چڪو آهي ۽ هن تمام ڊگهيون فهرستون اهڙن لفظن جون ڏنيون هيون، بلڪ هن ته بالواسطه Causal فعلن جو ساڳين ڌاتن مان ٺهڻ پڻ ٻڌايو هو.
مرزا قليچ بيگ هڪ ٻي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪا پڻ اسان جي هاڻوڪن گرامرن ۾ زور ڏئي سمجهائڻ گهرجي، پر ائين ٿئي ڪونه پيو.
هن لکيو ته ڪيترا ماڻهو لازمي فعل جي مجهول صورت ۾ به ”ج“ وارو جوڙ (affix) وجهندا آهن، جيڪو غلط آهي. مثلاً
مون کان ڪتاب نه ٿو لڀجي. (غلط)
مون کان ڪتاب نه ٿو لڀي (صحيح)
مون کان لغڙ نه ٿو اُڏامجي. (غلط)
مون کان لغڙ نه ٿو اُڏامي. (صحيح)
ٻئي طرف مرزا صاحب پاڻ فعل جي زمانن جو ڦرڻ سنسڪرت سان ٿو لاڳاپي ۽ عجيب عجيب مثال ٿو ڏي. لکي ٿو:
فعل مجهول ۾ ”جڻ“ جو نشان سنسڪرت جي ”ي“ مان آهي، جو بدلجي پهرين .اي“ ٿيو ۽ پوءِ ”اج“، سنڌيءَ وانگي ٻين ٻولين ۾ مجهول لاءِ ڪوبه نشان ڪونهي، ٻيا فعل وجهي اها معنيٰ ڪڍن ٿا. جيئن ته ”هو مارجي ويو“، ”هنديءَ ۾ ”وه مارا گيا“، ”آءٌ مارجان ٿو“- ”مين مارا جاتا هون“.
امر جي پٺيان جو ”اج“ نشان اچي ٿو، جيئن ته ”ڪج“ يا ”ڪجئين“، سو پراڪرت جي ”اِج“ مان آيل آهي، هنديءَ ۾ ”اِيو“ آهي جيئن ته ”ڪريو“، ”جائيو“، يا جايئي. (ص 176)
اهڙي ساڳي ڳالهه جارج شرٽ به ڪري ٿو ته ”سنسڪرت ۾ فعل مجهول واري نشاني ”ي“ سنڌيءَ ۾ ڦري ”ج“ ٿئي ٿي (جيئن ته مارجڻ، کائجڻ، گهٽجڻ وغيره)“ (بلوچ ص 8)
جارج شرٽ ته ڪجهه اهڙن منجهول فعلن کي دراوڙي به سڏيو هو، جن ۾ ”پ“ اچي ٿي. مثلاً ڌوپڻ، ڍاپڻ، ڌاپڻ وغيره. هو لکي ٿو:
”منهنجي خيال ۾ انهيءَ ”پ“ جو تعلق دراوڙيءَ ”پو“ بمعنيٰ ”وڃڻ“ سان آهي جو انهن ٻولين ۾ فعل مجهول ٺاهڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. (بحوالو بلوچ ص 8)
ڊاڪٽر بلوچ ان کي رد ڪيو هو.
مٿي مجهول فعل ۾ ”ج“ نشانيءَ جي سنسڪرت مان اچڻ واري ڳالهه به ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. اها سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيت آهي ۽ ان کي سنڌي گرامر ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. مرزا قليچ بيگ زمان ماضيءَ ۾ فعل سان لڳندڙ پڇاڙين .س“ ۽ ”سين“، ”سون“ وغيره کي به سنسڪرت مان آيل ٿو چوي، جيڪا ڳالهه پڻ عام گرامر جي ڪتاب ۾ ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
مرزا صاحب لکي ٿو ته، ”هاڻي اسم جون پنج حالتون آهن. 0فاعلي مفعولي، جري، اضافت ۽ ندا) (ص 114).“
معنيٰ ته اڳي ڪي ٻيون هيون!! مرزا صاحب به حالتن جي نشانن جي بيان ۾ ڪيتريون ئي ٽرمپ جي گرامر مان ڳالهيون دهرايون آهن. مثلاً ”کي“ حرف جر ۽ ”جو“ حرف اضافت کي سنسڪرت مان ڏيکارڻ لاءِ ڊگهو سلسلو ڏنو اٿس. مثلاً لکي ٿو:
”جو“ سنسڪرت ۾ ”سي“ آهي ۽ پراڪرت ۾ ”س“ جيڪو سنسڪرت جي صفت جي نشان ”ڪ“ مان ورتل آهي، جو هندي ۽ مرهٽيءَ ۾ ”ڪا“ ٿيو آهي. حقيقت ڪري اهو هرف اضافت ”جو“ صفت آهي نه حرف، ۽ ٻين صفتن وانگر جنس ۽ عدد وٺي ٿو (ص 119 ڀاڱو ٽيون).
مرزا صاحب به اهو نه ٿو ٻڌائي ته آخر اهو مؤنث جمع ۾ هنديءَ کان جدا ڇو ٿو ٿي وڃي. (جيون= ”ڪي“)
هن گرامر کي سنڌي گرامر جي ارتقا ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين اسڪولن ڪاليجن ۾ رکيل گرامر رهيو هو. هن جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي راءِ آهي ته ”هن ڪتاب جو دارومدار ٽرمپ واري گرامر جي ڪتاب تي آهي“. پر منهنجو خيال آهي ته ڀيرومل ٽرمپ واري گرامر کان سواءِ، گريئرسن جي ڪتاب کي به نظر مان ڪڍيو آهي ۽ پاڻ پنهنجي طرفان پڻ ڪيتريون نيون ڳالهيون هن ۾ شامل ڪيون آهن، جيڪي ممڪن آهي ته هن سنسڪرت ۽ هندي وياڪرڻ جي مطالعي مان حاصل ڪيون هجن. (اها ڳالهه سندس ڏنل اهڙن اصطلاحن مان به ظاهر ٿئي ٿي).
ڀيرومل صاحب ڳالهائڻ جا اٺ لفظ ۽ ٻيون عمومي ڳالهيون ڪري ٿو، پوءِ اسم جي حالتن جي ڏس ۾ لکي ٿو، ”سنسڪرت ۾ اسم جون 8 حالتون ليکيندا آهن ۽ هرهڪ لاءِ خاص پڇاڙيون مقرر ٿيل آهن. جي سنڌيءَ مان گهڻو ڪري گم ٿي ويون آهن. ان ڪري گهڻيون حالتون حالت جريءَ ۾ گڏي اٺن مان گهٽائي ٽي ڪيون اٿن. ساڳيءَ طرح انگريزيءَ ۾ به اٺن حالتن مان گهٽائي ٽي ڪيون اٿن. فاعلي، مفعولي ۽ اضافت (ص 46)“.
اول ته انگريزيءَ ۾ انهيءَ ريت لفظ جي ڪا جري حالت ٿئي ئي ڪانه، ڇوته اتي هرف جر اسم (يا ضمير) کان پهرين ٿو اچي Pre- position آهي، پر سنڌيءَ ۾ اهو Post- Position آهي. ان ڪري ان جو اثر مٿس ٿئي ٿو. وري سنڌيءَ ۾ حرف جر به مختلف قسم جا آهن. هڪڙا اضافت (مالڪي) ٿا ڏيکارين ۽ اسم سان ڦيرو کائين ٿا (جو جا جي جيون جي جين وغيره) ٻيا ڪي ٻٽا حرف جر آهن ”کان“، ”مان“، ”تان“ ”سان“ جن ۾ جيڪا ”آن“ جي نشاني آهي، اها خود اسم ۾ به لڳي ٿي سگهي (جيئن گهران ڳوٺان ۾) ٽيان اهڙا آهن، جيڪي لڪل آهن. (هو ڳوٺِ ويو آهي معنيٰ ڳوٺ ڏانهن، هوءَ پيڪنِ وئي آهي معنيٰ پيڪن ڏانهن، يا راتِ ڇا ٿيو هو- معنيٰ رات جو، انهيءَ ويلَ معنيٰ ويل تي گهوٽَ ماءُ معنيٰ گهوٽ جي ماءُ، منهنجي ڀاڱي جيڪو اچي. معنيٰ ڀاڱي ۾- هتي مختلف قسم جو پڇاڙيون ڏسي سگهجن ٿيون، پوءِ ائين ڇو آهي ته ٻين ٻولين ۾ حالتون گهٽايون ويون ته ضروري هو ته سنڌيءَ ۾ به گهٽائجن؟ سنڌيءَ جي اها خصوصيت ڇونه اجاگر ڪجي؟ ڀيرومل ضميري پڇاڙين جي استعمال بابت ذڪر ڪندي، اڻ سڌيءَ طرح سنڌيءَ جي مختلف حرف جرن جو استعمال ڏيکاري ويو آهي. مثلاً:
|
|
|
|
|
اسم جي حالت |
ويٺو هوندوسانءِ |
= |
تو لاءِ ويٺو هوندس |
- |
لاءِ |
(سببي) |
تيل وجهينس |
= |
تون هن ۾ تيل وجهه |
- |
۾ |
(مڪاني) |
پاڻي وجهينم |
= |
تون مون تي پاڻي وجهه |
- |
تي |
(مڪاني) |
وٺي اچجانس |
= |
تون هن کي وٺي اچجان |
- |
کي |
(جري) |
رپيا وٺي اچجانس |
= |
تون هن کان روپيا وٺي اچجان |
- |
کان |
(جري) |
مطلب ته انهن پڇاڙين سان جدا جدا قسم جي حرف جرن جي معنيٰ نڪري ٿي. (ص 142)
انهن مان جيڪي اسم جون حالتون ٺهيون، اهي به بيان ڪيون اٿس، پر وري به نتيجو اهو ڪڍيائين ته حالتون گهٽايون ويون آهن. انهيءَ بابت اسان جي ماهرن کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته سنڌيءَ جي لاءِ پنهنجي واٽ ڪهڙي ٿيڻ گهرجي.
اسم جي جنس جي بيان ۾ به ڪاڪو ڀيرومل سنسڪرت سان ڀيٽي لکي ٿو، ”سنسڪرت کان ڇڄي ڌار ٿيڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ پهريون قدم هي کنيو آهي جو جنس بي جان ڪڍي ڇڏي اٿس. جن لفظن جي اصل جنس بي جان هئي، تن مان ٿورا مؤنث ليکجن ٿا ۽ گهڻا ”او“ (اون) پڇاڙي وٺي ويٺا آهن، جنهن ڪري اهي مذڪر ليکجن ٿا، جيئن هنيئون (دل) ۽ پريتڻو (پريت). اها ”اون“ پڇاڙي اصل جنس بي جان جي نشاني هئي ۽ اها اڄ تائين گجراتي ٻوليءَ ۾ آهي.“ (ص 35)
ان مٿئين حوالي ۾ ڪا به ڳالهه Justify نه ٿي ٿئي. سنڌيءَ ۾ ”هنيئون“، ”دل“ کان جدا معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. ساڳيءَ طرح ”پرتيڻو“، ”پريت“ مان هئڻ جي باوجود ٻوليءَ جي جدا خصوصيت رکي ٿو. اهڙا استثنيٰ exceptional لفظ کڻي سنڌي ٻوليءَ کي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ سان ڳنڍڻ بدران چئي سگهجي ٿو ته شروع کان ان ٻوليءَ ۾ صرف ٻه جنسون رهيون آهن. لفظ جي بناوٽ، پڇاڙي وغيره ان کي مذڪر يا مؤنث طور استعمال ڪرڻ لاءِ سبب ڏي ٿي.
ڪاڪو ڀيرومل مرزا قليچ بيگ سان ان ڳالهه ۾ سهمت آهي ته سنڌيءَ ۾ جيڪو فعل بي فاعل (اڪر ترڪ) آهي اهو ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪونهي. لکي ٿو:
سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ فعل جي فاعل ڪونهي، تنهن ڪري هن قسم جي جملن جو ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ پوريءَ طرح ترجمو ٿي ڪين سگهندو. بي ڳالهه ته ٻين ٻولين ۾ رڳو فعل متعدي معروف ۽ مجهول اهي صورتون وٺي ٿو، پر سنڌيءَ ۾ فعل لازمي به اهي ٻئي صورتون وٺي ٿو. اهو نمونو آڳاٽي سنسڪرت مان ورتل آهي. (ص 96)
هو وري به ان خاص بنهه انفرادي خوبيءَ کي (جيڪا سنڌيءَ جي هڪ ٻئي عاشق ”سنڌي ٻوليءَ جي پراسرار خوبي“ سڏي) سنسڪرت سان ڳنڍي ويو، جيڪا سنسڪرت جي سڪيلڌي وارث هنديءَ (يا اردوءَ) ۾ به ڪانهي.
ڪاڪو ڀيرومل سنڌ جو تمام وڏو عالم هو. هو لسانيات، تاريخ ۽ ادب جو وڏو ماهر هو. سندسسمورو ڪم سنڌيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. هو جنهن دور ۾ هو ان دور ۾ مروج نظريي کي سامهون رکي، تحقيق ڪيائين ۽ نتيجا ڪڍيائين. چئن ڀاڱن تي مشتمل ”وڏي سنڌي وياڪرڻ“ بيشڪ کيس وڏو عالم ثابت ڪري ٿو. جيئن ته research معنيٰ وري ڳولڻ سو هاڻي وي نئين سر ڳولا ڪرڻ گهرجي. اصل ٻوليءَ جي، جيڪا هن ڌرتيءَ جي ئي ڄائي آهي. نئين انداز ۾ اهڙي ريسرچ هن دور جي ٻين عالمن به ڪئي آهي، جن مان هڪڙو آهي سراج الحق ۽ ٻيو ڊاڪٽر غلام علي الانا.
سراج مختلف مضمونن ۽ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ گرامر جي ڪافي پهلوئن تي پاڻ کان اڳ جي عالمن سان اختلاف ڪيا ۽ پنهنجي واٽ ورتي. هڪ هنڌ سنڌيءَ جي پراسرار خصوصيت جي باري ۾ هن لکيو ته ”ج“ جي هڪ صورت اڪرترڪ ۽ پريوگن ۾ داخل ٿئي ٿي. مثلاً ”اچجي“، ”وڃجي“، ”هلجي“. ان ”ج“ جو اثر اهو ٿو ٿئي ته اهي لازمي فعل پنهنجو فاعل وڃائي ٿا ويهن. (مفعول ته هونءَ ئي ڪونه اٿن). متعدي فعلن ۾ جي داخل ٿئي، تڏهن به فاعل کي نابود ڪري ڇڏي. مفعول باقي رهجي وڃي (ڪجي، کائجي، پڙهجي وغيره). ڇاڪاڻ ته اهو ”ج“ هنن فعلن جي فاعلن کي کائي ٿو وڃي ۽ ان جي هڪ صوتي صورت متعدي فعلن کي لازمي ۽ لازمي فعلن کي وڌيڪ لازمي بنايو ڇڏي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن اهڙي پد جو جزو هجي، جنهن جي خصوصيت فاعلي صورت سان دشمنيءَ جي هجي. اهو اصل پد ڳولڻ سان پنهنجي گرامر جي هڪ وڏي ڳجهارت حل ٿي پوندي. (سراج، نئين زندگي، اپريل 1965ع، مقالو، سنڌي ٻوليءَ جون چند خصوصيتون، سراج ص 51)“.
ڇاڪاڻ جو سراج صاحب ڪو ڌار گرامر جو ڪتاب ڪونه لکيو، ان ڪري هاڻي اچبو ٻيهر گرامر جي ڪتابن تي.
1984ع ۾ .سنڌي معلم“ نالي ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ اردو دان طبقي کي سنڌي سيکارڻ جي خيال کان لکيو. اهو ڪاب ٽن ڀاڱن ۾ آهي. ڊاڪٽرصاحب لسانيات جو وڏو چاڻو آهي ۽ سنڌ ۾ هن موضوع تي ڪم ڪرڻ ۽ لکڻ وارن جو استاد به آهي. سندس راءِ کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ کي خالص هن خطي جي پنهنجي ٻولي سمجهي ٿو. لکي ٿو:
Majority of scholars have agreed that the language of Indus valley was not an off shoot of any foreign language but it is really the original and indigenous tongue of the Indus valley people.
ترجمو: عالمن جي اڪثريت ان ڳالهه تي متفق آهي ته سنڌو ماٿر جي ٻولي ڪنهن ٻاهرين ٻوليءَ جي شاخ نه پر هان جي اصلوڪي آڳاٽي ٻولي آهي. (هن ڪتاب جو مقالو)
ڊاڪٽرصاحب عمومي طور ڳالهائڻ جي اٺن لفظن کي سمجهائي ٿو ۽ پوءِ ٻيا مسئلا بيان ڪري ٿو، پر سندس مقصد ڇاڪاڻ ته اردو دان طبقي کي سنڌي سيکارڻ هو. ان ڪري هن مختلف واٽ ورتي آهي ۽ سندس ذهن ۾ اردو قوائد هئا، جن سان ڀيٽ سان ئي هو. پنهنجو مقصد حاصل ڪري ٿي سگهيو. اهوئي سبب آهي جو ان ۾ ڪنهن خصوصي مسئلي جو ذڪر ڪونه ڪيو اٿس. سنڌي اردوءَ ۾ صوتي، صرفي ۽ نحوي تفاوتن ۽ هڪجهڙاين کي واضح ڪيو اٿس:
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم گرامر جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف نحو“ (ٻه ڀاڱا) واحد بخش شيخ صاحب جو به آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع ۾ ۽ 1989ع ۾ ڇاپيو.
واحد بخش شيخ صاحب سنڌي ٻوليءَ کي عربي ٻوليءَ جي سڳي ڀيڻ ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو. هن لکيو ته .سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ آواز اهي ئي آهن، جي سنسڪرت جا آهن؛ اَ آ اِ، اِي اَي، اُ، او اُو، اَو وغيره. حقيقت ۾ هنديءَ يا سنسڪرت ۾ حرڪتن جو استعمال ظاهري طرح آهي ئي ڪونه، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي آواز جون ظاهري نشانيون يعني زبر زير پيش. شد، مد وغيره استعمال ٿين ٿيون، سي عربيءَ کان اڌاريون ورتل آهن ۽ اهي هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن حد تائين امتيازي خصوصيت بڻجي چڪيون آهن. (ص-2).
دراصل شيخ صاحب سنڌيءَ جي عربي- سنڌي آئويٽا سبب اهڙي راءِ قائم ڪئي آهي، ظاهر آهي ته لپي عربي آهي ته اعراب به اتان ايندا، جيڪڏهن لپي ديوناگري هجي ها ته ماترائون به اتان اچن ها. باقي ٻوليءَ ۾ اهي آواز يا حرڪتون هميشه کان موجود هيون ۽ آهن. ان ڏس ۾ هو ڊاڪٽر بلوچ جي اوائلي خيال سان سهمت نظر اچي ٿو، جنهن جو خيال هو ته سنڌيءَ ۾ ٻه حرف صحيح بنا ڪنهن وچ ۾ حرڪت جي اچي ٿا سگهن. پاڻ ”ڪڪڙ“ ۽ ”گدڙ“ جا مثال ڏنا هئائين. (ڪتاب جي پهرئين پاپي ۾ ائين لکيل هو، پر پوءِ ٻئي ڇاپي ۾ سندس نظريو تبديل ٿي ويو هو. (ان جي جواب ۾ سراج لکيو هو ته اهي ساڳيا لفظ انگريزيءَ ۾ لکي ڏسي ته انهن ۾ ڇوٽا سر ڏسڻ ۾ ايندا. مثلاً kukur, gidaru ڪُڪُڙَ، گِدڙُ).
صورتخطيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي لکت ضرور اهڙيون نشانيون عربيءَ کان اڌاريون ورتيون، پر اهي آواز ته موجود هئا. تحريري شڪل جي هڪجهڙائيءَ کي ڏسي ڪو نظريو قائم نه ٿو ڪري سگهجي. سڀاڻي جي سنڌي رومن ۾ لکجي ته اها رومن جي ڀيڻ ته ڪانه ٿي پوندي. واحد بخش شيخ صاحب جو خيال هو ته سنڌي ٻولي اگرچ سنسڪرت مان پيدا ٿي آهي، تاهم ٻنهي ۾ حرفي مشابهت کان سواءِ ٻي ظاهري هڪجهڙائي خيرڪا نظر ايندي، پر انهيءَ جي برعڪس عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين سان سندس تعلق ۽ تشبيهه گهڻو نظر ايندو. (ص 4)
شيخ صاحب ڳالهائڻ جا لفظ اٺ نه پر ڇهه لکيا آهن. (حرف جر، حرف ندا ۽ حرف جملي کي هو ئي خاني ۾ رکي ٿو) ۽ اسمن جا قسم وري ويهه ٻڌائي ٿو... اهو اهوئي طريقو آهي، جيڪو فارسي ۽ اردو گرامرن ۾ هوندو آهي. نالا ۽ اصطلاح به سڀ اهي ئي آهن. اسم عام کي اسم نڪره، اسم خاص کي اسم معرفه.... وغيره لکي ٿو. سنڌيءَ ۾ ٻن جنسن واري نڪتي ۽ بي جان شين سان جنس لاڳو ڪرڻ بابت هن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ جاندار ۽ غيرجاندار شين ۾ فرق ڪرڻ ۽ زبان جي اصولن کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته غيرجاندار شين سان تذڪير ۽ تانيث جي نسبت لاڳو نه ڪجي، بلڪ انهن سان جنس غير ذي روح يا بي جان لڳائي وڃي. (ص 146)
اهو ڏاڍي حيرت جهڙو بيان آهي جو ڪنهن ٻوليءَ جي بنيادي بناوت ۽ گرامر کي بدلائڻ جي صلاح ڏجي. ٻوليون ڪنهن Logic يا منطق تحت ٺهيل ڪونه هونديون آهن. اهي صدين جو سفر ڪري، جنهن مقام تي پهچن ٿيون ۽ مستقل تبديليءَ جي عمل مان به گذرن ٿيون، پر اهو غيرشعوري هوندو آهي، انهن ۾ شعوري طور تي تبديلي آڻڻ انهن لاءِ فائديمند ثابت ڪونه ٿيندو آهي، ياد رکڻ گهرجي ته ڪا به ٻولي گرامر جي اصولن موجب ڪانه ٺهندي آهي، پر گرامر جا اصول ٻوليءَ تان ٺاهيا ويندا آهن. ٻولي پهرين وجود ۾ آئي گرامر پوءِ. انهيءَ جي ساخت ۽ سٽاءَ کي ڏسي ٺاهيا ويا، ان ڪري پنهنجي مرضيءَ سان جنس بي جان (neuter) سنڌيءَ ۾ وجهڻ واري ڳالهه کي جوڳي ٿي لڳي.
ساڳي ڳالهه عددن لاءِ به ڪري ٿو ته ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ۽ عربيءَ ۾ ٽيون عدد تثنيه به ٿيندو آهي، ”ان ڪري سنڌيءَ ۾ به ٽي عدد شمار ڪيا ويا وڃن، اگرچه سنڌيءَ کي تثنيه جي پنهنجي صورت خيرڪا آهي.“ (ص 169)
اسم جي حالتن جي ڏس ۾ هو ساڳي واٽ وٺي ٿو. يعني پنج حالتون بيان ڪري ٿو، پر حالت جري کي وڌيڪ صورتن ۾ ورهائي ٿو. يعني حالت جري، حالت سببي، حالت امدادي ۽ حالت مڪاني، جواز اهو ساڳيو ٿو ڏي، سنڌيءَ ۾ حالتن ظاهر ڪرڻ واريون پڇاڙيون نه هئڻ ڪري، مونجهارو ٿو ٿئي، ان ڪري بهتر آهي ته اهي گڏي ڇڏجن.
ساڳيءَ طرح حالت اضافت جون به ڇهه صورتون بيان ڪري ٿو، جن جا نالا عربي رکيا اٿس. اهڙيءَ ريت هن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي نين ڳالهين کي ڏسي سگهجي ٿو، پر اهي سڀ عربي گرامر کان ورتل آهن ۽ اصطلاح ايترا ته ثقيل آهن جو شاگردن کي سمجهڻ بدران رٽو هڻي ياد ڪرڻو پوندو. مجموعي طرح ڪتاب تي محنت تمام گهڻي ڪيل آهي.
مٿي ذڪر ڪيل گرامر جي ڪتابن کان سواءِ اسڪولي ٻارن لاءِ سنڌي رهبر (علي محمد بلوچ) ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو گرامر ۽ ٻيا ڪي ننڍڙا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر انهن ۾ ڪو خاص مسئلو بيان ٿيل ڪونهي.
مٿئين اڀياس مان اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ٿيون. سنڌيءَ جي سنسڪرت/ آريائي ٻولي هئڻ جو ايترو ته ڍنڍورو پٽيو ويو آهي جو لنڊن ۾ ڪجهه عرصو رهڻ دوران مون ڊاڪٽر شيڪل (Shackle) ۽ روپرٽ سنيل (Rupert Snell) ۽ ٻين سان ملاقات کان سواءِ سندن ڪتابن ۽ مضمونن جو مطالعو ڪيو ته هو هر طرح سان ان ڳالهه جا قائل آهن ۽ سنڌيءَ کي انهيءَ ئي بڻ بنياد سان ڳنڍيندي ان جو گرامر به ان ريت سمجهائن ٿا ۽ پنهنجن ڪلاسن ۾ اهوئي پڙهائين ٿا. ڊاڪٽر ڪرسٽافر شيڪل ڏکڻ ايشيا جي ٻولين مان دراوڙي ٻولين تامل تيلگو وغيره کي ڌار ڪري ٻين ٻولين لاءِ لکي ٿو:
… The others are all Indo Aryan languages, members of that branch of Indo- European family which derives from Sanskrit. They include many important regional languages of India and Pakistan (Gujrati, Marathi, Oruja, Assamese, Kashmiri, Sindhi, Punjabi). Learner English- Michael Swan Shackle- page 227)
ترجمو: ٻيون سڀئي ٻوليون هند آريائي آهن، جيڪي هند يورپي خاندان جي ان شاخ مان نڪتل آهن، جيڪا سنسڪرت مان آيل آهي. انهن ۾ هندستان پاڪستان جون ڪيتريون ئي اهم ٻوليون شامل آهن. (جگراتي، مراٺي، اروجا، آسامي، ڪشميري، سنڌي، پنجابي). (الرنر انگلش، مائيڪل سوان، شيڪل، ص 227)
انگريزيءَ سان ڀيٽ ڪندي هند آريائي ٻولين جي باري ۾ هن جو چوڻ آهي ته انهن سڀني ٻولين ۾ هيٺيان اصول ساڳيا آهن.
هاڻي توهان ڏسو ته ڪيتريون ڳالهيون سنڌيءَ ۾ هند آريائي ٻولين جون آهن ۽ ڪيتريون درواڙي ٻولين واريون آهن.... ان کان پوءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌيءَ جون پنهنجون اهي ڪهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي انهن ٻنهي خاندانن جي ٻولين کان الڳ ڪَرُ کنيو بيٺيون آهن.
منهنجي ناقص راءِ اها آهي ته اچو اهو وساري ڇڏيون ته سنڌي ڪهڙي نسل مان آهي، سنسڪرت ڄائي آهي، دراوڙي دفعي جي آهي، عربيءَ جي ڀيڻ آهي. فارسيءَ جي سوٽ يا درادي ٻولين جي ماسات. اسين ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جي گرامر سان ڀيٽ ڪرڻ بدران سنڌيءَ جو پنهنجو گرامر/ وياڪرڻ ان جي پنهنجي بناوٽ، ساخت، سٽاءَ کي سامهون رکي ٺاهيون. جيڪي اصطلاح اڳ مروج آهن، پوءِ اهي هندي آهن، عربي يا فارسي يا مرڳو انگريزي انهن مان جيڪي سولا آهن، سمجهه ۾ اچن ٿا، انهن کي قائم رکندي، جتي ضرورت پوي، اتي پنهنجا اصطلاح به جوڙيون، جيڪي سؤلي سنڌيءَ جا هجن. جيئن شاگردن کي نالي مان ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.
اهو سڀ ڪجهه ڪو هڪ ماڻهو نه ڪري بلڪ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر گڏ ويهي، انهن تي سوچين ۽ انهن جو حل ڪڍي ڪو سؤلو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي اصلوڪي بناوٽ کي سامهون رکي ٺاهيل گرامر شاگردن لاءِ آڻيون.
(جنهن ترتيب ۾ انهن مان حوالا کنيا ويا آهن)
ترجمو: ڊاڪٽر فهميده حسين، برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2000ع.
(شاهه لطيف چيئر جي پاران ڇپايل ڪتاب، ’سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل‘ 2006ع تان ورتل)