ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574147 ڀيرا پڙهيو ويو |
انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان کان ٻه سال پوءِ بمبئيءَ جي ’بورڊ آف ايجوڪيشن‘ سنڌ ۾ ’ايجوڪيشنل ايجنسي‘ جي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. ساڳي وقت اها تحريڪ به هلي ته سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بنائجي. انهيءَ تحريڪ نيٺ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيد اڪيو[1]. 1848ع ۾ بمبئيءَ جي گونر سر جارج ڪلارڪ (Sir George Clerk) هڪ حڪمنامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي[2]. 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ’سر بارٽل فريئر‘ (Sir Bartle Frere) هڪ اطلاع نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪيل هئي ته سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن[3]. انهيءَ کان پوءِ مسٽر ايلس (Mr. Ellis) جي صدارت هيٺ اٺن مقامي ۽ ٻين يورپي ميمبرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي ويئي[4]، جنهن ٻوليءَ جي الف- ب ٺاهي، جيڪا 1853ع ۾ عمل ۾ آئي[5].
سنڌي الف- ب ٺاهڻ کان پوءِ سرڪار ’ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي‘ ٺاهي. جنهن طرفان ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪرايا ويا[6]. انگريزن جي دؤر کي جيڪڏهن سنڌي ادب جو تاريخي دؤر چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ڇوته هن عرصي دؤران سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديليون آيون. هڪ طرف عالمي ادب جون مختلف صنفون سنڌي ادب ۾ رائج ٿيون ته ٻئي طرف وري هتان جي نج تخليقي ادب ۾ بي مثال اضافو آيو.
1870ع ۾ ’راسيلاس‘ جي ترجمي سان گڏ سنڌي ادب ۾ ناول نويسيءَ جي ابتدا ٿي[7]. ان کان پوءِ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ ’دلارام‘ نالي ناول لکيو، جيڪو سنڌي ادب جو پهريون طبعزاد ناول آهي[8]. مطالعي هيٺ آيل دؤر تائين ڪيترائي ناول نگار ٿي گذريا جن ۾ ساڌو هيرانند، لعل چند امرڏنومل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، خليق مورائي، ويرومل ملاڻي، نانڪ رام ڌرمداس، ليلارام ولايت راءِ، ميلارام واسواڻي، پرنسپال صاحب سنگ شاهاڻي، شيوڪ ڀوڄراج، ديو سڀاڻي، پارومل ڪيولراماڻي، جڳت آڏواڻي، آسانند مامتورا، نارائڻداس ڀمڀاڻي ۽ رام پنجواڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن دؤر جي معياري طبعزاد توڙي ترجمي ٿيل ناولن ۽ مرزا قليچ بيگ جو ’زينت‘ (1890ع)، لعل چند امرڏنو مل جا ’چوٿ جو چنڊ‘ (1906ع)، ’سون ورنيون دليون‘ (1925ع)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ’وريل نعمت‘ (1915ع)، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ’نورجهان‘ (1916ع)، خليق مورائيءَ جو ’سندري‘ (1923ع)، عبدالرزاق ميمڻ جو ’جهان آرا‘ (1931ع)، نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جا ’غريبن جو ورثو‘ (1946ع)، ’مالهڻ‘ (1946ع) ۽ ’ودوا‘ (1943ع) ۽ آسانند مامتورا جو ’شاعر‘ (1941ع) قابل ذڪر آهن.
سنڌي زبان ۾ غلام حسين قريشيءَ جو لکيل پهرين ڪهاڻي ’ڀمپئي زميندار جي ڳالهه‘ جيڪا هن (1854ع) ۾ لکي. اِها پهرين ڪهاڻي تسليم ڪئي وڃي ٿي[9]. ان کان پوءِ سيد ميران محمد شاه ’سڌا توري ڪده توري جي ڳالهه‘ (1855ع)[10] ۽ ’مفيد العبيان‘ (1861ع)[11] ڪتاب لکيا. اهي ڪتاب ’سنڌي ورنيڪيولر لٽريچر طرفان شايع ٿيا. سنڌي ڪهاڻيءَ کي صحافت جي اوسر وڏي هٿي ڏني. پرمانند ميوارام جي ’جوت‘ ۾ ڪيتري ئي وقت تائين نقل، نظير ۽ ڪهاڻيون ڇپنديون رهيون. جن کي پوءِ فاضل ايڊيٽر مرتب ڪري ’دل بهار‘ نالي چئن حصن ۾ ڪتاب ڇپرايو[12]. ’سر سوتي‘ جي نالي مخزن ۾ به ڪيترن ئي ليکڪن جون ڪهاڻيون ڇپنديون هيون. جن مان ساڌو هيرانند جون ڪهاڻيون گڏ ڪري ڀيرومل مهر چند ’هيرن جون ڪڻيون‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو[13]. صحيح معنيٰ ۾ افساني جي شروعات لعل چند امر ڏنيمل جي ڪهاڻي ’حر مکيءَ جا‘ سان ٿئي ٿي جيڪا هن (1914ع) ۾ لکي ۽ ’سنڌي ساهت سوسائٽيءَ‘ جي ماهوار رسالي ۾ شايع ٿي.[14]
مطالعي هيٺ آيل دؤر تائين جيڪي مشهور ڪهاڻي ڪار ٿي گذريا آهن، تن ۾ ڄيٺمل پرسرام، امرلعل، آسانند مامتورا، عثمان علي انصاري، مرزا نادر بيگ، عبدالله ’عبد‘، لطف الله بدوي، ايم. آر هائيداساڻي، شيخ اياز، گوبند مالهي ۽ ڪيوت پاٻاڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
جديد ڊرامي نگاريءَ جي ابتدا به هن ئي دؤر ۾ ٿي. ’هير رانجهو‘ سنڌي ادب جو پهريون ڊرامو آهي. جو (1879ع) ۾ حاجي امام بخش خادم لکيو[15]. انهيءَ کان پوءِ 1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ ’ليليٰ مجنون‘ ڊرامو لکيو[16]. انهيءَ کان پوءِ جيڪي مشهور ڊرامي نگار ٿي گذريا، انهن مان ديوان ڪوڙيمل، ديوان ليلارام وطڻمل، گاگن سنگ آتمارام، لعلچند امر ڏني مل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، خانچند درياڻي، نانڪرام ڌرمداس، ڄيٺمل پرسرام، جڳت آڏواڻي، ليلارام ڦيرواڻي، ڄيٺانند ناگراڻي، منگهارام ملڪاڻي، چوهڙ مل هندوجا ۽ رام پنجواڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلين جي قائم ٿيڻ سان به ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر کي وڏي هٿي ملي. مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ جيڪي سنڌ ۾ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون ويون، تن ۾ هيٺيون قابل ذڪر آهن[17].
’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي‘ 1894ع ۾ قائم ٿي. سنڌ ۾ اها سڀ کان پهرين ناٽڪ منڊلي هئي. انهيءَ کان پوءِ جيڪي ناٽڪ منڊليون ٿيون، اهي هي آهن:
1877ع ۾ مرزا قليچ بيگ ’نارڊ بيڪن‘ جي ڪتاب جو ’مقالات الحڪمت‘ نالي سان ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ مضمون نگاريءَ جي شروعات ڪئي[18]. مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ جيڪي ٻيا مکي مضمون نگار ٿي گذريا آهن، تن ۾ ديوان ڏيارام گدومل، ديوان ڪوڙومل، ليلارام پريم چند، پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام، پهلاج راءِ واسواڻي، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، گوبند ڀاٽيا، محمد صديق مسافر، عثمان علي انصاري، خليق مورائي، مولوي عبدالرزاق، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالرحيم ۽ مولانا دين محمد وفائي جا نالا ذڪر قابل آهن.
هن دؤر ۾ مضمون نويسيءَ جي موضوع تي لکيل ڪتابن مان ديوان ڪوڙومل جو ’پڪو پهه‘ (1862ع)، پرمانند ميوارام جو ’گل ڦل‘ (1925ع)، لعل سنگ اجواڻي جو مرتب ڪيل ’ويچار‘ (1944ع)، نارائڻ داس ملڪاڻي جو ’انار دانه‘ (1940ع)، تيرٿ وسنت جو ’چڻگون‘ (1940ع)، لعل چند امرڏني مل جا ’سدا گلاب‘ ۽ ’ڦلن مٺ‘ (1927ع)، گوبند ڀاٽيا جو ’ورق‘ (1941ع)، ڀيرومل مهرچند جو ’لطيفي سير‘ (1926ع) ۽ ليکراج عزيز جو ’ادبي غنچو‘ (1941ع) جهڙا ڪتاب قابل ذڪر آهن.
’معين الاسلام‘ (1880ع) سنڌ جي پهرين سنڌي اخبار هئي[19]. جنهن سان صحافت جي ابتدا ٿي. انهيءَ کان پوءِ مطالعي هيٺ آيل دؤر جي شايع ٿيندڙ مکيه اخبارن ۽ رسالن مان هي قابل ذڪر آهن[20].
’سنڌ سڌار‘ (1882ع)، ’معاون مجمع‘ (1889ع)، ’سرسوتي‘ (1890ع)، ’سڌار پتريڪا‘ (1890ع)، ’پرڀات‘ (1891ع)، ’جوت‘ (1896ع)، ’آفتاب سنڌ‘ (1895ع)، ’الحق‘ (1899ع)، ’الهلال‘ (1901ع)، ’سناتن ڌرم پرچارڪ پتر، (1901ع)، ’اخبار تعليم‘، (1902ع)، ’مدرسه منٿلي‘ (1903ع)، ’تحفه احباب‘ (1904ع)، ’مامتا‘ (1905ع)، ’بهار اخلاق‘ (1906ع)، ’سنڌ واسي‘ (1908ع)، ’شائق‘ (1909ع)، ’ڪچڪول‘ (1909ع)، ’الاسلام‘ (1913ع)، ’الامين‘ (1914ع)، ’ميرپورخاص گزيٽ‘ (1914ع)، ’هندو‘ (1916ع)، ’هندواسي‘ (1917ع)، ’صحيفه قادريه‘ (1917ع)، ’الڪاشف‘، (1918ع)، ’الحافظ‘ (1919ع)، ’الوحيد‘ (1920ع)، ’توحيد‘ (1923ع)، ’مسلمان‘ (1923ع)، ’ترقي‘ (1924ع)، ’الجامع‘ (1925ع)، ’الراشد‘ (1926ع)، ’سير‘ (1926ع)، ’عندليب‘ (1926ع)، ’الحزب‘ (1927ع)، ’سنسار سماچار‘ (1929ع)، ’المنار‘ (1930ع)، ’علمي دنيا‘ (1930ع)، ’سنڌو‘ (1932ع)، ’ڪاميابي‘ (1933ع)، ’هندو سنسار‘ (1933ع)، ’هندوجاتي‘ (1933ع)، ’تن‘ (1934ع)، ’آشيانه ادب‘ (1935ع)، ’ستاره سنڌ‘ (1936ع)، ’صبح سنڌ‘ (1936ع)، ’اصلاح‘ (1936ع)، ’قرباني‘ (1937ع)، ’مخلص‘ (1938ع)، ’گلستان‘ (1938ع)، ’آزاد‘ (1940ع)، ’آشا‘ (1941ع)، ’اديب سنڌ‘، (1941ع)، ’عبرت‘ (1941ع)، ’انقلاب‘ (1945ع)، ۽ ’هلال پاڪستان‘ (1946ع).
شعر و شاعريءَ جي ابتدا ته صديون اڳ ٿي پر انهيءَ کي اوج ۽ عروج هن ئي دؤر ۾ مليو. نظم جي ڪتابن جي سلسلي ۾ 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (Dr. E. Trump) جرمن جي ’ليپزنگ‘ (Leipzig) شهر مان ’شاهه جو رسالو‘ ڇپرايو[21]، 1875ع ۾ ’ديوان گل‘ 1876ع ۾ ’بيان العارفين‘ ۽ 1887ع ۾ ’ديوان قاسم‘ ڇپيا. صحافت جي ابتدا شاعريءَ جي اوسر کي وڏي مدد ڏني. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت جي شاعرن جو ڪلام شايع ٿيڻ لڳو، ان کان سواءِ نج شاعريءَ جي موضوع تي ڪتاب پڻ لکيا ويا، جن جي ابتدا ’ورنيوڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ‘ طرفان ٿي. هن دؤر جي مکيه شاعرن مان آخوند محمد قاسم هالائي، آخوند گل محمد هالائي، آسورام، حاجي حافظ حامد، حمل لغاري، مير عبدالحسين سانگي، سانوڻ فقير، شمس الدين ’بلبل‘، غلام محمد شاهه ’گدا‘، غلام احمد ’نظامي‘، فاضل شاهه، قادربخش ’بيدل‘، محمد هاشم ’مخلص‘، مرزا قليچ بيگ، مصري شاهه ۽ مولوي الله بخش اٻوجهو جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
تنقيدي ادب جي ابتدا هن دؤر ۾ عبدالرحيم ’وفا‘ ڪئي، جنهن جو 1871ع ۾ ’عمر مارئيءَ جو قصو‘ نالي ڪتاب ڇپيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ’وفا‘ مرحوم سنڌي شاعريءَ تي مختصر تنقيد ڪئي آهي[22]. اصولي تنقيد جو پهريون تاب سيد فاضل شاهه جو ’ميزان الشعر‘ (1875ع) آهي، جنهن ۾ علم عروض جا قائدا قانون لکيل آهن[23]. ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ تنقيدي مضمون ڇپيا هئا. ڀارت واسي پهرين اخبار آهي، جنهن ۾ تنقيدي مضمون ڇپيا هئا[24].
جيتوڻيڪ ديوان ڪوڙومل ڏيارام گدومل، لعل چند امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ کي آڳاٽا تنقيد نگار چئي سگهجي ٿو. پر تنقيدي ادب کي انقلابي موڙ ڏيندڙ هئا، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ شمس العلماء دائودپوٽو. هن دؤر جي ٻين تنقيدي نگارن ۾ واڌو مل مولچند، محمد صديق مسافر، لطف الله بدوي، ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن.
هن وسيع ۽ بحث طلب موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، بهرحال انهيءَ جو مختصر خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.
[1] ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: ’سنڌي صورتخطي‘ حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن، 1969ع، ص 35.
[2] ايضاً، ص 36.
[3] Altken E. H.: ‘Gazetteer of the Province of Sind’ Karachi Mercantile Steam Press, Chapter XII, 1907, P.474.
[4] Ibid, P. 474.
[5] Ibid, P. 474.
[6] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ: ’ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو‘ (پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو) 1978ع، ص 67.
[7] پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1977ع، ص65.
[8] ايضاً، ص 67.
[9] ايضاً، ص 26.
[10] ايضاً، ص 26.
[11] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ: ’ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو‘ (پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو) 1978ع، ص 69.
[12] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو. (پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو)، 1978ع، ص 90.
[13] خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1966ع، ص 13.
[14] پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1977ع، ص36.
[15] حوالو ٻيو، ص 81.
[16] مرزا قليچ بيگ: سائو پن يا ڪارو پنو، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع، ص 230.
[17] پروفيسر منگهارام ملڪاڻي؛ سنڌي نثر جي تاريخ، بمبئي؛ ڪونج پبليڪيشن، 1968ع، ص151-119.
[18] مرزا قليچ بيگ؛ ’سائو پن يا ڪارو پنو‘، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع، ص 230.
[19] ڏسو: ڪئٽلاگ، سنڌ يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1972ع، ص ث.
[20] هي معلومات هيٺ ڄاڻايل ڪتابن ۽ مقالن مان ورتي ويئي: (الف) خواجه غلام علي الانا: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ حيدرآباد، ادبيات، 1966ع، ص 11-10. (ب) پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، بمبئي، ڪونج پبليڪيشن، 1968ع، ص 287-237. (ٻ) ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ’ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم جي ترقي ۾ حصو‘ (پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو)، 1978ع، ص 399-419.
[21] ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي جا سرچشما، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1972ع، ص 117.
[22] ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، سکر، عجائب اسٽور، 1974ع، ص 150.
[23] ايضاً، ص 151.
[24] پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ، بمبئي، ڪونج پبليڪيشن، 1968ع، ص141.