سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574193   ڀيرا پڙهيو ويو

سائنسي علم جي تاليف لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ( انجنيئر احسان احمد عرساڻي)


انڊو يورپي (Indo- European) ٻولين جو اهڙو خاندان آهي، جنهن تي گهڻي کان گهڻو لسانياتي مطالعو ڪيو ويو آهي. ان جو سبب انڊو يورپي ٻولين جي غيرمعمولي اهميت آهي، جنهن ۾ يورپ جون اهم ترين جديد ٻوليون يعني اسپينش، انگريزي، فرانسيسي، اطالوي، جرمن ۽ روسي وغيره کان سواءِ اتر هندستان جون مڙئي ٻوليون جهڙوڪ بنگالي، هندي ۽ اردو اچي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ مذهب، ثقافت، ۽ فلسفي جي عظيم ڪلاسيڪي ٻولين جو تعلق به ان خاندان سان آهي، جهڙوڪ لاطيني، سنسڪرت، پالي ۽ فارسي.

سنڌي ٻوليءَ جو تعلق به ان ئي خاندان سان آهي. اڄ سڀني کان طاقتور ٿي اڀرندڙ ٻولي انگريزي آهي. اڄ انگريزي سڀني ٻولين کان گهڻي لفظيات (Vocabulary) رکي ٿي، جيتوڻيڪ وچولي دؤر واري انگريزي ٻوليءَ، نورز (Norse) جرمن ۽ فرانسيسي ٻولين جي ميل ميلاپ سان جنم ورتو، پر لڳ ڀڳ 500 سال اڳ جڏهن جديد انگريزي زبان واري دؤر جو آغاز ٿيو، تڏهن کان اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جو مواد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان ترجمي سبب انگريزي زبان ۾ ڪيترائي لفظ ٻين ٻولين جا اڌارا آهن. گهڻي کان گهڻا ترجما لاطيني ۽ يوناني ٻولين مان ڪيا ويا آهن، جن جو اثر انگريزيءَ تي نمايان آهي. ترجمن ذريعي نه رڳو انگريزي زبان ۾ انهن ٻولين جا لفظ داخل ٿيا، بلڪه انهن ٻولين جي وياڪرڻ پڻ انگريزيءَ تي پنهنجا اثر ڇڏيا، جنهن باعث انگريزيءَ ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي، جن ۾ ان جي سُر آوازن (Vowels) ۾ ڦير ۽ فعل توڙي اسم مان گردان (Inflection) ختم ٿيڻ آهي. مطلب ته اها مڪمل طور (Analytical form) ۾ اچي وئي.

جيڪڏهن سنڌي زبان تي نظر وجهبي ته ان جي تاريخ به گهڻي مختلف نظر نه ايندي. دنيا جي مختلف قومن جو سنڌ ۾ اچي وسڻ، سنڌ تي قابض ٿيڻ ۽ بعد ۾ سنڌ جي اصلوڪي آباديءَ ۾ ضم ٿيڻ سان سنڌي زبان تي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جا نمايان اثر پيا. ايترا سارا اثر قبول ڪرڻ بعد سنڌي ٻولي هڪ وسيع لفظيات واري طاقتور زبان ته ٿي وئي، مگر سنڌي زبان سان ڪجهه غير موافق حالتون رهڻ سبب ان جي مناسب ترويج ٿي نه سگهي. ٻوليءَ جا پراڻا تحريري نمونا محفوظ نه رهي سگهڻ سبب ڪيتروئي نقصان ٿيو، جنهن ڪري لفظيات (Vocabulary) جو انمول خزانو ضايع ٿيڻ سان گڏ ٻوليءَ جي درجه بدرجه ترقيءَ واري تسلسل کي ڇيهو رسيو ۽ لکڻ توڙي ڳالهائڻ جون ڪيتريون صحتمند روايتون پڻ وڃائجي ويون. مگر اهو چوڻ هرگز به درست نه ٿيندو ته سنڌي زبان ۾ ڪي فطري اوڻايون آهن، جن سبب اها سائنسي علمن جو ذريعو نٿي ٿي سگهي.

جيتوڻيڪ اڃا سنڌي زبان پوريءَ ريت Analytical Form  ۾ اچي نه سگهي آهي، پر وري به اها ڪنهن حد تائين گرداني صورت (Inflectional form) مان نڪري آئي آهي. هن وقت سنڌي زبان ۾ اظهار جي وسيع طاقت موجود آهي، تنهنڪري ڪن فردن جو اهڙو خيال بلڪل غلط ۽ بي سبب آهي ته سنڌيءَ ۾ سائنسي علمن جي تاليف ممڪن نه آهي. ڪيترن اهڙن فردن طرفان اخباري ڪالمن ۾ اهو لکيو پيو وڃي ته انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ سائنسي علمن جو ترجمو ناممڪن آهي ۽ اهو ته جيسين اڄوڪو علم ترجمو ڪيو ويندو، تيسين اهو مدي خارج ٿي ويندو، جيڪي پاڻ هڪ مضمون جي ترجمي جو به تجربو نه ٿا رکن، اهي اهڙا ليک لکي رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ نه ته سائنسي علم ڪڏهن مدي خارج ٿئي ٿو، ۽ نه ئي سنڌيءَ ۾ سائنسي علمن جي تاليف ناممڪن آهي. سائنس جي ميدان ۾ هڪ علمي تحرير مستقبل ۾ ٻي اڃا بهتر تحرير جو بنياد بڻبي آهي.

درحقيقت ضرورت صرف سنڌيءَ ۾ سائنسي علمن جي تاليف جو بنياد وجهڻ جي آهي. هڪ دفعو سائنسي اصطلاحن جي جوڙجڪ جي ميڪانيت (Mechanism) تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ سائنسي علمن جي تاليف به آسان ٿي ويندي ته انگريزيءَ يا ٻين ٻولين مان ترجمو پڻ ترت ۽ آسان ٿي ويندو. ضرورت محض سنڌيءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازيءَ جي راهه ۾ مضبوط بنياد ۽ درست ابتدا جي آهي، جنهن لاءِ اڃا پوريءَ طرح ڪوشش ورتي ڪانه وئي آهي، بلڪه ان جي ابتڙ اسان جا ڪيترا سنڌي استاد، سائنسدان ۽ ادارا پنهنجي نااهليءَ تي پردو رکڻ خاطر ماڻهن کي اهو چئي گمراهه ڪري رهيا آهن ته سنڌي زبان ۾ جديد سائنسي علوم پڙهي لکي نه ٿا سگهجن.

سنڌيءَ ۾ اڃا ڪيترا ئي گردان (Inflections) مروج آهن. اهي گردان يا ڦيرا اسمن کان سواءِ فعلن ۽ صفتن ۾ به موجود آهن. مثال طور:

اسم: ٻلو، ٻلا، ٻلن، ٻلي، ٻِلي، ٻليون، ٻلين، ٻليءَ

فعل: چئه، چئو، چوي، چون، چوڻ، چيو، چيائين، چيائون، چئي

صفت: سُٺو، سُٺا، سُٺي سُٺن، سُٺي، سُٺيون، سُٺين

تنهن کان سواءِ سنڌيءَ زبان کي هڪ پيچيده ڦُٽل صرفيات (Derivational Morphology) پڻ آهي. ڪافي اسمن سان حرف جر ڳنڍيل ٿئي ٿو. مثال طور، گهران (گهر+ کان)، واتان (وات+ مان). وغيره. سنڌيءَ جي پيچيده صرفيات (Morphology) سائنسي علمن جي تاليف ۽ ترجمي ۾ فائديمند (Advantage) به ٿي سگهي ٿي ته خامي (Disadvantage) به. تنهنڪري جتي ان جو فائدو وٺي سگهجي ٿو، اتي ان جو ڀرپور فائدو وٺجي ۽ جتي ضرورت پوي اتي ان کي ڪيرائي به سگهجي ٿو. ڪن حالتن ۾ پيچيده سائنسي خيالات جي اظهار ۾ سنڌي زبان جي اها پيچيده صرفيات (Morophology) فائديمند به ثابت ٿي سگهي ٿي. مثال طور، هڪ انگريزي سائنسي اصطلاح Antimatter Propelled Engine کي ئي وٺو. هتي لفظ Propelled  انگريزي لفظ Propel مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ”ڌوڪڻ“ آهي. مطلب ته هت لفظ Propelled جي معنيٰ ”ڌوڪيل“ ٿيندي. جڏهن ته Propulsion جي معنيٰ ”ڌوڪ“ ٿيندي. Matter جي عام معنيٰ ”مادو“ آهي، جڏهن ته Anti هڪ اڳياڙي آهي، جنهن جو مقصد ناڪاري آهي ۽ ان جو مناسب سنڌي بدل ”نِس“ ٿيندو. مطلب ته Antimatter کي ”نِس مادو“ چوڻ غلط نه ٿيندو ۽ Antimatter Propelled Engine جو مطلب ٿيندو. ”نِس مادي کان ڌوڪايل انجڻ“. اسم يعني ”مادي“ ۽ حرف جر يعني ”کان“ کي ڳنڍي، ان فقري (Phrase) کي سليس نموني ”نس مادان ڌوڪايل انجڻ“ لکي سگهجي ٿو. استعمال ۾ اها ترڪيب ڪيتري سلاست پيدا ڪري ٿي، تنهن جو مثال هيٺيون انگريزي جملو ۽ ان جو سنڌي ترجمو آهي:

Looking at the present pace of research, most people think that it would take hundreds of thousands of years in collecting one kilogram of antimatter, which is required to take a day’s round trip to moon using antimatter-propelled rocket engine.

ترجمو: هلندڙ تحقيق جي رفتار ڏسي، اڪثر ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته نس مادي جو هڪ ڪلوگرام گڏ ڪرڻ ۾ لکين سال لڳي ويندا، جڏهن ته نس مادان ڌوڪايل راڪيٽ انجڻ ذريعي ڌرتيءَ کان چنڊ تائين ڏينهنڪ اوٽ موٽ چڪر نس مادي جو هڪ ڪلوگرام کائي ويندو.

اهڙو ٻيو مثال Friedmann-like Models آهي. فرائيڊمين هڪ سائنسدان جو نالو آهي، جنهن ڪائنات جي ساخت بابت بنيادي نظريو ڏنو. هو پهريون شخص هو، جنهن ٻڌايو ته ڪائنات ڦهلي رهي آهي ۽ جنهن ڦهلندڙ ڪائنات جا ٽي امڪاني ماڊلس پيش ڪيا. بعد ۾ ڪيترن ٻين سائنسدانن فرائيڊمين جي ڏنل ماڊلس جهڙا ٻيا ماڊلس پيش ڪيا، جن جي لاءِ فقرو Friedmann-like Models استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن Friedmann-like Models جي بدل طور سنڌيءَ ۾ ”فرائيڊمين جي ڏنل ماڊلس جهڙا“ فقرا استعمال ڪيا ويا ته اهو جملي ۾ ناقابل ڪار ٿي پوندا ۽ جيڪڏهن سادو ڪري ”فرائيڊمين جهڙا ماڊلس“ لکبو ته به جملو نه رڳو منجهائيندڙ ٿيندو، بلڪه درست مطلب پڻ نه ڏئي سگهندو. حقيقت ۾ هتي لفظ like هڪ پڇاڙيءَ طور استعمال ٿيل آهي، تنهنڪري اتي Friedmann-like جي بدل طور ٻن لفظن ”فرائيڊمين جهڙا“ جي جاءِ تي هڪڙو ئي لفظ رکڻو پوندو  ۽ سو آهي فرائيڊميناڻه. بلڪل ايئن جيئن سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو، ٻاراڻا ۽ ٻاراڻي وغيره مروج آهن. مثال طور مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ Stephen Hawking جي جڳ مشهور ڪتاب “Brief History of Time” مان هڪ جملو ۽ ان جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو:

جنهن ۾ ڦهلجندڙ فرائيڊميناڻه ڪائنات Friedmann-like Expanding Universe استعمال ٿيل آهي.

Penrose’s theorem had shown that any collapsing star must end in a singularity; the time-reversed argument showed that any Friedmann-like expanding universe must have begun with a singularity.

ترجمو: پينروز جي ٿيورم ڏيکاريو ته ڪنهن به ٽُٽندڙ (Collapsing) تاري جو انت لازماً هڪ واحديت تي ٿئي ٿو، ۽ ان جي وقت – الٽيل دليل ظاهريو ته ڪنهن ڦهلندڙ فرائيڊميناڻه ڪائنات جو آغاز لازماً ڪنهن واحديت سان ئي ٿيو هوندو.

مگر ڪن جاين تي اسان کي جملي ۾ سلاست پيدا ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي عام لکت ۾ مروج پيچيده صرفيات (Morphology) ختم ڪرڻي پوندي. مثال طور، انگريزي سائنسي اصطلاح Big Bang Singularity کي ئي وٺو Big Bang هڪ عظيم ڌماڪي جو تصور آهي، جنهن سان ڪائنات جو آغاز ٿيو هو. ان جو متبادل ۽ ٺهڪندڙ سنڌي لفظ ”ڌم ڌماڪو“ پهريون ڀيرو محترم والد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي معروف سائنسدان ڪارل سيگن Carl Sagan جي تحريريل جڳ مشهور انگريزي ڪتاب ”آفاق ‘Cosmos’ جي ترجمي ۾ استعمال ڪيو. جڏهن ته Singularity جو اصطلاح ڪائنات جي ان حالت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سمجهيو وڃي ٿو ته سموري ڪائنات جڳهه نه والاريندڙ هڪ نقطي ۾ سمويل هئي، بلڪ ايئن کڻي چئجي ته جڏهن والار يا پولار Space جو ڪو تصور ئي نه هو. ”يت“ پڇاڙي سنڌيءَ ۾ اڳي ئي مروج ۽ مانوس آهي، جيڪا ڪنهن خاصيت جي اظهار لاءِ استعمال ٿيندي آهي. مثال طور ”انسانيت“، ”حيوانيت“ وغيره. جيئن ته انگريزي لفظ Singular جو سنڌي بدل ”واحديت“ مناسب آهي. تنهنڪري عام سنڌي نحو ۽ صرفيات جي اصولن پٽاندڙ Big Bang Singularity جو سنڌي بدل ”ڌم ڌماڪي واري واحديت“ ٿيندو، جڏهن ته اتي ”ڌماڪو“ جو ”ڌماڪي“ ٿيڻ سنڌي صرفيات جي روايت مطابق آهي. مگر چئن لفظن وارو اهو فقرو ”ڌم ڌماڪي واري واحديت“ هيٺ ڏنل انگريزي جملي جي ترجمي ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندو.

The whole idea of Big Bang Singularity is repugnant and has spoiled the beauty of Einstien’s Theory.

ترجمو: ڌم ڌماڪي واري واحديت وارو سڄو خيال بڪواس آهي، جنهن آئين سٽائين واري نظريي جي سونهن خراب ڪري ڇڏي آهي.

پر جيڪڏهن سنڌي زبان جي گرداني صرفيات Inflectional Morphology کي نظرانداز ڪري Big Bang Singularity بدل طور ”ڌم ڌماڪي واري واحديت“ جي جاءِ تي ’ڌم ڌماڪو واحديت‘ لکجي ته جملو هيٺئين ريت سليس ٿي پوندو.

ڌم ڌماڪو واحديت وارو سڄو خيال بڪواس آهي، جنهن آئين سٽائين واري نظريي جي سونهن خراب ڪري ڇڏي آهي.

ساڳيءَ ريت Big Bang Model جي بدل طور ڌم ڌماڪي وارو ماڊل لکڻ بدران ”ڌم ڌماڪو ماڊل“ لکي جملن کي سليس بڻائي سگهجي ٿو.

انگريزي زبان جي سائنسي ادب ۾ ڪيترائي فعل نظر ايندا، جيڪي يقيناً عام ٻوليءَ ۾ مروج نه هوندا آهن، انهن جي ضرورت محض سائنس جي پيچيده خيالات جي اظهار لاءِ پوندي آهي. مثال طور هيٺيان لفظ ڄاڻائي سگهجن ٿا:

Magnet مان Pole, Magnetize مان Television, Polarise مان Energy, Televise مان Energise وغيره.

مگر اها ساڳي قوت سنڌيءَ ۾ اڳي ئي موجود آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي ڌارين لفظن کي اڌارڻ بعد انهن جون فعلي صورتون بنايون ويون آهن. مثال طور؛ ”دفن“ مان ”دفنائڻ“، ”صلاح“ مان ”صلاحڻ“، ”بخش“ مان ”بخشڻ“، ”نظر“ مان ”نظرڻ“، ”خلق“ مان ”خلقڻ“ وغيره. ساڳيءَ ريت اسان اسم جي صورت ۾ استعمال ٿيندڙ سائنسي اصطلاحن مان انهن جون فعلي صورتون پڻ جوڙي سگهون ٿا، جيڪي جملن کي وڌيڪ بامعنيٰ ۽ سليس بنائينديون. اهڙا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 

اسم

فعل

Verb

Noun

مقناطيس

قطب

ڏور ڏيک

توانائي

برق

مدار

مشاهدو

اڳڪٿي

اڻو

مقنائڻ

قطبائڻ

ڏور ڏيکائڻ

توانائڻ

برقڻ

مدارڻ

مشاهدڻ

اڳڪٿڻ

اڻڻ

Magnetize

Polarize

Televise

Energize

Electrify

Orbit

Observe

Predict

Atomize

Magnet

Pole

Television

Energy

Electro

Orbit

Observation

Predeiction

Atom

مٿين لفظن جو جملن ۾ استعمال هيٺ ڏجي ٿو.

Ptolemy’s model provided a reasonably accurate system for predicting the position of heavenly bodies in the sky. (page 4, Chapter 1, A Brief History of Time, Stephen Hawking).

بطليموس وارو ماڊل آسمان ۾ فردوسي اجسام جون بيهڪون اڳڪٿڻ لاءِ مناسب حد تائين تُز سرشتو هو.

The death blow to Aristotelian/Ptolemaic theory came in 1609. In that year, Galileo started observing the night sky with a telescope which had just been invented. (page 4, A brief History of Time)

بطليموس ۽ ارسطوءَ واري نظريي کي موتمار ڌڪ 1609ع ۾ لڳو. ان سان گاليليئو رات جو آسمان جو هڪ ڏور ويک سان مشاهدو شروع ڪيو، جيڪو تڏهن نئون نئون ايجاد ٿيو هو.

When he looked at the planet Jupiter, Galileo found that it was accompanied by several small satellites or moons that orbited around it. (Page 4, A Brief History of Time)

جڏهن گاليليئو مشتري گرهه تي نظر وڌي، تڏهن مٿس مشتريءَ جي چوڌاري ڪيترائي اپگرهه يا چنڊ افشان ٿيا، جيڪي ان جي چوڌاري مداري رهيا هئا.

This implied that everything did not have to orbit directly around the earch, as Aristotle and Ptolemy had thought. (Page 4, Brief History of Time)

تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته لازمي نه آهي ته هر شيءِ سڌو سنئون ڌرتيءَ کي مداري، جيئن ارسطو ۽ بطليموس سمجهندا هئا.

Antimatter is the ideal fuel that energises the spaceships of the famous TV serial Star Trek.

نس مادو ئي اهو خيالي ٻارڻ آهي، جيڪو مشهور ٽي وي سيريل اسٽار ٽريڪ Star Trek جي خلائي گاڏين کي توانائي ٿو.

مٿي ٻه پڇاڙيون ”ڻه“ ۽ ”يت“ استعمال ڪندي صفت ۽ صفت ظاهر ڪندڙ اسم سان سائنسي اصطلاح جوڙي ڏيکاريا ويا. ”يت“ پڇاڙي استعماليندي هيٺ ڪجهه ٻيا اصطلاح جوڙي پيش ڪريان ٿو.

 

برقيت

مقنايت

ميڪانت

پسرايت

Electricity

Magnetism

Mechanism

Conductivity

مگر سنڌيءَ ۾ صفت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيون پڇاڙيون به مروج آهن، جن کي استعماليندي سائنسي زبان لاءِ صفت ظاهر ڪندڙ اصطلاح جوڙي سگهجن ٿا. انهن مان هڪڙي پڇاڙي صفتن جي اظهار لاءِ استعمال ٿيندڙ، ٻي عام پڇاڙي مذڪر اسمن لاءِ ”آئتو“ ۽ مونث اسمن لاءِ ”آئتي“ آهي. مثال طور ”لاڀائتو“، ”لاڀائتي“، ”ڪارائتو“،  ۽ ”ڪارائتي“، ”قربائتو“، ”مانائتو“ وغيره، اها پڇاڙي انگريزي پڇاڙي Able جي بدل طور ڪم اچي سگهي ٿي.

 

چارجائتو

قطبائتو

مقنائتو

Chargeable

Polarizable

Magnetizable

صفتون جوڙڻ جو سنڌي زبان ۾ هڪ ٻيو به تمام نرالو ۽ آسان طريقو مروج آهي، جنهن ۾ اسم ۾ الف وجهي صفت جوڙي ويندي آهي. مثال طور، ”ڏکڻ“ مان ”ڏاکڻو“، ”ٻڪر“ مان ”ٻاڪرو“، ”شڪ“ مان ”شاڪي“ وغيره. البت سنڌي زبان جي اهڙي خاصيت جو اڃا فائدو نه ورتو ويو آهي.

ظرف Adverb جوڙڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪا خاص پڇاڙي موجود نه آهي. البت هڪ عربي پڇاڙي عربي لفظن ذريعي سنڌي زبان ۾ متعارف ٿي، مگر ٻين سنڌي لفظن ۾ ان کي پنهنجائڻ بدران اڄڪلهه ماڳهين ان جي استعمال کي ختم ڪيو پيو وڃي. اها عربي پڇاڙي ”اً“ آهي، جيڪا ”تقريباً“، عملاً، اصولاً، اندازاً، غالباً ۽ مثلاً ۾ استعمال ٿئي ٿي. اها پڇاڙي ڪيترائي سائنسي اصطلاح جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

برقيتاً

برقياتاً

مقناطاً

رياضياتاً

سائنساً

جياڀياساً

ڀون ليکاً

متبادلاً

غير معمولاً

گُپتاً/ گمناماً

Electrically

Electronically

Magnetically

Mathemetically

Scientifically

Biologically

Geographically

Alternatively

Extraordinarily

Anonimously

جملن ۾ استعمال جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:

In the atom of ordinary matter, nucleus has positive charge protons and electrically neutral neutrons.

عام مادي جي اڻي (Atom) اندرناڀ (Nucleus) ۾ واڌو چارج رکندڙ پروٽيا (Protons) ۽ برقيتاً نِپوُس (Electrically Neutral) نِپُوسيا (Neutrons) ٿيندا آهن.

ڌارين ٻولين جا لفظ اڌارڻ کان پوءِ ئي ٻولين کي وسعت ۽ اظهار جي طاقت حاصل ٿيندي آهي. گهڻي کان گهڻو سائنسي علم پنهنجي آغوش ۾ رکندڙ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ ساڳي خوبي ڏٺي وئي آهي. عام ڳالهائجندڙ توڙي علمي ادبي ۽ سائنسي انگريزي زبان ۾ ڪيترائي ڌارين ٻولين جا لفظ پنهنجايا ويا آهن، جن ۾ عربي، فرانسيسي ۽ خاص طور يوناني ٻولين جا لفظ شامل آهن. عام ڳالهائجندڙ انگريزي زبان ۾ گهڻي کان گهڻا اڌاريل لفظ فرانسيسي زبان جا آهن، جڏهن ته علمي انگريزي زبان ۾ گهڻي کان گهڻا (لڳ ڀڳ سڀ جا سڀ) اڌاريل لفظ يوناني ٻوليءَ جا آهن، عام ٻوليءَ ۾ اڌاريل فرانسيسي لفظن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

Tax, estate, trouble, duty, pay, table, boil, serve, roast, dine, religion, savior, pray, trinity, anger, wrath, ill, skill, skin, skirt, scatter, skip.

انگريزي سائنسي زبان ۾ زير استعمال لفظن جو بنياد يوناني آهي ته اڳياڙيون، پڇاڙيون ۽ وچياڙيون وري انگريزي آهن. مثال طور، Thermometer, Pnumatics, Robotics, Denstistry, Chemistry, Chromatic وغيره. ڪن حالتن ۾ ته اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون به غيرانگريزي آهن. مثال طور Phonology, Microbiology, Microscope, Telephone وغيره.

جهڙيءَ ريت سنڌي زبان ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ شامل ٿيڻ سان گڏ ڪجهه واحد جمع جا قاعدا به رائج ٿي ويا، تيئن انگريزي زبان ۾ به فرانسيسي ٻوليءَ جا لفظ شامل ٿيڻ سان فرانسيسي جمع ڪرڻ وارو اصول رائج ٿي ويو. مثال طور سنڌيءَ ۾ فرائض، اسباب، حاصلات، معاشيات وغيره رائج ٿي ويا آهن، جڏهن ته انگريزي زبان ۾ سمورن اسمن جو جمع پڇاڙيءَ ۾ n هڻڻ سان ٿيندا هئا. اڄ اهڙا چند لفظ رهجي ويا آهن. مثال طور، Oxen ۽ Children جڏهن ته هاڻوڪو s لڳائي جمع بنائڻ وارو طريقو فرانسيسي ٻوليءَ کان ورتو ويو آهي. ڪن حالتن ۾ جمع بنائڻ واري اها ترڪيب سنڌيءَ ۾ اختيار ڪرڻ تمام ڪارگر ٿابت ٿئي ٿي، خاص طور انهن لفظن ۾ جيڪي انگريزي زبان کان ئي اڌاريا ويا هجن. جمع ڪرڻ لاءِ s پڇاڙي تڏهن به استعمال ڪرڻ فائديمند ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسم منجهان مونث مذڪر جي تفريق مٽائڻي هجي.

فعل مان اسم جوڙڻ:

مٿي مون اسمن مان فعل ٺاهڻ واري ميڪانيت (Mechanism) بيان ڪئي. مگر ڪيترين حالتن ۾ انهن ئي ٺاهيل فعلن مان وري اسم جوڙڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. ڪنهن عمل يا پراسيس کي ظاهر ڪندڙ انگريزي سائنسي اصطلاحن کي اڪثر ٻن پڇاڙين zation يا tion ۽ ing مان ڪا هڪ هوندي آهي. وياڪرڻ جي لحاظ کان اهي اصطلاح اسم هوندا آهن، مگر انهن جو مصدر اڪثر فعل ئي ٿو. مثال طور، Magnetize مان Polarize, Magnetization مان Automate, Polarization مان Atomize Automation مان Atomization وغيره. انهن مان ڪجهه اصطلاح سنڌيائڻ لاءِ ”ڪاري“ ۽ ڪجهه لاءِ وري ”آءُ“ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ”آءُ“ اها ئي پڇاڙي آهي، جيڪا ”ورجاءُ“ ”ٽڪراءُ“ ۽ ”پڇتاءُ“ جهڙن لفظن ۾ استعمال ٿيل آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:

 

اڻڻ (فعل)

Atom

اڻڪاري

Atomization

چارجڻ (فعل)

Charge

چارجڪاري

Charging

قطبڻ (فعل)

Polarize

قطبڪاري

Polarization

مقنائڻ (فعل)

Magnetiz

مقناءُ

Magnetization

عددڻ (فعل)

Digitize

عددڪاري

Digitization

پسرائڻ (فعل)

Conduct

پسراءُ

Conduction

خودڪارڻ (فعل)

Automate

خودڪاري

Automation

آيونڻ (فعل)

lonize

آيونڪاري

Lonization

ٻيلو (اسم)

Forest

ٻيليڪاري

Forestation

ماڊل (اسم)

Model

ماڊلڪاري

Modelling

ڪجهه ٻيون ترڪيبون:

جيتوڻيڪ ڪيترا ڀيرا اسان کي انگريزي سائنسي علم ۾ مروج ڪجهه اسم جيئن جو تيئن خاص سنڌيءَ ۾ اختيار ڪرڻا به پوندا، پر ڪن حالتن ۾ انهن کي هڪ مخصوص پڇاڙي به هڻڻي پوندي ته جيئن اهي گهربل مطلب ڏئي سگهن. اهڙو هڪڙو مثال اَڻي (Atom) جي ذرڙن (Particles) جا نالا آهن. اڻي جا ٽي بنيادي ذرڙا Proton, Electron ۽ Neutron چوائيندا آهن، جيئن ته Electric, Electronics, Electronic, Electricity ۽ Electron جو بنياد ساڳيو آهي. اهو نامناسب ٿيندو ته سنڌي سائنسي ادب ۾ Electronics جي بدل طور ”برقيات“ استعمال ڪجي ۽ Electron جي لاءِ وري ”اليڪٽران“ ئي لکجي. مطلب ته Electron جو بدل به بنيادي لفظ ”برق“ مان ئي ٺهڻ گهرجي. ٽنهي ذرڙن جي نالن ۾ قابل غور ڳالهه اها آهي ته اهي ٽئي ٻن اکرن on سان ختم ٿين ٿا. بعد ۾ اڻي جا اندر جيڪي به ننڍا ذرڙا لڌا ويا آهن، تن تي on سان ئي ختم ٿيندڙ نالا رکيا ويا، ته جيئن اهي اڻوي ذرڙا هئڻ جو فهم ڏئي سگهن. تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو ته سنڌي اصطلاح ٺاهڻ ۾ به اهڙو خيال رکيو وڃي. Neutron نالو انگريزي لفظ Neuter يا Neutral مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نِپُوس“ يعني ”ڪا به جنس نه رکندڙ“. منهنجي خيال موجب انهن ٽن اصطلاحن جا بدل هيٺينءَ ريت رکجن ته غلط نه ٿيندو.

 

برقيو

پروٽيو

نپوسيو

Electron

Proton

Neutron

 

اهي ٽئي لفظ ”يو“ تي ختم ٿين ٿا. لفظ ”برقيو“ تمام بامعنيٰ محسوس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد اهو ئي آهي، جيڪو ”برقيات“، ”برقيت“، ”برقي“ ۽ ”برقڻ“ جو آهي؛ جڏهن ته لفظ ”پروٽيو“ ساڳي انگريزي لفظ Proton مان ئي ورتل آهي. مگر هڪجهڙائي، خاطر ان کي به ”يو“ پڇاڙي هنئي وئي آهي.

سائنسي اصطلاحن ۾ اڳياڙين جو استعمال

سائنسي اصطلاحن ۾ اڳياڙين جي تمام گهڻي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي استعمال سان موجود اصطلاحن مان ڪيترائي ٻيا اصطلاح جوڙي سگهجن ٿا، جيڪي اصل اصطلاحن جا ضد هجن يا انهن جا هم معنيٰ هجن. انگريزي سائنسي اصطلاحن ۾ عام طور اڳياڙيون A, Dis, Re, Avit, De, Non, Un آهن. انهن مان Re کي ڇڏي باقي سڀ جون سڀ اڳياڙيون ناڪاري معنيٰ رکن ٿيون. جڏهن ته Re اڳياڙي ورجائپ کي ظاهر ڪري ٿي، ان جو آسان سنڌي بدل ”ور“ آهي. مثال طور ڪجهه اصطلاح هيٺ پيش ڪجن ٿا:

 

ورچارجڪاري

ورمقناءُ

ور قطبڪاري

ور ٻيليڪاري

Recharging

Remagnetization

Repolarization

Reforestation

 

ناڪاري پڇاڙين مان De  ۽ Dis جو استعمال ڪو عمل يا پراسيس ظاهر ڪندڙ فعل توڙي اسمن سان ٿيندو آهي. Ing پڇاڙيءَ سان ختم ٿيندڙ اصطلاحن کي Dis اڳياڙي هنئي ويندي آهي، جڏهن ته tion پڇاڙيءَ سان ختم ٿيندڙ اصطلاحن کي De اڳياڙي هنئي ويندي آهي. جيئن Discharging ۽ Antibiotic. اهڙيءَ طرح Dis ۽ De جو مناسب سنڌي بدل ”نِر“ آهي، جڏهن ته Anti جي بدل طور سنڌي اڳياڙي ”نِس“ ڪم آڻي سگهجي ٿي. Dis جي جاءِ تي ”نِر“ جي استعمال جا ٻه مثال ”نِر آس“ ۽ ”نِر موهيو“ آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ ترتيبوار Disappointment ۽ Disliked چئجي ٿو.

نِرچارجڻ

Discharge

نِرچارجڪاري

Discharging

نِرمقنائڻ

Demagnetize

نِرمقناءُ

Demagnetization

نِر ٻيليڪاري

Deforestation

نِر قطبڻ

Depolarize

 

 

نِر قطبڪاري

Depolarization

نِس مادو

Antimatter

نس برقيو

Anti Electron

نِس پروٽيو

Anti Proton

نِس نپوسيو

Anti Neutron

نِس جياڪ

Antibiotic

جڏهن ته Non, Un ۽ In اڳياڙين لاءِ ”غير“، ”اڻ“ ۽ ”ا“ اڳياڙيون استعمال ٿي سگهن ٿيون.

نوعيت ظاهر ڪندڙ اڳياڙيون

ڪجهه اڳياڙيون جهڙوڪ: Mini, Ultra, Infra, Mis ڪن طبيعاتي مقدارن جي نوعيت، مثال طور، گهٽ، وڌ، سٺو، خراب ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن. انهن مان Mis اڳياڙي ”غلط“ يا ”خراب“ جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. جڏهن ته Infra ۽ Ultra اڳياڙيون ترتيبوار ”گهٽ“ يا ”هيٺ“ ۽ ”مٿي“ يا ”گهڻو“ جون معنائون ظاهر ڪن ٿيون. ڪيترين ئي جاين تي Mis جو مناسب بدل ”ڪ“ يا ”بد“ ۽ Mini جو بدل ”ننڍ“ ٿي سگهي ٿو.

 

اترڪاسني

Ultra Voilet

اتُر آواز

Ultra Sound

ننڍ ڪمپيوٽر

Mini Computer

ننڍيل

Miniaturized

ننڍڪاري

Miniaturization

ماپ واريون اڳياڙيون

ڪجهه اڳياڙيون، جهڙوڪ Pice, Nano, Micro, Centi, Mili, Mega, Kilo ۽ Tera وغيره ماپ کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ اڪثر ڪري ايڪن سان گڏ استعمال ٿينديون آهن. انهن مان پهريون چار اڳياڙيون ايڪي کان ننڍيون ماپون ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، ته آخري ٽي اڳياڙيون ايڪي کان وڏيون ماپون ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، البت ماپ جي ايڪن کان سواءِ اهي اڳياڙيون ڪجهه ٻين لفظن سان گڏ پڻ ڪم اينديون آهن.

جيئن ته Kilo اڳياڙي تمام گهڻي عام ٿي وئي آهي، تنهن ڪري ان جو بدل ڳولڻ جي ضرورت نه رهي آهي، توڙي ان جي معنيٰ ”هزار“ آهي ۽ ان جو سنڌي بدل ”سهس“ رکڻ ممڪن آهي؛ ”مائڪرو Micro“ هڪ يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”تمام ننڍڙو“ آهي. ان جو سنڌي بدل ”پٿ“ رکڻ مناسب ٿيندو. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها اڳياڙي ڪيتري ته سليس ۽ اثرائتي آهي.

 

پِٿ

پِٿ ڪمپيوٽر

پٿ ميٽر

پِٿ برقيات

پِٿ لهر

پِٿ وايو

پِٿ جياڀياس

Micro

Micro Computer

Micro meter

Micro electronics

Micro wave

Micro phone

Micro biology

Pico اهڙو ٻيو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”ننڍو“ آهي، مگر اهو لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي. جديد لاطيني ٻولين جهڙوڪ اطالويءَ ۾ Picolo لفظ عام مروج آهي، جنهن جي معنيٰ ”ننڍڙو“ آهي. انجنيئرنگ ۾ اها هڪ جي ڏهه کربين حصي کي ظاهر ڪري ٿي. ساڳي ئي معنيٰ سان Nano اڳياڙي به مروج آهي، جيڪا انجنيئرنگ ۾ هڪ جي اربين حصي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ان جي بدل طور پراڻي سنڌيءَ جو لفظ ”سوکيم“ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي معنيٰ پڻ ”تمام ننڍڙو“ آهي. مثال طور:

سوکيم برقيات

سوکيم ٽيڪنيڀياس

سوکيم ميٽر

سوکيم فيراڊ

Nano Electronics

Nano Technology

Nano meter

Nano Farad

هڪ مشهور اڳياڙي

انجنيئرنگ جي شعبي ۾ Tele هڪ اهم اڳياڙي آهي، جيڪا تمام گهڻن اصطلاحن ۾ استعمال ٿي ٿئي، جيئن ته ان لفظ جي معنيٰ ”پري“ آهي، تنهن ڪري ان جو مناسب سنڌي بدل ”ڏور“ آهي.

 

ڏور وايو

ڏور وائي

ڏور طب

ڏور ڏيک

ڏور ويک

ڏور ماپ

Telephone

Telephony

Telemedicine

Television

Telescope

Telemetry

پڇاڙيءَ بدران اڳياڙي

انگريزيءَ ۾ ”بنا“ جي معنيٰ ۾ هڪ پڇاڙي less استعمال ٿيندي آهي. مثال طور Cordless, Wirless وغيره. ان جي بدل طور سنڌيءَ ۾ پڇاڙيءَ بدران اڳياڙي سونهندي. اها ڳالهه ان مان ئي ظاهر آهي ته لفظ ”بنا“ به اڳياڙيءَ طور استعمال ٿيندو آهي. مگر ”بنا“ کانسواءِ پراڻي سنڌيءَ جو هڪ تمام سٺو لفظ ”ري“ به مروج هو، جيڪو سائنسي ۽ ٽيڪني اصطلاحن ۾ تمام گهڻو سونهندو.

ري تار

ري تار ربطيات

ري تند

ري بگاڙ

Wirless

Wirless Communication

Cordless

Distortionaless

علمن جو اسم خاص:

سائنسي علمن جا Self-explanatory سنڌي نالا رکڻ به لازمي آهن. ڪيترن علمن جا نالا توڙي جو اڳي ئي مروج آهن. مگر اهي ايترا سليس ۽ فصيح نه آهن، جن مان آسانيءَ سان وابسته ٻيا به سمورا اصطلاح جڙي سگهن. مثال طور، Biology جو عام بدل ”علم حياتيات“ آهي، جيڪو درسي ڪتابن ۾ استعمال ڪيل آهي. مگر اهو خود ٻن الڳ ٿلڳ لفظن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري ٻين سائنسي اصطلاحن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مثال طور Biological ۽ Biologically لاءِ سنڌي بدل ٺاهڻ ناممڪن ٿي پيو آهي، پر جيڪڏهن اسان لفظ Biology جي بدل طور هڪ ئي لفظ رکون ته باقي اصطلاح ٺاهڻ به ممڪن ٿي پوندا. اسين ان جو بدل به بلڪل ايئن ئي ٺاهي سگهون ٿا، جيئن اهو اصطلاح پاڻ جڙيل آهي. لفظ Biology ٻن لفظن ۾ يعني Bio ۽ logy جو مرڪب آهي. جڏهن ته انهن مان پهرين لفظ جي معنيٰ آهي حيات يا زندگي ۽ ٻي لفظ جي معنيٰ آهي اڀياس، مطالعو يا علم. ان کي سامهون رکندي هيٺيان اصطلاح جوڙي پيش ڪريان ٿو:

 

جياڀياس

Biology

جيا ڀياسي

Biological

جياڀياسا

Biologically

جياڀياسدان/ جيادان

Biologist

جياطِب

Biomedical

 

ساڳيءَ ريت:

ٽيڪنيڀياس

Technology

ڀون ڀياس

Geology

ڀون دان

Geologist

حيوان ڀياس

Zoology

وايو ڀياس

Phonology

نفسيات/ نفس ڀياس

Psychology

ٻوٽاڻ

Botane

ٻوٽاڻ ڀياس

Botany

روبوٽ ڀياس

Robotology

ڪيترن ئي ٻين علمن جي نالن ۾ ics پڇاڙي ٿيندي آهي. مثال طور، Physics, Mathematics, Electronics ۽ Machanics وغيره اهڙن علمن جا بدل آسانيءَ سان ”يات“ پڇاڙي لڳائي جوڙي سگهجن ٿا. مثال طور:

 

برقيات

Electronics

طبعيات

Physics

رياضيات

Mathematics

ميڪانيات

Mechanics

لسانيات

Linguistics

ربطيات

Communications

اپگرهه ربطيات

Satellite Communications

ڏور ربطيات

Telecommunications

ڪيميات

Chemistry

فلڪيات

Astronomy

جيتوڻيڪ ”يات“ هڪ عربي پڇاڙي آهي، پر اسان اها انگريزي، فارسي ۽ خالص سنڌي لفظن سان به جوڙي سگهون ٿا. مثال طور هيٺ ڪجهه اصطلاح پيش ڪجن ٿا:

 

روبوٽيات

ميڪانيات

چشميات

چشمياتي ريشمو

ريش چشميات

Robotics

Mechanics

Optics

Optical Fibre

Fibre Optics

ڪن صورتن ۾ ڪجهه وچياڙيون به استعمال ڪرڻيون پونديون آهن، جيئن انگريزي اصطلاح Phonetics ۾، جيڪو بنيادي لفظ Phone مان نڪتو آهي. اتي t وچياڙيءَ طور ڪم آئي آهي.

 

وايوڪيات

وايوم

وايوميات

Phonetics

Phoneme

Phonemics

مٿي ڏنل مثالن مان محسوس ٿيندو ته سمورين غير موافق حالتن مان گذرڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري وسعت ۽ بلاغت آهي، جو اها سائنسي علم جي ترجمي، تاليف ۽ حاصلات جو هڪ بهترين ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي. ضرورت صرف ان عزم جي آهي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ان ۾ سائنسي علم تحرير ڪرڻ جو پختو بنياد وجهون ۽ سنڌ جي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترويج لاءِ مناسب قدم کڻون.

 

]ماهوار پيغام، ڪراچي، جنوري، 2005ع[