سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569547   ڀيرا پڙهيو ويو

انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ( مظهر يوسف/ آفتاب ابڙو)


مئڪس ميولر پنهنجي ڪتاب ”ٻولين جي سوانح“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي قديم ٻولين مان هڪ آهي“. هو اڳتي لکي ٿو ته ”جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا ته هنن کي معلوم ٿيو ته سنڌؤ جي ٻنهي ڪپن سان آباد ماڻهو هڪ ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪا زنده ۽ سنسڪرت کان مختلف ۽ اوائلي آهي، جيڪا 4500 سال قديم ٿيندي.

انهيءَ ڊگهي عرصي اندر، سنڌي ٻوليءَ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا هوندا ۽ انهيءَ جي عالمن ڪن ڏکين ڏينهن ۾ پاڻ پتوڙيو هوندو.

منهنجي نظر ۾، سنڌي ٻوليءَ جيڪي وڏا عالم ڏٺا، اُهي برطانوي دؤر جي شروع واري عرصي جا هئا. انهن ۾ بارٽل فريئر، جيڪو 1851ع کان 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو، فريئر جا مددگار: ايلس، بيلاس، جيڪب، ٽرمپ، اسٽئڪ ۽ رچرڊ برٽن هئا، جن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان دؤران سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا رائج هئا. انهن کان علاوه فارسي دفتري ٻوليءَ طور ڪتب ايندي هئي، جنهن کي نه صرف روايتي مذهبي تعليم ڏيندڙ آخوند استعمال ڪندا هئا، پر هندو عامل به اختيار ڪندا هئا، جيڪي ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي دؤرن ۾ مکيه عملدار هئا، پر عام ماڻهو جيڪي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد هئا، اُهي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ڳالهائيندا هئا. سندن لکت جو نمونو به لهجن جيان پيچيدو ۽ مختلف هو.

انگريزن لاءِ فارسي توڙي سنڌي ٻئي ڌاريون ٻوليون هيون. تڏهن به ڪن ڊگهي نظر رکندڙ انگريز عملدارن، روينيو اوڳاڙيندڙن ۽ عدالتي اهلڪارن فيصلو ڪيو ته عام ماڻهن سان سندن ٻوليءَ ۾ ڳالهائجي. اهڙيءَ طرح هنن سنڌيءَ کي فارسيءَ تي فوقيت ڏني. مٿين راءِ کي ذهن ۾ رکندي انگريز عملدارن، ٿوري عرصي اندر ٻه اهم پروگرام شروع ڪري ڏنا، جنهن سان سنڌيءَ ٻوليءَ کي دفتري ٻولي طور رائج ڪرڻ ۾ سٺي هٿي ملي، انهن ۾ هڪ هو- روينيو رڪارڊ سنڌيءَ ۾ لکڻ؛ ٻيو هو صوبي ۾ فوري طور اسڪول کولڻ ته جيئن سنڌي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي انگريزي تعليم ڏئي سگهجي. شروع ۾ انگريز پوري طرح سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ طور اختيار نه ڪري سگهيا، ان جو وڏو سبب اهو هو جو اها ڪيترن ئي نمونن ۾ لکي ٿي ويئي. تقريباً هر لهجي لاءِ الڳ خط هو، انهن ۾ ڪابه هڪجهڙائي نه هئي. سنڌ جا هندو عامل ۽ آخوند فارسي ٻوليءَ ۾ ڀَڙُ هئا، ته ساڳئي وقت هو سنڌي ٻولي عربي خط ۾ لکڻ جا به ماهر هئا. هندو ڀائيبند واپاري مقصدن لاءِ ديوناگريءَ جو هڪ نمونو استعمال ڪندا هئا، جنهن کي شخصي لهجو سڏيندا هئا. باقي سڄي پرڳڻي ۾ ڊزن کن ٻيا خط رائج هئا، جن کي مسلمان توڙي هندو استعمال ڪندا هئا. حقيقت ۾، انهن مان ڪيترائي هٽڪي لهجا، جيئن خواجڪي ۽ ميمڻڪي وغيره غير عربي خط ۾ لکيا ويندا هئا. حالانڪه خواجا ۽ ميمڻ مسلمان هئا، پر پوءِ به هو غير عربي خط استعمال ڪندا هئا.

جيئن ته روينيو ۽ واپار نون حڪمرانن جو بنيادي مسئلو هو، ان ڪري، هو فطري طور فوراً واپاري طبقي سان لهه وچڙ ۾ آيا، جيڪي ناگري خط استعمال ڪندا هئا، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. انهن انگريز حڪمرانن مان ڪيترن کي ديوناگريءَ سان واهپو رهيو هو؛ ڇاڪاڻ ته اهو خط هندستان جي ٻين ڪيترن ئي صوبن ۾ رائج هو، اوائلي انگريز عملدارن ۾ ڪيپٽن اسٽئڪ کي انهيءَ خط تي چڱي دسترس حاصل هئي، سو هن (انگريز عملدارن جي آسانيءَ خاطر) چڱي جاکوڙ کان پوءِ ’انگريزي- سنڌي‘ ڊڪشنري تيار ڪئي، جنهن ۾ هن ديوناگري خط استعمال ڪيو. جنوري 1849ع ۾ اسٽئڪ ڪمشنر کي لکيو ته ”ان ڊڪشنريءَ جي قيمت مقرر ڪري ۽ ان ڊڪشنريءَ واسطي هن جيڪو هڪ پنڊت رکيو هو، ان تي آيل خرچ ڀري ڏئي.“ بمبئي حڪومت ان ڊڪشنريءَ جي ٻه رپيا اٺ آنا قيمت مقرر ڪئي ۽ کيس اختيار ڏنو ته ڪيل خرچ سرڪاري خزاني مان ڪڍائي.

حڪومت ان ڊڪشنريءَ جون 250 ڪاپيون به خريد ڪيون، جيڪي پوءِ سرڪاري ادارن کي وڪيون ويون.

ان کان اڳ بمبئي حڪومت، سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري رهي هئي ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سوِل توڙي ملٽري آفيسرن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ تمام ضروري آهي، ته جيئن هو عام ماڻهن سان چڱي طرح لهه وچڙ ۾ اچي سگهن، ان ڪري ان سلسلي ۾ حڪومت، سنڌ جي ڪمشنر کي جون 1848ع ۾ هدايت ڪئي ته هُو ٽن ميمبرن تي مشتمل هڪ امتحاني ڪاميٽي مقرر ڪري، جيڪا سنڌي ٻوليءَ بابت امتحان ۾ ويهندڙ آفيسرن جو امتحان وٺي.

ان کان پوءِ اپريل 1849ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر، بمبئيءَ جي گورنر کي هڪ ليٽر لکي زور ڀريو ته صوبي ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي اختيار ڪيو وڃي. جيتري قدر لپيءَ جو سوال هو ته ان لاءِ ’خداوادي خط‘ لاءِ سفارش ڪئي وئي ۽ اهو به ڄاڻايو ويو ته ان ۾ ڪجهه سُرن (Vowels) جو اضافو ڪيو وڃي. ان صورتحال ۾ ڏسڻ ۾ اهو ٿو اچي ته تڏهوڪو ڪمشنر ]ان دوران مسٽر پرنگل سنڌ جو ڪمشنر هو، جنهن 1850ع ۾ استعفيٰ ڏني هئي.[ مسٽر اسٽئڪ کان مختلف راءِ جو نظر اچي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ڪيپٽن اسٽئڪ ان موضوع تي آگسٽ 1848ع ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪري چُڪو هو. بهرحال بمبئيءَ جو گورنر، ڪمشنر جي راءِ سان سهمت ٿيو ۽ جولاءِ 1849ع ۾ کيس لکي موڪليائين ته ’خداوادي خط‘ اختيار ڪيو وڃي.

بمبئي سرڪار ٻن سالن کان پوءِ هڪ وڌيڪ حڪم نامو موڪليو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ هر سرڪاري وهنوار لاءِ اختيار ڪيو وڃي. اهڙو ليٽر بمبئي سرڪار، سنڌ جي ڪمشنر کي 30 مئي 1851ع تي موڪليو. جڏهن ته بمبئي سرڪار ان وقت اهو ٿي ڄاتو ته سنڌي ٻوليءَ جو خط صرف ديوناگري آهي، ڇاڪاڻ ته ان عرصي ۾ سرڪار ڪيپٽن اسٽئڪ جي ڊڪشنري خريد ڪري چُڪي هئي. ان ڪري هڪ ڀيرو وري 8 ڊسمبر 1851ع تي ڪمشنر کي خط لکيو ويو ۽ کيس صلاح ڏني وئي ته اسٽئڪ جو تجويز ڪيل خط ديوناگري، سنڌي ٻوليءَ لاءِ اختيار ڪيو وڃي، پر خيال پرست فريئر کي انهيءَ منجهائيندڙ مسئلي بابت پنهنجا الڳ ويچار هئا.§ هي صاحب نه صرف گورنر سان هم خيال نه ٿيو، پر 6 سيپٽمبر 1851ع تي بمبئي حڪومت کي هڪ خط لکيائين، جنهن ۾ سنڌيءَ لاءِ ’عربي خط‘ اختيار ڪرڻ جي ڀرپور وڪالت ڪيائين.

بمبئي سرڪار سندس دليلن کي مڃيو ۽ عربي خط اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ان کان پوءِ ڪمشنر سڀني ڪليڪٽرن، پوليس جي ڪيپٽنس ۽ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عملدارن کي، ان نئين فيصلي بابت آگاهه ڪيو. هاڻي بارٽل فريئر جي سرپرستيءَ ۾ سنڌي ٻولي صوبي ۾ سرڪاري زبان طور رائج به ٿي ته عربي خط اختيار ڪرڻ جو فيصلو به ٿيو، پر مسئلو اڃا ختم نه ٿيو، بلڪه نئين سر شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته اسٽئڪ آسانيءَ سان پنهنجي موقف تان هٽڻ وارو نه هو. ان کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته انگريز عملدارن ۾ لپيءَ جي مسئلي تي هڪ مزيدار بحث ڇڙي پيو. ان اعليٰ معيار واري بحث ۾ هڪ طرف ڪيپٽن اسٽئڪ هو ته ٻئي طرف برٽن ۽ ٽرمپ هئا. جڏهن ته فريئر ۽ ايلس پري کان مزو ڏسي رهيا هئا.

برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ جيڪو 1851ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ۾ ان اختلاف جي پسمنظر تي تفصيلي روشني وڌي آهي. اهو پسمنظر سندس ’يادداشت نامي‘ (Memorandum) تي انحصار رکي ٿو، جيڪو هن تيار ڪري ڪمشنر کي 2 مئي 1848ع تي پيش ڪيو هو. هرهڪ خط جي خوبيءَ تي لکڻ کان پوءِ برٽن عربيءَ جي نسخ خط جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. سندس خيال مطابق اهو خط حالتن جي گهرج مطابق هو ۽ پڻ ان خط جي ذاتي خوبيءَ کي مڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته الجيريا کان گنگانديءَ ۽ بخارا کان سيلون تائين استعمال ان جو مثال آهي. صدين کان اهو واهپي ۾ رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي ٻولين لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو آهي. اهو معمولي واڌاري ۽ سڌاري سان ايشيا جو بهترين خط ٿي سگهي ٿو. اهو ممڪن نه آهي ته ڪو جديد رومن طرز جا اکر انهيءَ جي جاءِ ڀري سگهندا ۽ نه ئي اهي اکر تمدن جي ترقيءَ سان پٺتي پوندا. ]ص: 145[

ٽرمپ، برٽن جو اهو يادداشت نامو 28 آگسٽ 1848ع تي حاصل ڪيو هو ۽ برٽن جي دليلن کان قائل ٿيو. اهوئي سبب آهي جو ٻئي سنڌيءَ لاءِ عربي خط جا حامي رهيا.§

برٽن سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ صرف عربي، خط تي اڪتفا نه ڪئي، پر هن خط نستعليق ۽ شڪسته تي خط نسخ کي ترجيح ڏيڻ لاءِ زور ڀريو. ان کان به وڌيڪ هن سنڌيءَ لاءِ هڪ مخصوص صورتخطي تيار ڪئي ۽ پنهنجي انداز سان ٽٻڪا ڏنا.¨ هن، ڪجهه سنڌي ڪتابن جي فهرست به تيار ڪري ورتي، جيڪي عربي خط ۾ لکيل هئا. اڃا اهو بحث هلي رهيو هو ته مسٽر ايلس، جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر ]حيدرآباد[ هو ۽ پڻ تعليم کاتي جو انچارج هو، فريئر جي چوڻ تي ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جن جي مشوري سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ معياري خط تيار ڪري سگهجي. ان ڪاميٽيءَ ۾ راءِ بهادر جڳناٿ، خانبهادر مرزا صادق علي بيگ، ديوان پرڀداس، آنند رام چنداڻي، ديوان اڌارام ميرچنداڻي، ديوان ننديرام، ميان محمد علي، قاضي غلام علي، ميان غلام حسين ٺٽوي©.

ڪاميٽيءَ مسئلن جو جائزو ورتو ۽ ڪن انتها پسند تجويزن تي پڻ غور ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته هڪڙي آواز لاءِ مختلف اکرن کي ختم ڪيو وڃي. جيئن ا، ع، ء، ت، ط، س، ص، ث، ض، ذ، ز وغيره. بدقسمتيءَ سان جهڙيءَ ريت ان دؤر ۾ انهن هم آواز حرفن تي غور ڪيو ويو هو، اهو بحث اڄ به سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ هلي رهيو آهي ته انهن حرفن کي ڪيئن گهٽائجي. آخر ۾ ڪمشنر يورپي ماهرن: گولڊ سمٿ، ٽرمپ، اسٽئڪ، برٽن ۽ ايلس سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ هڪ صورتخطي ترتيب ڏني، جنهن ۾ 23 حرف عربيءَ جا، فارسيءَ جا ڪجهه حرف ۽ 20 نوان حرف کنيا ويا، جيڪي مخصوص سنڌي آوازن جي نمائندگي ڪري ٿي سگهيا.ª

ائٽڪن جي لکڻ مطابق ڪاميٽيءَ کي ڪلڪتي جي فورٽ وليم ڪاليج جي تجربي کان به آگاهه ڪيو ويو هو، جتي اردؤ لاءِ هڪجهڙي لپي تيار ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ ڪيئي ڪتاب ڇپايا ويا هئا.§

ساڳئي وقت فريئر اهو به فيصلو ڪيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ ضروري آهي ته هو تقرريءَ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ لياقت/ اهليت جو سرٽيفڪيٽ تعليم کاتي کان حاصل ڪن. هيٺين درجن جي ملازمن لاءِ اهو طئي ڪيو ويو ته هو جيستائين سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس نٿا ڪن، تيستائين سندن نوڪري جو عرصو (مشروط) عارضي ليکيو ويندو. واضح رهي ته سر جارج ڪلرڪ بمبئي جي گورنر کي اپريل 1848ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ”اسان کي ملڪ جي ٻولي (سنڌي) سرڪاري زبان طور رائج ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مون کي نٿو سُجهي ته اسان جا روينيو ۽ عدالتي عملدار ڪهڙي ريت ڌاري زبان فارسي يا انگريزيءَ ۾ مؤثر نموني ڪم هلائي سگهندا. ان ڪري 18 مهينن جو مدو سوِل عملدارن کي ڏنو وڃي ته جيئن هو سنڌي ٻوليءَ بابت امتحان جي تياري ڪري سگهن. ان دوران اسٽئڪ، جنهن اڳ ’انگريزي- سنڌي ڊڪشنري‘ تيار ڪئي هئي، پنهنجي ٻي ’سنڌي- انگريزي‘ ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ان ڊڪشنري لاءِ به هن زور  ڀريو ته  ديوناگري  لپيءَ ۾  شايع ڪئي وڃي. اسٽئڪ 1853ع ۾ وفات ڪئي ۽ اها ڊڪشنري 1855ع ۾ شايع ٿي. ان ڊڪشنريءَ تي ڪل 14ء 2496 روپيا خرچ آيو، ۽ ڪل 500 ڪاپيون شايع ٿيون ۽ ان جي قيمت في ڪاپي 8 ء 5 رپيا مقرر ڪئي وئي.·

اسٽئڪ اڃا به زور ڏيندو رهيو ته سنڌيءَ لاءِ ديوناگري خط اختيار ڪيو وڃي؛ پر هاڻي ڪافي دير ٿي چُڪي هئي، نئين عربي- سنڌي خط ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چُڪا هئا.

آخر ڪمشنر بارٽل فريئر 25 مارچ 1857ع تي پرڳڻي جي سڀني ڪليڪٽرن ڏانهن هدايتون جاري ڪيون ته روينيو سان گڏ عدالتن لاءِ سنڌي ٻولي اختيار ڪئي وڃي.

 

]ماهوار پيغام، ڪراچي، 1992ع[

 

 

  • ]مسٽر پرنگل کان پوءِ فريئر کي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن سندس عمر فقط 35 سال هئي. ڪائونسل سندس تقرريءَ تي اعتراض ڪيو هو، پر گورنر لارڊ فاڪلينڊ کي سندس صلاحيتن تي پورو ڀروسو هو. ڪائونسل جو خيال هو ته سنڌ ۾ ڪو تجربيڪار عملدار رکيو وڃي، جيڪو سنڌ جي منفرد مزاج رکندڙ ماڻهن سان منهن ڏئي سگهي.[ (سنڌيڪار)
  • ]ٽرمپ سنڌيءَ لاءِ عربي خط جو ته قائل هو، پر ان لاءِ هن اڃا به وڌيڪ سڌارن تي زور ڏيڻ ٿي چاهيو، پر جيئن ته ابتدا ۾ مسئلو اهو هو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري خط اختيار ڪجي يا عربي، سو ٽرمپ به برٽن جو ان معاملي تي حامي ٿيو، ٽرمپ لپيءَ ۾ مناسب سڌارن لاءِ جيڪي رايا رکندو هو. اُهي، هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌيءَ ٻوليءَ جو گرامر“ ۾ ڏنا آهن ۽ عملي طور پنهنجي ترتيب ڏنل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ ان طرز جو خط اختيار ڪيو آهي، جيڪو رسالو هن پنهنجي اباڻي شهر لپزگ (جرمني) مان 1866ع ۾ ڇپايو هو.[ (سنڌيڪار)

 

¨  ]برٽن جي انهيءَ حرڪت سان اسان کي اختلاف آهن ۽ سنڌي الف- ب بابت منهنجي مضمونن جو مرڪزي نقطو به اهو آهي، ته برٽن جي تخريبي ذهن، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي راهن کي ٻنڊو ڏئي ڇڏيو. ان حرڪت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي برٽن جي زندگي ۽ سڀاءَ بابت پڙهڻو ۽ پرکڻو پوندو. ان سان گڏ، ان ڏهن ٻارهن سالن جي حالتن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪرڻو پوندو. ]برٽن جي زندگيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏسو: سنڌيڪا بليٽن شمارو 2- ڊسمبر، جنوري 92[

©    ]سڀ کان پهريائين ته جيئن مظهر يوسف صاحب ٻڌايو آهي ۽ اسان جي ادبي تاريخن جي ليکڪن به لکيو آهي ته ”ٻوليءَ جي ماهرن جي ڪاميٽي“، سو بلڪل غلط آهي. انهن مان ڪوبه ٻوليءَ جو ماهر نه هو. ڪي چڱا ليکڪ هئا، ته ڪي وري تعليم جا ڄاڻو. انهن کي ‘Linguist’ يا ماهر لسان سڏڻ مناسب نه ٿيندو. اسان ان موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ منهنجا ڪجهه مضمون هلال پاڪستان ۾ اچي چُڪا آهن، جن مان ڪن ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي تعليمي ڄاڻ، علمي ڪارنامن ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن جو تفصيل ڏنل آهي. منهنجي تحقيق موجب جنهن مفهوم ۾ سمجهيو ٿو وڃي، اهڙي ڪابه ڪاميٽي ڪانه ٺهي هئي. ڪاميٽي ٺهڻ جو جيڪو سال ڄاڻايو ويو آهي، ان ۾ به خود اختلاف آهي، ٻيو ته ان عرصي ۾ مرزا صادق علي بيگ جي عمر ڪل اٺ نوَ سال هئي، ديوان ننديرام به سورنهن سالن جو الهڙ جوان هو، ته اهي ٻار ۽ نوجوان ڪهڙي صلاح ڏئي سگهيا هوندا. بهرحال تفصيل ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڏينداسين.[ (سنڌيڪار)

 

ª  ]اسان جي مطالعي مطابق ڪمشنر صاحب انهن يورپي عالمن سان ڪو مشورو ڪونه ڪيو هو، البت انهن عالمن، پنهنجي مختلف لکڻين ذريعي سنڌي الف- ب بابت ويچار ظاهر ڪيا هئا، جن ۾ ڪافي اختلاف شامل هئا. ان کان علاوه موجوده صورتخطيءَ ۾ عربيءَ جا 28 حرف کنيل هئا. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ادبي تاريخ ۾ لکي ٿو ته همزه ”ء“ ۽ لا (لام ڪئينچيءَ) کي جدا حرف نٿو ڳڻيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ”ء“ هڪڙي صورت آهي الف جي، ۽ لا ملاوت آهي ل+ الف جي (ص: 21) يعني ته ان دؤر ۾ ”ء“ ۽ ”لا“ کي الڳ صوتيو (Phoneme) تصور ڪيو ويندو هو. ميمڻ صاحب جو خيال آهي ته ”ء“ ننڍو سُر (Short vowel) آهي.

اسان جي خيال مطابق عربيءَ جا جيڪي حرف کنيا ويا آهن، انهن مان گهڻن حرفن جا آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ئي شامل هئا، ان ڪري سنڌي آوازن جو دائرو محض 20 تائين نه سمجهڻ گهرجي. ’اڱارو‘ جيڪو عربن کان به اڳ سنڌي ’وارُ‘ هو، ان ۾ ’الف، ء‘ موجود آهن، جيڪي عربيءَ ۾ به موجود آهن، هتي ويچار طلب نُڪتو هي آهي ته سنڌي وارن (ڏينهن) جا نالا اڌ عربي ته اڌ سنڌي ڇو آهن؟ يا ته مڪمل سنڌي هجن يا وري عربي، يا وري جڏهن اسان چوندا آهيون ته ’سنڌي تاريخ‘ ڪهڙي آهي، ته اتي سنڌي لفظ تاريخ جي ڪنهن اونهي دؤر ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. اسان جي معلومات مطابق عربن کان اڳ سنڌ ملڪ ۾ باقاعده پنهنجو ڪئلينڊر رائج هو.[

  • ]فورٽ وليم ڪاليج ۾ جيڪا اردوءَ لاءِ لپي تيار ڪئي وئي هئي. ان ۾ ڙ= ڙ، ٽ= ٿ، ڊ= ڏ لکيا ويا هئا، ان لپي مان صحيح استفادو ٽرمپ صاحب ڪيو، جو هن به شاه جي رسالي ۾ اهڙي صورتخطي استعمال ڪئي آهي.[
  • ]ان ڊڪشنريءَ جو مهاڳ ايلس لکيو آهي، جيڪو تعليمي سرگرمين لاءِ ذميوار هو. هو ڄاڻائي ٿو ته ”اسٽئڪ ان ڊڪشنريءَ لاءِ انتهائي جاکوڙ ڪئي، وڻن ٻوٽن جا نالا ۽ گاهن پنن جو ذڪر ججهو ڪيو اٿائين، جنهن جي خبر يورپي عالمن کي ڪانه هئي... انهيءَ جاکوڙ کيس جهوري وڌو ۽ اڃا ان ڊڪشنريءَ جا کيس 9 حرف پورا ڪرڻا هئا، جو وفات ڪري ويو. سندس هدايتن پٽاندڙ، اُن ڊڪشنريءَ کي ديوناگري لپيءَ ۾ شايع ڪيو وڃي ٿو“... اسان ان ڊڪشنريءَ جي اهميت ۽ افاديت جي ڪري، سنڌالاجيءَ وارن کي تجويز ڏني هئي ته سنڌي- انگريزي ڊڪشنرين جي کوٽ آهي، ان ڪري انهيءَ کي موجوده صورتخطي ۾ شايع ڪيو وڃي، پر سنڌالاجيءَ وارا انتظامي/ مالي مجبوريءَ سبب لاچار ٿي بيٺا.[