سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569555   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌي ٻوليءَ بابت لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل هي لاڳيتو پنجون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي. گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ۽ ان تي تحقيق ڪرڻ جي روايت پيل آهي، جنهن کي باقاعدي هڪ سلسلي ۾ جوڙي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ سان نوجوان محققن کي اڳتي تحقيق ڪرڻ ۾ يقيناً گهڻي سهولت ٿيندي.

موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي گهڻائي چئلينج درپيش آهن. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ استعمال ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندا وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ ان جو ڦهلاءُ ۽ ترقي سخت متاثر ٿي رهيا آهن. اهو اسان سڀني تي لازم آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ان جي تعليم کي بهتر رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون ڪريون ۽ ان جي استعمال کي درست نموني سان جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا (موبائيل فون، انٽرنيٽ، ٽي وي چئنل ۽ ريڊيو وغيره) ذريعي وسعت ڏياريون. هن ئي ڪتاب ۾ اسين ڏسون ٿا ته ڪيئن تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنسڪرت عربي، فارسي، انگريزي يا اردو ٻولين جي غلبي جي باوجود سنڌ جي عالمن اديبن کان سواءِ عام ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ کي نه صرف زنده رکيو، پر ان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڄ به اهڙائي ساڳيا بلڪ ان کان وڌيڪ خطرا سنڌي ٻوليءَ کي درپيش آهن. گلوبلائيزيشن جي نالي ۾، توڙي قومي يڪسانيت جي نعري هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي قومي حيثيت اهميت ۽ مقام کي گهٽائي محض هڪڙي علائقائي (regional) زبان ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، پر اسان کي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيئن سنڌي ٻوليءَ هڪ مضبوط ۽ بڻائتي ٻوليءَ جي صورت ۾ مذهبي، سياسي ۽ علمي طور تي غالب ٻولين سان مقابلو ڪيو ۽ نه صرف ڏکين حالتن ۾ پاڻ کي جيئرو رکيو، بلڪ ايڪيهين صديءَ تائين ترقيءَ جون منزلون طي ڪيون، ان جو جس پڪ سان ان جي ڳالهائيندڙن خاص ڪري عالمن اديبن کي ملڻ گهرجي، جيڪي ساڻس دل و جان سان پيار ڪن ٿا.

مون کي يقين آهي ته اسان جا نوجوان ليکڪ ۽ محقق هن ڪتاب مان لاڀ پرائيندا ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

 

حيدرآباد، سنڌ                                                  

ڊاڪٽر فهميده حسين

11 آڪٽوبر 2011ع                                                                                             چيئرپرسن

          سنڌي ٻولي اٿارٽي