سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569348   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جو اثر ( ڊاڪٽر هدايت پريم)


سنڌ کي انگريزن سن 1843ع ۾ برطانوي راڄ ۾ شامل ڪيو. سنڌ ۾ انگريز حاڪمن ۽ سنڌي محڪومن جو نئون ناتو جڙيو. سنڌ جي رهواسين جو انگريزن جي ٻولي انگريزيءَ سان واسطو پيو. انگريز حڪمرانن ساري هندستان جي ٻولين واري پاليسي سنڌ ۾ به نافذ ڪئي. يعني ته مقامي ٻولين (ورناڪيولر لئنگويجز) کي هٿي ڏيڻ ۽ آفيسرن کي مقامي ٻولي سکڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا. سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ٺاهڻ ۾ ڏهاڪو سال لڳا. 1853ع ۾ سنڌيءَ لاءِ عربي- فارسي رسم الخط واري 52 حرفن تي مشتمل الف بي رائج ڪئي، جا اڄ تائين اسين ڪم آڻي رهيا آهيون.

برطانوي دؤر حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو انگريزي ٻوليءَ سان گهرو ناتو قائم ٿيو. سنڌي ماڻهو انگريزي سکيا، انگريزيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ قابليت حاصل ڪيائون. انگريزي عملدارن سنڌي سکي، سنڌ جي ماڻهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، ڏک سور معلوم ڪندا هئا. سرڪاري محڪمن ۾ سنڌي ٻولي استعمال ٿيندي هئي. روينيو جو رڪارڊ سنڌيءَ ۾ رکيو ويو. قانون جي محڪمي ۾ ڪارروائي سنڌيءَ ۾ هلندي هئي. قانون جا ڪتاب انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ ڇپايا ويندا هئا.

سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي ميلاپ سببان سنڌي ٻوليءَ تي گهرا اثر مرتب ٿيا. ٻولين جي اهڙي ميلاپ مان سڀ کان گهڻو اثر لفظي ذخيري تي پوندو آهي. سنڌيءَ ۾ به انگريزيءَ جا هزارين لفظ بطور دخيل لفظن (Loan Words) جي داخل ٿيا. انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ دخيل لفظن جي اچڻ جا ٻه خاص سبب آهن:

  1. ضرورت پٽاندر
  2. پسنديءَ پٽاندر

سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورت تحت سنڌيءَ ۾ اهڙن هم معنيٰ لفظن جي ناپيد هجڻ سبب انگريزيءَ مان اهڙا لفظ اڌارا ورتا ويا. پسند/ اختيار  سان ورتل  لفظ  پنهنجي اظهار ۾  وسعت  ڏيڻ ۽ معنوي نڪتهءِ نگاه کي مختلف انداز سان بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. (1)

انگريزي دخيل لفظ سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سمائجي ويا، جو انهن لفظن سان سنڌي گرامر جا قاعدا قانون لاڳو ڪري مڪمل سنڌي لفظ ۽ ترڪيبون بڻايون ويون. جهڙوڪ:

فعل بڻائڻ:

فلم + آئڻ= فلمائڻ

ٻٽا فعل بڻائڻ:

پاس + ڪرڻ= پاس ڪرڻ

فيل + ڪرڻ= فيل ڪرڻ

پاس + ٿيڻ= پاس ٿيڻ

فيل + ٿيڻ= فيل ٿيڻ

حرف اضافت: /ي/ پڇاڙي لڳائڻ سان سنڌيءَ ۾ اضافت ڏيکاري ويندي آهي. مثلاً سرڪار+ اي = سرڪاري. اهڙيءَ طرح انگريزي لفظن سان سنڌي گرامر جو اصول/ اي/ پڇاڙي ملائي لفظ ٺاهيا ويا:

اسڪول + اي= اسڪولي

ڪاليج + اي= ڪاليجي

فلم + اي= فلمي.

واحد- جمع جا اصول: انگريزي لفظن سان به واحد- جمع جو قاعدو سنڌي گرامر موجب لاڳو ڪيو ويو:

واحد

جمع

ماسترُ

ماسترياڻي

ڊاڪٽرُ

ڊاڪٽرياڻي

ماسترَ

ماسترياڻيون

ڊاڪٽرَ

ڊاڪٽرياڻيون

اثر پذير ٻولي جڏهن اثرانداز ٻوليءَ جا لفظ پنهنجي اندر جذب ڪندي آهي، تڏهن انهن کي پنهنجي سٽا ۽ سرشتي موجب تبديل ڪندي آهي. (2) سنڌي ٻوليءَ انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ هوبهو اختيار ڪيا، پر ڪيترن لفظن ۾ آوازي تبديليون ڪيون، مثال طور:

انگريزي

سنڌي

اسٽينڊ

اسٽيشن

بلب

هاسپيٽل

ربر

ڊاڪٽر

اسٽان

ٽيشڻ

بلف يا ٻلب

اسپتال

رٻڙ

ڏاڪدر

انگريزي لفظ، جن جي آخر ۾ ٻه وينجن گڏ اچن ٿا تن جي وچ ۾ ۽ آخر ۾ سر ملائي سنڌي لفظ بڻايا ويا، جهڙوڪ:

انگريزي

سنڌي

باڪس

گرلس

فلپس

ڪورٽ

پيپلس

باڪُسُ

گرلِسِ

فلپِسِ

ڪورَٽِ

پيپلُسُ

جيئن ته عام طور سنڌي اسم جي آخر ۾ ڪونه ڪو ”سر“ هوندو آهي، تنهنڪري انگريزي دخيل ساڪن لفظ، جنهن جي آخر ۾ وينجن هوندو آهي، ان ۾ به ڪو ڇوٽو سر ملائي سنڌي لفظ ٺاهيو ويندو آهي. مثلن:

انگريزي

سنڌي

ڪوٽ

ڪارڊ

بوڪ

فلم

ڪريم

ڪوٽُ

ڪارڊُ

بوڪُ

فلمَ يا فلم

ڪرِيمِ

اهڙيءَ طرح انگريزيءَ جي هڪ پدي لفظ کي تبديل ڪري ٻه پدو لفظ ٺاهيو ويو. پدن جي اها جوڙجڪ سنڌي صوتياتي اصول موجب آهي. (3)

1947ع کان بعد، انگريزن جي هتان روانگيءَ کان پوءِ به سنڌيءَ جو انگريزي ٻوليءَ سان ناتو جاري رهيو. گذريل پنجاهه سالن دوران انگريزي پنهنجن سمورن جلون سميت موجود رهي آهي. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين ۽ آفيسن ۾ دفتري ڪاروباري ۽ تعليمي ٻوليءَ طور انگريزي ٻوليءَ جو عمل دخل ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. انگريزي ٻوليءَ جا اثر سنڌ جي عام شهري زندگيءَ تي تمام گهرا ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ تي قدري ٿوري انداز ۾ مرتب ٿي رهيا آهن. مغرب جي ثقافتي غلبي جي نتيجي ۾ هتان جو شهري انگريزي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ انگريزيءَ جا اڪيچار لفظ پنهنجي عام سنڌي گفتگوءَ ۾ ٽنبي ڳالهائڻ لڳو آهي. انگريزيءَ جا اهڙا لفظ جن جا متبادل سنڌيءَ ۾ مشڪل ملن، تن کي قبول ڪرڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ باعث ڪيترائي سائنسي لفظ ۽ اصطلاح نه صرف سنڌي ٻوليءَ پر دنيا جي اڪثر ٻولين قبول ڪيا آهن ۽ عام جام ڳالهايا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح مختلف ٻولين جا لفظ ٻين ٻولين ۾ جذب ٿي وڃن ٿا. خود انگريزي ٻوليءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻين ٻولين جهڙوڪ: فرينچ، اطالوي ۽ جرمن جا لفظ موجود آهن. البرٽ باغ هسٽري آف انگلش لئنگويج ۾ لکي ٿو:

The English vocabulary, at this time shows words adopted from more than fifty languages, most important of which were Latin, Greek, French, Italian and Spanish. (4)

تنهنڪري ضرورت مطابق انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا سائنسي لفظ، يا ڪي اهڙا لفظ جن جا هم معنيٰ لفظ سنڌيءَ ۾ ناپيد هجن، تن جو سنڌيءَ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر جيئن ته سنڌيءَ ۾ پنهنجا سولا، سلوڻا ۽ سهڻا لفظ هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن ۽ سنڌي ٻولي هڪ ڪشادي ٻولي آهي، جنهن جو دامن ڪنهن طرح به تنگ ڪونهي، ان ۾ انگريزيءَ جي اوپرن ۽ اڻ سهائيندڙ لفظن جي ٽنب ڪرڻ ڪنهن طرح به مناسب ڪونهي. اهڙي اڻ سهائيندڙ رويي سبب عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ يقينن اهڙا سوال ڪر کڻي اڀرندا ته ڇا سنڌي ٻولي ايتري کٽل ۽ اڻ پوري آهي جو انگريزيءَ جو سهارو ورتو پيو وڃي؟ان ڏس ۾ احتياط جي ضرورت آهي ۽ اهڙي ڪنهن به قسم جي الزام کان بچڻ تمام ضروري آهي. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جا اثرات نه صرف ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڏٺا ويا آهن، پر ادبي ٻوليءَ ۾ پڻ نمايان نظر اچن ٿا. هت هڪ ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ کي ماڊل طور پيش ڪري اهڙن اثرن جو مختصر مطالعو هيٺ ڏجي ٿو:

”خواب خوشبو ڇوڪري“ ناول مئي 1996ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو آهي. هن ناول جي ليکڪا، محترمه ماهتاب محبوب صاحبه آهي. ماهتاب صاحبه سنڌي ادب جي هڪ نهايت معزز ۽ معتبر شخصيت آهي. هن جون تحريرون تحسين جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون. هن سندس ناول ۾ ڪم آيل انگريزي دخيل لفظن جي لساني اعتبار کان ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي. انگريزي لفظن جي استعمال جي مختلف لاڙن ۽ رجحانن جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي، جنهن مان ڪنهن طرح به محترمه ماهتاب صاحبه جي قابليت، عزت ۽ احترام تي ڪوبه حرف آڻڻ مقصود نه آهي.

”خواب خوشبو ڇوڪري“ ناول ۾ مشڪل سان ڪو اهڙو صفحو هوندو، جنهن ۾ انگريزيءَ جو ڪونه ڪو لفظ موجود نه هجي. هيٺ اهي سمورا انگريزيءَ جا لفظ لکجن ٿا، جيڪي هن ناول ۾ استعمال ڪيا ويا آهن. سمورن لفظن جي ذخيري کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ اهي لفظ لکيا ويا آهن، جيڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا هجڻ سبب سنڌيءَ ۾ انهن جا نعم البدل ناپيد آهن. ٻئي حصي ۾ اهڙا لفظ ڏنا ويا آهن، جن جا متبادل ۽ هم معنيٰ لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن:

حصو پهريون:

فون، رسيور، ڪريڊل، رٽائر، ٽيليفون، سگريٽون، چيسٽر، اسڪول، نائيٽ گائون، ايپرن، رٽائرمينٽ، فليٽ، برش، مئٽرڪ پاس، ايم اي، پي ايڇ. ڊي، فائل، ٽيپ رڪارڊر، رڪارڊ، پالش، راڪ ميوزڪ، ڊيڪ، ڪيسٽ، هيئرپن، ڪار، هارن، ڪارپورچ، ميڊيڪل، هاسٽل، ڪورم، فرج، بل، گئس، ايئرڪنڊيشن، ايئرڪنڊيشنر، لائينون، فريزر، ڊائل، فري اسٽائل، ڊيوٽي، ڊرل مشين، آمليٽ، ٽوسٽر، سلائيز، پينشن، ڊاڪٽر، ڊرافٽ، فرينچ آمليٽ، فارمي بيدا، اسپيشل، ايف اي، آئسڪريم، موٽر، چيونگ گم، سالينسر، فلائينگ ڪس، سگار، بم، مسز، سوٽ پتلون، ڪنڊوم، انجنيئري، پائيپ يونيورسٽي، گيراج، مڪينيڪل انجنيئر، جگ، گلاس، وڊيو ڪيمرا، فرنيچر، سائنس، ڊيزل ڪن، ڪالر، ورڪشاپ، پارٽي، بنگلو، ٽيڪسي، وي سي آر، پالش، سپرمارڪيٽ، ٽرئفڪ، ٽرئفڪ سنگل، بريڪ، اسٽيرنگ، ڌڪا اسٽارٽ، سينڊوچ، سينڊل، فون نمبر، وڊيو ڪيسٽ، اپارٽمينٽ، روبوٽ، روالورڪس، جوائن، چاڪليٽ، فڪسڊ ڊپازٽ، انٽرڪام، فوٽوالبمس، باڪس، ماڊل بسڪٽ، فيشن شو، فوڪس، ماڊلس، چاڪليٽ ملڪ، فلمون، فون سپروائيزر، ريڊيو، فون سروس، پاسپورٽ، ٽڪيٽ، اسپتال، پي اي ڊائري، آٽوگراف، شارٽ، ڪيڪ، پيزا، ڪوپ، ربن آپريشن، برگر، ڪورٽ شو، بيوٽي پارلر، سي ايس ايس آفيسر، ڪميشن، ايف 16، ڪسٽم نيڪ ٽاءِ، نيو ليبر پارٽي، ڊيش بورڊ، ٽشو، بينڊ، ڪواٽر ڪرنل، ڪانفرنس، ايڪس ري، مينگوشيڪ، ڊي هائيڊريشن، پلگ، رپيٽر، اسٽاف، بي بي سي.

حصو ٻيو:

لائونج، رسيو، ڪيپ، ارجنٽ، آرڊر، ڊراءِ ڪلين، شارٽ ڪٽ، گرل، لائين، ڊسڪنيڪٽ، ڪوايجوڪيشن، وئڪيشن، پينٽنگ، هسٽريائي، ليڪچر، چڪن سوپ، ٽريننگ سينٽر، اسٽيج، موٽر ٽريننگ، ڪورٽ، پارٽ ٽائيم، مئگزينون، پراپرٽي ٽيڪس، اسٽيٽس، اسٽارٽ، سيڪنڊ هينڊ، انرجي، ٽيومر، نيل فائلر، ميوزڪ، ٽارچر، سيل، وال ڪلاڪ، ڊوربيل، گيٽ، لان، ٿينڪ يو، موڊ، ڊائننگ ٽيبل، چارم، وين، ٽيبل، ٽوٿ پڪ، واش بيسن، فروٽ، هوم ورڪ، ايمرجنسي، ميٽر ريڊنگ، مٽيريل، ڊائمنڊ، ڊپريشن، فلرٽيشن، اسڪولي گيٽ، بلٽ، ميسيج، هيپنو ٽائزڊ، ڪچن، ڊرائنگ روم، ڊسٽبن، فراءِ پين، هيڊ ڪوڪ، بلڊ پريشر، فڪس، نوٽيس، پليٽون، ڪانشس، ٽيليفون ڪالز، ٽائيليٽ، ٽائمنگس، چينج، فون ڊيڊ، اسڪرو ڊرائيور، ٽيليفون سيٽ، فيڪس، سسٽم، منٽ، لوڪل، ڪال، بيڪ گرائونڊ، ڊپريسڊ، هانٽ، ليمپ، پيڊ، مس، ڊائلاگ، ونڊر فل آئيڊيا، پرفيوم، لَو ليٽر، مسٽ، ان ڊيسينٽ، امپريشن، شيونگ لوشن، ڊريسنگ ٽيبل، پوسٽ، واچ، ٽائيم، ڪچن، ايڊريس، سويٽ، ڊائون ٽائون، پرزم، گلاس، مائڪرو، ڊسٽرب، فرنٽ، پرس، لاڪ، نائيٽ ڊريس، ٽيوشن، ڪنگ سائيز، ٽينشن، ريل، نوٽ ڪيو، واشنگ مشين، بئگ، ٽئگ، ڊسڪس، پليز، گئلري، بور، فريش، هولڊر، هيروئن، اسٽول، اسڪوٽر، سٽنگ، فليور، فيڊيڊ جينز، جيڪٽ، ڪولڊ ڊرنڪ، جنرل اسٽور، روڊ، اوڪي ماءِ لو سي يو، بائيڪ، ڪيس روٽين لائيف، لوفر، ايش ٽري، فرينڊ، بيڊ روم، ڪارڊليس فون، گولڊن چانس، ٽنٽيڊ گلاسز، شاپنگ، ٽيپ، ريڊيو آف ڪرڻ، سچوئيشن، ڪرائيم رپورٽنگ ڊيٽ، ڊبل بيڊ، ڊسڪشن، انوسپينٽلي فلرٽيشن، فريز، نمبر، پليز بي بي، اٽينڊ، لنڪ، فارملٽي، موڊ آف، بيوٽيشن، برائيڊل ميڪ اپ، فائنل ٽچز، شيڊيڊ، وينٽي باڪس، سيٽ ڪرڻ، ڪنٽرول، سٽ، ڪريڊٽ، ڪرنٽ، ڪار اسٽارٽ، ڪلوز اپ، فيملي، ڪريسپانڊنٽ، رپورٽنگ، سيڪنڊ فلور، فارن شوپيسز، اليڪٽرانڪ، وٽي، سي ٿرو، نائٽي، هينگر، پروپوزل سنيڪ، فيڊ، ابارشن، ليڊي ڊاڪٽر، صوفو، پيلوس، ميچوئر، رف ٽف، پريڪٽيڪل، سلم، سمارٽ، آئل، بوٽ پوزيشن، آڪورڊ، ٽپ ٽاپ، بوائي فرينڊ، ميگنيفائين گلاس، لينس، الرٽ، سوشل، پوني، ماڊل، ڪپل، ڊنر رولس، پلڪنگ، ڊريسر، جويلري، سليڪشن بيوٽي، ڪامپيشن، ايڪسڪيوز، ڪنزرويٽو، ايڪٽوپرسنلٽي، ايڪٽونيس، فري، لفٽ، سوشل ورڪر، وارڊ روب، لسٽ، ارينج ڪئرليس ڊائٽنگ، انچ ٽيپ، ينگ، فريش، هسبنڊ، بلڪي، باءِ دي وي، ڊفرنس، ايج، او سي، ارينج مئريج، ڊايئر، مائينڊ، لو ميرج، رسڪ اسٽرينج، هاءِ هلو، سپ، ايڊوانس، انجواءِ، موڊ آف، سرس پرفارم، هيلپر، سرڪل، ڪٽ، سوٽ بوٽ، براسٽيڊ چڪن پيس، گيٽ اپ، ڊائريڪٽ، ريمارڪ، ريس، اولڊ لاسٽڪ، ڪمپني، ٽاپڪ، آرڊيننس، فيشن، لونيڪ، سينٽون، باٿ سائيڊ، ايئر هوسٽس، بٽڻ ڪرسچن، فيڊ، ميوزڪ سينٽر، ڪزن، ڪانسٽيبل، فرنٽ سيٽ، ميرڊ لائيف، ريسٽورنٽ، ڪارنر، اسٽائلش، فرام ٽاپ ٽوٽو، ميچنگ، سمارنيس، برائيٽ ڪلر، نيل پاليش، سمپل، سمپل رومينٽڪ، فرسٽيشن، هينڊ بيگ، سرپرائيزنگ، گيٽ ڪيپر، بالڪوني، لائين ڪليئر، ويري گڊ، آئيڊل فيملي، پولٽري فارم، فيس ڪرڻ، ايڊجسٽمينٽ، شيئر، پرامرز، سرينڊر ايڊجسٽ، سرچ لائيٽون، رومنيٽڪ موڊ، سٽنگ روم، شوٽ ڪرڻ، ريپر، هينڊل ڪرڻ، وائيف، فون ڊسڪنيڪٽ، وي وي آءِ پي، ماسڪ، پلش، ڪوالٽي، ڊپرسڊ، ڪائونٽر، سرپرائيز، سيٽل، لو ينگ مين، هلو سويٽي، گرل فرينڊ، ايڪسپريشنس، ڪامپليمينٽ، بزنس ٽرپ، ايڪسپورٽ امپورٽ، جينٽلمينس پرامز، لنچ، ايڪسڪيوز، گيٽ، ڪريڊٽ، فيڪٽري، مينو، ويلڪم، ايڪسپورٽرز، ڊيلنگ ٽائيم، اوڪي، ڪيڪ، ڊپلوما، سيرب، ڪيڪ پيس، اِف يو ڊونٽ مائينڊ، بٽرنگ، ڊائلاگ بازي، ڊفرنس، آءِ ايم ساري، آئيڊل، ٽاپڪ، اوائڊ، رليڪس، ناليج، ڪمپرومائيز، ميوزيڪل لائيٽر، ڪمپني، آٽوميٽيڪلي، فريش اپ، آئوٽنگس، سافٽ ڪارنر ٽيبل، فلاسڪ، ڊريس، ڊزائننگ، ڊسپلي، ڊپلوميٽڪ انوالو، فيلڊ، پروفيشنل شوز، ماڊلنگ، اميج، آرڊرس بڪ ڪرڻ، ميڊم، پارٽنر، انيوئل، اٽينڊ، يونيفارم، ليدرجيڪٽ، ريئيلي، بلش، ايش ٽري، سوئچ آف، فيلنگ، سيڪس، اسٽرانگ فيلنگس، ڊوائيڊيڊ، ڊوائيڊيڊ پرسن، اسڪرين، بليم، ليول، پلاننگ، آءِ ول سيو يو، ريومرس ٽارچر، ايڪڊيمڪ رپورٽس، ٽوئر، پئڪ، مما، سوٽ ڪيس، ايئرپورٽ، لينڊ ڪرڻ، بئنڪ بيلنس، ڪوئيڪ رڪوري، شاڪ، ڪانٽريڪٽ، ليفٽ رائيٽ، لوڪيٽ ميٽنگ ڊپريس، اوڪي، ماءِ ڊيئر، بزي، بِهيوَ، ٽوئسٽ، پارڪ ٿيل، ڊراپ، فرنٽ ڊور، سو نائيس آف يو، ائز يو وش، ڪارڊ، وائليٽ، پين سر اسٽار ڪچن، بونس، فيلڊ، ليٽ، جاب، ايجوڪيشنل ڪيواليفڪيشن بوسن، ينگ، بولڊ، بيوٽيفل، ايڊورٽائيزنگ ايجنسي، ڪمرشل، رينج، لڪ، پارٽيسيپيٽ، اوييس لينس، هولڊر، فگر، انٽروڊيوس، پريارٽي، انٽريسٽ، فيم، رڪيئسٽ، نان اسٽاپ، فائيو اسٽار هوٽيل، بوتيڪ، آفر، ڊوز، جوز، ايڊس، پبلڪ، هاٽ فيورٽ ماڊل، پراڊڪٽ، ڪسٽمر، ورڪنگ ڊيز، فٽ ڪرائڻ، اسٽل پوز، ڊرائيونگ، ڪمپرومائيز، گريٽنيس رزرو، ڊو ناٽ ڊسٽرب، اسڪينڊل، هاءِ ڪلاس سوسائٽي لنچ بريڪ، بيورو ڪريٽ، آرڪيڊ، ڊفينس، مائگريٽ، پوزيشن، باربربن، ماڊرن، فلاسافر، پارٽنرشپ، هينڊسم، بيوٽيشن، ڊسپوزبل، سئٽسفيڪشن، لپ اسٽڪ، ايڪٽ، ٽرپ، ڪورس، پمپلز، ٽريٽمينٽ، بلئڪ هيڊس، ٽين ايج، مساج، اينٽي ايجنگ، الٽراماڊرن، گورنمينٽ سروس، لوور، مڊل ڪلاس، اپر ڪلاس، ٽاپ موسٽ، ڪاٽن فيڪٽري، ڪال گرلس، سپلاءِ، ڪمينٽ، پف، فري سيڪس، پروفيشن، پارٽ ٽائيم لور، ڪامپليڪيس، انٽيريئر، آءِ ڊيم ڪيئر، ايڪٽنگ، ٽينشن، آئنٽي، ڪاريڊور، پاڪيٽ، ڪاڪ ٽيل، سويٽ هارٽ، فرنشڊ، پئگ (پئگڙو) آئيس ڪيوب، بليو ليبل، سيڪس فري زون، اڪيوپنچر، فرنٽ پيج اسٽوريون، ايئر رنگس، پيريڊس، هيئر برش، فيل، پوز، اينگلر، باڊي گارڊ، ايم پي اي، ڊيل، ويسٽ لائين، فريشنيس، باٿ گائون، رڊيوس، پيل، فرنٽ لڪ، چانس، پرابلم، رئش، ٽرنيڪولائيزر، هسٽري، پرسينٽ، ٽيسٽ رپورٽون، هاسپيٽلائيز، لئب، ايڊز ۽ لاسٽ اسٽيج ڪينسر.

حصي ٻئي ۾ ڄاڻايل سمورن لفظن جا نعم البدل سنڌيءَ ۾ نهايت ئي سهڻا، سلوڻا ۽ سادا لفظ ٿوري ئي ڪوشش سان ملي سگهن ٿا. ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ناول جي صفحي 23 تي هڪ لفظ آيل آهي، ”ڪو ايجوڪيشن“ ساڳي ئي معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ صفحي 30 تي ”گڏيل تعليم“ لفظ لکيا ويا آهن! حصي ٻئي ۾ ڏنل لفظن جي وڏي تعداد کي ڏسي نهايت حيرت ۽ اچرج وٺي ٿو وڃي. ڪيترائي لفظ وري وري ڪم آندا ويا آهن. ناول جي مڪالمن ۾ ڪردارن پاران اهڙا لفظ گهڻائي تحرير ڪيا ويا آهن، پر بيانيه لکڻين ۾ ليکڪا پاران ڏنل عبارت ۾ پڻ ڪيترائي انگريزيءَ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. انگريزي لفظن جو بي دريغ استعمال سنڌي ٻوليءَ جي حسن کي داغدار ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي ٿورو آهي. هيءَ صورتحال جيڪڏهن بخمل ۾ ٽاٽ جي چتين جيان نه آهي ته ٽاٽ ۾ بخمل جي چتين جيان ضرور آهي!

ٻولين ۾ تبديليون ناگريز آهن. انگريزيءَ جا اثرات سنڌيءَ تي پيا آهن، پئجي رهيا آهن ۽ پوندا رهندا، پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته انگريزيءَ جا اوپرا، اڄاتا ۽ الوڻا لفظ ٽنبي سنڌي ٻوليءَ جي زيب ۽ زينت کي ئي مورڳو بگاڙيو وڃي. ٻوليءَ جي تاريخ ۾ اهڙا منفي رويا گهڻو ڪري جٽاءُ ڪري نه سگهندا آهن. ٻوليءَ تي سماج جي گرفت نهايت مضبوط هوندي آهي. سماج ۾ تڪڙي تهذيبي اٿل پٿل جي ڪري ٻولين ۾ پڻ تڪڙي تبديلي واقع ٿئي ٿي. سماج پاران ئي هٿرادو ۽ جڙتو تبديلين کي روڪيو ويندو آهي. جڏهن سماج جا ڏاها ۽ رکوالا، اديب ۽ دانشور شعوري طور ٻوليءَ جي منفي روين تي گهري نظر رکندي، پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا رهندا ته ان صورت ۾ اهڙن منفي روين جو ترت خاتمو ٿي سگهندو.

 

حوالا:

(1) Khubchandani, L. M. Acculturation of Indian Sindhi to Hindi- Ph.D Thesis, Penssylvania University.

(2) جتوئي، علي نواز، علم لسان ۽ سنڌي زبان (ٽيون ڇاپو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1996ع، ص 171.

(3) جتوئي، علي نواز، حوالو ساڳيو، ڪتاب، ص 75.

(4) Bough, Albert. C. and Thomas Cable. A History of English Language 1980. P.227

 

 

]ڪلاچي، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي، نومبر 1998ع[