ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574485 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻولي سنڌ جي ڌرتيءَ سان ئي وجود ۾ آئي آهي ۽ يارهين صديءَ کان منجهس تعليم، ادب، روزمرهه جي استعمال توڙي واپاري وهنوار جي تاريخي ڄاڻ موجود آهي. لاثاني ڪوين قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، دلپت، روحل اسان لاءِ فخر جو باعث آهن.
سنڌيءَ جي اهڙين خوبين کي انگريز حڪمرانن قبول ڪري، سنڌ صوبي ۾ ان کي سرڪاري زبان جي روپ ۾ قبول ڪيو. 1948ع ۾ بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ هيٺيون حڪم نامو جاري ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏنو:
”اسان کي ملڪي ٻوليءَ (سنڌيءَ) کي دفتري ٻولي بڻائڻ گهرجي. مون کي خبر نٿي پوي ته اسان جي روينيو ۽ عدالتي کاتن جا عملدار پارسي ۽ انگريزيءَ جهڙين غيرملڪين ٻولين ذريعي ڪاميابيءَ سان ڪم ڪيئن ڪري سگهندا هوندا. ان سلسلي ۾ سڀني ڪامورن کي ارڙهن مهينن جو مُدو ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن. اهڙن ڪامورن کي ليفٽينينٽ اسٽئڪ جي ڊڪشنري وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿي، جنهن جي ڇپائڻ جي هن کي اجازت ڏني وڃي.“[1]
ان سلسلي ۾ بي. ايڇ. ايلس (B.H. Ellis) جي صدارت ۾ هڪ صورتخطي مقرر ٿيڻ ڪري، ٻوليءَ کي وڏو فائدو رسيو ۽ سنڌيءَ جي واڌاري ۾ خانگي، تعليمي، ادبي ۽ تهذيبي ادارن جو ساراهه جوڳو حصو رهيو. جنهن ڪري ٻين جديد ڀارتي ٻولين مثل سنڌيءَ کي به اُسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جو پورو پورو وجهه مليو. شروعاتي تعليم لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول کولايا ويا. ثقافتي ۽ ادبي منڊليون قائم ٿيون. اخبارون ۽ رسالا چڱي تعداد ۾ ڇپجڻ لڳا. مطلب سنڌي تعليم ڪافي ترقي ڪئي.
1947ع جي ورهاڱي جي طوفان سبب جهجهي تعداد ۾ هندو سنڌي ڌرئون ڌڪجي، پاڙئون پٽجي ڀارت پهتا. هڪ ورهاڱي جو ڪاپاري ڌڪ، ٻيو ٻولي وار صوبن جي هن گهڻِ ٻولئي ملڪ ۾ سنڌين کي ٿانئيڪو ٿيڻ لاءِ ڪو زمين جو ٽڪرو نه مليو، جتي هو يڪ وجودگيءَ سان پنهنجي ٻوليءَ ذريعي تعليم ڏيندي، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي محفوظ رکندي، شاندار ورثي کي نئين ٽهيءَ جي سگهارن هٿن ۾ سونپي، قرض چڪائي سگهن. هُو ته اٽي لٽي اجهي جون بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. دور دراز جي دادرا، نگر حويلي، سڪم، پانڊيچري، انڊمان نڪوبار، ڪشمير، اروڻاچل، مزورم ۾ هڪ سؤ کان به گهٽ سنڌي رهن ٿا، اُتي سنڌي تعليم جي سوچ ئي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. ساڳي ڳالهه پنجاب، هرياڻا، گوڻا، آسام، چنديڳڙهه، هماچل پرديش ۾ هڪ سؤ کان هزار تائين رهندڙ سنڌين سان لاڳو آهي.
باقي گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اُتر پرديش ۽ دهليءَ ۾ هزارن کان لکن تائين سنڌي وسن ٿا. انهن جي پاڙن ۾ جيڪا سنڌ جي مٽي هئي، مٽيءَ جو هڳاءُ هو، اُن ٻوليءَ لاءِ پيار ئي نه موهه کي وڌائي ڇڏيو ۽ باوجود مخالف حالتن جي انهن صوبن جي مهانگر ۽ شهرن ئي نه ننڍن قصبن ۾ جتي سنڌي مرڪوز هئا، اُتي اسڪول کليا ۽ سنڌي تعليم جي ٻنهي روپن يعني مضمون ۽ ميڊيم سان تعليم ڏني ويئي. ساليانن رسالن جي نيمائتو نڪرڻ جو سلسلو هليو. ساليانن جلسن ۾ سنڌي پروگرام پيش ڪيا ويا. ناٽڪ، گيت، نرتيه ناٽڪائون، انتاڪشري، چٽاڀيٽيون (تقرير، ڪويتا، پاٺ، ڪهاڻي پڙهڻ) ادبي ڪلاسن وغيره اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سنڌين ۾ وسي ٿي)، سنڌ هتي سنڌ هُتي! اسٽيشن جا ڪولي/ قُلي، دڪاندار، ٽانگي ۽ رڪشا وارا سڀ سنڌي ڳالهائيندڙ، ايتري قدر جو مڪاني دڪاندار کي سنڌي گراهڪن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جو تجربو ڪرڻو پيو. اڄ جيڪي سنڌي ڪامياب واپاري، انجنيئر، ڊاڪٽر، آفيسر، رٽائر ٿيا آهن يا ٿيڻ وارا آهن، سڀ اُنهن سنڌي ميڊيم اسڪولن مان پڙهي نڪتل آهن. سنڌ جو فائينل (ستون درجو) پاس يا اُن کان به گهٽ پڙهيل کي سولائيءَ سان نوڪري ملندي هئي. درسي ڪتاب ڇپرايا ويا (سڀ خانگي سطح تي)، سرڪاري اسڪول پڻ تسلي بخش انداز ۾ کليا. اصولي طور ڀارت ۾ آزاديءَ بعد 1948ع ۾ ڊاڪٽر راڌا ڪرشن آيوگ، 1952ع مداليار آيوگ، 1996ع ڪوٽاري ڪميشن ۽ 1986ع جي قومي تعليم نيتيءَ موجب گهٽ ۾ گهٽ پرائمري اسٽيج تائين مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي. ٿورائيءَ وارن سرڪاري ۽ جوڙجڪي سطح تي قانون موجب فيصلو ڪيل آهي ته جتي چاليهه شاگرد تيار هجن، اتي اُن ٻوليءَ جو اسڪول ۽ ڏهه ٻار تيار هجن ته مضمون کوليو ويندو. ماسترن جي به ٻوليائي ماستر جي روپ ۾ مقرري ٿيندي هئي. اهڙين سازگار حالتن ۾ سنڌي تعليم جي ٿيل ترقيءَ جا ڪي صوبي وار انگ اکر هن ريت آهن. جيئن ته هاير ايڊيوڪيشن تي جدا مقالو آهي. ان ڪري فقط پرائمري ۽ سيڪنڊري سنڌي تعليم جا انگ اکر ڏيان ٿي.
گجرات: ورهاڱي بعد گجرات ۾ جهجهي تعداد ۾ سنڌي ٿانئينڪا ٿيا ۽ تعليم ڏانهن ڌيان ڏنائون. 1980ع جي انگ اکرن موجب گجرات ۾ سنڌي ميڊيم جا 110 پرائمري اسڪول هئا، جن ۾ اٺٽيهه هزار شاگرد پڙهي رهيا هئا. 20 سنڌي ميڊيم جا سيڪنڊري اسڪول هئا، جن ۾ 9000 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. 1976ع کان هاير سيڪنڊري سرشتو لاڳو ٿيڻ تي ڏهن هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم سان تعليم حاصل ڪرڻ جي سهوليت ڏني ويئي. ٻن ۾ سائنس فيڪلٽي به شروع ڪئي ويئي. جنهن ڪري شاگردن کي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ۾ داخلا ملڻ لڳي. سڀ کان وڌيڪ اسڪول احمد آباد ۾ آهن. گانڌيڌام، آديپور ۾ پنج، بڙودا ۾ ٽي، نڙياد، راجڪوٽ، جهوناڳڙه، ڀاونگر، ويراول، جيتپور، پليتاڻا، بانٽوا ۾ هڪ هڪ سيڪنڊري اسڪول آهي. گهڻو تڻو اسڪول 1948ع کان 1952ع جي وچ ۾ کليا. 1996ع جي انگ اکرن موجب هر اسڪول ۾ 250 کان 2000 تائين ٻار آهن.
مهاراشٽر: ورهاڱي بعد ممبئي ۽ آسپاس جي ايراضي خاص ڪري ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي اچي وسيا. سنڌي ٻولي قائم رکڻ لاءِ انيڪ تعليمي سنسٿائون (ادارا) برپا ڪيائون. سنڌي ميڊيم جا اسڪول کوليا ويا. آڪٽوبر 1948ع ۾ ڪلياڻ جي سنڌي اسڪولن کي ٿاڻي ضلعي جي اسڪول بورڊ پنهنجي هٿ ۾ کنيو. سنڌي ميڊيم جي 22 اسڪولن ۾ اٽڪل ڏهه هزار شاگرد پڙهندا هئا.
77-1976ع ۾ ٿاڻي ضلعي پريشد جا سڀ اسڪول اُلهاس نگر کي ڏنا ويا، اُن وقت اٽڪل 11 هزار شاگرد سنڌي ميڊيم سان تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. اُتي جي خانگي اسڪولن ۾ اٽڪل 6000 ٻار پڙهي رهيا هئا.
پوني ۽ پمپريءَ ۾ شاگردن جو سٺو تعداد هو. ڪولهاپور، ناسڪ، ديولالي، ڌوليا، چاليس گانو، جل گانو، ڀوساول ۾ سنڌي ميڊيم جا سيڪنڊري اسڪول آهن. هن وقت به 100 کان 500 ٻارن تائين انهن ۾ سنڌي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد آهن.
ناگپور، امراوتي، اڪولام جدا جدا اسڪولن ۾ سون کان هزارن جي تعداد ۾ سنڌي پڙهندڙ ٻار هئا.
راجسٿان: ورهاڱي بعد چڱي تعداد ۾ سنڌي اجمير، جئپور، جوڌپور، ڪوٽا، اُديپور بيڪانير وغيره ۾ اچي وسيا ۽ سنڌي ٻولي قائم ڪرڻ لاءِ انيڪ اسڪول کولايا ويا. ادبي تنظيمون برپا ڪيون ويئون ۽ سنڌي پريسون شروع ٿيون. اجمير ۾ سنڌي ميڊيم جا 30 پرائمري ۽ پنج هاءِ اسڪول هئا. اُنهن جا نالا هي هئا. گورنمينٽ هاءِ اسڪول فار سنڌيز-1، 2، 3، 4، 5 وغيره. پوءِ به سالن تائين اُنهن نالن سان بحث هلندو هو، توڙي سنڌي پڙهندڙن جو تعداد ختم ٿي ويو. ٻين شهرن ۾ به ڏهاڪو پرائمري اسڪول ۽ هاير سيڪنڊري اسڪول کليا. هاڻي ته مضمون جي روپ ۾ هلائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. جئپور ۾ ته تازو گذريل مهيني ئي تعليمي وزير سنڌي اسڪولن آڏو لڳل شرڻارٿي (پناهگير) لفظ جو لڄائيندڙ ليبل ختم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي. 1965ع بعد اجمير کي راجسٿان صوبي جو حصو بڻائڻ کان پوءِ آهستي آهستي سنڌي ميڊيم هٽائي هندي ڪيو ويو. سنڌي شاگردن جو تعداد گهٽبو ويو. جتي چار چار پنج پنج سؤ ٻار هئا. اُتي وڃي 40- 50 تائين پهتا. اهڙين مخالف حالتن ۾ خانگي تعليم تنظيمون سجاڳ ٿيون. آدرش گروپ، سڌار سڀا گروپ آف انڊيوڪيشن جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهندڙن جو تعداد هزارن تائين پهتو. مذڪوره شهرن جي اسڪولن ۾ سوَن جي تعداد ۾ شاگرد سنڌي پڙهندا هئا. ڌيري ڌيري تعداد گهٽجي اسڪولن کي بند ڪرڻ جي حد تائين پهتو، لاچار ڇڪي تاڻي مضمون جاري رکڻ جي حد تائين پهتو آهي.
مڌيه پرديش: گهڻو تڻو تعليمي ادارا سرڪاري هٿن ۾ رهيا. بيراڳڙه ڀوپال ۾ ڪي چار پنج خانگي ادارا رهيا. ظاهر آهي سرڪار اونو ڪندي ڪونه. سنڌين کي اهڙو جنون ته ڇڏ، چاهه به ڪونهي. شروع ۾ ڪجهه پرائمري اسڪول کولايا ويا، پر هن وقت نه جي برابر سنڌي تعليم جو بندوبست آهي.
اُتر پرديش (يو. پي): سنڌي گهڻي ڀاڱي آگري، ڪانپور، لکنؤ ۾ وسيل آهن. ورهاڱي بعد سنڌين تعليمي ادارا ته برپا ڪيا، پر نه سنڌين ۽ نه سرڪار پاران سنڌي ميڊيم کي همٿايو ويو. بس مضمون جي روپ ۾ سنڌي پاڙهڻ جو بندوبست هو. سڀ کان وڌيڪ آگري ۾ ڇهه هاير سيڪنڊري اسڪول آهن. ڪيولرام گرمکداس انٽر ڪاليج ۽ سوامي ليلاشاهه آدرش سنڌي انٽر ڪاليج ۾ شاگرد هزارن ۾، پر ميڊيم هندي، سنڌي مضمون جي چونڊ پهرين ته سوين شاگرد ڪندا هئا، پر هاڻي اهو چاهه ناهي، جڏهن ته 1996ع ۾ به 1249 شاگردن مان 568 سنڌي هئا ۽ 478 سنڌي مضمون پڙهي رهيا هئا.
دهلي: شروع ۾ نوڪري ۽ واپار سانگي چڱا سنڌي دهليءَ ۾ رهڻ لڳا. چار سنڌي ميڊيم جا اسڪول هئا، جن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ شاگرد سنڌي تعليم حاصل ڪندا هئا، پر 1980ع تائين چئن مان ٽن اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم بند ٿي ويو، چوٿين ۾ 500 کن شاگرد هئا. پر وقت جي اثر ڪري اتي ميڊيم ختم ٿيو، هاڻي ڪنهن به اسڪول ۾ ميڊيم ڪونهي، بس مضمون جي روپ ۾ سنڌي تعليم جاري آهي، اها چونڊ به گهٽ شاگرد ڪن ٿا.
هڪ تنظيم جنهن تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن تي جدا ليک لکي سگهجي ٿو، سا هئي آل انڊيا فيڊريشن آف سنڌي پرنسيپالس، جيڪا ڏهاڪي کان وڌيڪ سال سرگرم رهي. هر سال سميلن ڪندا هئا ۽ سنڌي تعليم جي ترقيءَ لاءِ رٿائون عمل ۾ اينديون هيون. جنهن جو روح رهاڻ جهمٽ مل ٽلواڻي هو.
مٿيون حقيقتون سنڌي تعليم جي ڏس ۾ تسلي بخش ئي نه حوصله افزائي ڪندڙ به آهن. اهائي رفتار رهي ها ته سنڌي گهڻائيءَ وارن مٿين صوبن ۾ سنڌي يونيورسٽي هجي ها. هزارين شاگرد پڙهندڙ هجن ها. جهجهي تعداد ۾ شاگرد I.F.S, I.P.S, I.A.S وغيره ۾ چونڊجن ها.
اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سرڪاري سطح تي اسان کي هر طرح جو سهڪار مليو. 1952ع ۾ ساهت اڪاڊمي برپا ٿيڻ تي صوبو نه هوندي به سنڌيءَ کي شامل ڪيو ويو ۽ هر سال بهترين سنڌي ڪتاب کي انعام ملندو آهي. سنڌي ٻولي صلاحڪار ڪاميٽي گهڻين رٿائن کي عملي جامو پارائيندي آهي. 1956ع ۾ ئي ڀارت جي صوبن جي نئين سر ٻوليءَ جي آڌار تي رچنا ڪئي ويئي. جنهن جو مقصد هو صوبائي ٻولين جو واڌارو ٿئي. ماڻهو نه رڳو رواجي وهنوار ۽ نوڪريون ڪن پر مادري زبان ذريعي اوچ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ڌيري ڌيري انگريزيءَ جو دٻدٻو گهٽجي. ان سلسلي ۾ سڀني اهم ٻولين لاءِ صوبا ٺهيا. اها صوبائي سرڪار ٻولي ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ ذميوار مڃي وئي، هر صوبي کي هڪ ڪروڙ روپيا گرانٽ ڏني ويئي. باقي اردو سنسڪرت ۽ سنڌيءَ لاءِ جدا صوبا نه هجڻ ڪري مرڪزي سرڪار انهن جي ترقيءَ لاءِ ذميوار رهندي. ڏٺو وڃي ته اُن بندوبست موجب اُنهن ٻولين جي ڪا قانوني حيثيت نه رهندي. عجب آهي جو سرڪار سنسڪرت ۽ اُردو کي قومي ٻولين جي شجري ۾ جاءِ ڏني، باقي سنڌيءَ کي لاوارث سمجهي ڇڏي ڏنو. اُن سجهاو جي خلاف ذهين طبقي، اديبن، سياستدانن خاص ڪري اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا آواز اُٿاريو، آندولن ٿيا، آخر 10 اپريل 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ کي جوڙجڪ جي اٺين شيڊيول ۾ جاءِ ڏيڻ واري بل کي پارليامينٽ ۾ يڪراءِ بحالي ملي.
نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج برپا ٿي. راجسٿان، گجرات، مهاراشٽر، يو-پي، دهلي ۽ مڌيه پرديش ۾ صوبائي اڪادميون برپا ٿيون. ڀارتي ڀاشا سنسٿان مئسور، M.I.IL قومي تحقيق ۽ تربيت واري ڪائونسل (N.C.E.R.T) ۽ قومي تعليمي يوجنا ۽ انتظام واري ڪائونسل NEPA توڙي يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن (U.G.C) ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيس فار مائينيورٽي ايڊيوڪيشن D.E.O.M.E جهڙا ادارا برپا ڪيا ويا، پر تعليمي پاليسي تيار ڪرڻ جي ڪنجي پوريءَ طرح صوبائي سرڪارين جي هٿ ۾ آهي ۽ سنڌيءَ کي صوبو ڪونهي، جنهن ڪري سنڌي تعليم جي موقعائتي اهميت بلڪل نه رهي آهي. مالي فائدا، روزگار، واپار، ڪورٽ ڪچهري ڪنهن ڏس ۾ ڪارگر نه هجڻ، انگريزيءَ جو وڌندڙ واهپو ۽ ضرورت، سنڌي ماسترن جي کوٽ، تعليم جي گهٽجندڙ معيار، ميڊيم مٽجڻ جو مونجهارو وغيره. 1949ع ۾ مرڪزي سرڪار پاران ديوناگري لپيءَ منظور ڪرڻ جي. آر. (G.R) جو اُگرو نتيجو، ٿورو پئسو ڪمائڻ بعد ڪوڙو ڏيکاءُ وغيره انيڪ اهڙا ڪارڻ پيدا ٿيا، جن سنڌي تعليم جي چيلهه ڀڃي اُن کي ساڻو ڪري ڇڏيو. تکي رفتار سان هلندڙ بلنديءَ تي پهتل سنڌي تعليم اڄ بيحد قياس جوڳي حالت تي پهچي ڪٿي بلڪل ختم ٿي ويئي آهي، ڪٿي دم جي مريض جيان سهڪي رڙهي رهي آهي، ڪٿي آئي سي يو جي آڪسيجن تي هلندڙ يا ڊائليسس واري مريض جي حالت ۾ زنده رهڻ لاءِ ادم ڪري رهي آهي. اڄ اسان جا ٻار ڏهن قسمن جون پرڏيهي ٻوليون سکڻ جي نه رڳو ضرورت محسوس ڪن ٿا، پر ان کي ڪاميابيءَ جو الهه- ديني (علاؤالدين) چراغ سمجهي فخر محسوس ڪن ٿا.
سنڌي واپاري ڏهن قسمن جي گراهڪن سان ڏهن قسمن جي ٻولي ڳالهائي ٿو، مالي ترقي ڪري ٿو، ان ڏس ۾ کانئس اهو وسريو وڃي ته سندس شخصيت ۾ ڪو خال ڪا گهٽتائي رهجي ويئي آهي. هو سنڌي آهي، اهو به پنهنجي ٻارن کي انگريزي يا هنديءَ ۾ ٻڌائي ٿو. اهڙي انڌي گونگي ٻوڙي محتاج نسل جو تصور ڪندي ئي امداد حسينيءَ لکيو:
انڌي ماءُ ڄڻڻيندي آهي انڌا اونڌا ٻار
ايندڙ نسل سمورو هوندو گونگا ٻوڙا ٻار
گونگا هوندا ٻوڙا هوندا ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت
ڪهڙيءَ بس تي بيٺا هوندا تنهنجا منهنجا ٻار.
سو سڄڻ! ٻار ته ڪانوينٽ ۽ سوفيا جي بس تي ئي بيهندا. اسان جو رت ولوڙڻ به پاڻي ولوڙڻ ئي ثابت ٿيندو. سنئين سڌي هڪ پيڙهي اسان کان ڪٽجي چڪي آهي. جيتوڻيڪ سروي ڪئي وڃي ته نتيجا ڇرڪائيندڙ ئي نظر ايندا. مون اول ذڪر ڪيو ته سنڌي ميڊيم سان تعليم ورتل اوچ عهدن تي پهتا، جڏهن ته انگريزي ميڊيم سان پڙهيلن هزارن ٻارن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي لائقيءَ لڳا هوندا. باقي ڇوڪرا پيءُ جو ڌنڌو سنڀالين، چاهي ولائت وڃي واپار ڪن ۽ ڇوڪريون ساهري وڃي گهرو ڪم ۾ ٽيلينٽ ختم ڪريو ڇڏين.
پهريان اڍائي ٽي ڏهاڪا سنڌي تعليم جي ترقي جنهن تکي رفتار سان ٿي، ان کان وڌيڪ تيزيءَ سان تعليم پوئتي پوندي ويئي. جنهن جا گهڻا ئي ڪارڻ آهن. گهڻا مسئلا درپيش آيا، جن مان اهم مسئلن جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم، پر سڀني کي دور ڪري سگهبو، جيڪڏهن هن هڪ مسئلي جو حل نڪتو ته!
اسين خود: سنڌي تعليم جي توڙي ٻوليءَ جي واهپي گهٽجڻ لاءِ اسين خود ذميوار آهيون. سنڌي قوم جو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ان جي تعليم ڏانهن لاپرواهي ۽ نااُميديءَ ڀريو نظريو آهي. نه ته جنهن نموني هٿين خالي هوندي به پنهنجي جنون، اورچائي، محنت سان آنڌيءَ ۾ جوت جڳائي مٽيءَ کي سون بڻائڻ جي سگهه رکي، اميدن کان گهڻي وڌيڪ مالي ترقي ڪئي. اُن جي 10 سيڪڙو جيتري سچائي ۽ ايمانداري رکي ڪوشش ڪريون ته ناممڪن ڪونهي، نئين ٽهيءَ کي جڙن ڏانهن موٽڻ جي چاهت آهي، ماضيءَ کي ڄاڻڻ جي خواهش آهي. اسان اڻڄاتل خوف وچان سنڌيءَ کان ونءُ وڃي رهيا آهيون. ان ڪري پنهنجي پنهنجي منورتي مٽايون ته ٻيا سڀ مسئلا اسان جي هڪ ڦوڪ سان اُڏامي بي معنيٰ بڻجي ناس ٿي ويندا.
ڪريون حساب حاصلاتن جو،
۽ ڪا تڪ تور تقاضائن جي.
رکي سنجيدگي ڪو سوچ ڪر،
گهٽايون عمر آپدائين جي.
ڀلي اسان ڳتيل آباديءَ مان نڪري ڪالونين جي محلات نما بنگلن ۾ رهون ٿا ته اُتي سنڌي تعليم لاءِ بندوبست نه ٿي ٿي سگهيو ڇا؟ ميڊيم نه ته مضمون جي روپ ۾ هلائي سگهون ٿا. بس اسين سجاڳ ٿيون.
تسلي بخش ڳالهه اها آهي، جو سنڌي جوڙجڪ ۾ تسليم ٿيل آهي. ان ڪري جيڪي رٿائون ٻولين جي واڌاري لاءِ ٺهنديون، انهن ۾ سنڌيءَ کي فائدو ملڻو آهي. ريڊيو، ٽي. وي، اڪادميون انعام سڀ حاصل ٿيندا، پر ان لاءِ سنڌي ڄاڻڻ ته ضروري آهي. ڄاڻ تعليم سان ئي ته ممڪن آهي.
پرڏيهه ۾ ويندڙ سنڌي، سنڌي سيٺين ۽ سنڌ ورقين وٽ آهن. سنڌي ڄاڻندا هوندا ته واپار لاءِ ڪوڊ لئنگوئج (مخفي ڀاشا) جي روپ ۾ سنڌيءَ جي ڄاڻ ڪيتري نه ڪارگر ٿيندي. برٽين، اسپينش، جرمني، جاپاني سکون ٿا ته پوءِ امڙ جي لولين جي ٻولي سنڌي ڇونه سکون؟
سنڌالاجيءَ جي نولراءِ اڪاڊمي اسڪول، ساڌو واسواڻي مشن جا اسڪول، اجمير ۾ عيسائين جو سينٽ جانس ۽ آريه پتري اسڪول، چيمبور ممبئيءَ جا وويڪانندا ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جي اسڪولن جهڙا ٻيا به مثال هوندا، جتي ٽين ڀاشا جي روپ ۾ ٻار سنسڪرت عيوض سنڌي مضمون پڙهن.
اڄڪلهه سئٽلائيٽ جو زمانو آهي. جدا جدا چئنلن جي ذريعي سنڌي تعليم جو پرچار ڪجي. هرهڪ شهر جي سٽي چئنل تي ڪلاڪ اڌ لاءِ سنڌي سکڻ جو ڪورس ۽ پروگرام هلائجن.
ڪل ملائي جيترا مسئلا آهن، ان کان گهڻا اُنهن جا حل آهن. ضرورت آهي مشنري جذبي سان پرچار جي، سرڪاري سهوليتن جي ڦهلاءُ جي، جيئن وڌ ۾ وڌ اُنهن جو فائدو وٺي سگهجي. سرڪاري ڪئلينڊرن ۾ سنڌي شهيدن ۽ اهم سنتن مهاپرشن جا ڏينهن درج ڪرائجن، جيئن غير سنڌي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار به سنڌي سنسڪرتيءَ کان واقف ٿي سگهن ۽ سنڌي ٻارن جي احساس ڪمتري ختم ٿئي.
مون کي بيحد افسوس ٿيندو آهي، جڏهن تعليم جو نالو ايندي ئي عالم، سياستدان، خود تعليم سان واسطو رکندڙ گهور نراشا ۾ ٻڏي چوندا آهن، سنڌي تعليم ختم ٿي چڪي آهي. گهٽ ۾ گهٽ گجرات ۽ راجسٿان ۾ خاص ڪري جن اسڪولن ۾ هن وقت سنڌي آهي، اتي ايندڙ ڏهاڪي تائين ته قائم رهندي ۽ جيڪڏهن ڪي شاگرد سنڌي مضمون سان IAS, RAS بڻيا ته پوءِ هاير ايڊيوڪيشن لاءِ وڌيڪ سڻائو واءُ ورڻ جا امڪانات آهن. جيڪي سنڌي تعليمي تنظيمون ۽ ادارا جوت جڳائي ويٺا آهن. اُتساهه جي تيل ۽ استاد توڙي شاگردن جي وٽ سان وڌيڪ روشن ڪريون. بيشڪ ترت نتيجو نه نڪري، پر ٻاٽ اونداهي ته نه رهي. ڪي ٻه ٽي تارا ۽ جگنو ئي روشني عطا ڪندا رهن. انٽرنيٽ جو فائدو وٺڻ لاءِ ته اول ئي عرض ڪيو اٿم.
آخر ۾ اجمير جو ئي هڪ مثال: اسان ٽي چار سال چيٽي چنڊ پکواڙيءَ ۾ ڪلچرل نائيٽس (ثقافتي راتيون) رکيون. هن سال ڪيبل ذريعي سٽي چئنل شروع ٿيڻ تي اهي هلارايون ته عجب ۾ وجهندڙ نتيجو نڪتو، جو شهر جا پڙهيل ٻار اسان وٽ آيا ۽ چيائون اسين به گيت، نرتيه ۽ ناٽڪ ۾ بهرو وٺڻ چاهيون ٿا. ائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاهه جاڳڻ بعد تعليم لاءِ به اوس جاڳندن، نراس ٿيڻ ته مان سکي نه، ڪونه آهيان.
اياز جي لفظن ۾:
جوت ٻرندي رهي، رات ٺرندي رهي،
باک جي ساک مان اڄ ڏيئي ٿو وڃان،
۽ چئي ٿو وڃان هاءُ هاريو متان.
(شاهه لطيف چيئر جي ڇپايل ڪتاب ”سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل“ 2006ع تان ورتل)
[1] . James Melvill ‘sinde’ A copy of a report of Sir George Cleark (page 68& 69)