سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569501   ڀيرا پڙهيو ويو

هاڻوڪي سنڌي الف- بي يا رومن سنڌي لپي؟ ( احسان احمد عرساڻي)


اڄ کان اٽڪل ڏيڍ سؤ سال اڳ برطانوي سرڪار طرفان سنڌي عالمن جي متفقه راءِ سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ معياري صورتخطي جوڙائي وئي، جيڪا هڪدم مقبول عام ۽ هر هنڌ مروج ٿي وئي. توڙي ان لپيءَ کي ڪامل (پرفيڪٽ) ته نٿو چئي سگهجي، پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اها لپي لسانياتي مهارت ۽ قابليت جو اعليٰ نمونو آهي. موجوده رسم الخط جي جوڙڪ مان اندازو ٿئي ٿو ته ان کي ٺاهڻ وارا سنڌي وايو ڪيات Phonetic ۾ ڪيترا ته ڀڙ هئا. اڄ پاڻ کي عالم سڏائيندڙ ڪيترائي شخص سندن مهارت کي نه سمجهندي، سنڌي الف بي تي اهڙا اعتراض اٿاريندا رهن ٿا، جن مان وايوڪيات جي ميدان ۾ هنن جي پنهنجي لاعلميءَ جي نشاندهي ٿي ٿئي. ان لپيءَ تي اعتراض اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، جن کي سنڌي وايوڪيات جو بنهه ڪو علم ناهي. باوجود ان حقيقت جي ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لپي ڇپائيءَ جي جديد ڪمپيوٽرائزڊ Computrized طريقن ۾ متعارف ٿي چڪي آهي ۽ ان ذريعي ڪيترو ئي مواد ڇپجندو ٿو رهي. اڄ به ساڳيا ئي خود ساخته عالم سنڌي لپيءَ جي اهليت ۽ قابليت تي مختلف طرفن کان شڪ ظاهر ڪندا رهن ٿا. ته صرف ايترو بلڪ ڪجهه صاحب ته ويندي ايترو به چوڻ کان گريز ڪونه ٿا ڪن ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپي اختيار ڪرڻ ناگزير آهي. ۽ اهو ته موجوده لپي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بنيل آهي. اهڙيءَ صورتحال مون کي هيءُ مضمون لکڻ تي مجبور ڪيو. مون اهڙين ڪجهه ڪاوشن جو جائزو پيش ڪيو آهي. جن ذريعي سنڌي رومن لپي اختيار ڪرڻ واري خيال کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مگر سڀ کان پهرين آئون انهن دعوائن جي علمي حيثيت پڌري ڪندس جن موجب عربي- سنڌي رسم الخط سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيل آهي.

سنڌ ايجوڪيشنل ٽرسٽ پاران رٿيل آخري گڏجاڻيءَ ۾ فزڪس جي هڪ استاد سنڌي ٻوليءَ جي موجوده رسم الخط تي پنهنجو اعتراض ظاهر ڪيو ته اهو رسم الخط ڪمپيوٽر جي ميدان ۾ اسان جي ترقيءَ ۾ حائل آهي. پاڻ وڌيڪ چيائين ته موجوده رسم الخط سان ٽيليفون، بجليءَ ۽ ٻين يوٽيلٽيز جا ڪمپيوٽرائيز بل سنڌيءَ ۾ تيار ڪرڻ ۽ ساٽويئر ٺاهڻ ممڪن ڪونهي. فزڪس جو استاد صاحب نه ڪمپيوٽر جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ رکندو هو ۽ نه ئي وري رسم الخط يا ٻوليءَ جي مسئلن بابت کيس ڪا ئي ڄاڻ هئي. تنهن ڪري اهڙي خام خيال جو شڪار هو. مون بروقت کيس ان غلطي فهميءَ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ کيس سمجهايو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. دراصل، جڏهن ڪمپيوٽر نئون نئون متعارف ٿيو هو، تڏهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪمپيوٽر کان انتهائي ناواقف هئڻ ڪري اهو سمجهي ويٺا ته شايد ڪمپيوٽر ڪا انگريزي ٻولي سمجهندڙ مشين آهي ۽ تنهنڪري ان ۾ فقط رومن رسم الخط جا اکر ئي لکي سگهجن ٿا. پر اڄ اسان ڏسي سگهون ٿا ته هن وقت سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ سمورو مواد ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي رهيو آهي. تازو ئي سنڌيءَ ۾ اي ميل سرشتو پڻ متعارف ٿي چڪو آهي. مطلب ته هاڻي اسان دنيا ۾ ڪٿي به انٽرنيٽ ذريعي عربي- سنڌي رسم الخط ئي استعمال ڪندي سنڌيءَ ۾ نياپو رسائي سگهون ٿا. تنهنڪري موجوده رسم الخط سان ئي ڪمپيوٽر تي بل ٺاهي ۽ ڇپي سگهجن ٿا ۽ ڪو ٻيو آفيس جو رڪارڊ پڻ سنڌيءَ ۾ رکي سگهجي ٿو. ان موقعي تي امداد حسيني صاحب پڻ ڳالهايو. کانئن رهيو نه ٿيو ۽ پنهنجي فطرت موجب ڪا ڄاڻ هئڻ کان سواءِ ئي هروڀرو رسم الخط تي پنهنجي راءِ ڏيڻ لڳا، جيڪا ڪير سمجهي نه سگهيو. مون کي سندن تز لفظ ته ياد نه آهن. مگر پاڻ مون ڏانهن اشارو ڪندي ڪجهه اهڙا لفظ چيائون، ”سنڌي لپيءَ جي باري ۾ آئون ايترو چوندس ته دوست شايد مسئلي کي سمجهي نه سگهيو آهي. اڄوڪي رسم الخط ۾ ڇپائي وغيره ته ٿي پئي. سافٽ ويئر ۽ ٻيو سائنسي علم به لکي سگهجي ٿو. پر مسئلو اهو آهي ته اُن سڄي مواد کي ترجمو ڪير ڪندو؟ اها ڳالهه ٻڌي مون کي ڏندين آڱريون اچي ويون. مون کي يقين نه پئي ٿيو ته سنڌي لپيءَ تي اهو ڪجهه سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري امداد حسيني چئي رهيو هو! سندس مطلب ڇا هو. اهو امداد صاحب پاڻ ئي ڄاڻي ٿو، مگر آئون ڀايان ٿو پاڻ اهو ٿي چوڻ چاهيائون ته رومن لپي اختيار ڪرڻ کان پوءِ انگريزي مواد کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي...!

عربي رسم الخط عربي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ ثابت نه ٿيو آهي. اڄ عربي ٻوليءَ ۾ ميڊيسن به پاڙهي وڃي ٿي ته ڪمپيوٽر سائنس جو علم به تاليف ٿئي ٿو. اڄ انٽرنيٽ تي عربي اخبارن جون ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي عربي ويب سائيٽون آهن. اهو سڀ هئڻ کان پوءِ به ايئن چوڻ، ته موجوده رسم الخط سنڌي ٻوليءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي، غرحقيقت پسندي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ جي مقابل به عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ فطري ۽ درست فيصلو هو. ان فيصلي جي حق ۾ تنهن وقت جا مسلمان توڙي هندو ماهر لسان به هئا ته اڄ جا ماهر پڻ آهن، جن ويجهي ماضيءَ ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. مگر تازو ئي سنڌي ٻولي اختياريءَ پاران ورلي نڪرندڙ رسالي ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو مضمون ”ڇا ڪن خاص مقصدن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لپي مٽائجي؟“ شايع ٿيو آهي. ان مضمون ۾ ڊاڪٽرصاحبه سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. سندن خيال موجب نئين ٽيڪنيڀياس Technology ۾ هاڻوڪو خط سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو دائرو مختصر ٿي سنڌ جي ٻهراڙين تائين محدود رهجي ويندو، جڏهن ته رومن خط اختيار ڪرڻ سان سنڌي ٻولي بين الاقوامي سطح جي ٻولي ٿي ويندي. ڊاڪٽرصاحبه جو عربي- سنڌي خط تي وڏي ۾ وڏو اعتراض اهو آهي ته ان ۾ گهڻيون نشانيون هئڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪمپيوٽرائيز ڇپائي ڏکي ۽ سست ٿي پئي آهي. ڊاڪٽرصاحبه جي چوڻ موجب، ڪن عالمن جي راءِ ۾ موجوده سنڌي عربي صورتخطي ناقص آهي. ڊاڪٽرصاحبه اهڙي راءِ رکندڙ عالمن جا نالا ته نه ڄاڻايا آهن، پر موجوده صورتخطيءَ جون چند خاميون بيان ڪيون آهن، جن جي نشاندهي ڊاڪٽرصاحبه مرزا قليچ بيگ پر موجوده ڪاڪي ڀيرومل ڪئي آهي. ڊاڪٽرصاحبه جو خيال آهي ته رومن خط ذريعي وايوڪيات Phonetics جي اصولن مطابق ڪنهن به نقص کان پاڪ صورتخطي جوڙي سگهجي ٿي. اهو دليل ڪيتري حد تائين صحيح آهي. ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ کان اڳ اهو سوچڻ گهرجي ته:

  • ڇا دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي نقصن کان پاڪ صورتخطي آهي؟
  • ڇا دنيا جي ترقي يافته ترين ٻولي، انگريزيءَ کي نقصن کان پاڪ صورتخطي آهي؟
  • ڇا اردو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عربي رسم الخط رڪاوٽ بنيو آهي؟

دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي ايتري ناقص ۽ غير وگيانڪ صورتخطي نه آهي، جيتري انگريزي ٻوليءَ کي، پوءِ به انگريزي سڀ کان ترقي يافته ٻولي آهي. جيتوڻيڪ انگريزيءَ واري رومن خط جي خامين تي ڪيترن ئي لسانياتدانن لکيو آهي ۽ ان کي بدترين پڻ ڪوٺيو آهي، پر ڪنهن به ان ۾ تبديلين جي پٺڀرائي نه ڪئي آهي. ٻولين جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ان جي صورتخطي رڪاوٽ نه بنجي آهي. اهڙيون ڳالهيون دراصل اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، جن کي ٻوليءَ جي مسئلن ۽ لسانياتي خاصيتن متعلق ڪو علم ناهي. توڻي صورتخطيءَ ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون ڇونه هجن، پر ٻوليءَ جو ماهر ڪنهن به حالت ۾ صورتخطي بدلائڻ جي صلاح نه ڏيندو. ڊاڪٽر فهميده عربي سنڌي خط کي ناقص فقط ان ڪري چيو آهي ته ان ۾ ”ز“ جي آواز لاءِ چار صورتون يعني ”ز“، ”ض“، ”ذ“ ۽ ”ظ“ آهن، ”س“ جي آواز لاءِ ٽي صورتون ”س“، ”ث“، ۽ ”ص“، ۽ ”ت“ جي آواز لاءِ ٻه صورتون ”ت“ ۽ ”ط“ آهن. ڇا اهي ساڳيا مسئلا رومن خط ۾ لکجندڙ انگريزي ٻوليءَ سان نه آهن؟ توڻي اها حقيقت آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ساڳي ئي آواز لاءِ هڪ کان وڌيڪ صورتون هئڻ واري خامي موجود آهي، مگر پوءِ به ان کي وايوڪيات جي اصولن کان هٽيل يا غير وگيانڪ نه ٿو چئي سگهجي. بلڪ موجوده صورتخطي انتهائي وگيانڪ ۽ وايوڪيات جي اصولن مطابق آهي. ساڳي ئي آواز جون هڪ کان وڌيڪ صورتون هئڻ وايوڪيات جي اصولن خلاف نه آهي، پر هڪ نشاني، جا ٻه آواز هئڻ وايوڪيات جي اصولن خلاف ضرور آهي. اهڙا مثال انگريزيءَ جي رومن خط ۾ عام آهن. جن جو ذڪر ڊاڪٽر فهميده پنهنجي ساڳي ئي مضمون ۾ ڪيو آهي. هڪ ئي آواز جون مختلف صورتون بنيادي سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ وارن کي هيٺينءَ ريت پڙهايون وينديون آهن.

سين             سيٽي

سي               ثواب

سواد            صوف

زي                 زنجير

زال                ذرو

زاد                 ضعيف

زوري           ظالم

اهڙيءَ ريت پاڙهڻ سان سکندڙ جي ذهن ۾ چٽيءَ طرح اهو فهم ويهي ٿو رهي ته انهن سڀني صورتن جا نالا الڳ آهن، پر اچار ساڳيا آهن.

حيرت جهڙي ڳالهه تها ها آهي جو ڊاڪٽر فهميده ۽ ڪجهه ٻيا صاحب موجوده سنڌي صورتخطيءَ کي ٻارن جي مٿان ٻوجهه ٿا سمجهن، ڇو ته ان ۾ ”ذ“، ”ض“، ”ظ“، ”ث“، ”ص“ ۽ ”ط“ جا اضافي اکر آهن. پر ساڳي وقت انهن صاحبن انگريزيءَ جهڙي ڌاري ٻوليءَ جي سکيا کي ڪڏهن به ٻارن تي ٻوجهه نه سمجهيو آهي. ۽ نه ئي ڪڏهن ان کي منجهائيندڙ به ڄاتو آهي. انگريزي ٻوليءَ جو رومن خط پڙهڻ وقت ٻارن تي ڪيترو عذاب هوندو، ان جو اندازو هيٺين مثالن مان لڳائي سگهجي ٿو.

سي               فار                 ڪيٽ

سي               فار                 چيئر

اي                  فار                 ايليفينٽ

جي               فار                 گرل

ايڇ               فار                 هارس

آئي              فار                 اِنڪ پاٽ

او                   فار                 آرينج

يو                   فار                 امبريلا

ڊبليو            فار                 وال

سنڌي سکندڙ ته ”ز“، ”ذ“، ”ض“ يا ”ظ“ جي استعمال تي اکيون هيرائي وٺندا، پر انگريزي سکندڙ ڪڏهن به اهو سمجهي نه سگهندا ته ڪنهن لفظ ۾ G جو اچار گاف وارو آهي يا جيم وارو؟ ان مونجهاري ڪارڻ ڪيترن لفظن جا اُچار ته ٻه ٻه رائج ٿيل آهن. مثال طور، Analogy کي ”اينالاگي“ به اچاريو وڃي ٿو ته .اينالاجي“ به. اهڙا ٻيا گهڻائي مثال ملي ويندا.

ڊاڪٽر فهميده صاحبه جو سنڌي عربي صورتخطيءَ تي ٻيو وڏو اعتراض اهو آهي ته ان سان ڪمپيوٽر ڪي بورڊ تي سنڌي ٽائيپنگ سست ٿي پئي آهي. ڇاڪاڻ جو موجوده صورتخطيءَ ۾ ٻاونجاهه اکر آهن، جن مان هرهڪ جون ٽي صورتون آهن، يعني اڳين، وچين، ۽ پوئين، ڊاڪٽرصاحبه جي اهڙي خيال مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته پاڻ ڪمپيوٽر ذريعي ٿيندڙ سنڌي ڪمپوزنگ کان بلڪل اڻڄاڻ آهن. ڪمپيوٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر ۾ اهوئي فرق آهي ته ڪمپيوٽر هڪ سٽائتي Programmable مشين آهي، جيڪا اهو فيصلو پاڻ ڪندي آهي ته ٽائيپ ٿيندڙ اکر جي ڪٿي ڪهڙي صورت رکبي. مثال طور، جيڪڏهن ٽائيپسٽ فقط انگلش ڪي بورڊ جي J واري ڪي دٻائيندو، ته ڪمپيوٽر ”جيم“ جي ٽن مان ڪا هڪ صورت پاڻ ئي فيصلو ڪري رکندو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽر تي ايترا سٺا سافٽ ويئر نه ٺاهيا ويا آهن، جيترا انگريزيءَ يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ لاءِ. پر تنهن هوندي به سنڌيءَ ۾ نهايت ئي سهڻي، سٺي ۽ تڪڙي ڪمپوزنگ ٿي ٿئي. ڊاڪٽر فهميده ۽ ڪجهه ٻين سنڌ دوستن جو خيال آهي ته رومن لپي اختيار ڪرڻ سان اکرن جو تعداد گهٽائي سنڌي ٽائيپنگ کي تڪڙو ۽ آسان ڪري سگهجي ٿو. پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. رومن خط ۾ ڪمپيوٽر ڪي بورڊ تي سنڌي ٽائيپنگ انتهائي سست ۽ ڏکي ٿي پوندي!

سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط اختيار ڪرڻ واري خيال جي تشهير ۾ ٻين کانس واءِ محترم حليم بروهي صاحب جو نالو قابل ذڪر آهي. حليم بروهي صاحب پنهنجي جوڙيل رومن سنڌي صورتخطيءَ کي مقبول ڪرڻ جا جتن پڻ ڪيا. سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپي تيار ڪرڻ جون ٻيون به گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن. پر اهي سڀ لپيون ان ڳالهه جي شاهد آهن ته رومن ۾ سنڌي ٻولي لکڻ مشڪل نه پر بيفائدي پڻ آهي. تازو ئي سنڌي ٻولي اختياريءَ جي چيئرمين، الانا صاحب به سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جوڙڻ جي منصوبي کي هٿ ۾ کنيو آهي. الانا صاحب اهو ڪم ذاتي حيثيت ۾ ڪرڻ بجاءِ سنڌي ٻوليءَ اختياريءَ جي پليٽفارم تان ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي متنازه رٿا جي تڪميل خاطر سنڌي ٻولي اختياريءَ جا وسيلا بروڪار آندا آهن. اختياريءَ طرفان نڪرندڙ ٽماهي نيوز بليٽن جي آخري شماري ۾ الانا صاحب پنهنجي لاءِ سنڌي لسانيات جو جڳ مشهور عالم هئڻ جو ڍنڍورو به پٽيو آهي ته هڪ مضحڪه خيز رومن سنڌي لپي به جوڙي پيش ڪئي آهي. ۽ ان تي رايا طلب ڪيا آهن. الانا صاحب ان رٿا تي ڪم شروع ڪرڻ جو واحد سبب اهو ڄاڻايو آهي ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ اهڙا ”لکين“ سنڌي آباد آهن، جن کي سنڌي ڳالهائڻ ته اچي ٿي، مگر لکڻ پڙهڻ نه ٿي اچي. انهن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي رومن خط جوڙيو وڃي. اڄ جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سنڌي ٻولي لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي، ته الانا صاحٻ کي ولايتين کي سنڌي سيکارڻ جو خيال جاڳيو آهي. بجاءِ ان جي ته سنڌي ٻولي اختياري سنڌ اسيمبليءَ کان پاس ٿيل ٻوليءَ جي بل ۽ اردو ڳالهائيندڙن سان طئي ٿيل ٻوليءَ واري معاهدي تي عمل ڪرائي، سرڪاري ادارن منجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ مستحڪم ذريعي تدريس بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، الانا صاحب هڪ انتهائي بي ثمر رٿا تي اختياريءَ جا قيمتي وسيلا ضايع ڪري رهيو آهي. ولايت ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌي ٻولي سکڻ جو نه ڪو شوق آهي، ۽ نه ئي ڪا دلچسپي. ولايت ۾ آباد سڀني سنڌين کي چڱيءَ طرح سان سنڌي لکڻ پڙهڻ اچي ٿي، جن پنهنجي اولاد کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ته پري جي ڳالهه، پر ڳالهائڻ به نه سيکاريو ۽ نه ئي مستقبل ۾ سندن اهڙو ڪو ارادو آهي. البت اڪثر والدين پنهنجن ٻارن کي قرآني تعليم ضرور ڏياري آهي. قرآن پاڪ پڙهي ڄاڻڻ مطلب عربي رسم الخط کان پوريءَ طرح واقف هئڻ. باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا سنڌي، جن کي عربي رسم الخط جي ڄاڻ بلڪل نه آهي، تن کي سنڌي سکڻ جي ايتري ئي سڪ ۽ سڌ آهي ته موجوده عربي- سنڌي رسم الخط سکڻ هنن لاءِ ڪو خاص مسئلو نه هئڻ گهرجي. سنڌي ٻولي اختياريءَ جو مقصد وطن مان انگريزي ۽ ٻين ڌارين ٻولين جو بيجا وڌندڙ اثر گهٽائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا عام ڪرڻ هئڻ گهرجي نه ڪ انگريزي ۽ انگريزي رسم الخط جي پاسداري ڪرڻ. مگر ولايتي سنڌي الانا صاحب لاءِ فقط هڪ بهانو آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته الانا صاحب، حليم بروهي صاحب، ۽ ڪجهه ٻين صاحبان سنڌي ٻوليءَ کي آخري ساهه پٽائڻ لاءِ رومن خط جوڙڻ جي سِٽَ سٽي آهي. هتي آئون الانا صاحب جوڙيل رومن سنڌي لپيءَ جو لسانياتي جائزو پيش ڪندس، جيڪا پنهنجي جاءِ تي وايوڪيات Phonetics جي اصولن کان هٽيل ته آهي ئي، پر لکڻ جي لحاظ کان به ڏکي ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي. ان لپيءَ جي مطالعي مان ئي ظاهر ٿي ويندو ته الانا صاحب سنڌي لسانيات جو ڪيڏو وڏو ماهر آهي.

الانا صاحب موجوده سنڌي صورتخطيءَ جا ٻاونجاهه اکر سامهون رکي، پنهنجي جوڙيل رومن سنڌي خط ۾ سڀني حروف صحيح جون متبادل نشانيون تجويز ڪيون آهن، ۽ ”ص“، ”ث“، توڙي ”ذ“، ”ض“ ۽ ”ظ“ اکرن لاءِ پڻ الڳ نشانيون رکيون آهن. مطلب ته سنڌي لسانيات جي جڳ مشهور عالم کي ايتري به سوجهه نه پئي ته موجوده رسم الخط ۾ اهي نشانيون شامل هئڻ جو سبب رڳو عربي لفطن جي اصل هجي برقرار رکڻ آهي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جا الڳ آواز نه ٿا اچاريا وڃن. اهڙن اکرن جا متبادل ٺاهڻ لاءِ الانا صاحب انگريزي اکرن h, s, t,z مان ڪنهن تي هڪ ته ڪنهن تي ٻه ٽٻڪا هڻي نوان اکر جوڙيا آهن. انهن مان ڪن تي ٽٻڪا هيٺ آهن ته ڪن تي وري مٿي. اهي سڀ نشانيون نيون متعارف ڪرايون ويون آهن. جي نه انگريزي ڪي بورڊ جو حصو آهن ۽ نه ئي ڪو نئون سکندڙ انهن کي سمجهي سگهندو. ساڳيءَ طرح سان اسان جي محترم عالم ”ق“، ”ح““ ۽ ويندي ”ع“ جي به الڳ متبادل نشاني تجويز ڪئي آهي. الانا صاحب کي اها به خبر نه پئي ته ”ع“ اسان وٽ حرف صحيح بجاءِ حرف علت جي حيثيت رکي ٿي. ”ع“ جي لاءِ ته هڪ انتهائي انوکي نشاني تجويز ڪئي وئي آهي، جيڪا سڃاڻپ ۾ به نه ٿي اچي.

سنڌيءَ جي داخلي ڌماڪيدار آوازن جهڙوڪ ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“، ”ڳ“ ۽ زبان موڙ آوازن جهڙوڪ ”ٽ“، ”ڊ“، ”ڙ“، ”ڻ“ جي لاءِ انگريزي خط ۾ ڪابه متبادل نشاني نه ڳولي لهي. الانا صاحب انگريزي اکرن t, d, r, b, n, j تي ٽٻڪا به هنيا آهن ته زيرون زبرون به متعارف ڪرايون آهن.

انگريزي رسم الخط حرف علت جي معاملي ۾ به تمام غريب آهي، جنهن ۾ ننڍن توڙي وڏن سرن لاءِ ساڳيا ئي اکر استعمال ٿيندا آهن. الانا صاحب وڏن سرن کي ننڍن سرن کان الڳ ظاهر  ڪرڻ لاءِ حروف علت ۾ پڻ اعرابون متعارف ڪرايون آهن. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو موجوده عربي- سنڌي رسم الخط ۾ ننڍن سرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اعرابن کي نقص سمجهند اآهن. هڪ ٻي حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسان جو جڳ مشهور عالم سنڌي- رومن لپي ٺاهڻ وقت سنڌيءَ جي سورهن سُرُ آوازن مان پورن سارن اٺن سُرُ آوازن کي وساري ڇڏيو. سائينءَ کي وسري ويو ته سنڌيءَ جا اٺ ئي سر آواز گهڻا Nasal ڪري به ڳالهائبا آهن. الانا صاحب پنهنجو گهڙيل رومن- سنڌي رسم الخط ڇپائي، ان تي رايا به طلب ڪري ورتا. پر پاڻ پنهنجي گهڙيل رسم الخط ۾ هڪ پيراگراف به لکي پيش نه ڪئي آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ته الانا صاحب نئين رومن- سنڌي خط ۾ گهڻا سر آواز ڪيئن لکندو؟

قابل ڪارج سنڌي رومن لپي جوڙڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي، اهو آئون سنڌي ٻوليءَ جون لسانياتي خاصيتون بيان ڪري ثابت ڪندس. هيٺ ڏنل خاڪو سنڌي ٻوليءَ جو ويجن سرشتو ڏيکاري ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ويجن سرشتو Consonant System  پنج رخو Five Dimensional آهي.

 

 

 

 

اهو خاڪو محترم علي نواز حاجن خان جتوئي صاحب جي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ مان ورتو ويو آهي. پنجن رخن مان مراد آهي ته ڪجهه وينجن وايومن ”ن“ جو ٻين پنجن وينجن وايومن سان تضاد آهي. مثال طور وينجن وايوم ”د“ جو تضاد ”ڌ“، ”ب“، ”ڊ“، ”ت“ ۽ ”ن“ سان آهي.

رومن خط جون، جيڪو اسان وٽ انگريزي ٻوليءَ جي ڪري مقبول آهي، ڇويهه نشانيون ٽيهٺ وايومن Phonemes واري سنڌي ٻوليءَ لاءِ انتهائي ناڪافي آهن، رومن خط خود انگريزي ٻوليءَ جون آوازن واريون ضرورتون ئي پوريون نه ٿو ڪري، جنهن جو وينجن سرشتو ٽه رخو آهي. رومن خط ۾ انگريزي ٻوليءَ جي (ڪامبينيشن) سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال طور، ”ش“ جي آواز کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ عام طريقو Sh آهي. اهي سڀ طريقا وايوڪيات جي اصولن کان هٽيل آهن. رومن خط نشانين جي لهاظ کان ايترو شاهوڪار نه آهي جو ان ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو پنج- رخو وينجن سرشتو لاڳو ڪري سگهجي. ان لاءِ ضروري ٿي پوندو ته اسين رومن خط ۾ سنڌي آوازن لاءِ الڳ نشانيون متعارف ڪرايون. جيئن عربي خط اختيار ڪرڻ وقت ڪيو ويو. جيڪڏهن رومن سنڌي لپيءَ لاءِ نيون صورتون متعارف ڪرائڻيون پيون ۽ اکرن جو تعداد ڇويهن کان وڌايو ويو ته رومن خط اختيار ڪرڻ بي فائدي ثابت ٿي پوندو يا نه؟ اهڙين نين صورتن کان نه انگريزي ڄاڻندڙ سنڌي ماڻهو واقف هوندا ۽ نه ئي اهي صورتون ڪمپيوٽر جي انگريزي ڪي بورڊ ۾ سمائبيون!

يورپ جي اڪثر ٻولين ۾ ”د“ ۽ ”ڊ“ مان ڪو هڪڙو آواز موجود آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ اهي ٻئي آواز وايوم جي حيثيت رکن ٿا ته ان ۾ ”ڊ“ جو آواز D سان ۽ ”د“ جو آواز Th سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اهو طريقو وايوڪياتي اصولن سان ٺهڪندر نه آهي. ڇوته انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ئي T جو نشان ”ٽ“ جي وايوم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان حساب سان وايوڪيات جي اصولن موجب Th جو نشان ”ٺ“ کي ظاهر ڪندو نه ڪه ”د“ کي. حالانڪ اهو طريقو وايوڪيات جي اصولن مطابق درست نه آهي، پر تنهن هوندي به انگريزي ٻوليءَ ۾ قابل ڪارج آهي. ڇوته انگريزي ٻوليءَ ۾ ”ٺ“ جي الڳ وايوم نه آهي. مگر سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ٽ“ ۾ ”ٺ“ ٻه الڳ وايومون آهن. تنهنڪري اکر D استعمال ڪندي فقط ”ڊ“ ۽ ”ڍ“ جي وايومن کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ”د“، ”ڌ“ ۽ ”ڏ“ لاءِ ڪابه نشاني نه ٿي بچي. شايد تنهنڪري ئي محترم بروهي صاحب ”ڌ“ جي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٽن رومن اکرن جي ڪامبينيشن THD استعمال ڪئي آهي ۽ لفظ ”سنڌي“ کي Sindhee ڪري لکيو آهي. ان تحريري صورت ۾ اٺ اکر استعمال ٿيل آهن، جڏهن ته موجوده عربي سنڌي خط ۾ اهو ساڳيو لفظ چئن اکرن سان لکجي ٿو. ان مان ئي خوب اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٽائيپنگ موجوده عربي خط ۾ سولي ۽ ترت آهي يا نئين ٺهڻ واري رومن خط ۾! ساڳيءَ ريت هڪ وايوم ”ت“ جو تضاد ”ٿ“، ”ٽ“ ۽ ”ٺ“ سان آهي. جيڪڏهن ”ت“ کي اکر T سان ظاهر ڪيو ويو ته ”ٽ“ ۽ ”ٺ“ لاءِ ڇويهه اکري رومن لپيءَ ۾ ڪابه الڳ نشاني نه ٿي رهجي وڃي. انهن لاءِ هڪ نئين نشاني متعارف ڪرائڻي پوندي.

ساڳيءَ طرح هڪ وايوم ”گ“ جو تضاد ”گهه“، ”غ“، ”ڳ“، ۽ ”ڱ“ سان آهي. اتي به جيڪڏهن G جي نشانيءَ کي ”گ“ وايوم لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ”غ“، داخلي ڌماڪيدار وايوم ”ڳ“، ۽ ”ڱ“ لاءِ ڪابه نشاني نٿي رهجي وڃي. انگريزي ٻوليءَ جي وايوڪيات مطابق ”ڱ“ ۽ ”نگ“ ۾ ڪوبه لسانياتي فرق ڪونهي. مطلب ته SUNG کي ”سنگ“ يا ”سڱ“ پڙهڻ سان ڪوبه معنوي ڦير نه ٿو اچي. مگر سنڌي ٻوليءَ منجهه ”ڱ“ هڪ الڳ لسانياتي ايڪو آهي، جنهن لاءِ الڳ نشاني هئڻ لازمي آهي.

مطلب ته سنڌي رومن خط جوڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ به اَٺَ اضافي نشانيون متعارف ڪرائڻيون پئجي وينديون، جن سان نه انگريزي ڄاڻندڙ سنڌي ماڻهو مانوس هوندا، ۽ نه ئي ڪو غير سنڌي. هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ اردو ميڊيم ۾ پڙهندڙ سنڌي ٻار سليس سنڌيءَ جو هڪ مضمون پڙهن ٿا. رومن خط اختيار ڪرڻ کان پوءِ اهي به سنڌي پڙهڻ يقيناً ڇڏي ڏيندا. اڄ جڏهن اسان جي معاشري تي سيٽلائيت ڪميونيڪيشن ذريعي ڌارين ٻولين جو حملو برپا ٿيل آهي ۽ سنڌي ٻولي پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهي رهي آهي. ان وقت نئون رسم الخط اختيار ڪرڻ سنڌي ٻوليءَ جي موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين اهڙيون تياريون به ڪري ويٺي آهي. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿي، ”هزارين سالن کان رسم الخط مٽبا رهيا، پوءِ به سنڌي ٻولي زنده رهي، هڪ دفعو وڌيڪ رسم الخط مٽائڻ کان پوءِ به انشاءَ الله زنده رهندي.“ مطلب ته ڊاڪٽر صاحبه جي مشوري مطابق رومن الخط اختيار ڪريو، ۽ پوءِ الله کي ويهي ياد ڪريو. ڊاڪٽرصاحبه ”انشاءَ الله“ ته چئي ڇڏيو، ۽ رومن رسم الخط اختيار ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي ”اناللهِ“ به پڙهي وٺندي.

هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي پاڙَ پنهنجي ڌرتيءَ تي ئي ڪمزور ٿي پيئي آهي. جيڪا هن وقت اردوءَ سان پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهي آهي. اردو ٻوليءَ جا انيڪ سيٽلائيٽ چينل نشر ٿي رهيا آهن. ان جي مقابلي ۾ سنڌيءَ جو هڪ به ٽي وي چينل نه آهي. ڪيترائي شهري سنڌي ٻارڙا اردو اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اردو ٻولي به عربي رسم الخط ۾ لکجي ٿي. اسان سنڌين جي معاشري ۾ عربي خط نه سکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي. ويندي ولايت ۾ آباد سنڌي خاندان به پنهنجن ٻارن کي قرآن تعليم ضرور ڏين ٿا. تنهنڪري عربي رسم الخط اسان تي اضافي ٻوجهه نه آهي. بلڪ انگريزي ٻوليءَ جي غيرضروري تعليم اسان تي ٻوجهه ضرور بڻيل آهي. شادي ڪارڊ، ملاقاتي ڪارڊ، گهرن جي ٻاهران نالي جي تختي انگريزيءَ ۾ ڇپائڻ، پنهنجو نالو پتو انگريزيءَ ۾ لکڻ، ۽ دستخط انگريزيءَ ۾ ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسين انگريزي ٻوليءَ جي سکيا تي زور اعليٰ تعليم جي غرض ڪاڻ نه ڏئي رهيا آهيون، بلڪ ان ڪري جو اسين سڀ ذهني مريض ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيون. اسين پنهنجي ٻوليءَ کي ان لائق نه ٿا سمجهون ته ان ۾ تعليم حاصل ڪريون يا ويندي دعوت نامور به ڇپايون. ٻيو سڀ ته ٺهيو، پر ان معاملي ۾ اسان جي ادارن جو ڪردار به منفي رهيو آهي. خاص طور جڏهن کان الانا صاحب اختياريءَ جو چيئرمين ٿيو آهي، تڏهن کان نيوز بليٽن ۾ به ”سنڌي ٻولي اختياري“ يا ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“ بجاءِ ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ لکيل نظر ايندو آهي، ۽ ثقافتي ميلن جا دعوتنامه به انگريزيءَ ۾ موصول ٿيندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي حقيقي عالمن کي گهرجي ته سنڌي ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ عظمت متعلق جاڳرتا پيدا ڪن ۽ موجوده رسم الخط ذريعي ئي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين توڙي غير سنڌين درميان سنڌي ٻوليءَ جي سکيا عام ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺن.