سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574144   ڀيرا پڙهيو ويو

ورهاڱي بعد ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديليون ( ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)


هندستان جي ورهاڱي کان اٽڪل ٻارهن سال پوءِ جي ڳالهه آهي، پونا يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۽ سنسڪرت ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، اُن يونيورسٽيءَ مان لسانيات ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي هئم. پوني ۾ لسانيات جي اڀياس ۽ ٻولين تي تحقيق ڪرڻ جو مکيه مرڪز آهي. ”ڊيڪن ڪاليج پوسٽ، گرئجوئيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ“، جتي اسان جا ڪلاس هلندا هئا. ان زماني ۾ اُنهيءَ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مشهور ڀاشا وگياني پروفيسر ڪَتري هو. کيس جڏهن اها ڄاڻ پيئي ته منهنجي مادري زبان سنڌي آهي، ته هن مون کي سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. مون کي ٻولين جي اڀياس ڪرڻ جو اڳيئي گهڻو چاهه هو. سو ايم. اي ڪرڻ بعد ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي رچنا“ (Morphology of Sindhi) موضوع تي تحقيقي مقالو لکيم. ان تي پونا يونيورسٽيءَ سال 1965ع ۾ مون کي پي. ايڇ ڊيءَ جي ڊگري عطا ڪئي.

پروفيسر ڪتريءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان خاص عشق هو. جڏهن به ڪنهن سنڌيءَ سان گڏبو هو  ته کيس ان تي تحقيقي اڀياس ڪرڻ جي صلاح ڏيندو هو. اهڙا ويچار هن منهنجي والد صاحب پنڊت ڪشنچند جيٽلي جي سنڌي ٻوليءَ تي، هنديءَ ۾ لکيل ڪتاب جي مهاڳ ۾ به ظاهر ڪيا آهن. هو لکي ٿو:

”هند- آريائي ٻولين جي سٿ ۾ سنڌي هڪ اهم ادبي زبان آهي. ملڪ جي ورهاڱي بعد سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نرالي حالت پيدا ٿي پيئي آهي. ڀارت ۾ سنڌي مادري زبان وارن جي چئني طرف، ٻيون- هند آريائي ۽ دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندڙ آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻين ٻولين جي وچ ۾ ايترو ته گهڻو ۽ سڌو ردِ عمل شروع ٿي ويو آهي، جيڪو رواجي تاريخي حالتن ۾ عام طور ممڪن نه هو. هن قسم جي سياسي ۽ سماجي اُٿل- پِٿل ذريعي، اسان جي ملڪ ۾ ٻولين جي ڄڻ ته لئبارٽري برپا ڪئي ويئي آهي. اُن ۾ لسانيات جو ماهر جدا جدا ٻولين وچ ۾ ٿيندڙ ردِعمل، هڪ ٻئي تي پوندڙ اثرن ۽ اُنهن جي نتيجن جو باريڪيءَ سان حقيقي جائزو پيش ڪري سگهي ٿو. لسانيات جي ماهرن لاءِ هيءُ دؤر هڪ يگانو ۽ نهايت ئي موزون موقعو آهي.“ (انگريزيءَ ۾ لکيل مهاڳ جو سنڌي ترجمو)[1].

پروفيسر ڪَتريءَ جا اهي ويچار، ورهاڱي بعد سنڌ ۾ پيدا ٿيل حالتن ۽ انهن جي ڪري اُتي سنڌي ٻوليءَ تي پوندڙ اثرن سان به لاڳو ٿين ٿا. ورهاڱي بعد، ڀارت مان الڳ الڳ ٻوليون ڳالهائيندڙ مهاجر، جهجهي تعداد ۾ وڃي سنڌ ۾ ڳاهٽ ٿيا. اُنهن ۾ گهڻائي اردو ڳالهائيندڙن جي آهي. اِن کان سواءِ اردوءَ کي پاڪستان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو به عطا ڪيو ويو آهي. اِن جو اثر سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پوڻ لازمي آهي. ڀارت ۽ پاڪستان، ٻنهي ملڪن ۾ انگريزيءَ کي اهم درجو حاصل ٿيل آهي. اِن جو گهرو اثر نه فقط سنڌي ٻوليءَ تي، پر ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۽ دنيا جي ٻين به گهڻن ئي ملڪن جي ٻولين تي اوڻويهين عيسوي صديءَ کان وٺي پوندو رهيو آهي.

ملڪ ورهاڱي بعد، ڀارت توڙي سنڌ ۾ پيدا ٿيل حالتن، ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ٻين ٻولين جي اثر سببان، سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل مکيه تبديلين جو مختصر جائزو هتي پيش ڪيو وڃي ٿو.

انهيءَ کان اڳ ٻولين ۾ تبديلين بابت ڪجهه حقيقتون اسان کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:

هر ڪنهن زندهه ٻوليءَ ۾ تبديلي اچڻ لازمي آهي.

هتي ”زنده“ صفت جو مطلب آهي، اُها ٻولي، جنهن جي ذريعي ڪنهن ڀاشائي سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ ويچارن جي ڏي- وٺ ڪن ٿا، وهنوار ڪن ٿا. هن دور ۾ سنڌي، هندي، اُردو، پنجابي، گجراتي، مراٺي وغيره ان قسم جون ٻوليون آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ پالي، پراڪرت (ارڌ- ماگڌي، مهاراشٽري وغيره) ۽ اَپَڀرنش اُهي آڳاٽيون ٻوليون آهن، جيڪي هاڻي روزاني زندگيءَ جي وهنوار ۾ ڪتب نٿيون اچن. اِهي فقط ادبي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ محفوظ آهن. سنسڪرت پڻ قديم دور جي ٻولي آهي، پر انهيءَ جي حالت ڪي قدر نرالي آهي. اها هاڻوڪي دور ۾ به اهڙي جاندار ٻولي آهي، جو هن وقت به ڀارت جي علائقائي ادبي ٻولين ۾ نوان نوان ٽيڪنيڪي اصطلاح جوڙڻ لاءِ عالم سنسڪرت جي مدد وٺندا آهن. ڏکڻ ڀارت جي ڪيرل صوبي جي ڪن ڳوٺن ۾ سنسڪرت روزاني زندگيءَ جي وهنوار ۾ به ڪتب ايندي آهي. ان کان سواءِ ڀارت ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان به سنسڪرت ۾ روزانيون خبرون ڏنيون وينديون آهن. هر سال ان ٻوليءَ ۾ گهڻيئي ڪتاب ۽ ادبي رسالا به شايع ڪيا ويندا آهن.

  • ٻوليءَ ۾ ڦير گهير اُنهيءَ جي هرهڪ ڀاڱي ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو آوازي سرشتو، لفظن ۽ جملن جي ويڪارڻي بيهڪ ۽ معنيٰ وارا پهلو شامل آهن.
  • عام رواجي حالتن ۾ ٻولي ۾ تبديلي ايتري ته آهستي ٿيندي آهي، جو اُها محسوس ڪانه ٿيندي آهي. اسين اِهو به خاطريءَ سان ٻڌائي ڪونه سگهندا آهيون ته ڪهڙي تبديلي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي شروع ٿي. جيڪڏهن ٻولين ۾ تبديليءَ جي رفتار تيز هجي ها، ته اُن ڀاشائي سماج وارن جو هڪ ٻئي کي سمجهڻ ئي مشڪل ٿي پوي ها. مثال طور، شاهه جي رسالي ۾ گهڻيئي اهڙا جهونا سنڌي لفظ ۽ وياڪرڻ جا روپ ملن ٿا، جيڪي اڄڪالهه جي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ واهپي ۾ نٿا اچن. جيئن: گهاگهائِڻ (کِلڻ)، سيَم) (مون ٻُڌا)، سترياءِ (تون سان گڏ سُتي/ سمهي)، دوسنئان (دوستن کان)، ڏاگهنؤن (ڏاگهن کان)، رائَرُ (سرڪاري ڍل/ ٽئڪس)، نِيرَ (زنجير)، رئي (چمڪ)، پُئان (پُٺيان)، مَڇُڻ (متان).

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ حالتون.

                        ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ حالتون اهڙيون سازگار نه آهن، جو اُها پاڻمرادو سڀاويڪ طرح، ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي سگهي. اَچو ته اَول ٿوري ۾ اِنهن تي ويچار ڪريون:

  • علائقائي حالتون: ڀارت ۾ سنڌي لوڪ جدا جدا ڀاشائي صوبن ۽ ايراضين ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. سال 1991ع جي آدمشماريءَ ۽ ٻولين جي انگن اکرن موجب، ڀارت ۾ 848، 22، 21 (ايڪويهه لک، ٻاويهه هزار، اَٺ سئو اٺيتاليهه) شخصن پنهنجي مادري زبان سنڌي لکائي آهي. ان مطابق ڀارت ۾ سنڌي، ڪُل آدمشماريءَ جو 25 سيڪڙو مس آهن. انهيءَ ڳڻپ ۾ ڪڇي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي سرحدن سان لڳندڙ گجرات- راجسٿان جي ايراضين ۾، ڍاٽڪيءَ وغيره اُپ ڀاشائن جي ڳالهائيندڙن کي به شامل ڪيو ويو آهي. اهي حقيقت ۾ سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان، ورهاڱي بعد، سنڌ مان لڏي آيل سنڌين کان الڳ آهن ۽ مڪاني رهاڪن جي نزديڪ آهن. سنڌي ڳالهائيندڙن مان اٽڪل ويهه لک ماڻهو گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اُتر پرديش ۽ دهليءَ ۾ رهندڙ آهن. ورهاڱي کان پوءِ انهن ڇهن ايراضين ۾، سرڪاري توڙي خانگي سطح تي، اُنهن ننڍن- وڏن شهرن ۾ ابتدائي ۽ ثانوي سنڌي تعليم جو انتظام ڪيو ويو، جتي سنڌي گهڻي تعداد ۾ اچي رهيا.
  • تعليمي حالتون: ويهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾، ڀارت ۾ سنڌي تعليم جي هڪ جائزي (ليکواڻي، ڪنهيالال، ڀارت ۾ سنڌي تعليم، سنڌي اڪادمي، دهلي 1997ع) جي انگن اکرن مان صاف ظاهر آهي ته سال 1948- 1949ع ۾ جنهن جوش ۽ اُتساهه سان ڀارت ۾ سنڌيءَ جي دستوري تعليم ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويئي، اُها ويهارو کن سالن بعد، ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي ويئي. سال 2005ع تائين، سنڌي ميڊيم سان تعليم ڏيندڙ ابتدائي ۽ ثانوي اسڪول گهڻو ڪري بند ٿي ويا آهن. انهن جي جاءِ هندي يا انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ورتي آهي. اهڙا ڪجهه اسڪول، جن جو انتظام ڪن سنڌي سنسٿائن جي هٿ ۾ آهي، اُتي هاڻي سنڌي ٻولي فقط هڪ وشيه (subject) طور پڙهائي وڃي ٿي. سڄي ڀارت ۾ اسڪولن ۾ تعليم وٺندڙ سنڌي ٻارن جي ڪل تعداد مان پنج سيڪڙو کان به گهٽ ٻار، سنڌي ٻولي دستوري طور پڙهن ٿا. ان مان صاف ظاهر آهي ته دستوري تعليم جي سرشتي ۾، ڀارت ۾، سنڌي پوين پساهن تي آهي.
  • سماجي سرشتي جي لحاظ: کان ڏسبو ته ڀارت جي وڏن ننڍن شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ گهڻا سنڌي اهڙين ايراضين ۾ رهن ٿا، جتي غير- سنڌي ماحول آهي. اهڙن هنڌن تي جيڪڏهن سنڌي گهرن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ناهي، ته انهن ڪٽنبن جا ٻار توڙي ٽيهن، پنجٽيهن سالن جي عمر جا نوجوان پڻ، پنهنجي مادري زبان صحيح نموني نٿا ڳالهائي سگهن. آخري حد تي سنڌي ٻارن توڙي نوجوانن جو اهڙو طبقو به آهي، جيڪو سنڌي سمجهي به نٿو سگهي.
  • روزگار ۽ ڌنڌو، واپار: جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تمام محدود آهي. ان ڪري اونچي توڙي وچولي طبقي جا سنڌي، پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيم وارن پبلڪ اسڪولن ۾ موڪلڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، چاهي ڪيترو به خرچ ڇونه ڪرڻو پوين.
  • ڀارت سرڪار جي پاليسيءَ: موجب هرهڪ اسڪول ۾ هنديءَ جي تعليم لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ملڪ جي راڄ- ڀاشا (Official Language) آهي. ان ڪري ڀارت ۾ ڄاول هر سنڌيءَ کي هنديءَ جو گيان اَوس آهي، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به صوبي ۾ رهندو هجي ۽ ڪهڙي به اسڪول ۾ (انگريزي/ هندي يا علائقائي ٻوليءَ واري اسڪول ۾) پڙهندو هجي. ان ڪري هرهڪ سنڌيءَ کي ديوناگري لپيءَ جي ڄاڻ آهي، جنهن ۾ هندي ٻولي لکي ويندي آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته ڀارت ۾ انهن سنڌين جو تعداد اڄڪلهه پنج سيڪڙو به مشڪل ٿيندو، جن پنهنجي مادري زبان جي دستوري تعليم عربي- سنڌي لکاوٽ ۾ حاصل ڪئي آهي. اِن جو مطلب اهو ٿيو ته ڀارت ۾ پيدا ٿيل ٻن پيڙهين ۾، اُهي سنڌي پنجانوي سيڪڙو (95%) کان به وڌيڪ ٿيندا، جن کي عربي، سنڌي لکاوٽ جي ڄاڻ نه آهي. ان ڪري هو سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ ثقافتي وراثت کان ڪٽجي ويا آهن. اهڙن سنڌين کي جيڪڏهن سنڌي ساهت، سنڌي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ کان واقف ڪرڻ لاءِ اسين چونڊ سنڌي ڪتاب ديوناگري لاکوٽ ۾ ڇپائي کين ميسر ڪريون ته اُهي سنڌيت کان واقف ٿي سگهندا. ان بعد جيڪڏهن منجهن سنڌ جي اِتهاس ۽ سنڌي ساهت جي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ چاهه پيدا ٿئي، ته پوءِ هو پاڻمرادو عربي- سنڌي لکاوٽ جو اڀياس ڪري اُن ۾ شايع ٿيل ادب پڙهي سگهندا. اسين جڏهن غير- سنڌين کي سنڌي ادب کان واقف ڪرڻ لاءِ چونڊ سنڌي رچنائون انگريزي، هندي، مراٺي، گجراتي، اردو وغيره ٻولين ۾ ترجمو ڪري شايع ڪريون ٿا، ته پوءِ پنهنجن ئي سنڌي نوجوانن کي اِن کان محروم ڇو رکون؟

هتي اها حقيقت به اوهان جي ڌيان تي آڻڻ چاهيندس ته نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌين کي عربي- سنڌي لکاوٽ سيکارڻ لاءِ ڀارت ۾ گهڻن ئي هنڌن تي ڪوششون جاري آهن، پر اهي دائمي طور اثرائتيون ۽ ڪامياب ثابت نه ٿيون آهن. شاگردن کي انعامن وغيره جون لالچون ڏيئي سنڌي ٻولي سيکارجي ٿي. هو اسي- نوي سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري امتحان ۾ پاس ٿين ٿا. پر پوءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکاوٽ جو نيمائتو اڀياس نه ڪرڻ سببان، ٻن ٽن مهينن ۾ ئي سڀ وساري ٿا ڇڏين.

6- ڀارت ۾ سنڌين جي زوردار گهُر ۽ سانتيڪي نموني هلايل هلچل  کان متاثر ٿي، ڀارت سرڪار 10 اپريل 1967ع تي، چيٽي چنڊ جي ڏڻ تي، سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين (Constitution) ۾ ٻين مُکيه ادبي ٻولين جي فهرست ۾ شامل ڪيو. جيئن ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو ڪوبه خاص علائقو نه آهي، ان ڪري مرڪزي سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ واڌاري جي ذميواري پاڻ تي کنئي. 1975ع کان وٺي، سنڌي صلاحڪار ڪاميٽي مقرر ڪري، اُن جي صلاح سان سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ ڪجهه رٿائون عمل ۾ آنديون ويون. پوءِ سال 1995ع کان وٺي، سنسڪرت ۽ اردوءَ جي طرز تي ”نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج“ (NCPSL) نالي هڪ خودمختيار ادارو به برپا ڪيو ويو. انهيءَ دؤر ۾ ئي مٿي ڄاڻايل پنجن صوبن ۽ دهليءَ ۾ سرڪاري مدد سان سنڌي اڪادميون به برپا ٿيون. ان طرح جي سرڪاري مدد ملڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ جوڳي رٿابندي تيار ٿي نه سگهي آهي.

هتي اها حقيقت به ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي ته جيستائين ڪنهن به جاتيءَ ۾ پنهنجيءَ ثقافتي وارثت، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب سان پيار پيدا نه ٿيو آهي، تيستائين اُن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ سرڪاري مدد گهڻي ڪارگر ثابت نه ٿي سگهندي.

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديليون:

سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ ڦيرگهير:

(الف) غير سنڌي ماحول ۾ رهندڙ، 30 کان 35 سالن ۽ ان کان گهٽ عمر واري نوجوان پيڙهيءَ جا اُهي سنڌي، جن پنهنجي مادري زبان جي دستوري تعليم نه ورتي آهي، اُهي هنديءَ جي اثر ڪري، هيٺيان آواز درست نموني اُچاري نٿا سگهن:

 

/خ/جو/ک/ اُچار:

خان< کان؛

ختم< کتم

/غ/جو/گ/ اُچار:

غريب< گريب؛

غم< گم

/ز/جو/ج/اُچار:

راز< راج؛

زمانو< جمانو

/ف/جو/ ڦ/ اُچار:

فن< ڦن؛

فال< ڦال

/ڱ/ جو/نگ/ اُچار:

مُڱ< مُنگ؛

سڱ< سنگ

/ڃ/جو/ن/يا/نج/:

وڃان< ونان؛

سُڃ< سُنج

(ب) سنڌيءَ جا داخلي ڌماڪيدار وينجن (consonants) /ڳ، ڄ، ڏ، ٻ/ جيڪي اسان جي ٻوليءَ جي اهم خاصيت آهن، اُنهن جا اُچار ننڍي ٽهيءَ وارا سنڌي ٻار، اڪثر بدلي، نمبر وار /گ/، ج/، /د/، /ب/ ڪن ٿا:

 

/ب/</ب/:

ٻير<بير؛

ٻلي< بلي

/ڏ/</د يا ڊ/:

ڏاڏو< دادو؛

کڏ< کڊ

/ڄ/</ج/:

ڄڀ< جڀ؛

ڄاور< جارو

/ڳ/</گ/:

ڳلا< گلا؛

ڳن< گن

(ٻ) تتسم نڪان اُچار ڪرڻ جي سنڌيءَ ۾ خاصيت آهي، جيڪا گهڻي قدر گهٽجي ويئي آهي.

ڪلان< ڪلا؛ ليلان< ليلا؛ سيتان< سيتا؛ نندي< ندي؛ ميران< ميرا.

(پ) سنڌي ٻوليءَ جي ٻي مکيه خاصيت اها آهي ته لفظن جي آخر ۾ ايندڙ ننڍا سُر (vowels)/ اَ، اِ، اُ/ چٽا اُچاربا آهن، ڇاڪاڻ ته اسمن جي گردان جو آڌار اُنهن تي آهي. نوجوان طبقي جا سنڌي، هنديءَ جي اثر ڪري، انهن جو چٽو اُچار نٿا ڪن، جيئن: کڏ< کڊ؛ راتِ، گهرُ< گهر.

2. وياڪرڻ جي سرشتي ۾ تبديل:

  1. 1. اسمن جي آخر ۾ ايندڙ ننڍا سُر جڏهن اُچارن مان نڪري ويندا ته لفظن جي عدد، جنس ۽ حالت تي گهڻو اثر پوندو. ان ڪري وياڪرڻ جا جدا جدا روپ هڪجهڙا ٿي پوندا. غير- سنڌي ماحول ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻوليءَ ۾ اهڙي تبديلي چڱي قدر اچي چڪي آهي.

مثال:

گهر- گهَرَ- گَهر/ گَهَر/گَهَر ۾< اهي سڀيي روپ ”گهر“ بڻجي پيا آهن.

سنڌيءَ ۾ ”اَ“ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم، جنس مونث آهن. جيئن ته، زالَ، کڏَ، کٽَ، رَنَ، خَبَرَ، موڪَلَ. لفظن جي اُچارن مان اِهي آخري سُر نڪري وڃڻ ڪري، جنس جي سڃاڻڻ جي اِها خاصيت گم ٿي رهي آهي.

  1. 2. هنديءَ جي اثر هيٺ، اڄڪلهه پنجاهه کن سالن جي عمر وارا سنڌي به ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ گهڻن ئي سنڌي مذڪر اِسمن کي جنس مونث ڪري پيا استعمال ڪن.

مثال طور:

دوڪانون، ڪتابون، غزلون- درست روپَ آهن: دوڪانَ، ڪتابَ، غزلَ.

هن قسم کاڌو< هُن قسم کاڌي

سَمپادڪ جي قلم مان- درست آهي: سمپادڪ جي قلم مان.

  1. 3. لفظن جي اُچارن مان آخري سُر نڪري وڃڻ ڪري، فعلن جي جدا جدا روپن تي به اثر پيو آهي.

مارِ< مار؛ ڪَرِ< ڪَر؛ وڃُ< وڃ؛ بيههُ< بيهه

  1. ضميري پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي مکيه خاصيت آهي. اَڄڪلهه انهن جو واهپو، ڳالهائڻ توڙي لکڻ واري سنڌيءَ مان، گهڻي قدر ختم ٿي ويو آهي. ڪن هنڌن تي مون کي انهن جو غلط استعمال به نظر آيو آهي. جيئن ته ڀارت ۾ پنجاهه کن سالن جي عمر وارا سنڌي مرد پڻ عام ميڙن ۾ تقرير ڪندي، پنهنجي لاءِ جنس مونث جي فعلن جو استعمال پيا ڪن. (مان ڪندَس، مان ويندَس، مان چوندَس) ”سَندو“ ضميري پڇاڙيءَ سان گڏ استعمال ڪرڻ جي شناس سنڌي پاڙهيندڙ ماسترن کي به نه رهي آهي.

مثال طور:

سندَس پُٽُ آيو آهي. (صحيح آهي: سندُس پُٽُ آيو آهي).

سندس کي = هن کي؛ سندَس وٽ= هُن وٽ؛ سندَس جو= هن جو، اهڙا غلط استعمال مون کي نامي ليکڪن جي لکڻين ۾ به نظر آيا آهن.

اَنبُ کاڌَم (صحيح= ’کاڌُم‘) پاڻي پيتَم (صحيح= ’پيتُم‘)

هڪ ٻار کان سوال پڇيو ويو: ”ماڻهين ڪٿي آهي؟”

هن وراڻي ڏني: ”ماڻهين ڪچن ۾ آهي.“

کيس اها ڄاڻ نه هئي ته ”ماڻهين“ جو مطلب آهي ”تنهنجي ماءُ“.

  1. 5. سنڌيءَ ۾ ٻي خاصيت آهي- فعل جي بنياد ۾ پڇاڙي لڳائي ”ڪرمڻي“ ۽ ”ڀاوي“ پريوگ وارا فعل جوڙڻ. هنديءَ ۾ ان قسم جي رچنا نه هئڻ ڪري، سنڌيءَ ۾ به هنديءَ جي طرز تي فعلن جوڙڻ جو واهپو وڌندڙ آهي.

نه مارجي < نه ماريو وڃي. چيومانس< مون هن کي چيو.

نه بيهجي< نه بيهڻ گهُرجي ڪتاب ڏنامانس< مون هن کي ڪتاب ڏنا.

  1. هرهڪ ٻوليءَ ۾ پنهنجا نرالا محاورا هوندا آهن. ننڍي ٽهيءَ وارن سنڌين جي ٻوليءَ مان محاورن جو واهپو گهڻو گهٽجي ويو آهي، جيئن ته ”پڳڙيون ٿيڻ“، ”جُڃ تي بيهڻ“، ”سورهن ئي سر اڌ پورا ڪرڻ“، ”گورروئي گنگا تي اَٿس“. ٻئي طرف هندي محاورن جو استعمال وڏن وڏن ليکڪن جي لکڻين ۾ پڻ گهڻو وڌي ويو آهي.

مثال طور:

چوُنو لڳائڻ،

ڇٺيءَ جو کير ياد اچڻ،

ٺيس پهچائڻ،

ڦوليو نه سمائڻ،

سامنو ڪرڻ،

خون پسينو هڪ ڪرڻ

چار سؤ بيس

 

  1. سنڌيءَ جو شبد ڀنڊار: شبد ڀنڊار جو مطلب آهي ٻوليءَ جي لغات، لفظن جو ذخيرو. وياڪرڻ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شبد- ڀنڊار ۾ گهڻي تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي، اِها تبديلي مکيه طور ٻن قسمن جي آهي.
  2. i. سنڌ جي جاگرافيءَ، ڦلن- ڦولن، ڀاڄيُن، ڳوٺاڻي ثقافت وغيره سان واسطو رکندڙ لفظ، ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ مان واهپي مان نڪري ويا آهن. نوجوان پيڙهيءَ جا گهڻا سنڌي ته اُنهن کان واقف به نه آهن.
  3. ii. ٻئي طرف انگريزي، هندي ۽ ڪن علائقائي ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ تيز رفتار سان جذب ٿيندا پيا وڃن. اِهو رجحان نه فقط ٻول- چال واري سنڌيءَ ۾، پر ادبي لکڻين ۾ به گهڻي قدر نظر اچي ٿو. خاص طور اخبارن جي ٻوليءَ ۾ ته اهو ايتري قدر وڌي چُڪو آهي، جو اُن سان سنڌي ٻوليءَ جو سڀاويڪ روپ ئي بگڙي ويو آهي. هتي ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

(الف) مُتروُڪ ٿيل لفظ

  • کاڌي جون شيون: ڌاڃورا، لوڙهه، ڪُمَ، ڪوڻيون، پٻڻيون، لِيار، گيدوڙا، ٻوراڻي، پَڪا، پُسي.
  • پُراڻي ماپ- تور: پاٽي، ٽويو، چوٿائي
  • پُراڻا سڪا: پائي، آڌيلو، ٽڪو، آنڪ، ٻياني، پائُلي.
  • ٿرپارڪر جي طبعي حالتن سان واسطيدار لفظ:

                     ڏهَر                  :ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين.

تڙڪول:  ڀٽ يا دڙي جو اُهو حصو، جنهن تي سج اُڀرڻ وقت اُس پوي.

ٽونڪ:      چوٽيءَ وارو ريتيءَ جو وڏو دڙو.

لَڪَ:           ريتيءَ جو وڏو دڙو.

ساڳيءَ طرح، سنڌي مسلمانن جي ثقافت سان واسطو رکندڙ ڪن لفظن جي ڄاڻ ڀارت جي عام سنڌين کي نه آهي. جيئن ته: ڪارو- ڪاري، حق بخشائڻ، ذبح ڪرڻ وغيره.

(ب) ٻين ٻولين جا سنڌيءَ ۾ داخل ٿيل لفظ:

1. انگريزيءَ جا گهڻا لفظ اهڙا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ٻين علائقائي ٻولين ۾ جذب ٿي ويا آهن. جيئن ته، اسٽيشن، پلئٽفارم، اسپتال، ڊاڪٽر، نرس، ماستر، اسڪول، ڪاليج، گلاس، ڪلاس، ڪرڪيٽ، بئٽ- بال، رنس/ رنسون، ريڊيو، ٽيليويزن وغيره. تازو جديد ٽيڪنالاجيءَ جا گهڻيئي انگريزي لفظ جيئن جو تيئن، سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتب پيا اچن. جيئن ته ويب- سائيٽ، سائبر ڪئفي، ڪامپيوٽر، فلاپي، اي- ميل فئڪس، موبائيل فون.

2. هندي لفظ: ملڪي انتظام سان واسطو رکندڙ لفظ لازمي طور سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن. جيئن ته: راشٽر پتي، اُپ- راشٽر پتي، پرڌان منتري (وزيراعظم) مُکيه منتري (چيف منسٽر)، سَنسَد ڀَون (پارليامينٽ هائوس)، سَچو (Sachiv سيڪريٽريٽ)، سَچواليهَ (سيڪريٽريٽ). اهڙن لفظن کان سواءِ ٻيا به گهڻيئي هندي لفظ، سنڌيءَ ۾ عام جام واهپي ۾ پيا اچن. جيئن ته: آڪاشواڻي (ريڊيو)، دُوردرشن (ٽيليويزن)، درشَڪ (Viewer)، آتنڪ (دهشت)، پُرشارٿ (اُدم)، واتاورَڻ (environment)، اُدگهاٽن (inauguration)، سواگت (آجيان) وغيره. سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به ٽيڪنيڪي لفظ يا اصطلاح، جيڪي اڳي عربي، فارسيءَ وارا ڪتب ايندا هئا، اُنهن جي بدران هاڻي هندي اصطلاحن جو واهپو وڌندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردن کي عربي- فارسي لفظ اؤکا محسوس ٿين ٿا، جو هنن اُهي ڪڏهن ٻُڌا- پڙهيا نه آهن ۽ هندي ٽيڪنيڪي اصطلاحن کان هو اڳيئي واقف آهن. مثال طور گرامر جا ڪجهه لفظ ڏسو: وَرتمان ڪال (زمان حال)، ڀُوت ڪال (زمان ماضي)، ڀوشيه ڪال (زمان مستقبل)، سنگيا (اِسم)، سَروَنام (ضمير)، وِشيشڻ (صفت)، ڪِريا (فعل)، پُلِنگ (مذڪر) استري لِنگه (مونث) وغيره.

3. سنڌيءَ ۾ گجراتي لفظ: راجي نامو (استعفا)، کيڙوت (ڪسان)، گامڙو (ڳوٺ)، چؤڪس (خبردار)، ڀوائي (لوڪ ناٽڪ جو هڪ قسم)، گربا (لوڪ ناچ جو هڪ قسم)، واستو پُوڄن (نئين گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جي پُوڄا)

4. سنڌيءَ ۾ مراٺي لفظ: پيٺ (گهٽي، علائقو)، وديا پيٺ (يونيورسٽي)، رنگولي (مڪان جي مکيه دروازي جي ٻاهران زمين تي رنگن سان چتر ڪڍڻ)، ڪُنڪمُ پتريڪا (شادي لاءِ دعوت نامو) سينگه دڻا (بيهي مُڱ)، جڪات ناڪو (چُونگي، ناڪو، ٽول ٽئڪس ڀرڻ جي جاءِ)، شريکنڊ، چِڪي، ڀيل پوري، (کاڌي جون شيون)، وغيره.

5. سنڌيءَ ۾ پنجابي لفظ: ڀٺُورا، ڪُلچا (کاڌي جون شيون)، ڀانگرا، گِدا (لوڪ ناچ جا قسم)، لاڙا- لپا (لوڙ آسرا، بهانا) ٺاڪو (مڱڻي جي پڪي مصري).

6. سنڌيءَ ۾ ڏکڻ ڀارت جي ٻولين جا لفظ: اِڊلي، ڊوسا، سامبر وڙا، اُتپَم رَسَم، اُپَما (کاڌي جي شين جا قسم).

7. ڪِن سنڌي لفظن جي معنيٰ ۾ ڦيرگهير: سنڌيءَ ۽ علائقائلي ٻولين ۾ جيڪڏهن ڪجهه لفظ ساڳئي اُچار وارا آهن، پر اُنهن جي معنيٰ علحدي آهي، ته سنڌيءَ ۾ اهڙا لفظ علائقائي معنيٰ سان به ڪتب پيا اچن. جيئن ته مراٺيءَ ۾ ”مَست“ جي معنيٰ آهي سُهڻو، دلڪش ۽ سنڌيءَ ۾ معنيٰ آهي ”چريون، پاڳل“. پر هاڻي سنڌيءَ ۾ به اهو لفظ عام جام مراٺيءَ واري معنيٰ سان ڪتب پيو اچي. سنڌيءَ ۾ ”واندو“ لفظ جي معنيٰ آهي ”فرصت وارو“. پر هاڻي گجرات جي سنڌين ۾ اِهو لفظ گجراتي معنيٰ ۾ واهپي ۾ پيو اچي: واندو ناهي: چنتا، ڳڻتي ناهي).

سنڌي لکاوٽ ۾ غلطيون:

ڀارت جي تعليمي سرشتي ۾ ورهاڱي بعد شروعاتي پندرهن کن سال سيڪنڊري اسڪولن ۾ هڪ ڪلاسيڪل ٻولي (سنسڪرت يا فارسي) پاڙهي ويندي هئي. ان دؤر ۾ گهڻيئي سنڌي شاگرد فارسي ٻولي سکندا هئا. پوءِ اهو سرشتو ختم ڪيو ويو. فارسي ٻوليءَ جو علم نه هئڻ ڪري، اڄڪلهه وڏن وڏن سنڌي ليکڪن جي لکڻين ۾ به گهڻن ئي فارسي لفظن جون هجيئون غلط لکيل نظر اچن ٿيون. مثال طور: وابسطه (درست آهي وابسته) لحاذ (درست آهي لحاظ)، مظبوت (درست آهي مضبوط)، مثئلو (درست آهي مسئلو)، مهاورو (درست آهي محاورو)، استلاح (درست آهي اصطلاح) وغيره. ان قسم جون غلطيون ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهن.

سنڌي اُپ- ڀاشائن جو فرق گهٽجڻ:

سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اُپ- ڀاشائن (Dialects) جو فرق قائم آهي، پر ڀارت ۾ هاڻي اهو فرق گهڻي قدر ختم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سنڌ جي جدا جدا علائقن مان لڏي آيل سنڌي ڪئمپن ۽ ڪالونين ۾ گڏ رهي رهيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي اسڪولن ۾ پڙهندڙ جيڪي سنڌي شاگرد آهن، اهي سنڌيءَ جي تعليم معياري وچولي سنڌيءَ ۾ وٺن ٿا، جنهن جو اثر سندن ڳالهائڻ- ٻولهائڻ تي گهڻو پوي ٿو. مثال طور: ’مان چيو‘، ’مان کي ڏي‘، ’ڪاڏي ويو‘، ’ڪاڏهون آيو‘، ’ڳوٺئون آيو آ‘ وغيره پريوگ ڀارت جي ننڍي ٽهيءَ جي سنڌين مان گهڻي قدر نڪري ويا آهن. شڪارپوري ڪٽنبن جا ٻار هاڻي ’کارڪان‘، ’کلان‘، ’کٽان‘ بدران ’کارڪون‘، ’کلون‘، ’کٽون‘ چوندا آهن.

سنڌي ادبي رچنائن مان ڪجهه مثال:

ڀارت ۾ سنڌي ليکڪن جي ادبي رچنائن جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو، هرهڪ اديب جي پنهنجي پنهنجي نِرالي عبارت آهي. لڇمڻ ڀاٽيا ’ڪومل‘ ۽ ٻلديو مٽلاڻيءَ جي ٻوليءَ ۽ عبارت تي اردوءَ جو گهڻو اثر آهي، ته پريم پرڪاش جي ٻوليءَ تي هنديءَ ۽ گجراتيءَ جو گهڻو اثر آهي. ادبي رچنائن جي ڀيٽ ۾ سنڌي اخبارن جي ٻولي، ٻين ٻولين جي اثر ڪري، گهڻي قدر بگڙي ويئي آهي. هتي ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

  • ”هر سنچار سرشتي وانگر، ڀاشا سنچار ۾ ٻه پرڪريائون هلن ٿيون. هڪ آهي ٻوڌڪ پرڪريا (Mental Process) ۽ ٻي آهي ڀؤتڪ پرڪريا (Physical Process) .... واسطيدار سُوچنا کي ڪوڊ ۾ ٻڌڻ (To Codify) ۽ وري ڪوڊ ڀڃي (To decode)، اِن مان واسطيدار سوچنا حاصل ڪرڻ، ٻوڌِڪ پرڪريا جو حصو آهي، ڇاڪاڻ جو اها پرڪريا ٻُڌيءَ جي ڌراتل تي ٿئي ٿي ۽ جنهن جي ڄاڻ گيان- اندرين دوران حاصل نٿي ڪري سگهجي.“ (ڀاشا ۽ ڀاشا وگيان، ص. 33، ستيش روهڙا)
  • ”ڪلاتمَڪ سنڌي ناٽڪ کي منچ مُيَسر ڪري ڏيڻ لاءِ سنڌي ڊراما ورڪشاپ جي اِسٿاپَنا، جنهن اڄ آرٽ ناٽڪن جي آندولن جي شڪل اختيار ڪئي آهي. ورڪشاپ دوران پيش ڪيل ٻه- سؤ کن اِمپرووائيزيشن، ٽي ڊزن ايڪانڪي ناٽڪ، ڊزن کن مائيم، اَڌ ڊزن ترجما، هڪ عدد فُل- لينٿ ناٽڪ، ڪوتائن ۽ غزلن جي وزيوئل فارم ۾ پيش ڪش.“ (لکمي کِلاڻي، پريم پرڪاش ۽ سنڌي ڊراما ورڪشاپ، مُڪتي، ص 7)
  • اوهه!/ سچ آهي./ اکين اَندرين اُنڀُوتيءَ/ جو/ اَنَتر سنگهَرش/ اَدرشيه هو/ اَدرشيه رهيو./ مان درشيه جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويُس/ تون سچ ٿو چوين/ ساهه کڻڻ وسري ويو هو مون کان.“ (هريش واسواڻي. ٻُڙي ۽ ٽي ٻُڙيون، ص 9).

اخبارن ۾ سنڌي ٻولي:

  • ”جيڪي اووَرسيز سٽيزنس آف انڊيا“ طور رجسٽر ٿيل هوندا ته کين “U” نالي ويزا ملندي، جا تا عمرَ مَلٽي- پَرپَز ۽ مَلٽي- اينٽري ويزا هوندي. تنهنجو مطلب آهي ته OCI ڪارڊ هولڊر ڪنهن به وقت، ڪهڙي به ڪم سان، ڪيتري به وقت لاءِ ڀارت اچڻ جو حقدار ٿيندو. کيس پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ کان ڇوٽِ آهي. آرٿِڪ، مالي توڙي تعليمي کيتر ۾ کيس ايتري ئي آزادي آهي، جيتري NRI کي، البت هو زرعي يا باغائي پلاٽس ملڪيت حاصل ڪرڻ جو حقدار نه رهندو.“

(سبڌي ڀاشا، هفتيوار، نَڙياد، تاريخ 2005-2-5)

  • اڄ چارون اور شانت آهي.... اڄ ديش جي ناگرڪ جون نظرون چارون اور چوڪس آهن.... اَسماجڪ تتوَ..... هي پَنگوُ پرشاسن ڪجهه نه ڪري سگهندو.... آگ ٻجهامي ڪين آهي. (اَمن هند، ديو جهوڙاڻي، ڀوپال (1993-4-1)
  • مهورِت تي آيل سڀني معزز شخصن، سوشل وَرڪرن، پترڪارن خواه لڳل  جَن  سَموُهه  کي رات جو  پريتي ڀوڄن پڻ گهڻي پيار ۽ ستڪار سان کارايو ويو. .... جوٺو ڀرامَڪ پرچار ڪرڻ جو هن پڪش، آسرو ورتو آهي.... گجرات ۾ وري پاڪستاني ناگرڪ جهجهي تعداد ۾ گُهسي آيا آهن، اهڙي ماهتي سرڪار کي ملي آهي. (سَچائي، پرسرام بوداڻي، احمد آباد (1993-5-23).
  • اَجمير ۾ رکيل ٻهوُ- ڀاشا راشٽريه سيمينار جي زوردار ڪاميابي. ادگهاٽن سَتر جو تمام سهڻي نموني سنچالن، ڊائريڪٽر سيمينار، ڊاڪٽر هاسي دادلاڻيءَ ڪيو. (چڻنگون- مهيش هنسراج پنجابي، احمد آباد (2006-2-13).
  • (الف) فون ٽيپنگ تي سرڪار جاري ڪيا دشا- نِرديش.

(ب) پردرشن ڪندڙن تي آنسو گئس جا گولا ڇوڙيا.

(پ) سڀ اَڌِڪار پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ نيپال نَريش دوار ان ديش ۾ لوڪ تَنتر بحاليءَ جي دِشا ۾ پهرئين قدم طور تي ڏٺا ويندڙ نَگر نِگم چونڊن لاءِ اڄ سخت سُرکشا ۾ مَتدان شروع ٿيو، پر هن دؤران مائو وادين ٻن جي هتيا ڪئي ۽ 10 سرڪاري آفيسرن جو اَپهَرڻ ڪيو.

(هندو روزاني، ايڊيٽر هريش ورياڻي 2006-2-10)

سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديليون:

                        ملڪ جي ورهاڱي بعد، سنڌ ۾ پڻ اهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن، جن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ چڱي ڦير گهير رهي آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ تي انگريزيءَ، هنديءَ ۽ ٻين علائقائي ٻولين جو اثر آهي، ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي انگريزيءَ ۽ اردوءَ جو گهڻو اثر پيو پوي. ان جو مکيه سبب آهي ته اردو پاڪستان جي قومي (سرڪاري) ٻولي آهي. اُها انگريزيءَ سان گڏ سرڪاري لکپڙهه ۾ ڪتب پيئي اَچي. ٻيو ته تعليمي سرشتي ۾ هرهڪ سنڌي شاگرد کي سيڪنڊري اسڪول جي سطح تي، اُردوءَ جو گهڻو واهپو آهي. ان جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي پوڻ سڀاويڪ آهي. هاڻوڪي دور ۾ سنڌيءَ تي انگريزيءَ جو اثر به ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. ڀارت وانگر سنڌ ۾ به اونچي طبقي وارا سنڌي پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيَم اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ پسند ڪن ٿا. اهڙي ماحول جي باوجود، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڌڪاڻجي وڃڻ جو خطرو نه آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته اُتي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ڀونءِ آهي، جتي صدين کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اوسر ٿيندي رهي آهي. ڳوٺن ۾ سنڌي ثقافت موجود آهي. گهرن ۾ روزاني وهنوار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو آهي، جيڪو ٻوليءَ کي امر رکندو.

سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي مکيه تبديليون مون کي نظر آيون آهن، اُهي هن ريت آهن:

  • اُردو عدد جمع وارن روپن جو وڌندڙ استعمال: خواتين، حضرات، صاحبان، ڪرامات، الفاظ، فرائض، روابط، قوانين، مضامين، خدمات.
  • حرف جملي ’و‘ وارا فقرا: عجيب و غريب، نام و نمود، شان و شوڪت، حسب و نسب، سامان و اسباب.
  • زير اضافت وارا فقرا: شجره نسب، سلسلئهِ نسب، صوانح حيات، قوتِ تحرير، خِراج عقيدت.
  • اسمن جي اردوءَ واري جنس اَپنائڻ:

 

اَڄ موسم سُٺو آهي.

درست – (موسم سُٺي آهي)

هن شراب پيتي

درست- (هن شراب پيتو)

هن غزل پڙهي

درست- (هن غزل پڙهيو)

  1. 5. اسمن جي هجي سنڌي وياڪرڻ موجب نه لکڻ:

’جوڻيجي‘ کي ’جوڻيجه‘، ’ڀُٽي‘ کي ’ڀُٽه‘ لکڻ ’ذريعي‘ کي ’ذريعه‘ لکڻ.

  1. 6. عربي- فارسي لفظن جو گهڻو استعمال:

سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ ڪتابن ۾ گهڻيئي اؤکا عربي- فارسي لفظ عام جام ڪتب پيا اچن، جيڪي ڀارت جي پڙهيل- ڳڙهيل  سنڌين جي  به  سمجهه  کان  ٻاهر آهن. مون کي  ياد  آهي، ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ 1981 ۽ 1982ع ۾ سائين غلام مرتضيٰ سيد جو لکيل دستخط ”سنڌوءَ جي ساڃاه“ ممبئيءَ مان، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان ۾ گهڻيئي اؤکا عربي- فارسي لفظ ڏسي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ فارسيءَ جي ماهر پروفيسر منشاراماڻيءَ کي عرض ڪيو ته هر هڪ ڀاڱي ۾ استعمال ٿيل اهڙن لفظن جي فهرست معنيٰ سان گڏ تيار ڪري ڏي. هن اهڙي ننڍڙي لغات تيار ڪئي، جيڪا هرهڪ ڀاڱي جي آخر ۾ شايع ڪئي ويئي. اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال ڏسو:

معاشرو (سماج)، اِستحصال (ڦرلُٽ)، نِشاندهي (اِشارو ڪرڻ)، محڪوم (غلام) مستند (سَندَي)، تفتيش (ڇنڊڇاڻ)، زرمبادله (وديشي ناڻو (Foreign exchange) مُفتوح (هارايل)، اِڪتفا (سنتوش)، اظهر من الشمس (پڌرو، ثابت)، اِبن الوقت (موقعي پرست)، نعم البدل (هم معنيٰ)، مرهون منت (احسانمند)، تارڪ الدنيا (ويراڳي)، روح القدس (پوتر آتما)، اَقوال (قول، وچن).

اهڙي قسم جي راءِ مشهور صحافي علي احمد بروهي صاحب به ظاهر ڪئي آهي. هُو لکي ٿو:

”وقت جي ڀيڙ ۽ ڀڄ – ڀڄان ۾ اسان جا نوجوان صحافي خبرن جو پورائو ڪرڻ لاءِ زور رکن ٿا اڙدو اخبارن جي اَنڌا- ڌنڌ ترجمن تي. نِج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ وڃي کڏ ۾ پيا، پر عام فهم اکرن جي به ڄاڻ نه هئڻ ڪري، هو ڌار- ڌار اڙدو اکر استعمال ڪندا رهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو اوهان کي سنڌي اخبارن اندر معطل، مثبت، تسلط، مزاحمت، منتشر، محصورين، متاثرين ۽ مداخلت جهڙا ڦوڙاٺ اکر، عام جام سنڌيءَ جي سيني تي مڱ ڏريندي نظر ايندا.“

(اَسان کي متان وساريو: گنگارام سَمراٽ جي ڪتاب ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پيش لفظ ۾ ڏنل حوالو، 1999ع).

  1. 7. ڊاڪٽر الانا جي، ان پيش لفظ مان اِهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اڄڪلهه ٽيليويزن ۽ ريڊئي تي به گهڻيئي خبرون ڏيندڙ غلط اُچار ڪن ٿا. جيئن ته ’کبرون (خبرون)، کت (خط)، گلام (غلام)، گور (غور) وغيره. اِن کان سواءِ سرائيڪي لهجي جي اثر ڪري، ڪي سنڌي ڳالهائيندڙ جملي ۾ حالت عام ۾ عدد جمع ۾ لفظن جا آخري سُر ڪيرائي ٿا ڇڏين جيئن ته:

ڇوڪري کي اَ/ اَٺِ شيون ڏي: ڇوڪريءَ کي اَٺَ شيون ڏي.

هاري ٻنَي ۾ پاڻي وهايو: هاريءَ ٻنيءَ ۾ پاڻي وهايو.

(ساڳيو ڪتاب، پيش لفظ، ص 6)

ساڳيءَ طرح، ٻين اِسمن جو استعمال پڻ سنڌي وياڪرڻ جي بنيادي قاعدن خلاف ڪيو پيو وڃي. جيئن ته:

آءٌ ڪنڊيارو مان پيو اَچان. يا آءٌ مورو مان پيو اَچان.

سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن: ”آءٌ ڪنڊياري مان پيو اَچان“، ”آءٌ موري مان پيو اچان“، ”هُو ڪالهه ممبئي ويو“ هئڻ گهرجي، ”هو ڪالهه ممبئيءَ ويو“.

  1. 8. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ هندو- مسلم ثقافت جو جيڪو مرڪب يا گڏيل (composite) روپ هو. اُهو هاڻي گهڻي قدر ٽٽي پيو آهي. سنڌي مسلمانن کي هندن جي ڏڻن وارن، ريتن رسمن جي پوري ڄاڻ نه رهي آهي. ٻئي طرف، ڀارت ۾ سنڌي هندو پڻ سنڌي مسلمانن جي خاص ريتن رسمن کان واقف ناهن. هتي ٻوليءَ جي حوالي سان پنهنجن شخصي آزمودن مان ڪي مثال پيش ڪندس.

1986ع ۾ جڏهن مان اُڻيتاليهن سالن جي عرصي بعد، پهريون دفعو سنڌ ۾ آيو هوس، ته ڪجهه ڪلاڪ لاڙڪاڻي ۾ بزرگ عالم ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سنگت ۾ گذارڻ جي خوشنصيبي حاصل ٿي هئي. سنڌي هندن جي ڪن ريتن رسمن جي بنياد تي اسان جي ٻوليءَ ۾ جيڪي محاورا ٺهيل آهن، تن بابت هن تفصيلوار ڄاڻ مون کان پڇي. جيئن ته: پڳڙيون ٿيڻ، سورهن ئي شراڌ پورا ڪرڻ، جُڃ تي بيهڻ، گوروئي گنگا تي هئڻ، ڏتر مئڻ وغيره. اِنهن رسمن جي کيس ڄاڻ ڪانه هئي. جامع سنڌي لغات (سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ) جي پنجن جلدن جا وَرق ورائيندي ڏٺم ته اُنهن ۾ چڱا ئي اهي لفظ داخل ٿيل نه آهن، جن جو واسطو سنڌي هندن جي ريتن رسمن ۽ ورتن نيمن سان آهي. تحقيقي مقالن ۾ گهڻن ئي هنڌن تي هندن جا نالا به غلط لکيل آهن (جيئن ته راءِ بهادر جڳنٿا نارائڻ، ص 35: ناجندرا ناٿ گپتا، ص 85-86، سنڌي صحافت جي اِرتقا ۽ تاريخ، ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو، 1988ع. اِنهن جا صحيح نالا آهن. نارايڻ جڳننٿا وئديه، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ جو (N.J.V High School) آهي. نگيندر ناٿ گپتا، صحيح نالو آهي.

  1. 9. عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪيترن ئي لفظن جي هجيئن جو مسئلو ٻنهي ملڪن ۾ اڃا تائين جيئن جو تيئن قائم آهي. ڀارت ۾ اعرابن جو اُهو جهونو طريقو جاري آهي، جيڪو 1950ع ڌاري درسي ڪتابن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، سنڌ ۾ هاڻي فارسيءَ وارو طريقو عمل ۾ آندو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر دائود پوٽي 1940ع ڌاري شروع ڪرايو هو. جيئن ته:

شَي/ شيَ / شئهِ / شئي؛                سَيرُ/ سئرُ

ٻَڪِري/ ٻَڪري،                                مُولُ/ مُوُل

  1. 10. سنڌ جي صحافت ۾ انگريزيءَ ۽ اُردوءَ جي آميزش واري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مثال ڏسو:

”شمشيرالحيدريءَ جي شخصيت ۽ سندس فن ۽ سنڌي اديبن، صحافين ۽ فنڪارن جي قافلي جي ڀارتي ياترا جي سلسلي ۾ اِن قافلي ۾ شامل شخصيتن جا پروفائيل، رپورٽون، مضمون collect ڪرڻ به هڪ نهايت time consuming ڪم هو. جيتوڻيڪ ڀارت ويندڙ وفد ۾ آئون به شامل هئس ۽ منهنجو نالو سڀني processes ۽ formalities مان finalize به ٿي چُڪو هو، پر پرچي جي تياري ۽ ڪن ٻين سببن ڪري مون ڀارت وڃڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي....“

(سنڌ رِويو، ڪراچي، سيپٽمبر 2005ع، ”پنهنجي پاران“ عرفان عباسي)

11. فارسي آميزش واري سنڌيءَ جا مثال:

”گرفتار زلف، خمدار جا حسن پِرست، شراب محبت جا مست، عشق جو داستان فرحت بيان هن طرح ٿا قلم کي سُپرد ڪن، ته جڏهن راحت جان تي بعد فراغت علم جي ۽ مشقت مشق قلم جي جوش جوانيءَ جو قائل ٿيو، تڏهن هُو شوق شڪار ۽ عشق عاشقيءَ ڏي مائل ٿيو....“

(آخوند حاجي فقير محمد ’عاجز‘، گلشن بهار، حيدرآباد سنڌ، 1960ع، ص 7)

”هونئن به سنڌ صوفين، صالحن، ولين، اصحابن ۽ اوليائن، پيرن فقيرن، درويشن ۽ دردمندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر، اهل علم، فاضلن ۽ فياضن سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن، سمجهدارن ۽ سگهڙن، مهمان نوازن ۽ مروت ڪندڙن، سنون، سڌن سٻاجهڙن جو ديس آهي.“

(علي نواز وفائي، يادگار مولانا وفائي، ڪراچي، 1973ع، ص 2)

اِنهن مثالن مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ شايع ٿيل هرهڪ سنڌي ڪتاب جي اهڙي عبارت آهي. سنڌ جي افسانوي ادب، ناٽڪن ۽ شاعريءَ جي ٻولي گهڻي قدر ٺيٺ، نِج، ۽ چيدي سنڌي آهي. سراج الحق، غلام نبي مغل، آغا سليم، حميد سنڌيءَ، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه وغيره جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ اسان کي نِج ۽ محاوريدار سنڌي ٻولي ملي ٿي.

  1. 12. منهنجي ويچار ۾ هن دؤر ۾ ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو فرق شبد- ڀنڊار يا لغات ۾ نظر اچي ٿو. هتي هڪ ٻه مثال پنهنجي شخصي آزمودي مان ڏيندس. ماهتاب محبوب پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته هُوءَ الهاس نگر ۾ سنڌي اديبن جي هڪ ميڙ ۾ ويٺي هئي ته ڪن اديبن سندس ساراهه ۾ چيو ته ماهتاب جو سنڌي افسانن ۾ اَهم يوگدان آهي. هن لاءِ ’يوگدان‘ لفظ بلڪل نئون ۽ اوپرو هو. هن لکيو آهي ته آتشدان، شمعدان، روشندان، پاندان وغيره لفظ ته هن ٻُڌا آهن، پر هيءُ ’يوگدان‘ ڪهڙي بلا آهي؟ نيٺ پاسي ۾ ويٺل ڪنهن ليکڪ کان ان جي معنيٰ پڇيائين، جنهن ٻڌايس ته ’يوگدان‘ جو مطلب آهي ‘contribution’ . ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته کيس منوهر مٽلاڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل ٿيسز پڙهندي ”ايڪانڪي“ لفظ جي معنيٰ سمجهه ۾ نه پئي آئي. گهڻو پوءِ جڳديش لڇاڻيءَ جي ڪتاب ”ساهت جي پرک“ پڙهندي کيس معلوم ٿيو ته ان لفظ جي معنيٰ آهي ’يڪ فصلو ناٽڪ‘ (One- act play)

ٻئي طرف ڏسجي ته ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ توڙي ٻين ڀارتي ٻولين ۾ اِهي ٻئي لفظ عام فهم آهن، جيڪي اسڪولي سطح تي درسي ڪتابن ۾ ٻار عام طور پڙهندا آهن ۽ استعمال به ڪندا آهن. سنڌ جي سفر دوران، اُتي جي سنڌي دوستن سان ڳالهيون ڪندي، سڀاويڪ طرح جڏهن منهنجي واتان ’وشيه‘ (موضوع)، ’سنتان‘ (اولاد)، ’کيتر‘ (ايراضي) جهڙا عام فهم لفظ ٿي نڪتا، ته ڏٺم اهي ڪن کي سمجهه ۾ نه پئي آيا. اُن تي پوءِ مون مٿي برئڪيٽ ۾ ڏنل هم معنيٰ لفظ پئي استعمال ڪيا.

هاڻي جيڪڏهن ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جي حالت ڏسجي ته کيسن سنڌ مان شايع ٿيل سنڌي ڪتابن ۾ ڪتب ايندڙ گهڻيئي ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ ڳوٺاڻا اصطلاح به سمجهه ۾ نه ٿا اچن. اردو، عربي- فارسي لفظن ۽ محاورن جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو.

چوويهن- پنجويهن سالن جي عمر جا سنڌي نوجوان، جيڪي غير- سنڌي ماحول ۾ ڄاوا ۽ نِپنا آهن، اهي جڏهن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ ايندا آهن، تڏهن پنهنجي ئي مادري زبان ۾ سندن لياقت جي ڪريل سطح کي ڏسي، ڏندين آڱريون ڏيڻيون پونديون آهن. ٻوليءَ جي بنيادي لفظ ڀنڊار جي به کين ڄاڻ نه هوندي آهي. ’ٺونٺ‘ کي چون ’ڪوهني‘، ’نرڙ‘ کي ’لاٽ‘، ’لوندڙيءَ‘ کي ’ڪنپٽي‘!

گذريل سال، مارچ مهيني ۾ جڏهن ڀاءُ سراج الحق ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار تي آيو هو، ته ساڻس ملاقات ٿي. هن ڳالهين ڪندي چيو ته هتي جيڪي سنڌي ڪتاب مليا اَٿم، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀارت جا سنڌي ليکڪ ڄاڻي واڻي هندي- سنسڪرت لفظ گهڻي تعداد ۾ ڪتب آڻي، سنڌي ٻوليءَ کي هندڪو ويس پهرائي رهيا آهن. اِن تي مون سندس راءِ تي اختلاف ظاهر ڪندي کيس چيو ته حقيقت ۾ اهو ڀارت جي ڀاشائي ماحول جو اثر آهي. هتي جا سنڌي ليکڪ جڏهن قلم هٿ ۾ کڻن ٿا، تڏهن اهڙا لفظ سهج- سڀاءَ سندس دماغ ۾ اڀرن ٿا. انهن جا هم معنيٰ چيدا لفظ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ موجود آهن ته انهن جي کين ڄاڻ نه آهي، يا لکڻ وقت کين اُهي لفظ هڪدم سجهن نٿا.

آزادي بعد، اٺونجاهه کن سالن جي عرصي ۾، ڀارت ۽ سنڌ جي سنڌي ٻولي، ٻنهي ملڪن جي علحدن سماجي ۽ ڀاشائي اثرن سببان، ٻن الڳ الڳ ڏِسائن ۾ اوسَر پائي رهي آهي. اهو وقت پري نه آهي، جڏهن عبارت جي لحاظ کان سنڌي ٻولي به نِرالا روپ اختيار ڪندي، جن کي ”ڀارت جي سنڌي“ ۽ ”سنڌ جي سنڌي“ سڏيو ويندو.

 

 

 

[1]  جيٽلي، ڪشنچند،  ’سنڌي ڀاشا  ڪا سنڪشپت پريچيه‘، پُڻي (مهاراشٽر) 1957ع. (پروفيسر ايس. ايم. ڪتريءَ جو لکيل پيش لفظ)