سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569388   ڀيرا پڙهيو ويو

سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولين جو سٻنڌ (ڪريم بخش خالد)


سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي فصيح ۽ نستعليق. هيءَ ٻولي، هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي، پر ان جي شروعاتي هيئت يا شڪل، موجوده سنسڪرت کان مختلف هئي.

اڄ کان اٽڪل چار هزار سال اڳ، جڏهن آريا هندستان ۾ داخل ٿيا ته، هنن وٽ پاڻ سان گڏ آندل ’انڊو- آريائي‘ زبان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون مختلف ٻوليون رواج ۾ هيون. اها ٻولي، ايراني شاخ جي ٻين ٻولين سميت، جيڪي ان وقت ايران ۾ مروج هيون، ’انڊو- يورپي‘ خاندان جي ’هندي- ايراني‘ شاخ مان نڪتي.

انهن ٻولين کان علاوه، ان زماني جي ’انڊو- آريائي‘ زبان جي هڪ ادبي طرز به هئي، جنهن ۾ ويد جا اشلوڪ مرتب ڪيا ويندا هئا، ان ڪري ان کي ’ويدڪ‘ به چيو ويندو هو. هيءَ زبان پوري طرح معياري ۽ باضابطه نه هئي، جنهنڪري اُن ’ادبي ويدڪ‘ کي آهستي آهستي ترقي ڏيئي، معياري بڻايو ويو، تان جو اها هڪ مقرر ڪيل صرف و نحو (گرامر- وياڪرڻ) سان نمودار ٿي. ان زبان کي سنسڪرت جو نالو ڏنو ويو. ان جي گرامر جا قاعدا ۽ ضابطا، حضرت مسيح جي جنم کان چار سؤ سال اڳ پاڻينيءَ مرتب ڪيا، جنهن جو وطن شلاترا (موجوده لاهور) هو. صحيح معنيٰ ۾ سنسڪرت جو اصطلاح فقط انهيءَ بامحاورا زبان لاءِ استعمال ٿيندو آهي، پر رواداريءَ ۾ ان جو اطلاق ان کان اڳوڻي دؤر تي به ڪيو ويندو آهي، تاهم اڳوڻي دؤر جي زبان کان ممتاز ڪرڻ خاطر ان کي اڪثر ’ٽڪسالي سنسڪرت‘ به چيو ويندو آهي. ان دؤر کان ٿورو پوءِ، پراڪرت (لفظي معنيٰ ۾ فطري) جيڪا عوام جي زبان هئي، ان جي مقابلي ۾ سنسڪرت معاشري جي بلند طبقن جي جماعتي ٻولي بڻجي پئي ۽ ان سببان اُها جامد ٿي پيئي ۽ ان جي صحيح استعمال تي قدرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ خاص درس آموزيءَ جي ضرورت ٿيڻ لڳي.

هاڻي سنسڪرت هڪ الهامي زبان سمجهڻ ۾ اچڻ لڳي ۽ ان جي تحويلدارن يعني برهمڻن، غير برهمڻن کي ان جي تعليم ڏيڻ مذهب جي بيحرمتي پئي سمجهيو. اهڙيءَ طرح ويدن جو پڙهڻ به عوام لاءِ ممنوع ٺهرايو ويو، جنهن ڪري انهن کي پوءِ لکيل جنگي نظمن ۽ ترانن جهڙوڪ رامائڻ ۽ مهاڀارت تي قناعت ڪرڻي پيئي. برهمڻن جي مقابلي ۾ نئين جيني ۽ ٻڌ ڌرم وارن پنهنجي تبليغ لاءِ پراڪرت کي وسيلو بڻايو، پر زياده دقيق ۽ سنجيده خيالن جي لاءِ، انهن به ڪڏهن ڪڏهن سنسڪرت جو استعمال پئي ڪيو. اشوڪ جي زماني ۾ پراڪرت جو ملڪي نظم ۽ نسق ۾ عمل دخل ٿي ويو هو.

ساخت جي اعتبار کان، سنسڪرت به عربيءَ وانگر ڪنهن حد تائين تصريفي آهي. جيئن عربيءَ ۾ ماده ۽ لفظ جو آخري حرف پاڻ ۾ لازمي طور پيوست ٿين ٿا، پر تنهن هوندي به انهن جو علحدو وجود نظر اچي ٿو، اهڙيءَ طرح سنسڪرت ۾ به ٿئي ٿو، پر سنسڪرت جي مزاج ۽ ان جي مذهبي خصوصيتن جي باوجود ان ۾ مسلمانن جي تصنيفن ۽ تاليفن جو فارسي ماخذن مان پتو پوي ٿو، ڇوته عين ممڪن آهي جو پنڊتن انهن کي باقاعده تسليم نه ڪيو هجي ۽ اهي مخطوطات جي صورت ۾ ئي تلف ٿي ويون هجن. البته سنسڪرت ۾ هڪ مسلمان جو لکيل ڪتاب محفوظ ۽ موجود آهي. ان جو نالو آهي ’سنديش راسڪ‘ جنهن کي اپڀرنش شڪل ۾ ’سنيهر ساو‘ چئجي ٿو. اهو 223 بندن جو نظم آهي ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. نظم جو مضمون هڪ عورت جو پيغام آهي، جيڪو هوءَ هڪ مسافر کي ڏئي ٿي ته سندس مڙس کي پهچائي، جيڪو گهڻي وقت کان ڪاروبار جي سلسلي ۾ وطن کان ٻاهر ويل آهي. حسن بيان ۽ حسن تخيل جي لحاظ کان هيءُ نظم نهايت دلاويز آهي. ان جي شرحن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ان جو مصنف ’اڌ مان‘ يعني عبدالرحمان هو، جيڪو هڪ ڪپڙي اُڻندڙ، ’ميرسن‘ (يعني مير حسن يا امير حسن) جو پٽ ۽ معرب جي هڪ اجنبي ملڪ جو رهندڙ هو. شايد ان جو اشارو سنڌ جي ڪنهن علائقي ڏانهن هجي، جنهن ۾ مسلمان آباديءَ جو غلبو هو. زبان جي خصوصيتن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪتاب چوڏهين صدي عيسويءَ جو آهي ۽ ٺٽي جي ميمڻ قوم سان ان جو لاڳاپو آهي.

سنسڪرت ادب جي هڪ شاخ ’اتهاس‘ آهي. يعني تاريخي ڪتاب جهڙوڪ مهاڀارت ۽ رامائڻ. هي رزميه داستان آهن، جن ۾ ديوتائن ۽ ديوين سان لاڳاپو رکندڙ پراڻا قصا ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جي رشين ۽ بادشاهن بابت داستان آهن.

يونائيٽيڊ پريس انٽرنيشنل، دهليءَ مان خبر ڏيندي ٻڌايو آهي ته هڪ هندستاني معالجه، ڊاڪٽر پي. وي ورتا، ٻارهن سالن جي تحقيق کان پوءِ ڄاڻايو آهي ته رامائڻ ۽ مهاڀارت جا رزميه داستان سچا آهن. مهاڀارت واري جنگ آچر ڏينهن 16 آڪٽوبر تي 5561 سال قبل مسيح ۾ شروع ٿي هئي. رام اڱاري ڏينهن 4 ڊسمبر تي 7323 سال قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو هو. ڊاڪٽر ورتا اهي تاريخون ۽ سال ائسٽرو- ميٿميٽڪس ۽ سيارن جي نقل و حرڪت جي اڀياس جي ذريعي معلوم ڪيا آهن، جن بابت انهن رزميه داستانن ۾ اشارا ڏنل آهن. سندس حساب موجب رام، لڇمڻ ۽ سيتا جي بنواس ٿيڻ وارو واقعو خميس ڏينهن 29 نومبر تي 7306 سال قبل مسيح ۾ ٿيو ۽ اها پاڻمرادو شهر بدري چوڏهن سالن تائين رهي.

اهڙيءَ طرح ڪن محققن جو چوڻ آهي ته ڪورون ۽ پانڊون ۾ ڪشمڪش جو ميدان مهراڻ جي وادي هو.

اسلام کان اڳ واري دؤر جي سنڌ جي تاريخ بابت مقامي ماخذن تي ٻڌل، هڪ مختصر عربي رسالو ابو صالح بن شعيب لکيو. 1026ع ۾ جرجان جي شهري ڪتب خاني جي محافظ ابوالحسن علي بن محمد، ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جناب ابوالحسن جو بيان آهي ته اصل عربي ڪتاب ڪنهن هندستاني زبان ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو هو، پر نالن جي صورت ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان جو ماخذ سنسڪرت زبان نه هئي. انهيءَ رسالي جو فارسي ترجمو هڪ وڏي تصنيف، ’مجمع التواريخ‘ ۾ شامل ٿيل آهي. رسالي ۾ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته، مهاڀارت جي سورمن جو سنڌ سان ڪهڙو لاڳاپو هو. ابوالحسن ترجمي ۾ ڄاڻايو آهي ته ابو صالح پنهنجي رسالي ۾ مهاڀارت جو داستان بيان ڪيو آهي. ان جو عام خاڪو سنسڪرت جي اصل تصنيف جي مطابق آهي، پر نالن جون شڪليون، جيڪي ڪن حالتن ۾ سنسڪرت ۾، پر گهڻو ڪري ڪنهن ديسي ٻوليءَ تي مبني آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ابو صالح ضرور پنهنجي وقت جي ڪنهن سنڌي هندوءَ کان اهو داستان ٻڌو هوندو. هيءُ فارسي ڪتاب، مهاڀارت جي موجوده مروج داستان جي ڪن اهم اختلافي امورن کي واضح ڪري ٿو ۽ اٺين صديءَ ۾ مهراڻ جي واديءَ جي ٻولين مثلاً سنڌيءَ جي تاريخ جي باري ۾ قابل قدر معلومات مهيا ڪري ٿو.

آڳاٽي زماني کان سنڌ صوبي جي زبان سنڌي آهي، جيڪا صوبي کان ٻاهر بلوچستان جي لسٻيلي، ڪڇي، ۽ سبي ضلعن، پنجاب جي رحيم يارخان ضلعي جي اڪثر باشندن جي زبان پڻ آهي. ڀارت جي ڪڇ علائقي ۾ به ماڻهن جي گهڻائي سنڌي زبان ڳالهائي ٿي، جنهن جو مقامي ڪڇي لهجو آهي.

سنڌي زبان، سنڌونديءَ جي ڏاکڻي واديءَ- سنڌ ۾ جنم ورتو. برصغير جي ٻين علائقن جي بنسبت، سنڌ هڪ ٻاهريون نواحي علائقو آهي ۽ انهي جاگرافيائي مناسبت جي ڪري، سنڌيءَ جو شمار بيروني زبان ۾ ٿئي ٿو.

سنڌوماٿر جي مرڪز- موهن جي دڙي جي پنهنجي ترقي يافته زبان هئي، جنهن کي شڪلي (صوري) خط ۾ لکيو ويندو هو. موهن جي دڙي مان جيڪي مهرون مليون آهن، انهن مان اندازو ٿو ٿئي ته اهو صوري خط اٽڪل 474 علامتن ۽ 63 عددن تي مشتمل آهي. (ڊاڪٽر احمد حسن داني: Indian Palaeography صفحو 19). اهڙيون مهرون، موهن جي دڙي جي تهذيبي خطي کان ٻاهر، ڪن ڀارتي علائقن ۽ عراق جي آڳاٽن آثارن مان به مليون آهن. اها ٻولي اڃا تائين پوري طرح پڙهي نه ويئي آهي، انهيءَ ڪري ان قديم زبان جي باري ۾ به ڪا راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. البته مختلف راين کي ٽن مفروضن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

پهريون هيءُ ته دجله، فرات ۽ سنڌ جون تهذيبون پاڙيسري هيون، ۽ انهن دريائي تمدنن ۾ جيڪڏهن ڪو لاڳاپو موجود هو ته پوءِ موهن جي دڙي جي قديم زبان سميري ۽ بابلي زبانن جي وچ ۾ به ڪو تعلق هجڻ گهرجي. سمير ۽ بابل ۾ هٿ آيل ڪن تحريرن کي پڙهيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ لفظ ’ادا‘ بمعنيٰ ’ڏاڏا‘ ملي ٿو، جيڪو هاڻي به سنڌيءَ ۾ ’ڀاءُ‘ جي معنيٰ ۾ رواج ۾ آهي. انهيءَ آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته موئن جي دڙي، سمير ۽ بابل جون قديم زبانون، ڪنهن هڪ ’سامي‘ سلسلي سان ڳنڍيل آهن.

ٻيو مفروضو هيءُ آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب آريائي تهذيب کان آڳاٽي آهي، تنهنڪري اها دراوڙي تهذيب ٿي سگهي ٿي ۽ ان ڪري موهن جي دڙي جي زبان به دراوڙي هجڻ گهرجي. آرين جي اچڻ (1500- 1200 ق. م) کان اڳ پاڪستاني علائقن ۾ دراوڙي زبانن جو رواج ممڪن معلوم ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي الهندي لاڳيتي علائقي ۾ دراوڙي سلسلي جي زبان بروهي جي موجودگي ان جي تائيد ڪري ٿي. انهي گمان تي جارج شرٽ 1878ع ۾ موجوده سنڌي زبان ۾ دراوڙي عنصر جي سراغ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مقالو لکيو، پر سندس دليل ڪمزور ۽ بي ربط آهن. دراوڙي، سنڌي زبان جو بنياد ته ڪونهي، البته ٻين پاڙيسري زبانن وانگر سنڌيءَ ۾ به دراوڙي لفظ شامل آهن، جيڪي آڳاٽن لساني لاڳاپن جو يادگار آهن. جهڙوڪ: ايلاچي (ننڍا ڦوٽا)، ڪانجهي (اُٻاريل چانورن جو پاڻي مصالا وغيره)، ڪڙهي، چاڏي، ڪاياڙو (کاٻر جو رسو) کڏي، هنڊي، نير، نيرو، منڊي، موتي، آرس، ورلو، ٽنگڻ، ملهه وغيره.

ٽئين مفروضي کي گذريل صديءَ ۾، مغربي ليکڪن هوا ڏني ۽ چيو ته برصغير جي ٻين زبانن وانگر، سنڌي به سنسڪرت مان نڪتي آهي. ديسي عالمن به ائين وسهڻ شروع ڪيو ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ’آفتاب ادب‘ ۾ سنسڪرت کي سنڌيءَ جي ماتا لکيو آهي، پر پوءِ سينارٽ (Senart)، پيشل (R. Pischel) ۽ ٻين محققن اُن نظريي جي ترديد ڪئي ۽ علمي طور ثابت ڪيو ته، نه سنسڪرت ملڪ جي عوامي پراڪرتن جو سرچشمو هئي ۽ نه وري برصغير جون موجوده عوامي زبانون سنسڪرت مان ماخوذ آهن، سنسڪرت، پراڪرت ۽ اُپڀرنش سلسلي سان وابسته هڪ نظريي موجب، موجوده سنڌي زبان کي وراچڊ اُپڀرنش مان نڪتل مڃيو وڃي ٿو.

سنسڪرت جي معنيٰ آهي فصيح ۽ نستعليق. پراڪرت جي معنيٰ آهي عوامي ٻولي. سنسڪرت کان قرابت جي لحاظ سببان دور علاقائي زبانن جي هڪ ارتقائي منزل کي اُپڀرنش چئجي ٿو ۽ تمام گهڻي بگڙيل ٻوليءَ کي وراچڊ چيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته هيءُ لساني نظريو به تاريخي شاهدين جي بنياد تي باطل آهي. سنڌي زبان، مقامي سرزمين ۽ ماحول جي پيداوار هئي. سنڌ جو علائقو، سنسڪرت جي دائره عمل کان دور هو، ان ڪري انهن جي وچ ۾ قرابت ناممڪن هئي. انهيءَ مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي هڪ اوائلي پراڪرت آهي يا اُپڀرنش مان نڪتل آهي. البته اها حقيقت آهي ته موجوده سنڌي زبان ۾ ٻين ٻولين جي لفظن وانگر، سنسڪرت جا به گهڻيئي لفظ، پنهنجي اصلوڪي شڪل ڦيرائي، مروج آهن. ڪي لفظ پالي ٻولي جي معرفت آيا، ڪي ماڻهن جي ميل جول، واپار وڻج ۽ حڪومتي ڪاروبار جي ضرورتن سببان آيا.

مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، اهڙن سنسڪرت لفظن جو ذڪر، پنهنجي ڪتاب ’آفتاب ادب‘ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، مثلاً: پورن مان پورو، سانس مان ساهه، پتر مان پٽ، چندر مان چنڊ، سورج مان سج، جڳتر مان جڳ، منش مان ماڻهو، ميگهه مان مينهن، متر مان مٽ، ڪنڀڪار مان ڪنڀار- سورن ڪار مان سونارو- ڪدا مان ڪڏهن- ڪسيه مان ڪنهن- تسيه مان تنهن وغيره.

ٻوليون اهڙي نموني سان ماڳ ۽ مهل جي ضرورتن موجب وڌن ويجهن ٿيون ۽ گوناگون رنگن ۾ رڱجن ٿيون. ٻوليون ٺهنديون آهن، ٺاهبيون ڪينهن.§

 

]ماهوار پيغام، ڪراچي، فيبروري- مارچ، 1982ع[

 

 

 

  • اهي مفروضا هاڻي پراڻا ٿي چڪا آهن، پر انهن مفروضن جي ارتقاء جي ڪڙين مان هڪ آهي. ان ڪري هتي ڏنو ويو آهي. (ادارو)