ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574191 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي زبان قديم دؤر کان سنڌ جي ماڻهن جي ٻولي رهي آهي، اها هن وقت به بلوچستان جي ضلعن جهڙوڪ ڪڇي ۽ سبي، پنجاب جي ضلعن جهڙوڪ رحيم يارخان ۽ ملتان، هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪٿي ٿوري ڪٿي گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي.
سنڌ تي گهڻين ئي قومن قبضا ڪري حڪومتون ڪيون ۽ سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون، پر سنڌي ٻولي پوءِ به سلامت رهندي آئي آهي. قدرت هرهڪ پرڳڻي کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڏني آهي. سموري عربستان لاءِ عربي ٻولي آهي، ته فارس (ايران) لاءِ فارسي. انگريزن سنڌ تي 100 سال حڪومت ڪئي، پر پنهنجي ٻوليءَ کي اسان مٿان نه مڙهيائون، پر ان جي برعڪس سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ (الفابيٽ) کي سينگاريائون. اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو موجوده سڌارو آيل آهي، سو انگريزن جو اسان تي ٿورو آهي. جڏهن ته اسان جي سنڌي عالمن کي به سلام آهي، جن پنهنجي ٻوليءَ کي خوبصورت الفابيٽ ڏني هئي. انگريز فاتحن سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ کي ڀرپور انداز ۾ سنواريو، سينگاريو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ پرڳڻي لاءِ دفتري، سرڪاري توڙي قومي ٻولي قرار ڏنو. ايتري حد تائين جو سنڌ ۾ جيڪي اهلڪار انگريز يا غيرسنڌي رکيا ويندا هئا، انهن لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جو ڳالهائڻ توڙي لکڻ پڙهڻ ضروري قرار ڏنو ويو هو. 1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ جا هندو اديب، هتان لڏڻ لڳا ۽ انهن جي لڏي وڃڻ جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي جهولي خالي ٿي پئي. ان صورتحال هڪ وڏي بحران کي جنم ڏنو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۽ زبان تي ڪيئي وار ڪيا ويا، سنڌيءَ جي تعليم کي پرائمريءَ تائين محدود ڪيو ويو، سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿيا، تعليمي معيار روز به روز گهٽ ٿيندو رهيو. ادب جي ميدان ۾ پيدا ٿيل حال ڀرجڻ ۾ وقت لڳو، سائنسي، تاريخي، جاگرافيائي ۽ ٻين علوم تي سنڌي زبان ۾ ڪتابن جي تمام کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. تعليمي سطح تي، ڪمپيوٽر جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي سطح تي، ترجمن جي سطح تي، انٽرنيٽ، موبائيل فونز ۽ ڪيبل ٽي وي سطح تي، سنڌي ٻوليءَ کي اڃان تمام گهڻي ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻي سنڌي زبان جي علمي، سائنسي، اقتصادي، حيثيت کي ڏسندي اچو ته ڏسون ته اسان ان لاءِ ڇا ڪري سگهون ٿا.
اڄ اسان ايڪويهين صديءَ ۾ هلي رهيا آهيون. دنيا جي نقشي تي نيون نيون تبديليون اچي رهيون آهن. اڄ جي دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا آهي. سائنسي ڪرامتن سان دنيا هڪ ڳوٺ (Global Village) ٿي پئي آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي، جاگرافيائي ۽ ٻين علمن جي ڪتابن جي سخت کوٽ آهي. معياري ڪتاب ته پري جي ڳالهه آهي، پر غيرمعياري ڪتاب به ڳوليو ڪونه ٿا لڀن. معياري ڪتاب نه هئڻ ڪري سنڌي زبان ۾ اهي علوم پڙهايا به نٿا وڃن. اسان جا پروفيسر، استاد، ماهر وغيره جيڪي هن سلسلي ۾ مهارت رکن ٿا، انهن کي گهرجي ته هو فزڪس، ڪيمسٽري، جاگرافي، ارضيات، حياتيات، ڪمپيوٽر سائنس، اقتصاديات، جرميات ۽ ٻين علمن وغيره تي تحقيق ڪري سنڌي اصطلاحن ۾ ڪتاب لکن.
ان ڏس ۾ علامه آءِ آءِ قاضي فرمايو آهي ته ”سنڌي زبان جي بقا جو هڪ موثر طريقو هي آهي ته سنڌين ۾ قوت فڪر پيدا ٿئي. جيئن نئين خيال ۽ نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪن، ائين ڪرڻ سان زبان ۽ بقا جو سوال پاڻهي حل ٿي سگهي ٿو.“
اسان کي خبر آهي ته هي دؤر جديد ٽيلي ڪميونيڪشن جو دؤر آهي، سڄيءَ دنيا جا مسئلا هن رستي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا. سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ٽي وي چينل شروع ٿي چڪا آهن ۽ اڃان به گهڻي ضرورت باقي آهي، پر انهن تي معياري پروگرامن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. انهن تي صرف معياري پروگرام نشر ڪرڻ گهرجن، جن سان سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، ورثي کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي سگهجي. ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ ڪمپيوٽر ذريعي تعليم سنڌي زبان ۾ عام ٿيڻ سان سنڌي زبان ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي سگهي ٿي. ايتري تائين جو موبائيل فونن تي پيغام (SMS) به سنڌيءَ ۾ هئڻ گهرجي.
اڄ سنڌ جي تعليم جو معيار تمام ڪري چڪو آهي، جاگيرداري نظام، تعليمي ادارن ۾ سياسي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر، پنهنجن نوازڻ واري ڪلچر سنڌ ۾ تعليمي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي عوام کي هن وقت تعليم جي اهميت سمجهڻ گهرجي ۽ ان جي معيار کي مٿاهون ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سرڪار، استاد، والدين ۽ عام شهري ۽ شاگرد برابر جا ذميوار آهن.
1973ع واري آئين ۾ ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ڪيترين ئي حڪومتن طرفان جاري ڪيل تعليمي پاليسين ۾ صوبائي زبانن جي ترقيءَ ۾ ذريعه تعليم طور استعمال ڪرڻ لاءِ واضح طور پاليسي اختيار ڪئي ويئي، پر ان جي باوجود سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جو پورو اهتمام ڪيل نه آهي. مشنري ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازميءَ کي ختم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عوام کي خاص اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
سنڌي زبان ۾ شاعري ۽ افساني ته تمام گهڻي ترقي ڪئي، پر ناول ۽ ڊرامي وغيره گهٽ ترقي ڪئي آهي. ان کان علاوه سنڌي زبان جي ادب ۾ ترجمي جي سخت کوٽ محسوس ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ انگريز دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ ترجما نگاري پنهنجي عروج تي هئي، پر موجوده دؤر ۾ اهو رجحان گهٽجي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ ادب ۽ سائنس، آرٽ، مذهبيات ۽ ٻين علمن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. پر اسان انهن کان اڄ به اڻ واقف آهيون.
سنڌ ۾ ادارن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جيڪي نوان ڪتاب ڇپائي سگهن. سنڌي اديب هميشه مفلسيءَ جو شڪار رهيو آهي. اهڙا ادارا هجن، جيڪي سندن واهر ڪن يا سندن معاشي مدد ڪري سگهن. ترجما ڪرائي ڪتاب شايع ڪرائين، ته جيئن دنيا ۾ مختلف علمن جي ترقيءَ کان اسان به گڏوگڏ فائدو حاصل ڪندا رهون.
(الف) هر صوبي جي ٻوليءَ کي اتان جي قومي ٻوليءَ وارو درجو هئڻ گهرجي ۽ انهن کي علائقائي ٻولي چوڻ بند ڪيو وڃي. ملڪي سطح تي ٻولين جي ترقيءَ لاءِ خاص اُپاءَ ورتا وڃن.
(ب) وفاقي حڪومت جڏهن صوبي ۾ داخل ٿئي ته پنهنجي سڀني ادارن کي هدايت ڪري ته هو ادارا سنڌي ٻوليءَ کي اهميت ڏين، جيئن سعودي عرب ۾ عربيءَ کي مٿانهون مقام مليل آهي ۽ ٻين ٻولين کي ثانوي حيثيت ڏنل آهي.
(3) قوم پرست ڌريون ڪاليج ۽ اسڪول بند ڪرائڻ بدران تعليمي اهميت تي ڌيان ڏيارين.
(4) سڀئي جلسا، پروگرام، سيمينار سنڌي ٻوليءَ لاءِ منعقد ڪرائن.
(5) سنڌي ٻوليءَ جي فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ جلسا، سيمينار ۽ ادبي گڏجاڻيون ڪرائڻ جون ڪوششون ڪن.
سنڌي ٻوليءَ کي جديد دؤر ۾ درپيش چئلينج واري موضوع تي ٿيل سيمينار ۾ پيش ڪيل نڪتا دهرائجن ٿا، جن تي عمل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي سندس صحيح رتبو ڏياري سگهجي ٿو.
2002ع ۾ حيدرآباد ۾ جديد دؤر جي چئلينجن کي منهن ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اُپاءَ وٺڻ واري موضوع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ٻن ويهڪن وارو سيمينار ٿيو، جنهن جي پهرين ويهڪ جي صدارت ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي چيو ته ’ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ جي بنياد تي سنڌي لغت جوڙڻ جي ضرورت آهي‘. هن چيو ته ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سنڌي ماڻهن جي گهرن ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جي بدران سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کپي. هن پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته منهنجي گهر ۾ پڻ سنڌي ٻولي ڪونه ٿي ڳالهائي وڃي. سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين محمد ابراهيم جويي سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي سطح تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندڙ اسڪولن کي هٿ وٺي بند ڪيو پيو وڃي. هن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا مثال ڏيندي چيو ته انهن ٻنهي شهرن ۾ سنڌي پاڙن ۾ سنڌي اسڪول نٿا کولي ڏنا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي اهڙي ورتاءَ جي ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي وڏو خطرو درپيش آهي. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پنهنجو ڄاڻايل اصلي ڪم ڪرڻ جي بدران ٻين اجاين ڪمن ۾ پنهنجو وقت وڃائي رهيو آهي. هن چيو ته انگلش ميڊيم اسڪولن کي هر صورت ۾ پابند ڪيو وڃي ته هو انگلش سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي به ضرور پڙهائين. ان لاءِ ٻولي اختياريءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻولي اختياريءَ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي چيو ته انگلش ميڊيم وارن اسڪولن کي جڏهن سنڌي پڙهائڻ لاءِ اٿارٽيءَ پاران زور ڀريو ويو ته هنن واضح ڪندي چيو ته اوهان وڌيڪ دٻاءُ وجهندؤ ته اسان سنڌ ۾ هلندڙ اهڙا اسڪول بند ڪري ڇڏينداسون. هن چيو ته سٽي اسڪول جي پرنسپل چيو ته آئون سنڌيءَ جو سبجيڪٽ شروع ڪرائيندس ته منهنجي نوڪري ختم ٿي ويندي. ڊاڪٽر ٻگهيي چيو ته هونئن ٻاهريان ايندڙ ماڻهو مقامي ٻولي سکندا آهن. جڏهن ته اسان وٽ سنڌ ۾ اهو رواج ڪونهي. عبدالقادر جوڻيجي چيو ته اڳ ۾ سياسي آمريت جو اصطلاح هوندو هو، جڏهن ته انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري انگريزيءَ جي دنيا جي ٻين ٻولين تي آمريت قائم ٿي وئي آهي. هن چيو ته ٻوليءَ جي گڏيل وزڊم کي بچائڻ جي بنياد تي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي ضرورت آهي. جاکوڙي دانشور بدر ابڙي چيو ته انسان ذات جو علم محفوظ ٿيل آهي. ان ٻوليءَ کي جديد بنيادن تي محفوظ نه ڪيو ويو ته سڄي پونجي ضايع ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي سموري ذخيري کي اليڪٽرانڪ اوزارن تي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻولي اختياريءَ تي زور ڏيندي چيو ته سنڌيءَ کي يوني ڪوڊ تي آڻڻ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو عربي مان ورتل عارضي پروگرام جي بدران مستقل پروگرام جوڙڻ وارو ڪم هٿ ۾ کڻڻ کپي. ڊاڪٽر شمس سومرو چيو ته جديد لئنگئيج ڊڪشنري جوڙڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته روزمره ضرورت ۾ ايندڙ ٻوليءَ جي ڊڪشنري موجود نه آهي. پروفيسر قاضي خادم چيو ته اسان کي اهو سوچڻ کپي ته اسان سنڌيءَ کي جيئرو رکڻ چاهيون ٿا يا سنڌ کي جيئرو رکڻ چاهيون ٿا. سنڌي ٻولي سنڌ جي سڃاڻپ آهي.
]سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو تان ورتل[