سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569380   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي ( سنڌيڪار: پروفيسر ڪريمي ابڙو)


سنڌي زبان: قديم زماني کان سنڌ صوبي جي زبان سنڌي آهي، جيڪا صوبي کان ٻاهر بلوچستان جي ضلعن لس ٻيلي، ڪڇي ۽ سبي، پنجاب جي ضلعي رحيم يارخان جي حدن جي زبان آهي. ڀارت جي علائقي ڪڇ ۾ به .... زبان سنڌي آهي، جيڪا مقامي ڪڇي لب ۽ لهجي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.

ان زبان سنڌونديءَ جي ڏاکڻين وادي سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ گنڌي سڏايو. سنڌ ننڍي کنڊ هند جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻاهريون علائقو آهي، انهي ئي مناسبت سان ننڍي کنڊ جي ٻين اندروني يا داخلي زبانن جي مقابلي ۾ سنڌيءَ جو ڳاڻيٽو ”بنيروني زبانن“ ۾ ٿئي ٿو. اهو ورهاڱو لساني اصولن تي ٻڌل ڪونهي، پر رڳو جاگرافيائي آهي.

تاريخ کان اڳ وارو زمانو: سنڌو ماٿر جي ثقافتي مرڪز موئن جي دڙي جي پنهنجي هڪ ترقي ڪيل زبان هئي، جنهن کي صوري (شڪلين جي) خط ۾ لکيو ويندو هو. موئن جي دڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي صوري خط اٽڪل 474 علامتن ۽ 63 عددن تي ٻڌل آهي. احمد حسن داني (Indian Palaegraphy) اهڙيون مهرون موئن جي دڙي جي تهذيبي خط کان ٻاهر ڪجهه ڀارتي علائقن ۾ عراق جي کنڊرن مان لڌيون آهن. جيستائين هي خط پڙهيو نٿو وڃي، سنڌي جي ان قديم زبان بابت ڪابه راءِ قائم ڪرڻ ڏکي آهي. البت ان سلسلي ۾ جيڪي مفروضا (گمان) سامهون آيا آهن، اهي هي آهن.

پهريون ته دجله، فرات ۽ سنڌ جون تهذيب پاڙيسري هيون ۽ انهن دريائي تمدنن ۾ جيڪڏهن ڪو رشتو موجود هو ته موئن جي دڙي جي قديم زبان ۽ سميري ۽ بابلي زبانن ۾ هڪ رشتو هئڻ گهرجي. سمير ۽ بابل ۾ لڌل ڪجهه لکڻين کي پڙهي ڇڏيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ لفظ ”ادا“، ”دادا“ جي معنيٰ ۾ ملي ٿو. هن وقت لفظ ”ادا“ رڳو سنڌي زبان ۾ رائج آهي، ۽ ”ڀاءُ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته موئن جي دڙي، سمير ۽ بابل جون قديم زبانون ڪنهن هڪ (سامي؟) سلسلي سان ڳنڍيل هجن.

ٻيو مفروضو (گمان) هي آهي ته موئن جي دڙي جي تهذيب هڪ آريائي تهذيب آهي، ان ڪري اها دراوڙي تهذيب ئي ٿي سگهي ٿي. ان بنياد تي موئن جي دڙي جي قديم زبان ماٿري هئڻ گهرجي. آرين جي آمد (1500- 1200 ق م) کان پهرين (پاڪستاني) خطن ۾ منڊا ۽ دراوڙي زبانن جو رابطو هئڻ ممڪن ٿو لڳي ۽ سنڌ سان لاڳو علائقي ۾ دراوڙي سلسلي جي زبان بروهي جي موجودگي ءَ مان ان جي تائيد ٿئي. ان مفروضي (گمان) جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته آريائي دور کان اڳ ۾ سنڌ ۾ يا ته ڪا دراوڙي زبان رائج هئي يا سنڌي جي پنهنجي مقامي زبان يا زبانون هيون جن تي پاڙيسري دراوڙي زبانن جا اثر پيا هوندا. ان گمان جي بنياد تي جارج شرٽ 1878ع ۾ موجوده سنڌي زبان ۾ دراوڙي عنصر جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ مقالو لکيو. ان مقالي ۾ يا ڪجهه ٻين لکتن ۾ جيڪي دليل ڏنا ويا آهن، اهي ايترا مضبوط ڪونهن جو انهن جي بنياد تي دراوڙي لغت جي سرمايي کي موجوده زبان جو بنياد قرار ڏنو وڃي، البت ٻين پاڙيسري زبانن وانگيان سنڌيءَ ۾ به دراوڙي لفظ ملن ٿا، جيڪي قديم دور جي لساني رشتن جو يادگار آهن.

ٽيون مفروضو (گمان) جنهن کي گذريل صديءَ ۾ مغربي مصنفن هوا ڏني، هي هو ته ننڍي کنڊ هند جي ٻين زبانن وانگيان سنڌي به سنسڪرت مان نڪتل آهي. ان کان پوءِ سينارٽ (Senart) پشيل (Pischal) ۽ ٻين محققن ان نظريي جي ترديد ڪئي ۽ علمي طور تي ثابت ڪيو ته، نه ته سنسڪرت، پراڪرت جو منڍ هئي نه ننڍي کنڊ جون موجوده عوامي ٻوليون سنسڪرت مان کنيل آهن. سنسڪرت پراڪرت ۽ اپڀرنش سلسلي سان لاڳاپيل هڪ نظريي سارو موجوده سنڌي زبان کي وراچڊ اپڀرنش مان کنيل مڃيو ويو آهي. هي نظريو وضاحت جوڳو آهي.س نسڪرت مان مائٽيءَ جو معيار قرار ڏيندي اپڀرنش ان زبان کي چيو ويو آهي، جيڪا ڦٽل هجي. وراچڊ اپڀرنش ان زبان کي چيو ويو آهي جيڪا حد کان وڌيڪ ڦٽل هجي.

ننڍي کنڊ جي ٻين رائج زبانن جي مقابلي ۾ سنڌي زبان ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ڦٽل هئي، ان ڪري ان کي اپڀرنش مان کنيل سمجهيو ويو. پراڪرت وياڪرڻ جي مصنف مارڪنديه ڪرينڊر چيو آهي ته سنڌ ديس جي زبان وراچڊ کان به وڌيڪ ڦٽل آهي. مارڪنڊيه، اپڀرنش جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن. 1. ناگر، جيڪا سڀ کان وڌ اهم آهي، 2. ناگر مان نڪتل وراچڊ جنهن سنڌ ديس ۾ جنم ورتو، 3. اُپ ناگر، جيڪا ناگر ۽ وراچڊ جي ميلاپ مان پيدا ٿي.

مختلف مؤلفن اپڀرنش جي ساراهه مختلف طريقن سان ڪئي آهي، جن ۾ وڏو تضاد ملي ٿو. اپڀرنش انهن علائقائي زبانن جي هڪ ارتقائي منزل سان تعبير ڪري ٿو سگهجي. جيڪي مائٽيءَ جي اعتبار سان سنسڪرت کان پري هيون. اهي اصل ۾ عوامي ٻوليون هيون جن جو منڍ سنسڪرت نه پر اوائلي پراڪرت (Proto- Parkriti) يا ويدي ڀاشيا (Vedie Language) هئي ڇو ته اپڀرنش ۽ ويدي ڀاشا جي خصوصيتن ۾ نسبت لڀي ٿي. (Pischel Comprative grammer) سنڌ جعو علائقو سنسڪرت جي عمل جي دائري مان بري هو. ان ڪري سنسڪرت سان سنڌيءَ جي مائٽي ناممڪن هئي. سنڌيءَ جي لساني خمير ۾ پهرين منڊا ۽ دراوڙي لفظ ۽ پوءِ قديم ترڪي ۽ ايراني زبانن جا لفظ داخل ٿيا. انهن سببن جي بنياد تي سنسڪرت سان مائٽيءَ جي معيار جو لحاظ رکڻ وارن نحوين (جملن جوڙن جي ڄاڻن) کي سنڌيءَ ۾ وڏو ڦيٽاڙو نظر آيو، جيڪو حقيقت ۾ ان جي پنهنجي لساني خمير جي واڌ ويجهه هئي.

مارڪنڊيه ڪونيڊر پنهنجو ڪتاب ”پراڪرت سر وسو“ سنڌ کان هزارين ميل ڏور اڙيسه ۾ لکيو، ان ڪري سنڌي بابت ان جي ڄاڻ يقيني درجي جي ڪانه هئي. ٻيو هي ته مارڪنڊيه پنهنجو ڪتاب پندرهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ يا ان کان به هڪ سؤ سال پوءِ لکيو. ان دور جا مستند سنڌي شعر موجود آهن، جيڪي رائج معياري سنڌيءَ جي مطابق آهن جن ۾ اپڀرنش جي خصوصيتن جي ڪابه علامت نظر ڪانه ٿي اچي.

هٿ آيل آثار قديمه ۽ تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾ هي چئي ٿو سگهجي ته موئن جو دڙو تهذيب جي تباهيءَ سان ان تهذيب جي علمي زبان به ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ جي دور ۾ مقامي قبائلي ٻوليون باقي بچيون جن ۾ پاڙيسري دراوڙي زبانن جا لفظ رائج ٿيڻ لڳا. مثال ريت ايلاچي، ڪوتمير، ڪانجهي (ٽهڪيل چانورن جو پاڻي، رائي ۽ ٻين مصالحن سان گڏ ٺهيل رس) ڪڙهي، چاڏي، (= ماٽي) ڪاٻاڙو (ناريل جي ٽارن مان ٺهيل رسو)، کُڏي (= ننڍو ڪمرو)، هنڍي، نير (= پاڻي) نيرو (= نيلو) منڊي (= مندري) موتي، گند (= گندهه- خوشبوءِ) آرس (= آلس ۽ سُتي)، ورلو (= ڪڏهن ڪڏهن)، ٽنگڻ، سُنگ (چونگي، محصول)، ملُههُ وغيره لفظ، جيڪي سنڌي ۽ پاڙيسري زبانن ۾ ملن ٿا، اصل ۾ دراوڙي زبانن جا آهن.

سنڌونديءَ جي اترين وادين ۾ آريائي قبيلن جي اچڻ سان هند آريائي لفظ به سنڌ جي ٻولين ۾ شامل ٿيڻ لڳا. داربوش اول (520 کان 515 ق- م)، سڪندرِاعظم (325-326 ق- م) ۽ ان کان پوءِ وچ ايشيا جي ترڪي نسل قومن جي فتحن سان ايراني، يوناني ۽ ترڪي زبانن جا لفظ سنڌ جي ٻولين جو جز بنيا. هڪ صدي قبل مسيح يا ان کان اڳ سنڌ ۾ ماڻهن ٻڌمت کي پنهنجو ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن سنڌ، قنڌار جي ڪوشان فريانروا ڪنشڪ جي حڪمراني جي دائري ۾ داخل ٿي ته ٻڌمت جي مذهبي زبان پالي جو هتي جي زبان تي گهرو اثر پيو ۽ پالي جي وسيلي مان سنسڪرت جا لفظ به مقامي ٻولين جو جز بنجي ويا، ۽ سنڌ ۾ هڪ گڏيل هند آريائي لساني عنصر وڌڻ ويجهڻ لڳو.

اتر سنڌو درياءَ جي وچئين ڏاکڻين خطن جي ٻولين تي پيو، جنهن سنڌ جي ٻولين ۾ هند آريائي عنصر جي وڌيڪ آبياري ڪئي ۽ ملڪ جي هڪ گڏيل سنڌي زبان جي لساني تشڪيل جي لاءِ راهه سڌي ٿي وئي. گريئرسن (4: 1) جي راءِ ۾ سنڌي ۽ داردي زبانن جي وچ ۾ هڪ واضح ۽ غير مشڪوڪ رشتو موجود آهي.

تاريخي دور: سنڌي جي لساني جوڙجڪ جو ابتدائي دور (400 کان 700ع):

ساڪائي تسلط جي خاتمي تي پنجين صديءَ ۾ مقامي راءِ خاندان جي حڪومت قائم ٿي. 622ع ۾ سنڌ تي چچ برهمڻ قبضو ڪري ورتو. ان ڪري 711ع تائين هتي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت رهي. مذهبي مرڪزيت ته سنڌ ۾ ٻڌمت جي نفاذ کان پهرين به موجود هئي اُها ئي سياسي مرڪزيت سببان مقامي قبائلي ٻولين مان هڪ گڏيل زبان اڀرڻ لڳي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ خاص طرح ايران جي بادشاهه بهرام گور (430- 438) جي دور کان سنڌ ۽ ساساني ايران جي وچ ۾ دوستي ۽ گهاٽو سياسي ڳانڍاپو پيدا ٿيو. رايان سنڌ (سنڌ جا راءِ) جي نالن (چڱل راءِ، ساهڙ راءِ، شاهي راءِ) مان پڌرو آهي ته سما قبيلي مان هئا. انهن انهيءَ ئي دور ۾ پاڻ لاءِ ايراني سلسلي جو سرداري لقب (ڄام) اختيار ڪيو. سياسي ڳانڍاپن سان گڏ ئي سنڌ جي سرزمين ۾ فارسي زبان جو گهرو اثر پوڻ لڳو. جنهن هند آريائي عنصرن مان اڀرندڙ گڏيل سنڌي زبان جي ڍانچي جي بناوت تي به اثر وڌو. فارسي لفظن کان سواءِ، فارسي ضمير، سنڌي ڳالهه ٻولهه جو اڻ ٽٽندڙ حصو بنياد. ضمير متڪلم واحد (هن) سنڌيءَ ۾ (مان) جي شڪل ۾ رائج ٿيو. فعلن جي صيغن جي پڇاڙيءَ ۾ فارسي نظام هيٺ سنڌيءَ ۾ ضميري علامتن پويان ڳانڍاپا رائج ٿيا، مثلن فارسي گفت+ م + (گفتم) ۽ سنڌي ”چي+ م“ (چيم مون چيو)، فارسي لغت ”گفت+ م+ ش“ (گفتمش) سنڌي ”چيه+ م+ س“ (چيس = مون ان کي چيو) لغت جي اعتبار کان اهي پويان ڳانڍاپا سنڌيءَ جا پنهنجا هئا. مگر انهن جو نظام فارسيءَ جي اثر هيٺ ترڪيب پائڻ لڳائي ان کان پوءِ عربي تعليم جي وچ ۾ عربيءَ جي ضميري پوين ڳانڍاپن جي نظام سان ان ترڪيب کي تقويت حاصل ٿي.

ان دور جي سنڌي زبان جا ڪجهه اسم خاص، عام ۽ اضافي ترڪيبون، فتح نامي سنڌ عرف چچ نامي جي وسيلي محفوظ رهجي ويون آهن. ان دور ۾ قبائلي نظام، رائج هو، ان ڪري ڪيترن ئي قبيلن جا نالا ملن ٿا، مثال طور جت، لاکو، ڪاڪو، چنڊ، سهتو، سما، لوهاڻو، ڀاٽيا ۽ ٺڪر ۽ انهيءَ ئي ريت شخصن جا نالا مثال طور چند ڏاهر، موکيو (= نيڪ نام) وسايو (= آباد)، دريائن، ڍنڍن، تلائن وغيره جا نالا، مثال مهراڻ (فارسي الاصل)، جلوالي (= پاڻي واري) ساڪره، موج (فارمي) ارل (= طاقتور) ڪنب (= وڏو تلاءُ)، ڍنڍ، ٻيٽ وغيره، علائقن جا نالا، مثال طور بلهار (= چراگاهه)، ساوندي يا ساڙڏي (= سرسبز) جهم (= نشيبي خطو)، ڪجهه اضافي ترڪيبون ملن ٿيون، مثال ريت، ڍنڍ وڪر بهار (وڪر بهار جي ڍنڍ) ڪاڪا راڄ (= ڪاڪي قبيلي جي بتي يا راڄ)، ندمٽي (ندي جي مٽي= مٺي مٽي) کار مٽي (= زمين شور جي مٽي= کاري مٽي)، اڌوکو (= ٻُڌيا بُت جي حفاظت ڪرڻ وارو)، ان کاري مٽي)، اڌوکو (= ٻڌيا بُت جي حفاظت ڪرڻ وارو)، ان قسم جون اضافي ترڪبيون موجوده سنڌي زبان ۾ اڃا تائين رائج آهن.

لساني جوڙجڪ جي پورائي (700 کان 1000ع): 711ع کان سنڌ ۾ اسلامي حڪومت ۽ معاشري جي شروعات ٿي، ڏاڪي به ڏاڪي عوام دين اسلام اختيار ڪيو ۽ اسلامي معاشري جا لفظ ۽ اصطلاح سنڌي ڳالهه ٻولهه جو جز بڻيا ٽن سون سالن تائين سنڌ هڪ وسيع اسلامي مملڪت ۽ ثقافت جي دائري ۾ شامل رهي. نئين ديني تعليمي ۽ اقتصادي نظام ماڻهن جي اجتماعي زندگيءَ کي متاثر ڪيو. عربي تعليم جو سلسلو شروع ٿيو ۽ سنڌ وارن، عربي دانيءَ ۾ هڪ امتياي جاءِ حاصل ڪئي. منصوره، ديبل ۽ ٻين شهرن جي اعليٰ تعليمي درسگاهن جي فارغ التحصيل محققن ۽ مصنفن اسلامي دنيا ۾ شهرت حاصل ڪئي. ڪيترن ئي عرب قبيلن ۾ مفاهمت ۽ ڀانپي کي پختو ڪرڻ ۽ علمي تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران عربي زبان سان گڏوگڏ سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج تي خاص ڌيان ڏنو ويو.

عربي النسل عالمن سنڌي ۽ ٻين پاڙيسري، زبانن جو مطالعو شروع ڪيو ۽ ايتري ته مهارت حاصل ڪئي جو 270 هه ۾ منصوره جي هڪ عالم ديسي ڀاشا ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو. (عجائب الهند، ص 44) عرب شاعر (مطيع بن اياس، علقمه بن عبدالله، القيشري وغيره) سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي نسل جي شاعرن (ابو عطا سنڌي، عياض سنڌي وغيره) عربي شاعريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ والاري. گمان آهي ته سنڌ جي حاڪمن جي وسيلي سان ئي هڪ سنڌي شاعر (187 هجريءَ کان پهرين) بغداد ويو ۽ اتي وزير يحيٰ بن خالد برمڪي يا ان جي پٽ فضل جي ان جي ساراهه ۾ هڪ معنيٰ ڀريل سنڌي قصيدو پڙهيو ۽ علم حاصل ڪيو. (مجمل التواريخ القصوص، ص 243، ... العقلا، ص 125).

اقتصادي شعبن ۾ سنڌ جا صراف، موسيقار، بورچي، ۽ ٻين ڌنڌن وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهر اسلامي مملڪت جي صوبن ۾ پکڙجي ويا، ان ڪري ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي ديگر پنهنجي هنر واري مهارت سببان شهر بغداد ۾ وڏي شهرت جا مالڪ هئا. انهن پنهنجي عربي دانيءَ سببان ان وقت جي بين الاقوامي ثقافت جي هر شعبي ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ ۾ آيل عربن هميشه جي لاءِ سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري ورتي. انهن عربيءَ سان گڏوگڏ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌي عربي النسل شهرين ۾ اونهي ميل ميلاپ سببان عربيءَ جو سنڌي زبان جي هر شعبي تي اثر پيو. ديني زندگيءَ ۾ دين اسلام جا ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح سنڌيءَ جو جز بنياد. عربي الاصل اسم خاص کان سواءِ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسم عام جو وڏو ذخيرو سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. زراعت جي ميدان ۾ عربي لفظ (حارث) يا سنڌي لفظ ”هرُ“ مان (عربيءَ جي اثر هيٺ بروزن فاعل) لفظ هاري ”اٺهيو، ”آجر“ مان سنڌي لفظ ”مجيري“ (يعين اهو جنهن زمين اجاري تي ورتي هجي ۽ هاري جي سارسنڀال ڪري رهيو هجي، رائج ٿيو. خليفي معتصم باالله جي گورنر موسيٰ بن عمران سنڌو درياءَ تي هڪ سکر (= بنده بيرج (Barrage جوڙايو ۽ شهر سکر جو نالو انهيءَ ئي قديم سکر جو يادگار آهي. شاخن واٽرن تي پليون ٺاهيون ويون ته عربي لفظ ”فرضته“ مان سنڌي لفظ ”ڦڙ“ راج ٿيو. اناج جي تور جي لاءِ عربي (”ڪاسه“ ۽ معرب ”خردار“ مان سنڌيءَ ۾ ”ڪاسو“ (16 سير اناج) ۽ ”خرار“ رائج ٿيا. لوهارن جي هنرن مان عربي مطرقه ۽ سندن مان سنڌيءَ ۾ مترڪو ۽ سنداڻ رائج ٿيا. جهازرانيءَ ۾ ميربحر (اميرالبحر)، ”زورق“ (ٻيڙيءَ جو قسم)، ونجهه (ونه مان معرب) سکان (سبڪان) جهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ آيا واپار ۾ ”ساهمي“ (= ترازو)، ڪاٻاڙو (قباله= دستاويز)، دلال، منيب، کڙيو يا خرچين (خرج)، باقري (بقال)، بجاج (بزار) ٿوم (ثوم) بصر (بصل) وغيره لفظ رائج ٿيا.

ڍورن ۽ مال جي سلسلي جا عربي لفظ سنڌيءَ ۾ حلواڻ (حلوان= ننڍو ٻڪر)، مهري (= يمن جي عرب قبيلي مهره بن حيدان جي نسب سان سواريءَ جو اٺ)، ڪميت، انبلک (ابلق) نقره، ديناري (گهوڙن جو رنگ نط (رنطع= سواريءَ جي اٺ تي چمڙي جي سونهري چادر، گاشو (غشاءَ= سواري جي اٺ جي پاکڙي مٿان ويڙهيل چادر) وغيره لفظ رائج ٿيا. گهريلو شين مان دلو (دلوه= گهوڙو)، دٻڪي (طبق)، تباک (طباق)، ڪاتي (قاطع= ڇرو) جا لفظ آيا.

لباس جي سلسلي ۾ رانو (رداءُ = چادر) پوتي (فوڪ= دوپٽو)، گندي عطاء مرداني چادر) گج (قز= ريشمي چولي) صدري (صدر مان، هڪ قسم جي مرداڻي گنجي). اجرڪ (ازرق، نيلي رنگ جي چادر) رائج ٿيا. انهن کان سواءِ عربي لغت جا ڪيترائي ٻيا نالا مثال طور جبل، اربع، خميس، ڪٻر (قبره مينا جي قسم جو پکي) سنڌي لغت جو جز بڻجي ويا. نالن کان سواءِ سنڌي فعل، ضمير، حرف ۽ اعرابن تي عربيءَ جو اثر پيو. عربي صيغن مان سنڌي فعل ڪڍيا ويا. مثال طور؛ تحريف سان ٽرهڻ، بخشي ڇڏڻ جي معنيٰ ۾ صربڻ ... لڳائي زخمي ڪرڻ، ٽوڙي ڇڏڻ، تنيبهه ڪرڻ) طالبڻ (= گهرڻ) ترڪڻ (= ترڪ ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ)، وغيره وغيره، عربي فاعل جي وزن تي سنڌي لفظن مان فاعل بڻيا، مثال طور ماڇي (مڇي جي وزن تي سنڌي لفظن مان فاعل بڻيا، مثال طور ماڇي (مڇي مارڻ وارو) هاري (= هر هلائڻ وارو) ماري (= مارڻ وارو) وغيره. ضميرن ۾ ”هو“ ۽ ”آن“ (آن، آنون) حرفن ۾ ”لاءَ“ (ل) عربيءَ مان ڪڍيا ويا. عربيءَ جي اکر تحرير وانگر سنڌيءَ ۾ به ”چور چور“، ”نانگ نانگ“ وغيره تحزير جي نموني تي استعمال ٿيا. عربي اعرابن جي اثر هيٺ سنڌي اعرابن جو سلسلو لڳڻ لڳو. عربي وانگيان سنڌيءَ ۾ به ضمير ۽ تانيث ٻڌل آهن، پر ٻيا اسم عام معرب آهن. يعني انهن جي آخري حرف جي لکيت جملي ۾ انهن جي مبتدا يا غير مبتدا هئڻ سان بدلبي. مثال وارو اسم گهر جيڪڏهن مبتدا آهي ته ”ر“ تي پيش ايندو. گهر خوبصورت آهي. غير مبتدا جي حالت ۾ جڏهن لفظ گهر کان پوءِ حرف لاڳو ٿيندا. ”ر“ تي زبر ايندي مثال طور گهر ڏي گهر ڏانهن، گهر وٽ، جيڪڏهن اهي صرف حدف ٿيندا ته انهن جي علامت جي نموني ”ر“ جي هيٺان زير ايندي. مثال هو گهر آهي. فعل لازم جو فاعل سنڌيءَ ۾ هميشه موضوع ٿيندو ۽ فعل متعدي جو فاعل هميشه مفتوع ٿيندو. مثال طور احمد آيو، ۽ ”احمد ماريو“.

هي رڳو مختصر تجزيو آهي، جنهن مان سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي باهمي ربط ۽ تعلق تي ڪجهه روشني پوي ٿي. اٺين صديءَ کان پهرين سنڌ ۾ قبائلي ٻولين جو سلسلو وڌيڪ مستحڪم هو. البت پنجين صديءَ کان انهن ٻولين ۾ هڪ مشترڪه لساني ضمير اڀرڻ ۽ اسرڻ لڳو جو هڪ عام سنڌي زبان جي فروغ جو پيش خيمو ٿيو. اٺين صديءَ جي وچ ۾ هڪ مستقل حڪومتي جوڙجڪ، ديني وحدت، تعليم ۽ تربيت ۾ وسعت پيدا ٿيڻ سان لساني وحدت جي لاءِ اثرائتا سبب پيدا ٿيا ۽ هڪ مشترڪه عوامي زبان جي تشڪيل تيزيءَ سان ٿيڻ لڳي. عربي ۽ سنڌيءَ جي باهمي رشتي ۾ فروغ سان اٺين صديءَ کان وٺي ڏهين صديءَ تائين ٽن سون ورهين ۾ هڪ مشترڪه سنڌي زبان جي تشڪيل جو پورائو ٿيو.

الاصطخري ڏهين صديءَ جي شروع ۽ ابن حوقل ڏهين صديءَ جي وسط ۾ سنڌ جي سياحت ڪئي هئي. اهي ٻئي لکن ٿا ته سنڌ (منصوره) ۽ ملتان جا ماڻهو عربي ۽ سنڌي ٻئي زبانون ڳالهائين ٿا. (الاصطخري ص 105، ابن حوقل ص 280) انهن ساڳئي وقت جي حوالن مان پڌرو ڪيو آهي ته ڏهين صديءَ ۾ عربيءَ سان گڏوگڏ سنڌي هڪ مشترڪه ملڪي زبان جي صورت ۾ رائج هئي. انهن سببن کان سواءِ نسخ رسم الخط ................. ۾ لکيون وينديون هيون.

ڏهن صديءَ جي پڇاڙيءَ ائين سنڌ ۾ ڪيترائي رسم الخط جاري هئا. ابن النديم الفهرست (تنصيف 377هه 987ع ۾ لکيو آهي: ”سنڌ وارن جون مختلف ٻوليون (لغات) ۽ مذهب آهن، اهي ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط استعمال ٿا ڪن. هڪ شخص، جو انهن جو ملڪ ڏسي آيو آهي، مون سان ذڪر ڪيو ته انهن جا اٽڪل هڪ سو رسم الخط آهن (ابن النديم: الفهرست، ص 27) هڪ سؤ جو تعداد ٻڌائي گمان آهي ته خبر ڏيڻ واري وڌاءُ کان ڪم ورتو هوندو. پر ڊگهي عرصي کان (سنڌي- عربي) رسم الخط ٻين خطن جي جاءِ وٺي ڇڏي، ان ڪري ان کان اٽڪل 45 سال پوءِ محقق البيروني تحقيق (مالهند) ۾ ٻڌايو آهي ته ان وقت سنڌ ۾ رڳو 3 رسم الخط جاري هئا: 1. اڀرندي علائقن ۾ جيڪي ڀاٽيه (جيسلمير، بيڪانير) سان لاڳو هئا. آرڌ، ناگر، (يعني ناگر مان ورتل آڌناگري) خط رائج هو. 2. ڏاکڻين سنڌ جي ساحلي خطي ملکشوم ملگاري، خط رائج هو. ۽ 3. خاص وچ سنڌ، يعني منصوره جي مرڪزي علائقي ۾ ”سيندب“ خط رائج هو. (البيروني، ص 135) هي ”سيندب يا ”سينڌو“ خط عربي نسخ مان ورتل هو. جيڪو پوءِ سنڌي خط جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.

سنڌي زبان جو تعسنسيزي دور (1100 کان 1700ع): ڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين موجوده سنڌي، سنڌي زبان جي بنيادي ڍانچي جو پورانو ٿي چڪو هو ۽ سنڌي زبان جي ڳالهه ٻولهه جو دائرو سنڌ کان ملتان تائين وسيع ٿي چڪو هو. البيروني يارهين صديءَ ۾ هندن جي ثقافت جو مطالعو ڪرڻ وقت سنسڪرت جي معياري اصطلاحن سان گڏوگڏ مقامي عوامي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصلاحن کي به پنهنجي تحرير ۽ توصيحات ۾ جاءِ ڏني. البيروني، گمان آهي ته ملتان جي خطي ۾ رائج مقامي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي قلم بند ڪيو، جن بابت پروفيسر زخائو (Sachau) جي راءِ آهي ته اهي سنڌي زبان سان وڌيڪ ملن جلن ٿا. (البيروني طبع زخائو ص 25). مثال ريت ڳڻڻ جا عدد يعني برڪ، بيهه، تري (سنڌي: برڪت يا برک، ٻه، ٽري) لون (=نمڪ)، ٿوهر (هڪ ڪنڊن وارو ٻوٽو (Cactus) مگهر (مهيني جو نالو) وغيره؟ يا اهڙا سنسڪرت لفظ جيڪي اڃا تائين سنڌي ڳالهه ٻولهه ۾ عام نموني استعمال ٿين ٿا. مثال طور کنڊ (= شڪر)، گُرڙ (هڪ ديو مالائي پکي) وغيره).

سومرا خاندان جو دور (1050 کان 1350ع): البيرونيءَ 1030ع جي لڳ ڀڳ پنهنجو ڪتاب لکيو. اُن وقت ملتان ۾ سنڌي سومره قبيلي جو وڏو ڏاڏو سومار جو پٽ راجپال اقتدار جو ڌڻي هو، جنهن جي نالي هڪ دروزي مبلغ بهاءُ الدين جو 1032ع ۾ لکيل خط موجود آهي. (Dowson, Elliot, 491 کان 493). ان مان معلوم ٿو ٿئي ته ابن سومار جو قبيلو اسماعيلي فرقي سان لاڳاپيل هو، پر سلطان محمود ملتان ۾ ان فرقي جي طاقت ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ سومره سردارن اسماعيلي عقيدا ترڪ ڪري ڇڏيا ۽ عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي. ان ڪري 1050ع جي لڳ ڀڳ انهن سنڌ ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪري ورتي ۽ ٽن سون ورهين تائين حڪمران رهيا. سنڌ جا سما قبيلا انهن جا ساٿي ۽ مددگار هئا. عربي انهيءَ ئي دور ۾ دفتري ۽ تعليمي زبان رهي. اهي حڪمران سنڌ جي قبيلن مان هئا. ان ڪري سنڌي عوامي زبان جي نموني تي وڌندي ويجهندي رهي. سومرا حڪمرانن جي طاقت جا مرڪز، خاص طرح هاڪڙو ۽ پراڻ دريائن جي سرزمين ۾ يعني سنڌ جي اوڀر ۽ ڏاکڻين خطي ۾ قائم ٿيا. اڳتي ڏاکڻين خطي سان لاڳو ڪڇ جي علائقي ۾ سما قبيلا آباد ٿي ويا. انهن آبادين سببان سنڌي زبان ڪڇ تائين پکڙي. هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ روماني دور هو، جنهن ۾ سنڌ جي اڪثر مشهور عوامي قصن ۽ عشقيه داستانن (مثال طور سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، مورڙو مانگر مڇ، سورٺ راءِ ڏياچ) جنم ورتو. ان کان سواءِ ان دور ۾ ٻن ڀائرن، دودي ۽ چنيسر وچ ۾ تخت نشيني جو تڪرار ٿيو. چنيسر جي درخواست تي سلطان علاءُ الدين (1294ع کان 1316ع) پنهنجي لشڪر سان ان جي مدد ڪئي ۽ سلطاني لشڪر سان دودي سومري جي ليرانه مقابلن جي ويڙهه جي نموني تي مشهور منظوم رزميه داستان ”دودو چنيسر“ لکيو ويو، جنهن کي سنڌ جي پيشه ور موسيقار (ڀٽن ۽ ڀانن) عوامي محفلن ۽ ميلن ۾ ڳايو. ان طرح ان دور ۾ قصي خوانيءَ جي روايت شروع ٿي. قصي خوانيءَ ۽ نغمه سرائيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ هڪ خالص سنڌي نظم ”ڳاهه“ گمان آهي ته ٻڌن جي: ”ڳاٿا“ جي نالي يادگار وجود ۾ آيو. هي هڪ قسم جو سنڌي دوهو هو، جنهن جي وصف هيءَ هئي ته ان ۾ ڪنهن حڪايت ۽ قصي جو ذڪر هجي يا ان ڏانهن اشارو هجي. ڳاهه جي منظوم هئڻ ۽ رزميه، عشقيه داستانن کي پيشورانه نموني بيان ڪڻ سان سنڌي زبان جي لغت ۽ بيان ڪرڻ جي صلاحيت ۾ وڏي وسعت پيدا ٿي وئي. (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ص 57 کان 66).

علمي حلقن ۾ سنڌي شعر (بيت) ۽ ڪافي جي صنفن ۾ رائج رهيو. عربيءَ ۾ قصيدي يا نظم کي ”قافيه يا ڪلمته“ به چيو وڃي ٿو. عربي قافيه ۽ ڪلمته کان متاثر ٿيندي سنڌيءَ ۾ نظم چيا ويا، جن کي ڪافي ۽ ڪلام چيو ويو. اڄ تائين اهو ئي اصطلاح رائج آهي ۽ ڳايو ويو. سنڌي ڪافي ۽ ڪلام جي عام مقبوليت سببان سنڌيءَ ۾ نظم گوئيءَ جي صند واڌارو ٿيو.

سما خاندان جو دور (1350ع کان 1540ع): موجوده بلوچستان جي لس ٻيلي، ڪڇي ۽ سبي ضلعن جي علائقي ۾ سنڌي قبيلا آباد ٿيا ۽ سنڌي ڳالهه ٻولهه وسيع تر ٿيو. ڪجهه سنڌي خاندان بلوچستان جي ڌورانه ۾ (ويندي مڪران ۾) وڃي آباد ٿيا ۽ انهن جي سنڌي ”جدگاليءَ“ جي نالي سان مشهور ٿي. انهيءَ ئي دور ۾ جي جاءِ تي فارسي سرڪاري دفتري زبان بڻي، البت عربي و تدريس جي زبان رهي ويندي پندرهين صديءَ جي پڇاڙي فارسي ذريعه تعليم بڻي، سما قبيلن جي حڪمرانيءَ کان سنڌ جي زبان کي جيڪا سما قبيلن جي مادري زبان معياري سنڌي جي حيثيت سان فروغ حاصل ٿيو.

عوامي ادبي تحريڪ، جيڪا قصي خوانيءَ جي سومرن جي دور ۾ شروع ٿي هئي. ان دور ۾ پروان سما دور جا ٻه داتان ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ”ڌليسون دريا خان“ سنڌ جي روايتي داستانن جي قطار ۾ شامل ٿي ويا. ٻئي پاسي انهن ئي دورن ۾ درويشن جون پيش گوئيون پڌريون ٿيون ۽ اعليٰ اخلاقي صوفي شاعريءَ جي شروعات جنهن مان سنڌي شعري ۽ فڪري سرمائي کان سواءِ ٻين ۾ به واڌارو ٿيو. پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل زبان جو پهريون بزرگ صوفي شاعر قاضي قادن ان پڇاڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.

سنڌ ۾ ملتان جي خطن جي جاگرافيائي قربت ۽ لاڳاپي جي سببان ان دور ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڳانڍاپو ٿي ويو.

سرائيڪي زبان سنڌ ۾ پکڙي ۽ سنڌي ملتان کان اترين خطن تائين جي خاص حلقن ۾ عام فهم ٿي. 1365ع کان 1366ع ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه مجبور جو گهيرو ترڪ ڪندي واپس گجرات ويو. (ان کان اڳ محمد بن تغلق ٺٽي تي لشڪر ڪشيءَ جي وچ ۾ 1352ع ۾  چڪو هو.) ته سنڌ جي فوج پنهنجو جنگي رجز ڳايو پير پٺو هڪ منو هڪ ٺٺو. (يعني شيخ حسين العالم پٺي جي برڪت سان هڪ بادشاهه مري ويو ۽ ٻيو به.... ويو). سنڌ کان ٻاهر هي رجز سرائڪي زبان ۾ تر........ صورت ۾ هن ريت مشهور ٿي ته برڪت پير پٺا اڪ موا شمس سراج عفيف پنهنجي تاريخ فيروز شاهي (تصنيا (1399ع) ۾ اهو رجز نقل ڪيو آهي. (ص 231). دور جي سمي ڄام صدرالدين سڪندر شاهه اول از جي دور ۾ پڪين سرن جا کوهه جوڙيا ويا، جن مان ڪتبا سنڌ ۽ بهاولپور ۾ مليا آهن، جيڪي سندس سرائڪي ۾ آهن. مثال طور ضلعي (رحيم يارخان جي سرواهي (لڳ سنجرپور) ۾.

صوفياءَ سڳورن مان شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني رحه (1184ع کان 1262ع( جي تبليغ جو مرڪز خاص سنڌ رهيو. سنڌي ”ذاڪر شيخ“ جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي بيت (دوها) ۽ ڪافيون ڳائجڻ لڳيون. وري ملتان ۽ پنجاب تائين انهن محفلن جي مقبوليت وڌي ۽ گڏوگڏ اتي جا ڪجهه حلقا سنڌي زبان سان هري مري وڃڻ لڳا. اترئين خطي جي صوفي سڳورن مان شيخ فريد گنج شڪر رحه (1157ع کان 1265ع) سان منسوب ڏوهيڙن ۾ سنڌي لفظن ملن ٿا. ان کان پوءِ بابا گرو نانڪ (1469ع کان 1539ع) ۽ گرو ارجڻ (1563ع کان 1606ع) جي ڪلام ۾ به سنڌي لفظ، اصطلاح ۽ فقرا ملن ٿا. (ڏسو آدگرنٿ).

سماع جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪرن جي زبان اتر ۾ لاهور تائين سمجهي ويندي هئي. ان ڪري شيخ عبدالجليل چوهڙ بندگي لاهور 910 هه، 1504ع کان 1505ع) جي سماع جي محفلن ۾ هڪ سنڌي ذاڪر هڪ سنڌي ڏوهيڙو پڙهيو ته ان جي معنيٰ مفهوم جي تاثر کان ان تي حال طاري ٿي ويو، تذڪره قطبيه (ص 136) ۾ انهيءَ جي قسم جي روايت شيخ عبدالجليل جي ڀائٽي شيخ بري جي باري ۾ ملي ٿي.

ارغون- ترخان- مغليه دور (1520ع کان 1700ع): ان دور ۾ فارسي بدستور دفتري ۽ تعليمي زبان رهي، جنهن جي ڪري علمي، ادبي ۽ انتظامي شعبن ۾ به ان کي اوليت حاصل رهي ٻئي پاسي عوامي ڳوٺاڻا شاعر، پيشه ور قصه خوان ۽ سنڌي موسيقيءَ جا ماهر ”مڱڻهار“ عام ميڙن ۽ محفلن ۾ قصه خواني ڪندا ۽ ڳائيندا وڄائيندا رهيا ۽ راڳ جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪر سوز گذار سان ڪافيون ڳائيندا رهيا. عالمن، فاضلن ۽ صوفي سڳورن جي ٽولن مان سنڌيءَ جا ڪجهه ناليوارا شاعر (شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت الله رضوي) پيدا ٿيا. انهن سنڌي لغت جي وسيع دائري تي حاوي ٿيندي، بيان جي سگهه جا معجزا ڏيکاريا ۽ فڪر ۽ معنيٰ جون نيون راهون پختيون ڪيون. سموري ملڪ ۾ سنڌي زبان جي عام مقبوليت ۽ سنڌي لغت جي وسعت ۽ افاديت فارسي زبان جي مصنف کي متاثر ڪيو! ان ڪري انهيءَ ئي دور جي تاريخي، طبي ۽ فقهي ڪتابن ۾ فارسي لفظن جي سمجهاڻيءَ جي نموني تي ۽ مقامي اصطلاحن جي لاڀائتي هئڻ سبب سنڌي لغت جو لاڳو ٿيڻ وڌندڙ پيو نظر اچي.

درس و تدريس جي شروعات ۽ شاعريءَ جو عروج (1700ع کان 1843ع): مغليه سلطنت جي زوال تي سنڌ جي حڪومت پهرين ڪلهوڙا عباسي خاندان 1700ع کان 1784ع) ۽ پوءِ ٽالپور خاندان (1784ع کان 1843ع) جي هٿن ۾ آئي. اهي ٻئي خاندان سنڌ جا هئا، ان ڪري انهن جي اقتدار ۾ اچڻ تي، عبداللطيف ڀٽائي 1689ع کان 1752ع) پيدا ٿيو، جنهن جي شاعري سنڌي زبان جي اوڀر ۾ اوسر (ارتقا) جو ڏيک بني. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعرانه مٿانهپ (اعجاز) سان سنڌي زبان جي مٿانهين درجي واري شعر ۽ شاعري ۽ علم ۽ ادب جي روايت مستحڪم ٿي. ان دور جي شروعات کان ئي سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج جي سلسلي ۾ هڪ انقلاب اچي ويو يعني ابتدائي مرحلي ۾ سنڌيءَ کي ذريعه تعليم بنايو ويو. تعليم ۽ تربيت جي نظرين ۽ علمي تنظيم جي سلسلي ۾ سنڌي علم ڏانهن غور ۽ فڪر جي هڪ پراڻي روايت موجود هئي. ان ڪري علامه جعفر بوبڪائي 1550ع جي ويجهو ”نهج التعلم“ لکيو. جيڪو ننڍي کنڊ ۾ ترقي پذير تعليمي نظرين ۽ تعليمي نظام بابت پهريون تفصيلي ڪتاب هو ۽ جنهن جو خلاصو ”حاصل الهنج“ اسان تائين پهتو آهي، صدين تائين فارسيءَ کي شروع کان ئي تعليم جو ذريعو جي طريقي تي استعمال ڪرڻ جي تجربي جي روشنيءَ ۾ ٺٽي جا عالم ان نتيجي تي پهتا ته ٻار کي ابتدائي تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي. اهو پنهنجي دور جو هڪ انقلاب نظريو هو، جنهن کي شيخ ابوالحسن بن عبدالعزيز ٺٽوي (تتوي) عملي جامون پهرايو. انهن 1100 هجري (1688ع) جي لڳ ڀڳ ديني نصاب تي ٻڌل ڪتاب مقدمه الصلوات سنڌيءَ ۾ لکيو، جيڪو ان دور ۾ ابتدائي تعليم جي لاءِ درسي ڪتاب هو. ان ڪري ابوالحسن جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. ثانوي سطح تي فارسيءَ جي تعليم کي آسان بنائڻ جي لاءِ به زباني تعليم جو طريقو عمل ۾ آندو ويو ۽ سنڌيءَ کي تعليم جو ذريعو بنائي سنڌي فارسي لغت تي ٻڌل دو واير (= ٻه زباني، ٻه وايو) عنوان سان خاص نموني جا درسي ڪتاب تيار ڪيا ويا. اعليٰ ٿانوي سطح تي عربي سيکارڻ جي لاءِ سنڌي ۽ فارسي ٻنهي کي تعليم جو ذريعو بنايو ويو ۽ ”ٽه وايو (= سه زباني) قسم جا ڪتابڙا ترتيب ڏنا ويا. ان نئين تعليمي نظرئي ۽ انهن کنيل قدمن جي ڪري عملي ريت سنڌي سيکارڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مخدوم ابوالحسن کان پوءِ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي (تتوي) هڪ درسي ڪتاب مرتب ڪيو. جيڪو ضياءُ الدين جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ريت سنڌيءَ ۾ دينيات جي درسي ڪتابن جي تصنيف جو سلسلو تيرهين صديءَ تائين هليو. علامه سيد علي محمد شاهه جي تصنيف دائري وارن جي سنڌي ان سلسلي جو آخري معياري ڪتاب هو، جيڪو 377هجري/ 1820ع ۾ مرتب ٿيو. انهن ڪوششن جو بنيادي مقصد هي هو ته تعليم جي طريقي جي اصلاح ڪئي وڃي ۽ مادري زبان جي ذريعي عوام الناس ۾ تعليم کي رائج ڪيو وڃي. ان ڪري شيخ ابوالحسن کان ويندي سيد علي محمد شاهه تائين سمورن عالمن (ان هوندي به جو انهن کي عربيءَ ۽ فارسيءَ تي دسترس هئي) انهن ڪتابن ۾ نج سنڌي اصطلاحن جو خيال رکيو. ان بندوبست سببان سنڌيءَ ۾ علمي لکيتن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ سنڌي لکيت ۾ علمي بيان جي ڍنگ جون راهون پيدا ٿي ويون. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (تتوي)، مخدوم عبدالله ۽ ٻين عالمن ان دور ۾ مختلف موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ڊزن ڪتابن جا تصنيف ڪيا. ان سان گڏوگڏ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي صحيح معنيٰ متعين ڪرڻ جي لاءِ فارسي سنڌي ۽ سنڌي فارسي لغت جي تصنيف جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن جي شروعات گمان آهي ته نظام الدين بن عبدالرزاق درٻيلوي جي ڪتاب ”اُنيس انجمن“ کان ٿي، جيڪو انهن 1149 هجري/ 1717ع ۾ تصنيف ڪيو. انهن تي ڪتاب جو ٻيو باب (دراسم هائي جا مدبمعني سنڌي) سنڌي لغت تي تحقيق جي هڪ عالمانه ڪوشش آهي. انهيءَ ئي دور ۾ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ ويجهو ناتو ٿي ويو. سنڌيءَ ۾ سرائيڪيءَ کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي. ان ريت حضرت شاهه عبداللطيف رحه کان پوءِ جيڪي شاعر پيدا ٿيا انهن مان گهڻن سنڌي ۽ سرائيڪي ٻنهي زبانن ۾ شاعري ڪئي ۽ ان ريت سنڌيءَ جا گهڻائي لفظن اصطلاح سرائڪيءَ ۾ رائج ٿيا.

دفتري ۽ تعليمي زبان- نثر ۽ صحافت نگاريءَ جي ارتقا (1843ع کان 1947ع):

فيبروري 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪندي ان کي بمبئي صوبي سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزيءَ کي ملڪ جي سرڪاري زبان قرار ڏيندي، فارسي عربي اسلامي تعليمي نظام جي جاءِ تي مغربي انگريزي تعليمي نظام رائج ڪيو. سنڌيءَ جي مرڪزي حيثيت کي مڃيو ويو ۽ حڪومت بمبئيءَ جي هڪ مراسلي (عدد 1825، مروخه 6 سيپٽمبر 1881ع) جي هيٺ سنڌ ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري ڪاروباري ۽ انتظامي ڪمن جي لاءِ دفتري زبان قرار ڏنو ويو. سنڌ ۾ مقامي ملازمن ۽ انگريزن ٻنهي جي لاءِ سنڌي ڳالهه ٻولهه ۾ صلاحيت جو امتحان لازمي قرار ڏنو ويو.

ان سلسلي ۾ پهريونا متحان 2 نومبر 1855ع کان اڳ ٿيو، جنهن ۾ هڪ انگريزي ۽ هڪ ديسي آفيسر ڪامياب ٿيا. انگريز ۽ هندو آفيسر جي هڪ اثر واري ڪري سربي سنڌي نسخ رسم الخط کي بدلائي ان جي جاءِ تي ”ديوناگري“ يا ”سنڌي....................................... مضبوط هيون جو اهي ڪوششون آخرڪار ناڪام ٿيون ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انتظامي .... جاري ٿيل سنڌي عربي رسم الخط کي جزوي ترميمن ۽ اضافت سان رائج ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. (مراسله، عدد 46، مورخه 8 ڊسمبر 1852ع) سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر بي ايڇ ايلس. سنڌ جي عالمن جي جوڙيل سنڌي حرفن جي جاري ٿيل مختلف صورتن مان ڪجهه خاص صورتون چونڊي ورتيون ۽ نظرثانيءَ کان پوءِ جولاءِ 1853ع ۾ ”سنڌي الف ب“ تي ٻڌل قرطاس شايع ڪري ڇڏيو. جيڪو هڪ جهڙي نموني تي تعليمي ۽ دفتي شعبن ۾ رائج ٿيو. (تفصيلن جي لاءِ ڏسو (The Report on Education in Sindh).

حروف تهجي (ڏسو ص 358) جي تعين سان درسي ۽ ٻين ڪتابن لکڻ جي لاءِ رستو سڌو ٿي ويو ۽ سنڌيءَ جي تحريري سرمائي کي فروغ حاصل ٿيو. ليٿو ۽ پوءِ ٽائيپ جي ڇاپخانن جي قائم ٿيڻ سان سنڌي مظبوعات ۾ واڌارو ٿيو.

انگريزيءَ جي تسلط کان پهرين ئي ابتدائي تعليم مڪمل ريت سنڌيءَ ۾ ڏني ويندي هئي ۽ ثانوي سطح جي ابتدا ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي تعليم جي ذريعي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هاڻي تدريسي سلسلي ۾ وڌارو ٿيو ۽ ثانوي سطح تي انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به لازمي طرح تي پڙهايو وڃڻ لڳو. 1935ع ۾ سنڌي بمبئيءَ کان جدا صوبو بڻيو ته هاءِ اسڪول (ميٽرڪيوليشن) تائين سنڌيءَ کي تعليم جو ذريعو ۽ امتحانن جو ذريعو قرار ڏنو ويو. هڪ مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ کي بي اي جي نصاب ۾ جاءِ ڏني وئي.

سنڌيءَ جا تهجي حرف

ا ب ٻ ڀ پ ت ٿ ٽ ٺ ث ج جهه ج ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڊ ڏ ڍ ذ ر ز ڙ س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ ڱ گهه ل م ن ڻ و هه ء ي.

تعليم ۽ تدريس ۽ تصنيف جي سلسلن ۽ ڇاپي خانن ۾ مطبوعات جي سهولتن سببان سنڌيءَ ۾ نثري سرمايو ۽ صحافت نگاريءَ کي فروغ مليو. سورهين صديءَ ۾ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي ڪتاب ”حل العقود في طلاق اسنود“ ۾ سنڌي نثر جا اهي جملا ملن ٿا، جيڪي سنڌيءَ جا ماڻهو طلاق ڏيڻ وقت استعمال ڪن ٿا. ان کان پوءِ مخدوم حامد رگهمي ۽ پوءِ جي عالمن ڪتابن ۾ سنڌي نثر ۾ اهڙا جملا ۽ عبارتون لڀن ٿيون جن جو واسطو فقهي بحثن سان آهي. شيخ ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جا تصنيف ڪيل درسي ڪتاب منظوم هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه تصنيفن ۾ نظم جي صورت رڳو الف اشباع جي قافيئي تائين محدود هئي ۽ اڪثر بيان نثري نوعيت جو هو.

1855ع کان پوءِ جڏهن نئون تعليم جو سلسلو رائج ٿيو ته سنڌي نثر ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيو ۽ ٻي دور جي .....................

انگريزي زبان ۽ تعليم کي ان دور ۾ خاص اهميت حاصل ٿي ۽ اها سرڪاري دفتري ڪاروباري تعليمي نظام، صحافت ۽ سياست جي اثرائتي زبان بنجي وئي. سنڌيءَ تي به ان جو ڪافي اثر پيو. ان ڪري علمن ۽ فنن جي اصطلاحن جا ڪيترائي انگريزي نالا ۽ لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ٿي ويا. 1935ع کان پوءِ سنڌي به سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي سياست جي زبان بڻي ۽ ان انگريزيءَ مان سياسي لغت جو هڪ چڱو خاص پنهنجو ڪم ڪري ورتو.

موجوده دور 1947ع کان 1973ع: پاڪستان جي قائم ٿيڻ (1947ع) کان پوءِ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي، سنڌي زبان ۾ تعليمي ۽ تربيت جي توسيع ۽ سنڌي صحافت جي فروغ جي لاءِ حالتون سازگار ٿيون ته انهن منصوبن کي عملي جامون پارائڻ جي لاءِ ڪجهه نوان ادارا قائم ڪيا ويا جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ (قيام: ڪراچي 1951ع) ۽ شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز (قيام: ڀٽ شاهه، ضلعو حيدرآباد 1953ع نمايان خدمتون ڏنيون آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ تحقيقي منصوبي هيٺ جامع سنڌي، سنڌي لغت جي (لکندڙن جي نگراني هيٺ) تدوين ٿي، جنهن مان هڪ جلد (ٽي حرف ۽ 15735 لفظن ۽ اصطلاحن تي جڙيل) شايع ٿي چڪو آهي. ٻيو منصوبو سنڌي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ جو هو. جنهن جي هيٺ (لکندرن جي نگراني هيٺ) هن وقت تائين 30 جلد شايع ٿي چڪا آهن. شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز جي نگرانيءَ هيٺ شاهه عبداللطيف جي سوانح، ڪلام ۽ موسيقي (شاهه جو راڳ) تي تحقيق ۽ اشاعت جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي. اهي منصوبا سنڌي زبان جي لغت جي سرمايي ۽ تمدن جي توسيع جي سلسلي ۾ خاص حيثيت رکن ٿا.

ان دور ۾ سنڌي صحافت کي چٽي ترقي نصيب ٿي. ان ڪري ان وقت سنڌيءَ ۾ چار روزنامه ۽ ڪيتريون ئي هفتيوار ۽ پندرهن روزا اخبارون، ماهه ناما، ٽه ماهي رسالا شايع ٿيڻ لڳا.

ريڊيو پاڪستان تان سنڌيءَ ۾ مختلف قسم جا پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. نوان لفظ ۽ اصطلاح گهڙجڻ لڳا ۽ نثري اسلوڪ بيان جي لاءِ نيون راهون پختيون ٿيون ان دور ۾ سنڌي ۽ اردو جي پاڙيسري ٿيڻ سان ٻنهي زبانن جي وچ ۾ عمل ۽ رد عمل جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌي اردو، اردو سنڌي لغت تصنيف جي ڪجهه سنڌي لفظ، مقامي طور تي اردو ۾ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف اردو جي جديد ادب جي اثر هيٺ سنڌي نظم ۽ افساني ۾ انوان تجربا عمل ۾ آيا آهن. مجموعي طور تي اهو دور هڪ عبوري دور معلوم ٿو ٿئي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا لاڙا عمل هيٺ آهن ۽ سنڌيءَ جو مستقبل روشن نظر ٿو اچي.

 

ماخذ:

  1. History of India as told by its own Historians, Volume I, 1867, London: Dowson and Elliot.
  2. Traces of a dravidion element in Sindhi, The Jndi Antiquary Volume 7, 1878: Geo ge Shirt.
  3. Linguaistic Survay of India …….. Grierson.
  4. Comparaitve Grammar of Parkarts Translate from Germon Language Dehli, 1957.
  5. Indian Palaeography Oxford 1963: Ahmed Hassan Dani.
  6. The report on education in Sindh, Volume 2: B.H. Eltes.
  7. Encyclopaedia Britannica Volume 20, 1950.
  8. Comparative Grammar of the Modern Aryan Languages in India Volume 3, London 1872-79: John Beams.
  9. Sindhi Grammar 1872: Trump.
  10. بزرگ بن شهريار، عجائب الهند ڇپايل لانيڊن.
  11. ابن حوقل صورت العرض، ڇپايل بيروت.
  12. ابن حبان البستي؛ روضته العقلا، ونزهت الفضلا، قاهره 1328هه
  13. ابن النديم الفهرست، قاهره 1348هه.
  14. البيروني؛ في تحقيق ماللهبد، حيدرآباد (دکن) 1377هه/ 1958ع ۽ طبع سخانو، ج 1، مهاڳ.
  15. الاصطخري؛ المسالڪ والممالڪ، قاهره 1961ع.
  16. جعفر بوبڪائي: حاصل النهج (مختصر نهج التعلم)، ڇپايل سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1959ع).
  17. مجمل التواريخ وقصص، ڇپايل ايران.
  18. نظام الدين بن عبدالرزاق دربيلوي؛ انيس انجمن، مخطوطه کتاب خانهءِ راقم.
  19. شمس سراج عفيف؛ تاريخ فيروزشاهي، ڪلڪتو 1890ع.
  20. محمد حفيظ الرحمان بهاولپوري، ذڪر ڪرام، بهاولپور، 1357هه.
  21. جمال الدين ابوبڪر اله آبادي، تذڪره قطبيه (تصنيف 1540- 1545ع)، لاهور 1371هه.
  22. آدگرنت، لاهور 1884ع.
  23. ابوالحسن جي سنڌي، ڇپائيندڙ عبدالحق، حيدرآباد (سنڌ) 1919ع.
  24. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪراچي 1941ع.
  25. نبي بخش بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، حيدرآباد ”سنڌ“ 1964ع.
  26. سيد علي محمد شاهه مصلح المفتاح، يعني سيد دائري وارن جي سنڌي، ڇپائيندڙ، نبي بخش بلوچ، ڇپايل سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1390هه/ 1970.
  27. شرف الدين اصلاحي؛ اردو سنڌيءَ جا لساني لاڳاپا (اردو) ڇپايل مرڪزي اردو بورڊ، لاهور 1970ع.