سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574196   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ تي وڌندڙ ڌارين ٻولين جا اثر (امر انصاري)


ڪنهن قوم جي بقا ۽ اهميت برقرار رکڻ لاءِ ان جي ٻولي، ڌرتي، تهذيب ۽ ثقافت جو قائم دائم هجڻ نهايت ضروري هوندو آهي، ڇو ته ٻوليءَ سان ئي قومن جون تاريخون قلمبند ۽ محفوظ ڪيون وينديون آهن. دفتري لکپڙهه، عام فهم جي گفتگو، پبلشنگ ورڪ، بزنس، پبلسٽي ۽ ايڊورٽائيزمينٽ لاءِ ٻوليءَ جو استعمال ٿيڻ ئي ان ٻوليءَ جي دائميت لاءِ نهايت اهم ۽ ضروري هوندو آهي. قومي ٻولي ۽ مادري ٻولي ٻئي الڳ الڳ اهميت جون حامل هونديون آهن. قومي ٻولي ملڪ ۾ آباد مختلف قومن جي رابطي جي زبان ۽ ذريعو هوندي آهي، جنهن سان تعليم، وڻج واپار، مواصلاتي رابطن ۽ قومن جي راءِ عامه ۽ نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ آسان ٿي پوندو آهي ۽ مادري ٻولي تعليم ۽ تربيت توڙي احساسن ۽ جذبن لاءِ ايتري ئي ضروري هوندي آهي، جيتري ساهه کڻڻ لاءِ هوا ضروري هوندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي تاريخي حيثيت آهي. سندس گوناگون وسعت ئي کيس صدين کان زندهه جاويد رکيو اچي. هن ٻولي ڪيترائي عظيم شاعر، دانشور، فنڪار، آرٽسٽ ۽ سائنسدان پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان کي اڄ به فخر ۽ ناز آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي تعصب پرستن ختم ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽايو آهي، پر سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ناممڪن آهي، جنهن ٻوليءَ جا شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، شيخ اياز، استاد بخاريءَ جهڙا عظيم شاعر هجن، اُن ٻوليءَ کي ڀلا ڪير ٿو آسانيءَ سان ختم ڪري سگهي؟ تعصب پرست ڪامورن اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جا ڪيترائي حيلا هلايا آهن، پر سندن اها ناپاڪ سازش ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ وقت ضرور ملي رهيو آهي، پر اسڪرين تان ميسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. وضاحت ڪرڻ جي مقصد اهو آهي ته توڙي جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا وغيره ڇپجي رهيا آهن، پر اڌ صدي گذري وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ جيڪا سنڌي ٻوليءَ کي حيثيت ملڻ گهرجي ها، سا ناهي ملي سگهي!!

سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو ملڻ گهرجي ها، جيتوڻيڪ ٻين صوبائي ٻولين جي اها نمايان حيثيت آهي. پنهنجي صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ سان هميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکيو ويو آهي. اُن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ ڪيترائي دليل موجود آهن. اول ته اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو، ٽي ويءَ) تي سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامن لاءِ وقت تمام گهٽ رکيو ويو آهي. ريڊيو تي به سنڌي پروگرامن کي ايترو وقت نٿو ڏنو وڃي، جيترو ملڻ کپي. سنڌي فنڪارن کي اُهي مراعتون، معاوضا ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جيڪي ٻين ٻولين جي فنڪارن لاءِ موجود آهن. تعصب پرستي ڪڏهن ڪڏهن ته ان حد تائين به وڃي ٿي پهچي، جو سنڌي چئنلز ۽ اسٽيشن کي بند ڪرڻ جي سازش به ڪئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ قومي سطح جي چئنلز پي ٽي وي نيشنل ۽ پي ٽي ويءَ سنڌي فنڪارن کي اول گهرايو ئي ڪونه ويندو آهي، پر جيڪڏهن گهرائين ٿا ته به معاوضو بلڪل گهٽ ڏين ٿا.

ٻئي نمبر تي تعليمي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سڀني درسگاهن ۾ ڪمپلسري (خصوصي) سبجيڪٽ طور رائج هئڻ گهرجي، پر سسٽم طريقي جي حد چئجي جو وڏن شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون (سبجيڪٽ) ئي ڪونه ٿو پڙهايو وڃي. ان کان سواءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري ثانوي درجي جي حيثيت ڏني وڃي ٿي. اها ٻوليءَ سان ٻه اکيائي ۽ ناانصافي ناهي ته ٻيو ڇا آهي!؟ اهو عمل ٻوليءَ جي دائميت ۽ بقا لاءِ نهايت افسوسناڪ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. ڪيترن ئي سنڌي خاندانن جون اردو اسپيڪنگ گهراڻن مان شاديون ٿيل آهن. بجاءِ اُن هڪ عورت کي سنڌي سيکاري پنهنجي فيملي ۾ ضم ڪرڻ جي اهو سڄو ڪٽنب به اردو ڳالهائڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪري. اُن ڪري به سنڌي ٻوليءَ ۾ اردو ۽ ٻين ٻولين جا انيڪ لفظ، جملا ۽ محاورا مروج ٿيندا پيا وڃن ۽ سنڌي ٻولي پنهنجي آهستي آهستي اصليت وڃائيندي پئي وڃي. جيئن نسل کي نسلون يا مذڪر کي مونث ۽ مونث کي مذڪر ڪري پيش ڪرڻ جهڙا مثال موجود آهن. اصول ۽ قاعدو نه اهو آهي ته اڪثريتي عوام جي ٻوليءَ کي اقليتي عوام سکي پنهنجي زبان جو حصو بڻائي، نه ڪي اقليتي ٻولي اڪثريت تي مڙهي وڃي...!!

اُن ٻوليءَ جي بگاڙ Use less ٿيڻ جا سبب اسين پاڻ به پيدا ڪندا پئي رهيا آهيون. مثلن آئون ڪافي ڀيرا ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهڻ دوران تجربا حاصل ڪندو رهيو آهيان. آئون اڪثر دڪاندارن کان پان، سگريٽ ۽ پين وغيره وٺڻ لاءِ ساڻن سنڌيءَ ۾ مخاطب ٿيندو آهيان ته هو به مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُها هنن جي ڪاروباري مجبوري آهي ته هو سنڌي ٻولي ڄاڻيندا آهن، پر اڪثر ايئن ناهي ٿيندو. خود اسان جا پنهنجا سنڌي واپاري به وڏن شهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندي ڪترائيندا ۽ گهٻرائيندا آهن، پر جي ساڻن زوري ڳالهائبو ته چوندا. ”يار ڇا ڪريون، هتي جو ماحول اهڙو آهي ۽ پوءِ ڌنڌو به ڪرڻو آهي نه!!“ الٽو مرڳو مياري ڪريو بيهو رهن. ائين ئي اردو معاشري ۾ مروج ٿيندي نظر پئي اچي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي اليڪٽرانڪ چئنلز تي به اڪثر سنڌي پروگرامن ۾ به اردو اسپيڪنگ وارا ماهر ليڪچر ڏيندي نظر اچن ٿا. ان سان ٻوليءَ جي ماهيت، مٺاس، بقا ۽ اهميت کي وڏو ڇيهو پهچي رهيو آهي ۽ اسين آهستي آهستي پنهنجي ٻولي وساريندا پيا وڃون. اخباري ٻولي يا عام ڳالهه ٻولهه ۾ اردو لهجو اثرانداز ٿيندي نظر اچي ٿو، جنهن سان ٻوليءَ جي ترقي، واڌ ويجهه، ساک، بقا ۽ دائميت کي وڏو ڇيهو پهچي رهيو آهي. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته اردو زبان قومي زبان آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ رابطي جي ٻولي به آهي، پر اُن جو مطلب اهو قطعي ڪونهي ته اسان پنهنجي روز مرهه جي گفتگو جو محور ئي اردو ٻوليءَ کي بڻائي ڇڏيون...!! علائقائي نشريات تي هلندڙ ڪيبل سروس تي هر ننڍي وڏي شهر ۾ به جيڪي اشتهار هلن ٿا، اُهي به اردوءَ ۾ ئي نشر ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته اشتهار ڏيندڙ ڪمپنين ۽ مختلف واپاري مرڪزن جا مالڪ به سنڌي آهن ته خريداري ڪندڙ عوام به سنڌي ئي آهي، پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوءِ به اشتهار سنڌي بجاءِ اردو ٻوليءَ ۾ ڇو نشر ٿين ٿا. اُن سلسلي ۾ جڏهن ڪيبل سروس جي انچارج سان رابطو ٿيو ته چيائين ته اسان کي واپاري اشتهار اردوءَ ۾ ڏين ٿا، جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ڏين ته اسين سنڌيءَ ۾ ئي نشر ڪريون. دراصل اسان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي پوئتي ڌڪڻ جا پاڻ به ذميوار آهيون. ننڍن ننڍن شهرن ۾ سائن بورڊ، اسٽيڪر، اشتهار، اسپتالن، اسڪولن ۽ چونڪن جا نالا اسان پاڻ ئي ٻين ٻولين ۾ لکڻ شروع ڪيا ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو، استعمال گهٽبو نه ته ڪهڙو وڌندو؟ ڏسڻ ۾ ته اها تمام هڪڙي ننڍڙي پوائنٽ آهي، ننڍڙو نقطو آهي، جنهن کي اسان هميشه نظرانداز پئي ڪندا آيا آهيون، پر اُن سان ٻوليءَ تي گهڻو اثر پوي ٿو. اصل ۾ اهو اسان جو ننڍڙو عمل ٻوليءَ جي وجوديت ختم ڪرڻ وارو بنيادي حيثيت وارو ڏاڪو آهي. سنڌ جي هر شهر ۾ سون جي تعداد ۾ آهي. غيرمادري ٻوليءَ وارا سائن بورڊ به اسان کي اقليت ۾ ثابت ڪرڻ جا مجاز پڻ ٿي سگهن ٿا.

انهيءَ عمل جو ڪارڻ ٻين ٻولين/ قومن واري آباديءَ جو وڌندڙ دٻاءُ ضرور آهي، پر اُن دٻاءُ جي ڪري اڪثريتي آباديءَ واري ٻولي سنڌي قوم به پنهنجي ٻولي ختم ڪري/ وساري اقليتي آباديءَ واري ڳالهائڻ شروع ڪري!!؟؟ دراصل ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ جي شهرن ۾ آباد ٿيندڙ غير سنڌين کي سنڌي ٻولي سکي سنڌي قوم جو حصو ٿيڻ گهرجي، پر ايئن ٿيڻ اُن ڪري به ممڪن ڪونهي، جو اسين پاڻ فيشن ۽ اسٽينڊرڊ طور پنهنجي ٻولي ڇڏي ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ ۾ شان شوڪت محسوس ڪريون ٿا. اسان سڀني کي عبدالغفار ڀٽي جيان پنهنجي ٻوليءَ کي نيچ سمجهندڙ سنڌين کي به مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي ۽ ساڻن سوشل بائيڪاٽ پڻ ڪرڻ گهرجي. ڪافي عرصي کان آئون وڏن شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ محققن جي باري ۾ اهو تاثر ٻڌندو اچان ته سنڌ جا اُهي ناميارا تخليقڪار ذاتي حوالي سان ڏاڍا مغرور ۽ اڻلڀ رهيا آهن ۽ وٽن ڪنهن شيدائي يا پرستار سان ملڻ لاءِ وقت ڪڍڻ وڏو مسئلو رهيو آهي. اهو تاثر يا ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به آهي، ڇوته ڪجهه شخصيتن سان ملڻ واري معاملي ۾ آئون به لاڳاپيل رهيو آهيان. وڏو اديب، شاعر، دانشور ۽ محقق ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ انسان دوست ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي...

عورتن جي حقن تي وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ ۽ تاريخ مرتب ڪندڙن جي قول و فعل ۾ وڏو فرق ڏٺو ويو آهي. اسان جي ادبي، سماجي، سياسي توڙي مذهبي تنظيمن طرفان ٻوليءَ جي مسئلي تي آواز نه اٿارڻ سبب آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي ختم ڪرڻ لاءِ اندروني طور تي آئيني ۽ قانوني طريقي سان عمل ٿي رهيو آهي، جنهن جو چٽو مثال ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سنڌي نشريات کي گهٽ وقت ملڻ ۽ سنڌي فنڪارن کي نظرانداز ڪرڻ آهي.

ملڪي سطح تي هونئن ئي سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهٽ وقت بلڪ اٽي ۾ لوڻ برابر مصداق حصو ڏنو پيو وڃي. اسين ڌارين کي ڪهڙي ميار ڏيون، جڏهن ته ڪيترن ئي موقعن تي سنڌي آفيسرن (جيڪي وڏن عهدن تي براجمان آهن) فنڪارن ۽ سياسي اڳواڻن به پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ کان به انڪار پئي ڪيو آهي. کڻي شازيه خشڪ جو ئي مثال وٺجي ته سنڌي لوڪ گيتن ۽ سنڌي ٿري لباس يعني سنڌي ثقافت جي طفيل مشهوري ماڻيندڙ محترمه کي جڏهن سنڌي فنڪارن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ اسلام آباد گهرايو ويو هو ته پاڻ اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي ”ميڏا رانجهڻا“ ڳائي فن جو مظاهرو ڪيو... اُن کان وڌيڪ ڪهڙي افسوسناڪ ڳالهه آهي جو هڪ سنڌي فنڪار ٿي ڪري به پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه ڳائي. اهڙيءَ طرح ئي جيڪڏهن ڪو اعليٰ عملدار سنڌ جي حقن لاءِ آواز نه اُٿاري ته پوءِ کيس سنڌ جو سڄڻ ڪيئن تسليم ڪجي...!! منهنجو مقصد اهو هرگز ڪونهي ته سنڌي ماڻهو انگريزي، اردو يا ٻين ٻولين ۾ ماهر نه هجن. ٻين قومن سان مقابلي لاءِ اسان کي رابطي واريون ٻوليون ضرور سکڻ گهرجن ۽ انهن ۾ مهارت به حاصل ڪرڻ گهرجي، پر پنهنجي ٻوليءَ کي مرڳو ”گهر جي ڪڪڙ دال برابر“ واري حيثيت ته نه ڏيڻ گهرجي نه...!!

جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسان جا ايندڙ نسل اسان تي لعنت و ملامت ڪندا رهندا ۽ اسين به جعفر، صادق ۽ نائون مل جي حيثيت سان ياد ڪيا وينداسون...!! اُن لاءِ ضروري آهي ته اسين پنهنجي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي (سرڪاري طور) جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ آواز اُٿاريون، جي نه ته نهايت آسانيءَ سان آهستي آهستي پنهنجن گهرن ۾ مادري ٻوليءَ جو استعمال ختم ڪري ڌارين ٻولين جو استعمال ڪرڻ شروع ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته اسان جي نئين نسل جي نوجوانن تي اسٽار پلس، سوني، اسٽار گولڊ وغيره چئنلز تي هلندڙ اردو فلمن جا ڊائلاگ ايترا ته حاوي ٿيندي نظر ٿا اچن جو گهر جي ڀاتين سان به فلمي ڊائلاگن ۽ اداڪاريءَ سان پيا مخاطب ٿيندا آهن. اهو رجحان برگر فيمليز جي نوجوانن تي وڌيڪ اثرانداز ٿيل نظر اچي ٿو. غريب گهراڻن جا نوجوان وري ٺرو پي چورين جون ننڍيون ننڍيون وارداتون ڪري پاڻ کي هيرو، دادا ۽ بدمعاش ثابت ڪري پنهنجي ننڍڙي حلقي ۾ ڌاڪو ڄمائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. اهو ڪمال سڄو فلمن جو آهي. حالانڪ فلمون ته فرضي ڪهاڻين تي، ڪنهن نه ڪنهن سماجي نقطي تي ٺهيل هونديون آهن، پر معاشري کي مثال پيش ڪرڻ لاءِ هيرو، هيروئن ۽ ولين اُن ڪردار ۾ ضم ٿي اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر اڻ پڙهيل ۽ جاهل نوجوان بجاءِ نصيحت حاصل ڪرڻ جي اُن ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ کي فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن؛ نتيجي ۾ هو راهه تان ٿڙي ويندا آهن. اُن حالت ۾ هو سماج تي هڪ قسم جو بار ٿي پوندا آهن، سو ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته معاشري ۾ آيل انهيءَ بگاڙ ۾ انڊين اردو فلمن جو وڏو هٿ آهي ۽ اسان جو نئون نسل آهستي آهستي هٿن مان نڪرندو پيو وڃي.

اسان جي باشعور ۽ ذهين حلقي کي ٻوليءَ جي بگاڙ واري اُن مسئلي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت کي انهيءَ مسئلي بابت آواز اُٿارڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڳنڀير ۽ اهم مسئلي طرف گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان روايتي سُستي ۽ لاغرضيءَ سبب گهڻو ڪجهه هٿن سان وڃائي چڪا آهيون. اسان کي هاڻ انا پرستن، خود غرضي ۽ بي حسيءَ جي لاڙي ۽ خول کان ٻاهر اچي اجتماعي طور تي قومي حوالي سان غيرجانبداريءَ سان سماج ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اسان جي هٿن مان آهستي آهستي سڀ ڪجهه واريءَ جيان کسڪندو محسوس ٿي رهيو آهي. روزگار جا وسيلا، معدني وسيلا، زرعي زمينون، درياهه ۽ ڍنڍون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه...!! اڃان ته اسان کان اسان جا شهر ڦرجڻ جون سازشون سٽجي رهيون آهن. اسان جو تعليم يافته نوجوان ٽيڪنيڪل جاب ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. رڳو ڊگرين جا فائيل هٿن ۾ کڻي هڪ آفيس کان ٻي آفيس جا چڪر ڪاٽڻ ۾ پورو آهي. سرڪاري نوڪرين حاصل ڪرڻ جا خواب دلين ۾ سانڍي سست ۽ ڪاهل بڻجي ويو آهي. محنت ۽ مشقت کان ڪيٻائي پنهنجون عمريون پوريون ڪري ٿو ڇڏي. اها به حقيقت آهي ته اسان جي تعليم يافته نوجوان طبقي کي نوڪرين کان محروم رکي نظرانداز ڪيو ويو آهي، پر اُن ۾ رڳو ڏوهه حڪومت جو ناهي. ڪجهه غلطيون اسان جون به آهن ته اسان اهڙا مفاد پرست، تنگ نظر ۽ انا پرست نمائندا چونڊي ئي ڇو ٿا موڪليون، جيڪي اسان جي روزگار، تعليم ۽ صحت جي سڌاري واڌاري بجاءِ پنهنجن پلاٽن، پرمٽن ۽ ٻين مراعات جي حاصلات کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا؟

آئون ته ايئن به چوندس ته جيترو نقصان سنڌي ٻولي، تعليم، صحت ۽ ڌرتيءَ جو ڌارين ڪيو آهي. اوترو ئي نقصان مختلف حوالن سان پنهنجن به ڪيو آهي. اڄڪلهه اڪثر ڪالمن، مضمونن، عام گفتگو يا شاعريءَ ۾ هندي، فارسي، عربي لفظ استعمال ڪرڻ واري کي وڏي اديب، شاعر يا ڪالم نويس کي وڏي اديب ۽ دانشور جو درجو ڏنو وڃي ٿو، پر ضروري ته ڪونهي جيڪو ليکڪ فارسي، هندي يا عربيءَ جا لفظ استعمال نٿو ڪري، اُهو سٺو تخليقڪار ناهي. ضرورت پوڻ تي ماڻهو انگريزيءَ جا لفظ ۽ جملا به استعمال ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري اچو ته اهو عهد ڪريون ته پنهنجي ٻوليءَ جي اصليت برقرار رکڻ لاءِ اُن ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ ڳنڍي، اُن جي اهميت ۽ افاديت جي نفي نه ڪنداسون. شاعري توڙي مضمونن ۽ ڪالمن ۾ هروڀرو فارسي، هندي، عربي يا اردو محاورا تجنيس حرفيون ۽ اشتعارا استعمال ڪرڻ کان گريز/ پرهيز ڪنداسون. پنهنجي گهر توڙي آسپاس جي ماحول ۾ نج سنڌي ٻولي ڳالهائي، اُن کي هميشه لاءِ زندهه رکنداسون، جيڪڏهن اسان ايئن نه ڪيو ته اسان جو ايندڙ نسل اسان جي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪري پنهنجي گونگي هجڻ تي ماتم ڪندو رهندو...!

 

]عبرت مئگزين، حيدرآباد، 15- اپريل، 2005ع[