سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     569381   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻوليءَ تي پارسي ٻوليءَ جو اثر ( ڊاڪٽر اياز قادري)


سنڌ جي قديم تاريخ تي وقت لٽ چاڙهي ڇڏي آهي، تنهن ڪري اسان کي اهو صحيح پتو نٿو پوي ته سنڌ جا پنهنجي ويجهن ملڪن خاص طرح ايران سان ڪهڙا تعلقات هئا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪهڙا تاريخي، تجارتي ۽ لساني ناتا ۽ رشتا هئا. ٻنهي ملڪن جي تواريخ جي ماهرن جو خيال آهي ته ايران ۽ سنڌ جا سياسي، معاشرتي ۽ تجارتي لاڳاپا ان دؤر کان گهڻو قديم آهن، جڏهن آرين اچي هن ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن بنايو. اهڙن لاڳاپن جون ڪي شاهديون ٻنهي ملڪن جي قديم آثارن جي کوٽاين مان مليون آهن. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي، جيڪي مختلف ڌاتن مان جوڙيل شيون هٿ آيون آهن، تن جي اتر اوڀر ايران جي قديم آثارن مان هٿ آيل شين سان گهڻي هڪجهڙائي آهي.

ڊاڪٽر ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي اقتصادي تواريخ‘ ۾ قديم سنڌ جي مغرب سان واپار ۽ واپاري رستن جو احوال بيان ڪندي چوي ٿو ته، سنڌ کي مغرب سان ڳنڍڻ لاءِ به تاريخي خشڪي رستا هئا، جي ٻئي وڃي ايران ۾ مليا.

خشڪيءَ کان سواءِ سامونڊي رستي به قديم ايران سان سنڌ جو واپار قائم هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن هو سنڌ جي مشهور لاهري بندر جو سير ڪندي، پنهنجي سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو ته هي شهر هڪ وڏو بندرگاهه آهي، جتي يمن ۽ فارس يعني ايران جا جهاز ۽ واپاري گهڻا ٿا اچن.

قديم سنڌ ۽ ايران جي تعلقات بابت ٿوري گهڻي معلومات ڪن ڪتبن، يوناني تصنيفن، فردوسي جي شاهنامي يا ڪن افسانه آميز پارسي رزميه نظمن مان ملي ٿي.

سڀ کان قديم حوالو ايران جي سخامنشي شهنشاه دارا اعظم جي زماني جو ملي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هن حاڪم جي دؤر ۾ ايرانين پنجاب ۽ سنڌ تي فوج موڪلي ڪيترن ضلعن تي قبضو ڪري ورتو هو. هي واقعو اٽڪل پنج صديون قبل مسيح جو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ان واقعي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته عيسوي سنه کان 510 ورهيه اڳ دارا سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهي، اُهي ملڪ پنهنجا ڏن ڀرو ڪيا. اُهي ملڪ دارا کي 260 مڻ سون هرسال ڏن طور ڏيندا هئا.

دارا کان پوءِ گشتاسپ ۽ سندس پٽ بهمن جي سنڌ جي مٿان چڙهائيءَ جو احوال ملي ٿو. ايڇ. ٽي. ليمبرڪ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (Sindh Before Muslim Conquest)‘ ۾ لکي ٿو ته گشتاسپ جي حياتيءَ جي وقت ۾، بهمن لشڪر وٺي هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ ان جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو. بهمن ترڪن ۽ هندن جي سرحد کي پڌرو ڪرڻ لاءِ هڪڙو شهر ٻڌايو، جنهن جو نالو قندابيل رکيائين ۽ هڪ ٻئي هنڌ جنهن کي ’ٻڌ‘ ڪوٺيندا هئا، هڪ شهر ٻڌرايائين، جنهن کي بهمن آباد ڪوٺيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب برهمڻ آباد اصل ۾ بهمن آباد آهي، جنهن کي ايران جي بادشاه بهمن اردشير جي حڪم سان ٻڌايو ويو هو.

بيان ڪيل مختصر سنڌ ۽ ايران جي قديم تواريخي ۽ تجارتي لاڳاپن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪي لساني ناتا پڻ هوندا. حڪمران قوم جي زبان جو محڪوم قوم جي زبان تي گهرو اثر ٿو ٿئي، تنهن ڪري ان دؤر جي ايراني زبان جو سنڌ جي ماڻهن جي زبان تي پڻ اثر پيو هوندو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تواريخ‘ ۾ 600 قبل مسيح سنڌ جي اوائلي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جي اثر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ٻوليءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو.

سنڌ ۾ باقاعده پارسي زبان ڪڏهن مروج ٿي؟ تحقيق طلب آهي. 712ع ۾ محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن عرب تواريخ نويس بلاذري جي چوڻ مطابق محمد ايران ۾ هو ۽ اتاهون کيس سنڌ ڏانهن وڃڻ جو حڪم مليو. تحقيق سان معلوم ٿو ٿئي ته سندس لشڪر ۾ ايراني سپاهي پڻ هئا. احمد ميان اختر قاضي جهوناڳڙهي پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ ڪيترا شيرازي هئا، تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته پارسي زبان انهن ايرانين جي بدولت پهتي. مگر پارسي زبان جو فروغ سنڌ ۾ محمود غزنويءَ جي دؤر کان شروع ٿيو. ڪن محققن جو خيال آهي ته سومرن جي آخري دؤر ۾ پارسيءَ کي سنڌ جي حڪومت ۾ درٻاري زبان جو درجو ملي چڪو هو. ان کان پوءِ سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي شروعاتي دؤر تائين پارسي نه صرف سنڌ جي مڪتبن، مدرسن جي زبان رهي، پر ان کي درٻاري زبان جو درجو حاصل رهيو. انهن دورن ۾ نه صرف سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان جو مطالعو ڪيو، پر ان ۾ سخن سنجي ڪئي. انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جي اهميت جو اندازو هنن ٻن چوڻين مان، جي ان وقت مشهور هيون، لڳائي سگهجي ٿو:

پهرين چوڻي: پارسي گهوڙي چاڙهسي.

ٻي چوڻي: پڙهي پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.

پارسي زبان سان ايتري پراڻي ۽ ويجهي ناتي سببان پارسي زبان جو سنڌي زبان تي وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي. ايتريقدر جو لاتعداد لفظ، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ والاري ان ۾ اهڙو رلي ملي ويا آهن جو اهي سنڌي ٿا لڳن.

پهريون اثر جو سنڌي ٻوليءَ پارسي زبان کان قبوليو آهي، سو آهي، سنڌي آئيويٽا يعني الف بي ۾ اضافو. پ- چ- گ پارسيءَ جا حرف آهن، جي سنڌي الف بي ۾ اهڙا شامل ٿي ويا آهن، جو اهو پتو ئي نٿو پوي ته اهي ڪي ڌاريا آهن.

ڪي پارسي لفظ پنهنجي اصلي شڪل ۾ ئي سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ طرح رائج ٿي ويا آهن، جو اهي پنهنجا لڳن ٿا ۽ نه صرف هرڪو ماڻهو انهن کي سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن کي پنهنجي روزمره گفتگوءَ ۾ رواني سان پنهنجن سنڌي لفظن وانگر استعمال ڪري ٿو. ڪي لفظ هي آهن:

دل، حسن، عشق، عاشق، دلبر، جنگ، آواز، آرام، خوشي، شادي، آباد، برباد، شاه، شهنشاه وغيره.

ڪن پارسي لفظن وري پنهنجي ٿوري گهڻي صورت بدلائي ڇڏي آهي. جهڙوڪ پارسيءَ جي پيرهن لفظ کي اسين پهراڻ چئون، لته کي لٽو، مزدور کي مزور ۽ مزدوريءَ کي مزوري، پالان کي پالاڻ، ڪنج کي ڪنڊ، ڪرته کي ڪڙتو، مرهم کي ملم چئون.

پارسي زبان جو سنڌي گرامر تي پڻ گهرو اثر آهي.

سنڌي زبان ۾ ڪيترا فعل پارسي زبان وارا مروج ٿي ويا آهن ۽ انهن کي اسان پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي. مثلاً: آزمودن مان آزمائڻ، خريدن مان خريدڻ، بخشيدن مان بخشڻ، فرمودن مان فرمائڻ.

پارسيءَ جا ظرف به اسين سنڌيءَ ۾ استعمال ٿا ڪريون جهڙوڪ: اڪثر، آخر، آئينده، بغير، جلد، هرگز وغيره.

۽ هي حرف پڻ عام جام استعمال ڪندا آهيون: اگر، مگر، البته، ليڪن.

ڪي حرف ندا اسان پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن: بس، خبردار، خوب، شاباس.

اسان سنڌي زبان ۾ ڪيتريون پارسيءَ جون اڳياڙيون ۽ پارسي اڳياڙين وارا لفظ استعمال ڪندا آهيون، جن مان ڪي آهن: هر، در، بر، با، بد، بي، با. اسان سنڌيءَ ۾ چئون ’بي ڍنگو‘. هاڻي ان جي اڳياڙي ’بي‘ جنهن جي معنيٰ آهي کان سواءِ، سنڌي لفظ ’ڍنگو‘ سان استعمال ڪيل آهي ۽ لفظ جي معنيٰ ٿي بي ترتيب. ساڳيءَ طرح چئون بي لڄو، بي پتو، بي ڌڙڪ.

ساڳيءَ طرح پارسي اڳياڙي ’هر‘ سنڌي لفظن سان ملائي چئون هرڪو، هرهڪ، هرڏينهن، هرهنڌ.

جهڙيءَ طرح پارسي اڳياڙيون سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پڇاڙيون پڻ استعمال ٿين ٿيون، جهڙوڪ ري، باز.

اسان سنڌي لفظ ’ٺڳ‘ جي پٺيان ’باز‘ لڳائي چئون ’ٺڳ باز‘ ساڳيءَ طرح چئون مڪي باز، ٺونشي باز، چالباز.

اسان سنڌيءَ ۾ خاص طرح ڪجهه وقت پارسيءَ جو انڪاري لفظ ’م‘ يعني ’نه‘ عام جام استعمال ڪندا هئاسين. جيئن: م ڪر، م چئو.

شاهه صاحب چوي ٿو:

هو چون تون م چؤ واتان ورائي

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

م ڪي رڙ، م ڪي رو، م ڪي ڪر ڪيهون

پارسي زبان جا ڪيترا محاورا ۽ لفظ اسان ساڳيا استعمال ڪندا آهيون يا انهن جا ترجما استعمال ڪندا آهيون.

ڪي جملا اسان ساڳيا پارسيءَ وارا ئي استعمال ڪندا آهيون:

همت مردان مدد خدا.

اول خويش پو درويش.

از تو حرڪت از خدا برڪت.

اول طعام بعد ڪلام.

سنڌيءَ ۾ هي پهاڪا پارسي پهاڪن جو ترجمو آهن: اسان چئون، ’جيڪو کڏ ٻين لاءِ کڻندو سو پاڻ ان ۾ پوندو‘. ان جو پارسي پهاڪو آهي ’چاه ڪندان را چاه درپيش‘.

اسان چئون ’ڪوه ولو پر پنڌ ڀلو‘. پارسيءَ ۾ چون: ’راه راست به رو گرچه دور است‘.

پارسي ۾ چون، آب نديده موزه ڪشيده. اسان چئون پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.

پارسي شاعريءَ جو به سنڌي شاعريءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري عروضي شاعري مقبول ٿي آهي. پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري ڪيتريون صنفون جهڙوڪ: غزل، مثنوي، قصيدو، مرثيه وغيره سنڌ ۾ مقبول ٿي ويا آهن.

پارسي شاعريءَ جي خيالن جو پڻ سنڌي شاعرن تي گهڻو اثر آهي، جيڪو شاه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي اڄ تائين هليو اچي. مثلاً: شاه ڪريم جو هي بيت:

پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،

جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

روميءَ جي هن شعر کان متاثر ٿي چيل آهي:

خار را از چشم دل گرير ڪني،

چشم جان را حق به بخشد روشني.

 

 

]ماهوار پيغام، ڪراچي، فيبروري- مارچ، 1982ع[