سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574195   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌ جي ٻولي (ايم ايڇ پنهور/ محبت ٻرڙو)


 هزار – 1 هزار ورهيه ق. م.

گريئرسن (Grierson) جي مشهور رپورٽ: هندستان جو لسانياتي جائزو (The Linguistic Survey of India) 1930ع ۾ شايع ٿي. هي هڪ حقيقي سائنسي پورهيو آهي. بدقسمتيءَ سان، اها ان مهل پڌري ٿي، جڏهن هندستاني اپکنڊ ۾ قومي تحريڪون پنهنجي اوج تي پهتل هيون. اهڙين حالتن ۾ گريئرسن جو اهو بيان ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل / اڀريل/ اسريل هئي، سنڌ جي هندن سرهائيءَ سان قبول ڪيو، پر مسلمانن ان کي باطل قرار ڏنو. هڪ سنڌي مسلمان وڏي عالم ڊاڪٽر دائود پوٽي ان کي رد ڪندي چيو ته سنسڪرت جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ هئي ته عربي ان جو پيءُ ٿئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ تضاد اڀريو ۽ سائنسي سچاين ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندڙ بڻائتي (Original) نظريي کي صحيح يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ انتها پسند (Extremist)،  رويا اڀري آيا. گريئرسن جي نظريي جي پوري زور سان تائيد ڪندڙن ۾ پروفيسر ملڪاڻي ۽ ڀيرواڻي (Bherwani) شامل هئا. ڀيرواڻي توڻي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي دراواڙي ٻولين وارا لاڙا ڏنا، پر انهن ۾ گهرو نه ويو، جيئن ٽرمپ (Trumpp) پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر (A Grammer of Sindhi Language) ۾ ڪيو، جيڪو 1868ع ۾ ڇپيو. اپکنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ به تضاد نه کُٽو ۽ نوان نوان نظريا پيش ڪيا ويا، جن مان ڪن ۾ سنسڪرت ۽ عربيءَ جي وچ ۾ شادي ڪرائي ٿي وئي ته ڪن ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ناتي کان مورڳو انڪار ڪندي، ان کي هڪ نج سامي (Semite) ٻولي سمجهيو ويو. هڪ وڌيڪ نظريو اهو به اسريو ته سنڌي هڪ دراوڙي ٻولي هئي ۽ ان جي گرامر ۾ ڪي اڍنگايون (a bnormalities) سنسڪرت جي اثر سبب هيون. اڃا هڪ وڌيڪ نظريو اهو پيش ڪيو ويو ته سنڌي سنڌو ماٿر (Indus valley) جي ماڻهن جي ٻولي هئي ۽ اها سنڌ مان هر ڏس ۾ پکڙي ۽ ان سنسڪرت سميت سمورين انڊو- يورپي (Indo-European) ٻولين کي جنم ڏنو. هي نظريو توڻي جو سنڌ جي ڪجهه سنڌي قومپرست (Nationalist) فردن لاءِ ڪشش رکندڙ هو، پر اهو ڪابه اهڙي ڀڙاڄاڻي (قديم آثارن جي) (Archaeological) شاهدي نه پيو رکي، جيڪا اهڙي ڪا حقيقت ٻڌائي سگهي ته سنڌوماٿر جي سڀيتا (Civilization) هتان سڀني ڏسن ۾ پکڙي هوندي.

  1. 2. گڏيل آمريڪي رياست، S.A، يورپ ۽ ڪن ٻين هنڌن تي هاڻوڪا اڀياس ٻڌائن ٿا ته ڪنهن هڪ ٻوليءَ ۽ نسل قوم، ٽولي (race) جي وچ ۾ مقرر ناتيداري موجود هئڻ ضروري ناهي. اهڙي ڳالهه رڳو ننڍا ننڍا ٽولا ٿي رهندڙ ننڍڙن قبيلن ۽ ان قبيلي تائين محدود ٻولي ڳالهائيندڙن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿي، پر اها ڳالهه انهن ننڍڙن قبيلن بابت به چئي سگهجي ٿي، جيڪي ڪنهن وڏي قبيلي ۾ ضم ٿي ويا هجن. راهپي cultural) ثقافتي) ٽولن جي حالت ۾ هيٺير (inferior) راهپي ٽولن مٿير (superior) ٽولن جي ماڻهن جي ٻولين کي قبول ڪيو آهي. توڻي جو اهي هڪ ٿورائيءَ (minority) ۾ هجن. بهرحال، اپکنڊ جي حوالي سان ۽ خاص ڪري ان سبب جو ڳنڍپ (communication) ۽ پکيڙپ Expansion) توسيع) جا وسيلا گهٽ هئا، اهو نظريو لاڳو ٿيڻ ناممڪن آهي.
  2. سنڌ ۽ ڏاکڻي پنجاب کي ڌيان ۾ رکندي، انسان سڃاڻ (Anthropology) بابت اسان جي تحقيق 6 هزار ورهين کان وڌيڪ پوئتي نه وڃي سگهي آهي. اهو هڪ ڏکيو حل ٿيندڙ سوال آهي، جنهن جو جواب هن وقت تائين نه ملي سگهيو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمن کي منجهائي رکيو اٿائين. اتر پنجاب جي ماٿري وچين پاٿر ڄمار (Middle stone age) جي موجودگي ڏيکاري ٿي، جنهن جو سن 1 لک 40 هزار ورهيه اڳ تائين بيهي ٿو. ڏاکڻي پنجاب ۽ سنڌ ۾ اوائلي (early) يا وچين (middle) ۽ حقيقت اها آهي ته ديرائت (late) پاٿر ڄمار جي موجوديءَ جي شاهدي به نه ٿي ملي. انهن ٽنهي مان آخري ڄمار ]يعني ديرائت پاٿر ڄمار[ لاءِ سن سڄي دنيا جي حوالي سان 40 هزار، 7 هزار 5 سئو ورهيه تائين مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پڻ عجب ۾ وجهندڙ آهي ته نوَپهڻي (Neolithic) انقلاب وچ اوڀر (Middle East) ۾ جرمو، جيريڪو ۽ ڪتال هُيوڪ ۾ 8 هزار ق م ڌاري شروع ٿيو ۽ ايران ۾ 5100 ق. م ڌاري پهتو، پر (هاڻوڪي) پاڪستان پهچڻ ۾ ان کي 14 سئو ورهيه ٻيا به لڳي ويا، ڇوته پاڪستان ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽيون نوپهڻي وسنديون 3700 ورهيه ق. م کان وڌيڪ پراڻيون نه آهن.©

وچ – اوڀر، ايران، بلوچستان، ۽ سنڌ جي نوپهڻي (کاڄ اپائيندڙ) انقلاب ۾ اها ڳڻپ جوڳي وٿي ٽاري سگهڻ جهڙي ناهي. گذريل ويهه هزار ورهين دوران سامونڊي سطح ۾ آيل تبديلين بابت تازي تحقيق ڏس ڏئي ٿي ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ نوپهڻي انقلاب ڇو وچ اوڀر ۾ اڳ شروع ٿيو. ڪي هڪ لک ورهيه اڳ سامونڊي سطح ۾ چاڙهه اچڻ لڳو ۽ 30 هزار کان 20 هزار ورهيه اڳ واري عرصي دوران ان جي سطح 430- 400 فوٽن جي اوچائيءَ تائين هئي، جنهن کان پوءِ ان لهڻ شروع ڪيو ۽ ڏهه هزار ورهيه اڳ سامونڊي ڪنارو اڄوڪي لاڙڪاڻي شهر جي ويجهو هو. اهڙي قسم جي حالت ۾ ڪي ساڍا يارهن هزار ورهيه اڳ اهو سامونڊي ڪنارو ملتان جي ويجهو هوندو. ان کان به اڳ وارن لڳ ڀڳ 50 هزار ورهين (20 هزار – 1150 ق. م) دوران هند- گنگائي ميدانن (بنگلاديش، اولهه بنگال، بهار ۽ اترپرديش جي وڏي حصي سميت) ڏاکڻو پنجاب به سمنڊ هيٺ هوندو. اهو به امڪان آهي ته سمنڊ جا اوڀراوان ۽ اولهاوان نار (Gulfs) ڪيترين صدين تائين پاڻ ۾ ڳنڍيل رهيا هجن، جنهن ڪري دکن Deccan) اڄوڪي ڀارت جو ڏاکڻو حصو) پوٺو هڪ ٻيٽ بنجي پيو هجي، جنهن ڪري اترادي انڊيا کان ڏاکڻي انڊيا ڏانهن لڏ پلاڻ ٿي هجي.

پنجاهه هزار ورهيه قائم رهندڙ ان حالت اپکنڊ جي ماڻهن وچ ۾ گڏپ (Amalgus) وڌائي ڇڏي هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نئون نسل ٺهي پيو، جنهن کي دراوڙ سڏيو وڃي ٿو. سمنڊ جڏهن لهڻ شروع ڪيو ته ماڻهو هڪ ڀيرو وري لڏڻ لڳا. دکن پوٺي ۾ نوپهڻي انقلاب جو ڪوبه نشان پاڪستان ۾ ملندڙ آثارن کان آڳاٽو ناهي. ماڻهن وچپهڻي (Mesolithic) قسم جي حياتي پئي گذاري، يعني سندن زندگيءَ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي شڪار ڪرڻ، مڇي مارڻ، سمنڊ مان کاڄ هٿ ڪرڻ ۽ مختلف قسمن جي جهنگلي اناجن جو لابارو ڪرڻ تي هو. سمنڊ جي لاٿ سبب، دکن جي ماڻهن ڪي 8 هزار ورهيه اڳ اوس سنڌ ۽ ڏاکڻي پنجاب ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو هوندو ۽ ايندڙ اڍائي هزار ورهين ۾ انهن مڇي مارڻ جا ونگڙا (ڪُنڍا) سوئا (harpoons) ۽ ڄاريون ۽ پکي ۽ جانور پڪڙڻ لاءِ ڪوڙڪا ٺاهي ورتا هوندا. ]اڄوڪي تندور جهڙين[ تهه ڏنل سوڪيندڙ بٺين (lines roa sing pits) ۾ کاڌو پچايو ويندو هو. ان نوپهڻي انقلاب ۾ شامل ماڻهو پڪ ئي دکن پوٺي سان لاڳاپيل هئا ۽ نسلي طرح دراوڙ هئا، پر انهن کي پوکراهپ Agriculture) زراعت) ۽ نوپهڻي انقلاب جي ڪابه سُڌ نه هئي، جيڪو ٻني ٻاري/ پوکي راهي کي ۽ اهڙيءَ طرح پوکراهپ ۽ جانور- پالنا کي وڌائي معاشي زندگي گذارڻ جي هڪ طريقي طور مقرر ڪندو ٿي ويو. نوپهڻي انقلاب پهريائين شام (Syria) ۽ اسرائيل (Israel) ۾ شروع ٿيو ۽ اتان اهو ماٿيل Upper) سري واري) نيل (Nile) ۽ ماٿيل فرات (Euphrates) جي ماٿرين ڏانهن پکڙيو. نوپهڻي انقلاب سنڌو ماٿر ۾ نه ڦٽو هو، ڇوته اها سمنڊ هيٺ هئي ۽ اهڙي ئي حالت هيٺل (Lower) نيل ۽ هيٺل فرات جي هئي. نوپهڻي انقلاب جو مکيه وڙ (Item) ڪڻڪ هئي. اها سياري جي برساتن سبب ڀونوچائي (Mediterranean) آبهوا ۾ سڀ کان اڳ اڀري. ايران پڻ ڀونوچائي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ساڳي ئي ڳالهه بلوچستان سان لاڳو ٿئي ٿي. نوپهڻي ماڻهن جي قدرتي چرپر ڀونوچ (Mediterranean) سمنڊ جي ڪناري کان ايران تائين ۽ ايران کان بلوچستان تائين هئي، پر انهيءَ واڌ ويجهه ۽ وسعت کي 2 هزار ورهيه لڳي ويا، جنهن عرصي دوران اُهي سامي نه هئا، جن سنڌ ڏانهن لڏيو، پر سُوسا (Susa) جا پارپولا ڪلئمائيٽ· (Parpola Klamite) هئا، جيڪي پرشيائي مڪران ۽ سيستان ڏانهن اسهيا ۽ ٽڙي پکڙي ويا. ان جي نتيجي ۾ سيستان ۽ مڪران مان هارين/ آبادگارن جي اوڀر پاسي لڏپلاڻ ٿي ۽ نيٺ سنڌ ۾ اچي پهتا ۽ پاڻ سان گڏ ڪنڀارڪو چَڪ (Potter’s wheel) ۽ اسريل نوپهڻي راهپ کڻي آيا. آڳاٽا سٿي، Ancient Saythean))، مڪران رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا. اوائلي لاڏائن اوچن جابلو سلسلن تان ٽپڻ کان لنوايو پئي. انهن جيڪو دڳ ورتو اهو ايراني مڪران کان پاڪستاني مڪران هو، جتان پوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته سڀ کان وڌيڪ سولو دڳ اورنگي ۽ لانڍيءَ وارو ورتو ويو، جتان سمنڊ جو ڪنارو (جيڪو انهن ڏينهن ۾ گُجو کي ڇهندڙ هو) ڏئي هيٺل سنڌ ۽ ممڪن آهي ته آمريءَ وڃي پهتا هجن. ان سان گڏ ٻيو دڳ به ورتو ويو. اهو پاڪستاني مڪران کان پنجگور ۽ خضدار ۽ اتان ڏاکڻي پاسي مُولا لڪ منجهان منڇر ڍنڍ ڏانهن ۽ پوءِ اتان اڙل نئن وسيلي آمريءَ ڏانهن هو. سنڌ ۾ اهي تبديليون 3100 ق. م ڌاري ٿيون هونديون، جيئن آمري جي ڪرڻا ڪاريه- تاريخن (Radio- corbon dating) واري چڪاس ٻڌائي ٿي. 27 سؤ کان 26 سؤ ق. م ڌاري هڪ ٻيو ٽولو ساڳي ايراضيءَ کان لڏي مولا لڪ اڪري ڪوٽڏيجيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. لڏپ جون اهي ڇوليون جاري رهيون ڇوته لاڏائن ڄاڻي ورتو هو ته اهي سنڌونديءَ جي ٻوڏ هيٺ ايندڙ ميدانن ۾ هرسال ٿيندڙ آٺر جي محفوظ گهم (Preserved Moisture) تي پنهنجا فصل سولائيءَ سان اپائي سگهن ٿا. ان کان اڳ اهي اهڙي قسم جا فصل ايران ۽ بلوچستان ۾ برساتي نئين تي اپائيندا هئا، پر هتي هنن هڪ وسيع ايراضي ڳولي لڌي، جيڪا هنن ماڻهن کي سهارو ڏئي سگهي پئي. آمري ۽ ڪوٽڏيجي جي انهن رهاڪن جي اها لڏپلاڻ گهٽ ۾ گهٽ 7 سؤ ورهيه جاري رهي، جڏهن 65 ق. م 23 ق. م ڌاري ڏکڻ اولهائين ايران کان لاڏائن جي نئين ڇولي ظاهر ٿي، جيڪي آمرين سان گڏ هڙپائي (Harappan) اثر به ڏيکارن ٿا. سڌو سولو ڪري چئجي ته پراڻي راهپ ۾ اها نون نون ماڻهن جي جذب پذيري ڏيکاري ٿي. اها راهپ رڳو آمريءَ تائين محدود نه هئي. اها سڄيءَ سنڌ، ڏاکڻي پنجاب وارو  (پاڪستان توڻي هاڻوڪي ڀارت وارو) ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بيڪانير ۽ اتر اولهائين راجستان تائين پکڙجي ويئي. ڪڇ جو رڻ هڪ سامونڊي کاڙي (Creek) هو ۽ ان ۾ نه رڳو سنڌونديءَ پر سرسوتي نديءَ وسيلي به پاڻيءَ رستي پهچي سگهجي پيو. سرسوتي هن وقت ميسارجي ويل ندي آهي، پر بيڪانير، اوڀر پنجاب ۽ سنڌ ۾ ريڻي- هاڪڙو سرشتي مٿان ان جي ڪنارن تي ساڳي قسم جا ماڳ لڌا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هن راهپ جي يڪروپائي (Uniformity) بلوچستان (۾ ويندي ڪوئٽا تائين) سميت ڄاڻايل صوبن جي وسيع ايراضين ۾ پکڙيل هئي.

  1. 4. انهن ماڻهن ڪهڙيون ٻوليون ڳالهايون پئي، پڪ سان ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، پر اهو چوڻ اڻٽر آهي ته سنڌونديءَ جي پيٽ ڀرسان رهندڙ شڪاري قبيلن ڪي دراوڙي ٻوليون ڳالهايون ٿي ۽ انهن ماهيگيري، شڪار ۽ جهنگلي وڻن ٻوٽن مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪئي پئي. پوکراهپ ڪندڙ ماڻهو، جيڪي ٻوڏ هيٺ ايندڙ ميدانن ۾ آباد ٿي ويا هئا ۽ گذريل ستن صدين کان اپکنڊ جي انهن ئي حصن ۾ رهندڙ هئا، جن ڏکڻ اوڀر ايران کان لڏپلاڻ ڪئي هئي، اهي اتان جون ڪي ٻوليون ڳالهائيندا هئا.
  2. 25 سؤ کان 23 سؤ ق. م جي وچ واري عرصي ۾ اسان کي نج آمرين راهپ ۽ هڙپائي راهپ جو عارضي مدو ملي ٿو، جنهن ۾ اڳ- هڙپائي اثر ملن ٿا ۽ ممڪن طرح ٻنهي راهپن ۽ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جو ميل جول ڏيکارجي ٿو. اهي ماڻهو (جيڪي لڏپلاڻ ڪندڙ ٽين ڇولي سڏبا) پڻ ڏکڻ اوڀر ايران کان آيا هئا. ڪوٽڏيجي جو اڳ – هڙپائي اوائلي دؤر (Pre- Harappan early period of Kotdiji) جنهن جو سن 40- 2605 ق. م سمجهيو وڃي ٿو پڻ اڳ- هڙپائي عرصو آهي، جنهن جي پڄاڻيءَ مهل ڪوٽڏيجي راهپ ميسارجي وئي ۽ ان تي هڙپائي راهپ ڇانئجي وئي، پر اڳ – هڙپائي ۽ هڙپائي، ٻنهي راهپن جا اثر جاري رهيا، جيڪي ٻن راهپن ۽ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي جذب پذيري ڏيکارن ٿا. اوڀر پنجاب، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ساڳئي عرصي دوران ساڳي ئي قسم جو لقاءُ (Phenomenon) نظر اچي ٿو.
  3. 6. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه هوندي ته اڳ هڙپائي (آمرين، ڪوٽڏيجين، سِٿين) راهپ لڳ ڀڳ اها ساڳي ئي ايراضي والاري پئي، جيڪا هڙپائي (سنڌو ماٿر سڀيتائي) راهپن والاري رکي هئي. ان ڪري اهو سمجهڻ ڏاڍو درست هوندو ته يڪروپ راهپ ۽ نسلڄاڻي (Ethnological) پس منظر سبب، انهن ماڻهن جيڪڏهن ساڳي ٻولي نه پئي ڳالهائي ته به گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ساڳي ٻوليءَ جا مختلف محاورا Dilects) اپڀاشائون) ڳالهائيندا هوندا. ويندي اڄ به ڪڇ پوريءَ طرح سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي هڪ حصي سميت اها ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا سنڌيءَ سان ويجهي مائٽي رکي ٿي. قلات، لس ٻيلو، ڪڇي ۽ سبي علائقن ۾ پڻ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ملتان تائين ڳالهائي ويندڙ سرائيڪي ٻولي سنڌيءَ سان ويجهي ناتيداري رکي ٿي ۽ ملتان ۾ هڪ هزار ورهيه اڳ تائين سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جيئن ڪن عرب سياحن ۽ ڀُون سُڌيرن (جاگرافيدان، (Geographer) بيان ڪيو آهي. پاڪستاني سرحد جي ٻئي پاسي پڻ راجستان، جيسلمير، اجمير ۽ بيڪانير جي وسيع بندرن ۾ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻولي عام واهپي ۾ آهي. آمري ۽ ڪوٽڏيجي، ٻنهي کي هڙپائي (راهپ وارن) ماڻهن ساڙي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو، پر انهن جي تباهيءَ کان پوءِ به انهن هنڌن تي هڙپائي اثر تڳندا رهيا، ٻنهي راهپن جي جذب پذيري اهو ئي ڏيکاري ٿي. هڙپائي ماڻهو پڻ ڏکڻ اولهه ايران کان آيا ۽ اهي جڏهن هت پهتا، توڻي جو انهن وچٿري اوچائي رکندڙ جابلو سلسلن تان اڪرڻ نه سکيو هو، اهي شايد ڏاکڻي پنجاب ۾ بيٺڪ وجهڻ لاءِ بولان ۽ گومل لَڪن وٽان لنگهي آيا. سنڌ ۾ انهن لاڏائن جي آمد ڄاڻايل ٻنهي دڳن تان جاري رهي. موهن جي دڙي کي لاڏائن جي ٽين ۽ چوٿين ڇوليءَ نيٺ تباهه ڪري ڇڏيو، ان ڇوليءَ ۾ شامل ماڻهن کي اڄ تائين آريا سمجهيو وڃي ٿو، پر پوءِ هلي ثابت ٿيو ته اهي ائين سڏيا ويندڙ رگويدي آريا نه هئا، پر ڪي ڏکڻ- اولهاوان ايراني هئا، جن کي هاڻي سيميٽري- ايڇ Cemetry-H) قبرستان- هه) ماڻهو سڏيو وڃي ٿو. 3100 ق. م کان وٺي 1700- 1600 ق. م ڌاري هڙپائي شهرن جي تباهيءَ تائين ميسوپوٽاميا (Mesopotamia) عراق جي سامي ماڻهن سان واپاري ناتن جون ڪڙيون قائم ٿيون، پهرين اڳ- هڙپائي ۽ آمرين ماڻهن سان ۽ ٻي 2100 – 1900 ق. م سنڌو شهرن سان، سامي ايراضين مان ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ نه ٿي.
  4. هڙپائي، حصاري (Hisar) ۽ سنڌو ماٿر جي ماڻهن جي انساني ڍانچن، کوپڙين ۽ کوپ- ڏساڪن (Cranial Indices) بابت تجزياتي رپورٽ جو ڊگهي عرصي کان اوسيئڙو هو، جيڪا تازو ئي سرڪار (Sarkar) ڇپرائي پڌري ڪئي آهي. اها کوپ ڏساڪ ڪوٽڏيجي، آمري، هڙپا ۽ جنڪر (Junkar) دؤرن سميت تاپ حصار (4 هزار ورهيه ق. م) جي هڪ واڌ (extension) آهي. اهو تجزيو هڪ نئون در کولي ٿو ۽ اڳوڻي نظريي کي رد ڪري ٿو ته هڙپائي ماڻهو ڪي دراوڙ (پارپولا- آسٽرالسرا، Parpola- Australoids) هئا. سنڌو لکيت (Script) تي هلندڙ تحقيق جو بنياد ان نظريي تي رکيل آهي ته سنڌو ماٿر جا ماڻهو دراوڙ هئا ۽ دراوڙي ٻولين جا ڪي قسم ڳالهائيندا هئا. انهن راهن تي ويچار ڪندي، (يو ايس ايس آر U.S.S.R يونين آف سويت سوشلسٽ ريپبلڪس) فنلئنڊ (Finland) ۽ نيدرلئنڊس (Netherlands) جا عالم سنڌو لکيت جي مام پروڙڻ لاءِ ڪمپيوٽرن سان گڏ ٻيا ڪيترائي طريقا ڪم آڻي رهيا آهن. سنڌو ماٿر جا ماڻهو، جيڪڏهن دراوڙ نه هئا ته پوءِ هنٽر (Hunter) کان پرپولا (Parpola) تائين سڀني عالمن جو سمورو پورهيو محض ڪوڙا/ غلط نتيجا ئي ڏئي سگهندو.
  5. 8. ديرانت پاٿر ڄمار (Late stone age) ۽ نوپهڻيءَ دؤران جيڪي ماڻهو هت رهيا، انهن جو ڏڍ ٿي سگهڻ لاءِ سنڌوءَ جي ميدانن جي گنجائش ڪيتري هئي، ان سلسلي ۾ منهنجو اڀياس ڏيکاري ٿو ته لائلپور ۽ هڙپا جي ڏکڻ ۾ سنڌو ماٿر اهڙي قسم جي آباديءَ کي سهي سگهڻ لائق هئي، جنهن جو 80 سيڪڙو پوکراهپ ۽ 40 سيڪڙو شڪار ۽ ماهيگيريءَ تي ڀاڙيندڙ هجي. ٻئي برادريون ان ڪري، پڪ ئي، هڪ ٻئي جي ڀرپاسي ۾ ٻئي تي اثر وجهندي ۽ هڪٻئي جون خاصيتون جزب ڪندي اُسريون هونديون ۽ هڪ گڏپ ضرور ٺهي هوندي، جنهن ۾ دراوڙي ٻولين جو ڪجهه حصو موجود هوندو. انساني ڍانچن ۽ کوپڙين جي تجزيي ڏانهن موٽ کائيندي، 71 ماپ انگ ڏيندڙ کوپ- ڏساڪ (Cranial Index of 71) اُها ساڳي ئي آهي، جيڪا پنجاب جي سکن ۽ چُهڙن جي آهي. اڃا وڌيڪ اڀياس ٻڌائن ٿا ته سکن جو واسطو پنجاب جي جت (Jutt) آباديءَ سان آهي. ڊاڪٽر سگرڊ ويسٽفال هيلبش (Sigrid Westfall Hellbush) جون تازيون تحقيقون ڏيکارين ٿيون ته هاڻوڪي پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ جتن جي ڳڻپ 80 لک آهي. رسلي (Risley) پنهنجي تحقيق (1915ع) ۾ ٻڌايو ته ڀارت پاسي اهو انگ اڃا وڌيڪ آهي. جت سک هئڻ سان گڏوگڏ مسلمان به آهن ته هندو به. اتر انڊيا ۾ جتن بابت گوها (Guha) ۽ پرڌان (Pardhan) سميت ٻين به ڪي ئي اڀياس ڪيا آهن. سنڌو سڀيتا سان گڏ اتر پرديش وارين ڪيترين ئي ايراضين ۾ انهن جي موجودي پرکي سگهجي ٿي. 400 کان 450ع ۾ جتن جي مهنداري هيٺ مينهون پالڻ جو مرڪز هئي. اسان کي عرب ذريعن مان سُڌ ملي ٿي ته انهن (جتن) 636ع ۾ عربن خلاف ايرانين جي واهر ڪئي ۽ پارسين جي هار کان پوءِ ڪجهه شرطن تي اهي عرب قوتن سان وڃي مليا. اهي جت سنڌ ۽ پنجاب مان هئا. 637ع ۾ اهي بصري ۾ وڃي آباد ٿيا. 662ع ۾ انهن ڪيڪان (قلات) والاري رکيو هو ۽ انهن مختلف وقتن تي مختلف ڪاهُن، جيئن هاريه بن ابوالقيس (59/ 958ع) عبدالرحمان بن سامره (9662)، محلب بن اجي سفراع (25/ 664) ۽ عبدال العابدي (65/ 664ع) کي رد ڏنو. انهن رشيد بن عمر جديدي (69/668ع) خلاف ويڙهه ڪئي. 95/694ع ۾ انهن کي حجاج بن يوسف پاران موڪل ڏني وئي ته اهي وڃي ڪاسڪر (عراق) ۾ آباد ٿين. 712ع ۾ انهن سيوهڻ وٽ محمد بن قاسم سان ويڙهه ڪئي ۽ 4 هزار ماڻهو قيد ڪيا ويا. 836ع ۾، سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪيءَ کي بولان لڪ وٽ جتن ۽ ميدن (Meds) سان وڙهڻو پيو ۽ آئينده بغاوتن کان بچڻ لاءِ (اتي) ڇانوڻي ٺاهڻي پئي. 72/ 871ع ۾ سنڌ ۾، جت بغاوت ٿي ۽ انهن کي دٻائڻ لاءِ خليفي مهدي کي بغداد کان خصوصي لشڪر موڪلڻو پيو. 1026ع جي اوائل ۾ جتن محمود غزنوي جو سامان ڦري ورتو. جڏهن هو سومنات کان موٽي رهيو هو. هو 1026ع جي سياري ۾ انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو ۽ ماٿيل (Upper) سنڌ تي قبضو ڪيائين. چچنامو ڪيترين ئي سنڌي ذاتين جو جت طور ذڪر ڪري ٿو، جهڙوڪ: سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ سما. جتن بابت مٿي ڏنل بيان جي روشنيءَ ۾ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڏاکڻي پنجاب جي آباديءَ جو وڏو حصو سنڌو جي مٿي ڄاڻايل هنڌن تان مليل کوپڙين جي تجزيي ۽ سرڪار جي رپورٽ موجب ساڳئي جٿي سان واسطو رکندڙ هو. بيان ڪيل هن سڄيءَ ڳالهه ٻولهه مان پڌرو ٿو ٿئي ته سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو جتن تي ٻڌل آهي، جيڪو سنڌو ماٿر جي اڳ هڙپائي ۽ هڙپائي ماڻهن جا پوئيلا (پونير، پوئير، (Descendents آهن.
  6. 9. 18 سؤ کان 16 سؤ ق. م واري عرصي ۾ جيڪو موهن جي دڙي، آمري ۽ چانهوءَ دڙي جي پڄاڻيءَ وارو مدو آهي، جت قبيلا مينهون پالڻ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا. موهن جي دڙي ۾ مينهن جا هڏا مليا آهن، ٻيو ته سنڌ ۽ ملتان ۾ عرب اقتدار کان گهڻو اڳ مينهن جي پالنا جتن سان لاڳاپيل آهي.
  7. 10. پرشيائي مڪران ۾ خوراب (Khurab?) ]شايد خنجراب[ وٽ لڌل هٿ- ڪهاڙو سڀ کان آڳاٽي اهڙي لڌپ آهي، جيڪا انهن قبيلن جو ڏس ڏئي ٿي، جيڪي نيٺ موهن جي دڙي ۾ رهي پيا هئا. اهي قبيلا 150 + 2000 ق. م ڌاري مڪران جي ماٿر ڪيج (ڪيچ) ۾ شاهي ٽمپ (Shahi Tump) ڏانهن هلي آيا. ويجهڙ تائين انهن قبيلن کي آريا سڏيو ويندو هو ۽ ساڳئي ئي وقت اهو سمجهيو ويندو هو ته اهي ڪئسپين ڍنڍ (Caspian sea) وٽان آيا هئا. مسئلو اهو ناهي ته اهي ڪٿان آيا، پر انهن جو دڳ سدائين مڪران کان هوندو هو ته جيئن اوچن جابلو سلسلن تان ٽپڻ کان بچي سگهجي. انهن جي پهچ جي ممڪن راهه پرشيائي مڪران کان اورنگي – گُجو يا پنجگور- مولا لڪ وٽان هئي. انهن قبيلن نيٺ سنڌو شهرن کي ڦريو ۽ ڀڙا ڄاڻي (آثارِ قديمه) طور انهن کي هاڻي ”سميٽري ايڇ ماڻهو“ سڏجي ٿو ۽ انهن جي لڏپ جي پنجين ڇوليءَ کي جنڪر (Junkar) ماڻهو سڏجي ٿو. پوٺ- هڙپائي (Pat- Harappan) دؤر جي ابتدائي ڏينهن ۾ اها پهرئين ۽ ٻي لڏپ هئي. جنڪر ماڻهو جنڪر دڙي ۾ 1650 ق. م ڌاري آباد ٿيا. جنڪر ماڻهن پويان ايندڙ ڇوليءَ ۾ جهانگر (Jhangar) ماڻهو هئا، جيڪي 13 سؤ کان 12 سؤ ق. م جي وچ ۾ آيا. انهن ڏينهن تائين رگويدي آريا منظر تي اڃا نه اڀريا هئا.
  8. 11. ان کان پوءِ به، اپکنڊ ڏانهن ڪئسپن بڻ رکندڙ ايراني ماڻهن جي نئين لڏپ ٿي، جنهن کي آمريءَ جي حوالي سان اٺين ۽ سنڌو سڀيتا جي ميسر (Fall) کان پوءِ چوٿين ڇولي سڏيو وڃي ٿو، پر هن ڀيري اهي مهاراشٽر ڏانهن لڏي ويا.
  9. 12. نيٺ، 1050 کان 750 ق. م جي وچ واري عرصي دوران آرين ڪئسپين ڍنڍ کان ناپکنڊ ڏانهن لڏيو. هٽين (Hittian) بادشاهه سُبيلوليما (Subilulima) ۽ متانيائي (Miatannian)، بادشاهه متيواز (Mattiwaza) جي وچ ۾ ٺاهه (13 سؤ ق. م) متر (Mitra)، ورڻ (Veruna)، اندر (Indra) ۽ مستيا (Masataya) جا نالا ڄاڻائي ٿو، جيڪي رگويدي آرين جا خدا/ ديوتا (gods) هئا. هٽين سلطنت لوهه رجائي سگهڻ وارو راز صدين تائين لڪائي رکيو. انڊو ڪئپسيائين (آرين) کي هٽين سان شايد ڪنهن قسم جو لاڳاپو هو. 12 سؤ ق. م ڌاري هٽين سلطنت ۾ ڦوٽ کان پوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگهيو ته لوهه پگهرائڻ جا هنر اولهائين ايشيا، ڪيڪاس Coucasus) ڪوهه قاف) ۽ اوڀرائين ۽ مرڪزي يورپ ڏانهن پکڙيا، پر اپکنڊ ڏانهن نه. اهو هنر ايران ۾ 11 ق. م ڌاري ۽ سوات ۾ 1050 ق. م ڌاري پهتو. بلوچستان ۾ ان جي موجودگي 850 ق. م ڌاري ثابت ٿئي ٿي. لوهه خاڪي ٿانون (Grey – ware) سان ۽ پوءِ آرين سان لاڳاپيل هو ۽ ان ڪري اهو سمجهڻ ئي درست ٿيندو ته رگويادي آريا، انڊو پاڪ اپکنڊ ۾ 1050ع کان 750 ڌاري تائين واري عرصي دوران پهتا هوندا. ان ڪري آرين جي سنسڪرت ٻولي اپکنڊ ۾ انهيءَ عرصي کان آڳاٽي ۽ اترادي اپکنڊ جي ٻولين جي ماءُ ٿي ئي نه ٿي سگهي. سنسڪرت هندو ٻاون جي طبقي جي ٻولي هئي ۽ اپکنڊ جي ڪنهن به صوبي جي (عوام جي) ٻولي نه هئي. حقيقت ۾ ان جون پاڙون گهريون نه هيون. 6 صدي ق. م ڌاري ٻڌمت جي اوسر سان مذهب جي رسمي ٻولي طور پالي (Pali) ڪم ايندي هئي، پر ان جو سنڌي ٻوليءَ تي اثر ٿيو هجي، اهڙي ڪا به شاهدي نه ٿي ملي ۽ ان شاهديءَ جي به کوٽ آهي ته ٻڌمت پنهنجي اوائلي ڏينهن ۾ ڪو سنڌ اندر پکڙيو هجي. چوٿين صدي ق.م ڌاري ماٿيل سنڌ ۾ برهمڻ ڏاڍا مضبوط هئا ۽ ان جي پڪي شاهدي ملي ٿي. سنڌ جي سرحدن ويجهو شهباز ڳڙهي ۾ اشوڪ (Asuka) پاران ٺُلهن تي ڪرايل اُڪر ]جنهن وسيلي مختلف حڪم پڌرا ڪيا ويا[ ۽ گنڌارا وارا نوشته (Inscriptions) ڏيکارن ٿا ته پالي مقامي ٻولين جي اثر هيٺ اچي وئي هئي ۽ ان ڪيترائي مقامي ٻولين جا لفظ قبول ڪري ورتا هئا ۽ (Discipating) هئي. پالي اها ٻولي هئي، جيڪا بِهار ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ اها چندر گپت موريا جي راڄوڪي (321- 298 ق. م) هئي، جنهن ۾ ان کي سلطنت جي سرڪاري ٻوليءَ طور رائج ڪيو ويو هو. گنڌارا وارا نوشته ڏيکارن ٿا ته پالي ٻولي ڪشميري، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان ڪي ساڳيائپيون (Similiarities) پيدا ڪري ورتيون هيون. انهن ڏينهن ۾ ان جون اتر اولهائين اپکنڊ ۾ ٽي مختلف صورتون اڀري آيون هيون. پهرين سنڌ ۽ راجپوتانه ۾، ٻي گجرات ۾ ۽ ٽين مرڪزي انڊيا ۾، پنهنجي صورت وڃائي پراڪرتن (Prakrits) کي جنم ڏيڻ جو سبب اُهو نه هو ته ڪو پالي ٻولي مقامي ٻولين سان رلي ملي وئي هئي. موريا درٻار ۾ لکشڻ (Lakhshan) 300 ق. م ڌاري پراڪرت ٻوليءَ جو وياڪرڻ (گرامر) لکيو هو، پر ان بابت اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته اهو ان پاليءَ جو وياڪرڻ آهي، جيڪا بِهار ۾ آخري صدي ق. م جي پوئين اڌ ۽ پهرئين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ دوران ڳالهائي ويندي هئي. سنگم (Sangam) شاعري تامل ٻوليءَ ۾ ڪئي وئي. ان شاعريءَ ۾ سنڌي لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻي لاڙا ڳولڻ لاءِ سنڌي عالمن اڃا ان جو اڀياس نه ڪيو آهي. سنڌ ٻوڌين جي سگهاري اثر هيٺ ڪُشنن (Kushans) کان پوءِ ئي اچي سگهي (65- 140ع) توڻي جو سِٿُين (Scythians) ۽ پارٿُين (Parthians) ان کي سنڌ ۾ ڪي هڪ سؤ ورهيه اڳ جاري ڪيو هو. ان ڪري ظاهر آهي ته سنڌيءَ تي پاليءَ جو اثر پهرين صدي عيسويءَ کان پوءِ ئي ٿي سگهيو هوندو.
  10. 13. مٿيون بحث ڏيکاري ٿو ته مقامي ٻولين تي سنسڪرت جو اثر بلڪل ٿورو هو. اخميني (Achamenian) پارسين هاڻوڪو پاڪستان 519 ق. م ۾ فتح ڪيو، پر پهلوي (Pahlavi) کي سرڪاري ٻولي طور رائج نه ڪيو، ان جي بدران انهن آرامي (Aramaic) ٻوليءَ کي پنهنجي سلطنت جي ٻوليءَ طور واهپي ۾ رکيو، جنهن ڪري خروشتي (Kharoshti) لکيت (Script) اڀري ۽ انڊين لکتن ۾ هڪ جاءِ والاريائين. 375 ق م ڌاري، آرامي ۽ فونيشين (Phoenician) لکيتن مان بروهڪي (براهوي، (Brahvi ۽ خروشتي لکتون اڀريون، جن گهڻين ئي يورپي لکيتن کي جنم ڏنو. انهن لکيتن ۾ واولز (Vowels، سُرَ) نه هئا ۽ اهي اناطولي (Antolian) اثرن جي ڪري پوءِ ڳنڍيا ويا.
  11. 14. اڳ ڪيل ڳالهه ٻولهه مان اهو پڌرو آهي ته اهي نه ته سامي ٻوليون هيون ۽ نه وري سنسڪرت، جن سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻيو هجي. سنڌي اپکنڊ ۾ اسريل اها ٻولي آهي، جيڪا ڏکڻ ايران کان ايندڙ انهن ماڻهن جي اُٺن لاڏائو ڇولين، 1300 ق. م – 1100 ق. م تائين، سبب اڀري، جن کي اڄ آڳاٽا / قديم سِٿي (Ancient saythian) سڏيو وڃي ٿو. اهي پوءِ آيل سٿين جا ڏاڏاڻا هئا، جن 80 ق. م ڌاري ]هاڻوڪي سڄي[ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪجهه حصي تي فتح حاصل ڪئي. سنڌين جا مهانڊا اهي ساڳيا آهن، جيڪي سٿين جا ]۽[ اها ڳالهه رسلي، گوها ۽ سورلي (Sorley) سميت اپکنڊ ۾ تحقيق ڪندڙ ڪيترن ئي مان- سڄاڻڪن (Anthropologists) جي بيان ڪيل آهي، انهن جي خيال موجب سٿين جا وڏا وڏا جٿا 80 ق. م کان 46ع تائين سنڌ والارڻ لاءِ ايندا رهيا ۽ ان ڪري سنڌي سٿين جهڙا ڏيکارجن ٿا. انهن کي خاطري هئي ته سنڌو ]راهپ وارا[ ۽ اڳ سنڌو ]راهپ وارا[ ماڻهو دراوڙ هئا، جن کي اتر اپکنڊ مان ڏکڻ ڏانهن آرين تڙي ڪڍيو ۽ ان ڪري رڳو انڊو يورپين نسل اتر انڊيا ۾ رهجي ويو. اهو نظريو موهن جي دڙي، سيمٽري ايڇ ۽ جنڪر ماڳن تان لڌل کوپڙين جي چڪاس کان پوءِ پوريءَ طرح رد ڪيو ويو آهي. اهي سمورا ماڻهو ”آڳاٽا سِٿي“ هئا، جيڪي پاڻ آڳاٽا انڊو يورپين هئا ۽ شايد هڪ ٻئي سان ويجهي مائٽي رکندڙ ٻولين مان ڪا هڪ ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ سنڌو ماٿر ايراضيءَ ۾ انهن ٻولين جي گڏپ هڪ نئين ٻولي يا ساڳي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي محاورن کي جنم ڏنو. اهو به ڏيکارجي ٿو ته انهن ٻولين تي بئائتن (Original) وچپهڻي دراوڙ ماڻهن جو پڻ اثر پيو، جن جي ماڻهو ڳڻپ 20-25 سيڪڙو تائين هوندي ۽ انهن جي ٻولين مان ڪيترائي لفظ ۽ وياڪرڻي گڻ جذب ڪيا ويا هوندا.
  12. 15. اها پڪ آهي ته اپکنڊ ۾ سنسڪرت گهڻو دير سان پهتي ۽ ان هڪ محدود دائري اندر مقامي ٻولين تي اثر وڌو هوندو، ڇوته اها رڳو ٻاون جي طبقي جي ٻولي هئي. سنڌو راهپ جا هنڌ جيڪي هاڻي پنجاب جي حدن کان به ٻاهر اتر پرديش ۾ به لڌا ويا آهن ۽ ان جي اها وسعت ڏيکاري ٿي ته سنڌو سڀيتائي ٻولي پڻ لاڏائن سان گڏ انهن ايراضين تائين سفر ڪيو ۽ مقامي دراوڙي ٻولين تي اثر وڌو جن مان اوڀرايون دراوڙي ٻوليون اڀريون جيئن: هندي، بهاري، بنگالي ۽ آسامي، جن تي موٽ ۾ وري سندن مقامي دراوڙ ٻولين اثر ڪيو. پالي ٻڌمت جي مذهبي ٻولي ٿي پئي ۽ ٻڌمت سڄي اپکنڊ ۾ ڪجهه صدين لاءِ هڪ عوامي مذهب جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. اها مقامي ٻولين جي اثر هيٺ وڌيڪ آئي، بنسبت ان جي ته انهن تي هن جيڪو اثر ڇڏيو. پراڪرت سڏيون ويندڙ اپکنڊ جون مقامي ٻوليون، سمجهيو ٿو وڃي ته مقامي ٻولين تي پاليءَ جي اثر جو نتيجو هيون. اها ڳالهه شڪ جوڳي آهي، ڇوته سنڌو راهپ جي انڊو يورپين ٻولي ڏکڻ ۾ اڳ ئي ڪاٺياواڙ تائين پهچي چڪي هئي ۽ مرهٽي (Marahati) ٻوليءَ جي اوسر ۾ اوس واهر ڪئي هوندائين. پراڪرت مان سنڌيءَ جي اوسر بابت اهي وڏا وڏا بيان، جيڪي غلط رهنمائي ڪن ٿا، هيمچندر واري گرامر تي بيٺل آهن. هو تيرهين صدي عيسويءَ ۾ مهاراشٽر جي چالڪايه (Chaulukaya) بادشاهن جي درٻار ۾ رهندو هو ۽ سنڌ سان سندس تعلق ڪو معمولي هو. پراڪرت ٻوليءَ جو اهو گرامر، جيڪو هن لکيو، درحقيقت سندس دؤر جي مرهٽي ٻوليءَ جو گرامر آهي. هن سنڌ جي ٻوليءَ بابت لکيو ته اها اپڀرنش (Apbharansa) سڏي وڃي ٿي، جيڪا اڀرين (Abhiras) (اهي جيڪي مال چاريندڙ هئا) جي ٻولي آهي، جيڪي راڳ ڳائيندا (گپت جهونگاريندا) هئا ۽ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندا هئا. اپکنڊ جي ڪيترن ئي ٻولي- ڄاڻڪن (Linguists) اهو بيان ڪم آڻيندي چيو آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرت مان ٻارهين صدي عيسويءَ کان پوءِ اسري، پر اها ڳالهه سراسر غلط آهي. سنڌي نائين صدي عيسويءَ ۾ به ڳالهائي ۽ لکي ويندڙ ٻولي هئي، جيئن ڪيترين ئي عرب لکڻين منجهان بکي ٿو. اهڙو ڪوبه نڪتو نه ٿو ملي ته اپڀرنش سڏي ويندڙ ٻولي سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. عرب ليکڪ چٽيءَ طرح بيان ڪن ٿا ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي.
  13. 16. اها دعويٰ ته سنڌي هڪ سامي ٻولي آهي، ڪنهن به ٺوس بنياد تي بيٺل ناهي. سنڌ ۾ 712ع ۾ عرب سوڀ کان اڳ ڪنهن به طرح سامي اثر موجود نه هو. سنڌ ۾ عرب اقتدار پنجويهه ورهين ۾ يعني 738ع تائين پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو. جڏهن کان پوءِ اهو گهٽجڻ شروع ٿيو. 38/ 737ع ڌاري سنڌ جي مختلف شهرن مان عربن کي اٿاري محفوظ هنڌن ۾ آباد ڪيو ويو، جتان پوءِ وري لڏائي ان جي شهر برهمڻ آباد ۾ وسايو ويو، جنهن کي منصوره نالو ڏنو ويو هو. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري خود منصوره شهر ۾ سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، پر گادي (منصوره) جي ٻاهران (ان جي ڀرپاسي توڻي پري وارن ڳوٺن ۾) سنڌي هلندڙ هئي. خاص ڪري اٺين صديءَ جي پڄاڻي ۽ نائين صديءَ ۾ راهپي ڏي وٺ ٿي. پر حقيقت ۾ اها هڪ طرفي هئي يعني مختلف سائنسي شعبن ۾ مهارت رکندڙ عالم سنڌ ۽ اپکنڊ مان نڪري بغداد وڃڻ لڳا. عرب دنيا مان ڪي مذهبي پرچارڪ سنڌ ۾ آيا ۽ انهن ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪن لفظن جو واڌارو ڪيو هوندو، پر ائين جيئن هڪ ٻي مذهبي ٻولي پاليءَ اٺ سؤ ورهيه اڳ ڪيو هو. اهي مذهبي پرچارڪ نه هئا، جن سنڌ تي (مذهبي) اثر ڇڏيو، پر اسماعيلي مبلغ (تبليغ ڪندڙ، مذهبي پرچارڪ) هئا، جن ٻارهين صديءَ جي پوياڙيءَ، تيرهين صديءَ ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ جي ابتدا دؤران مذهبي پرچار لاءِ مقامي ٻوليون ڪم آڻيندي ماڻهن تي (مذهبي) اثر وڌو.

سنڌيءَ ۾ عربي لفظن جو چڱو چوکو مقدار جذب ٿيو، پر آڳاٽي سنڌي ڪيترن ئي عربي لفظن کان وانجهي آهي. عربي لفظن جي جذب پذيري فارسيءَ جي سڌي اثر جو نتيجو هئي، جيڪا سنڌ جي مڪاني سومرا دؤر جي پڄاڻيءَ کان وٺي سرڪاري ٻولي ٿي رهي. سنڌيءَ تي عربيءَ جي ان محدود اثر ڪري ائين وسهي نه ٿو سگهجي ته اها ڪو عربيءَ مان نڪتي آهي.

  1. 17. آخر ۾، نتيجو سهيڙيندي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت، پالي پراڪرت يا عربيءَ مان نڪتل / اسريل نه آهي. اها آڳاٽين انڊو يورپين ٻولين مان (جن مان سنسڪرت ۽ پهلوي ٻوليون پڻ اسريون) چوويهه سؤ ورهين جي عرصي دوران (3100- 750 ق. م) اسري نڪتي. آڳاٽيون انڊو- يورپي ٻوليون ڏاکڻي ايران ۾ ”آڳاٽا سِٿي ماڻهو“ ڳالهائيندا هئا، جن سنڌو ماٿر سڀيتا وارين ايراضين ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ دراوڙن سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ انهن ٻولين جي ميل جول هڪ نئين ٻولي پيدا ڪئي. تنهن کانپوءِ اها ٻولي هوري هوري اوڀر پاسي بنگال ڏانهن ۽ ڏکڻ پاسي مهاراشتر ڏانهن سُرڻ ۽ پکڙڻ لڳي ۽ مقامي ٻولين جا لفظ ۽ وياڪرڻي گڻ جذب ڪندي وئي تان جو اپکنڊ ۾ ڪيترين ئي انڊو- يورپي ٻولين جي اوسر لاءِ پيڙهه رکيائين. پاليءَ جو ان تي تمام ٿورو اثر پيو. پراڪرت ٻوليءَ سان اُن جي هڪجهڙائيءَ جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڪو ناهي ته پراڪرت ان مان ڦٽي نڪتي آهي. ان جو سنسڪرت سان ناتو پراڪرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرانهون آهي. ان جون پراڪرت سان ساڳيائپيون محض ان ڪري آهن، جو ٻئي ايران مان آيل آهن. سنسڪرت اتر ايران ۽ ڪئسپيائي روس (Caspian Russia) مان ۽ سنڌي ڏاکڻي ايران مان، پر اپکنڊ ڏانهن سندن لڏپلاڻ ۾ 2 هزار ورهين جي وٿي آهي. سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي لفظن جي جذب پذيري ان ڪري ٿي جو عربي مذهبي ٻولي ٿي رهي ۽ انهيءَ حيثيت ۾ لاڳو ٿيندي رهي. 1000ع کان پوءِ، سنڌي ڪيترين ئي سماجي- مذهبي سياسي تحريڪن جيئن اسماعيلي مت، صوفي مت ۽ جاگيرداريءَ خلاف تحريڪن کان اثر ورتو. اهو عرصو بهرحال، هن موضوع جي دائري کان ٻاهر آهي.

]نوٽ: هن متن ۾ ڪم آندل ”سن ڪرڻا- ڪاريه- تاريخڻ“ (ريڊيو- ڪاربان ڊيٽنگ، (Radio-corban dating جي بنياد تي بيهاريل آهن ۽ انهن ۾ ايم. اي. ايس. ڪي. اي (M.A.S.K.A) درستيون شامل ڪيل ناهن. مضمون ۾ ڄاڻايل سمورن سنن لاءِ ليکڪ جو ڪتاب ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ فرام جيالاجيڪل ٽائيمس ٽو دي رائيز آف سماز  اِن 1352 ڏسڻ گهرجي. اهي ڏکڻ اولهاوان ايراني.[

 

]ماهوار ڪينجهر، حيدرآباد، جولاءِ، 1995ع تان ورتل[

 

 

 

©  (هن نقطي هيٺ هاڻي تائين ڪيل ڳالهيون خود پنهور صاحب جن جي ڪيترن ئي مضمونن جي حوالي سان هڪ تضاد رکن ٿيون، ڏسو: سنڌ ۾ ماڻهو- پاٿر ڄمار کان نوپهڻي تائين، سنڌ جون ٻوليون- آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين، آرڪيالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، ڊيولپمينٽ ان دي اسٽڊي آف هسٽري اينڊ آرڪيالاجي آف سنڌ وغيره. (سنڌيڪار)

  • ]اهي لفظ منجهائيندڙ آهن، هتي انهن جو مفهوم سمجهه ۾ نه ٿو اچي. سنڌيڪار[
  • ]سنڌ جون ٻوليون مضمون ۾ هٽين بدران هٽانيٽين (Hittitian)، متيواز بدران متياور (Mattiaver) ۽ مستيا بدران نتيا (Nattaya) نالا ڄاڻايل آهن. سنڌيڪار[
  • )سنڌيڪار سمجهي ٿو ته ڪا به ٻولي بنا واولس (Voweles) نه ٿي ٿي سگهي. البته اهو ٿي سگهي ٿو ته وائول جو تحريري نشان يعني اکر (letter) پوءِ ٺاهيو ويو هجي. هتي به تحريري نشان واري وائول جو ذڪر آهي)