سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574149   ڀيرا پڙهيو ويو

قديم زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ميلاپ (ڊاڪٽر هدايت پريم)


سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڌرتيءَ تي صدين کان وٺي ڪيتريون قومون آيون ۽ هت اچي سنڌ ۾ وسي ويون. انهن مان ڪيترين قومن سنڌ تي حڪومت هلائي، ڌاريا سنڌ جا حاڪم بڻيا. سنڌ جي رهواسين جو اهڙيءَ طرح سان آرين، ايرانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن سان تعلق قائم ٿيو، جن کي پنهنجي علحده تهذيب ۽ تمدن هو. طويل عرصي کان سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي انهن جا اثر اڃا موجود آهن. ٻاهران آيل قومن پاڻ سان پنهنجي ٻولي به آندي. اهڙيءَ طرح سان سنڌي ٻوليءَ جو ميلاپ، ڪيترين ئي مختلف ٻولين سان ٿيو. ٻولين جي ميلاپ جو هڪ خاص سبب دنيا ڀر ۾ مذهبن جو ڦهلاءُ به رهيو آهي. قديم زماني ۾ آريه لوڪن پاڻ سان سنسڪرت آندي. زردشت مذهب ڪري ”اوستا“ زبان ايران ۾ اثرانداز ٿي. لاطيني زبان جي واڌ ۽ ويجهه به عيسائي مذهب جي ڦهلاءَ سان گڏوگڏ ٿي. عربي ٻولي به اسلام جي حوالي سان مسلم دنيا ۾ متعارف ٿي. سنسڪرت جو اثر ٿائلينڊ، انڊونيشيا، چين ۽ جپان تائين، ٻڌ ڌرم جي ڪري ٿيو(1).

ٻولين جي ميلاپ سببان هڪ ٻولي، ٻي ٻوليءَ کان پهريائين ته ڪي ”لفظ“ اڌارا وٺندي آهي، جيڪي گهڻو ڪري ”اسمن“ تي مشتمل هوندا آهن. ٻن ٻولين جو هڪٻئي سان تمام گهڻو ۽ گهرو ميلاپ، جيڪو اگر پنهنجي انتها تي پهچي وڃي ته اهڙي ميلاپ جي نتيجي ۾ اهو مخصوص سماج (Bilingual Community) ٻه لساني فرقو بنجي وڃي ٿو، جتي ٻئي ٻوليون نه صرف ڪيترا ساڳيا ئي لفظ استعمال ڪن ٿيون، پر گهڻائي صوتي ۽ صوتياتي ۽ نحوي قاعدا قانون به ساڳيا استعمال ڪرڻ لڳن ٿيون(2).

ٻولين جي ميلاپ جا اثرات ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي تي به پون ٿا. نوان نوان صوتياتي روپ وٺن ٿا ۽ ٻوليءَ جي صوتي سرشتي ۾ داخل ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو مثال/ ف ز خ ۽ غ/ جا صوتيا آهن، جيڪي عربي ٻوليءَ سان ميلاپ جي نتيجي ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي ۾ شامل ٿيا آهن. هي آواز، عربن جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڪونه هئا(3).

ٻين ٻولين کان اڌارا ورتل لفظ مادري زبان جي مزاج موجب تبديل ٿيندا آهن. مثال طور: ]پ، ت، ڪ[ آواز انگريزي ٻوليءَ ۾ جڏهن ڊگهن سرن کان اڳ ۾ ايندا آهن، ته وسرگ بڻجي ويندا آهن، يعني ته ]ڦ، ٺ، ک[، اهوئي سبب آهي ته انگريز/ آمريڪي ماڻهو ”پاڪستان“ جو اُچار ”ڦاکستان“ ڪندا آهن يا جيئن (پ، چ ۽ گ) آواز عربيءَ ۾ نه آهن ته انهن جي جاءِ تي (ب، ج ۽ غ) جا آواز ڪم آڻيندا آهن.

خوبچنداڻيءَ لکيو آهي:

ٻين ٻولين جي ميلاپ سببان انفرادي طور هڪ شخص ڄڻ ٻن لساني تهذيبن جو فرد بڻجي وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ سندس مادري زبان واري تهذيب هوندي آهي. اهڙو ميلاپ لسانيات ۾ اهميت رکي ٿو(4).

سنڌي ٻوليءَ جي طويل تاريخ ۾ جن ٻولين پنهنجا اثرات ڇڏيا آهن، تن جو سن وار تفصيل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن طرح ڏنو آهي(5).

 

آڳاٽي ايراني ٻوليءَ جو اثر

250- 515 ق. م فتح دارا

5 صدي ق. م

4 صدي ق. م

يوناني ٻوليءَ جو اثر

325- 326 ق. م فتح سڪندر

3 صدي ق. م

2 صدي ق. م

195- 150 ق. م بلخ جي يونانين جي فتح

ترڪي ۽ داردي ٻولين جو اثر

150-120 ق. م ساڪا ۽ سٿين جون ڪاهون

1 صدي ق. م

پالي پراڪرت جو اثر

40- 50 عيسوي ڪوشان شاه ڪنشڪ

ترڪي ۽ داردي جو اثر

102/ 160- 200ع پارٿين جون ڪاهون

2 صدي عيسوي

پوئين ايراني ٻوليءَ جو اثر

 

 

 

ترڪي ۽ ايرانيءَ جو اثر

ساساني تسلط

3 صدي عيسوي

4 صدي عيسوي هياطلھ

470- 480 عيسوي سفيد هتُن

5 صدي عيسوي

315 عيسوي خسرو نوشيروان

ملڪي ٻوليون

6 صدي  عيسوي راءِ گهراڻو

7 صدي عيسوي برهمڻ گهراڻو

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ جيالاجيڪل خاڪو سنڌ جي عالم، ڏاهي ۽ محقق، ايم- ايڇ پنهور به تيار ڪيو آهي، سو هن ريت آهي(6).

پروٽو هند – يورپي

پروٽو هند- ايراني

پروٽو هندي

دراوڙي 1000 ق. م کان اڳ

پروٽو سنڌي

رگ ويد ۽ سنسڪرت 1000 کان 600 ق. م

پوئين سنسڪرت 600 کان 500 ق. م

آرميائي ۽ پهلوي 500 کان 400 ق. م

پالي 325 – 187 ق. م

پالي ۽ يوناني 178 کان 283ع

پهلوي 283- 356ع

اوائلي سنڌي

سنسڪرت 356- 711ع

عربي ۽ سنسڪرت 711ع- 1011ع

وچين سنڌي 1011ع – 1315ع

فارسي 1315ع – 1600ع

ڪلاسيڪل سنڌي

فارسي 1600ع – 1743ع

اڻهوين صديءَ جي سنڌي

انگريزي ۽ فارسي 1843- 1947

جديد سنڌي

مٿين ٻنهي خاڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ميلاپ دراوڙي ٻولين، سنسڪرت، اوستا (پراڻي فارسي) پالي، يوناني، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين سان ٿيو آهي.

سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ اصلوڪي ٻولي آهي. ڪيترين ٻولين جا اثر مٿس ٿيندا رهيا، پر ته به پنهنجون ڪيتريون ئي اصلي خاصيتون قائم رکيون آهن، ان ڪري ئي سندس حيثيت برقرار ۽ مان مٿاهون آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙين نرالين خاصيتن جا تفصيل، ٽرمپ، گريئرسن، الانا، سراج ۽ ٻين ماهرين لسانيات پنهنجن ڪتابن ۾ ڄاڻايا آهن. هن مضمون جو مقصد سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ٿيل ميلاپ جي مختلف رخنن تي روشني وجهڻ آهي، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ ڪشادگيءَ جو اندازو لڳائي سگهبو. تاريخي اعتبار کان سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل تبديلين جو اڀياس ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي ڪجهه روشني وجهي سگهبي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ٻولين سان ميلاپ جي ڪهاڻي قديم ايراني اثرات سان شروع ٿئي ٿي.

ايران جي شهنشاهه دارا استاسپ، سنڌ کي ڪڇ جي علائقي سميت 519 ق. م ۾ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. 518 ق. م ۾ قائم ڪيل نقش رستم ڪتبي ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ دارا جي حڪومت جو حصو هئي. قديم ايرانين يعني اخمانين جي راڄ دوران پهريون ڀيرو پري پري جا صوبائي شهر هڪٻئي سان ۽ گادي واري هنڌ سان رستن ذريعي ڳنڍيا ويا هئا. هنن ئي پهرين پهرين مڪاني سڪي جي ڀيٽ ۾ عالمي سڪي کي رائج ڪيو. هن اوستا (پراڻي فارسي) نه پر آرامي (اتر ميسوپوٽيميائي ٻوليءَ) کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو(7).

محمد حسين پنهور جي خيال ۾ اخماني دؤر ۾ اوستا، جيڪا حڪمرانن جي پنهنجي ٻولي هئي، توڙي آرميائي جيڪا سندن سرڪاري زبان هئي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻين مقامين ٻولين تي تمام ٿورڙو اثر ڇڏيو آهي(8).

دارا جي زماني ۾ اخمانين سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجي آئيوٽا چالو ڪئي، جنهن جو نالو خروشٽي هو. هيءُ آئيوٽا ڪئين ورهيه ساندهه پئي هلي ۽ هندستان مان عيسوي ٽين صدي ڌاري غائب ٿي وئي(9).

ننڍي کنڊ ۾ خروشٽي جو فروغ اخماني فتوحات سبب ٿيو آهي. خروشٽي توڙي برهمي لپي، ٻئي آرميائي ۽ فونيشي لپين منجهان نڪتل آهن. برهمي لپي فونيشيا سان قديم واپاري ناتن سبب رائج ٿي، جنهن ۾ اعرابون بعد ۾ ڏنيون ويون آهن.(10)

خروشٽي لپي اوڀر ۾ پنجاب ۽ ماڻڪالا کان مٿرا تائين ۽ پٽنا مان پڻ خروشٽي لپيءَ جا دستاويز مليا آهن. اولهه ۾ قنڌار ۽ سيستان تائين هن لپيءَ وارا سڪا مليا آهن. اتر ۾ سوات ۽ لداخ جي علائقي مان خروشٽي رڪارڊ هٿ آيو آهي. ڏکڻ مان ڪجهه ٽڪرا موهن جي دڙي مان پڻ مليا آهن. بهرحال اصلي ايراضي جتي خروشٽيءَ جو واهپو هو، سو گنڌارا وارو علائقو آهي ۽ خاص طور ٽيڪسلا ان جو مرڪز هو (11). خروشٽي لپي جيئن ته ساڄي کان کاٻي لکي وئي آهي، تنهن ڪري اهو سمجهڻ نهايت ئي آسان ٿي پيو آهي ته هن لپيءَ جو تعلق آرميائي (آرامي؟) سان آهي، جيڪا اترين سامي لپيءَ جي مکيه شاخ آهي(12).

خروشٽي لپيءَ ۾ جيڪا ٻولي لکي ويندي هئي، سا اخمانين جي زبان اوستا هئي. خروشٽي لپي وارا سڪا سنڌ جي قديم آثارن مان گهڻي تعداد ۾ لڌا ويا آهن.(13)

سن 519 ق. م کان 325 ق. م تائين سنڌ اخماني سلطنت جو صوبو رهي. قديم ايراني حڪمرانن جي زبان پهلويءَ جا سڌا سنوان اثرات ان وقت جي سنڌي ٻوليءَ تي يقيني طور پيا آهن. حالانڪه خروشٽي لپي وارا ڪتبا سنڌ مان ڪونه لڌا ويا آهن، پر سنڌ جي ويجهي ۾ ويجهي علائقي سئي وهار مان ۽ شهباز ڳڙهي مانسهره مان لڌا آهن، پر سِڪن جو سنڌ مان لڀجڻ، جن تي اخماني دؤر جي تحرير موجود آهي، ان مان پڪ ڄاڻجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ تي اوائلي دؤرن کان وٺي ايراني اثرات ٿيندا رهيا آهن.

اخماني دؤر ۾ سنڌين جا لاڳاپا ايرانين سان ڪافي گهرا نظر اچن ٿا. سنڌين يونانين جي خلاف اخمانين جي حمايت ۾ يورپ جي سرزمين تي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو. سنڌي پٽڪا ٻڌي تير ڪمانن سان، هاٿين تي سوار ٿي يونانين سان وڙهيا. سن 486- 488 ق. م ۾ زيراڪس جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌين به پنهنجا جوهر ڏيکاريا (14).

هن دؤر جو هڪ اهم ڪتبو، ايران جي بغستان شهر مان مليو آهي، جنهن جي رسم الخط ميخي (Cuniform) آهي. ان ۾ ٽي سٽون اهڙيون آهن، جيڪي معمولي فرق سان اڄوڪي فارسي، پشتو ۽ سنڌيءَ جهڙيون آهن. سٽون هن طرح آهن:

سنڌي معنيٰ

(1) ني آريڪه آهم                                                 نه آريڪو آهيان.

(2) ني دورجنه آهم                                                  نه ڪوڙو آهيان.

(3) ني زور ڪره آهم                                             نه زور ڪندڙ آهيان.

افغان محقق عبدالحي حبيبي هنن کي پشتو جا الفاظ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سراج هنن ئي سٽن جي آڌار تي خيال ڏيکاريو آهي، ته قديم سنڌيءَ ۾ به ضميري پڇاڙين جو نظام اصل کان ئي موجود هو، جيئن اڄوڪي سنڌيءَ ۾ موجود آهي (15).

مٿيون سٽون قديم هند- آريائي ٻوليءَ جون آهن، جنهن ۾ ضميري پڇاڙي ”م“ موجود آهي. هيءَ خاصيت سنڌي ٻوليءَ ۾ به آهي. ان مان سمجهجي ٿو ته آڳاٽي ايراني ٻولي پهلوي جو ڪجهه نه ڪجهه اثر سنڌي ٻوليءَ تي پيو آهي؛ پر سنڌي ٻوليءَ جو فارسي ٻوليءَ سان ڀرپور ميلاپ ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر ۾ ٿيو آهي.

سن 326 ق. م ۾ سڪندراعظم سنڌ ۾ آيو. سڪندراعظم جا گورنر سنڌ تي 322 ق. م تائين حاڪم رهيا. چئن سالن جي قليل عرصي ۾ يوناني حاڪمن جي ٻولي مقامي ٻوليءَ تي ڪي اهڙا اثرات ڪونه ڇڏيا هوندا، جيڪي ديرپا ثابت ٿي سگهن. البت سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ٻوليءَ سميت يوناني اثرات موجود آهن، جيڪي باختري يوناني دؤر ۾ قائم ٿيا. باختري دؤر سنڌ ۾ 187 ق. م کان 283ع تائين رهيو آهي. باخترين جي زبان يوناني هئي. مذهبي طور ٻڌ ڌرم سان ناتو هئن، جيڪو هنن بعد ۾ اختيار ڪيو هو، تنهنڪري سندن مذهبي ٻولي پالي هئي. اهوئي سبب آهي، جنهنڪري محمد حسين پنهور صاحب 187 ق. م کان 283ع تائين پالي ۽ يوناني گڏيل اثرات وارو عرصو ڪري ڄاڻايو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۽ يوناني ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ هڪجهڙائيءَ جا ڪيترا مثال ملن ٿا (16):

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي

 

يوناني

چير (سوراخ

ڇوڙ (جڳهه، شهر)

ميرو (گندو)

آنو (بيدو)

پڄرڻ (ٻرڻ)

ڪانو (ڪڙٻ جو ٽڪرو)

ننڍو (وڏي جو ضد)

ڏيکارڻ نمائش ڪرڻ

ستون (ڪڻڪ مان ٺهيل کاڌو)

قانون

فانوس

ڪفن

ديوس

دام

سرنگهه

چيئه

چور

ميلس

اون

پير/ پائر

ڪاني

ننوس

ديڪنين

ستوس

ڪانون

پانوس

ڪفس

دئوس

دارڪمي

سرنڪس

Cheia= hole

Chora= a place

Melas= black

Oon= egg

Pyr= fire

Kanne=grass

Nanos=dwarf

Deiknynan= to show

Sitos= food

 

 

 

 

Darkme

Syrinx

سڪندر نالو اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ ائين رکيو وڃي ٿو، گويا هيءُ خالص اسلامي نالو هجي. حالانڪ هيءُ واضح طور تي يوناني اثر آهي.

ڪوشان گهراڻي ۽ پارٿين جو راڄ سنڌ ۾ اٽڪل 323 ق. م کان 283 عيسوي تائين قائم رهيو. هن دؤر ۾ حڪمرانن جي سرڪاري توڙي مذهبي ٻولي ’پالي‘ هئي. ڇهه سؤ ورهين جو عرصو تمام وڏو عرصو آهي. ان عرصي دوران ننڍي کنڊ جي مقامي ٻولين تي پالي ٻوليءَ جا اثرات تمام گهرا ٿيا هوندا، جنهن جو ادراڪ / احساس ماهرين لسانيات نه ڪري سگهيا آهن(17).

پالي ٻوليءَ جي اثرات جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي، ته پالي پراڪرت جي ڪنهن مخلوط پالي محاوري ۾ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي پرچار ڪئي وئي. سئي وهار مان لڌل ٿالهيءَ تي اُڪر ڪيل تحرير واري ٻولي، بختي پالي Bacterian Pali آهي. هن پالي محاوري جي ذريعي سنسڪرت جا ڪافي الفاظ سنڌ جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا (18).

پالي ٻوليءَ جي باري ۾ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”ٻڌ ڌرم جا شاستر هندستان ۾ اصلي پالي ٻوليءَ ۾ لکيل هئا. اها ٻولي پراڻين پراڪت (پراڪرت) ٻولين مان هڪ هئي ۽ سنسڪرت وانگر هن ويل رڳي ڪن ٿورڙن ٻڌ ڌرم جي پنڊتن جي ٻولي آهي. ٻڌ ديو پالي ٻوليءَ ۾ پرٻوڌ ڏنو هو، پر سندس وچن ڪئين ورهيه پوءِ لکيا ويا. تنهنڪري ائين پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته ٻڌ ديو جي پالي ۽ شاسترن جي پالي ٻئي ساڳيون ٻوليون آهن. اها ٻولي اڳ مگڌ ديس ۾ چالو هئي، ۽ ڪن شاسترين جو چوڻ آهي ته پالي ٻولي مگڌي ٻوليءَ جي هڪ اُپڀاشا dialect هئي. پالي شبدن جون ٻه پتيون سنسڪرت آهن ۽ باقي اپڀرنشٽ (corrupt) سنسڪرت آهن. خاص پالي شبد ڪي ٿورڙا آهن، پر اهي پراچين سنسڪرت کان به پراڻا آهن؛ تنهنڪري پالي ٻوليءَ جي سنسڪرت ٻولي ماتر ڀاشا نه، پر ڀيڻ ڀاشا چئبي. جيتوڻيڪ هن ويل پاليءَ جو پرچار هندستان ۾ ڪونهي، ته به سنسڪرت جي اڀياس کان پوءِ پاليءَ جو اڀياس نهايت سهنجو ٿو لڳي ۽ ناگري لپيءَ ۾ لکيل گرنٿ پڙهڻ ۾ سولا ٿا ٿين (19).

سنڌي ٻوليءَ تي پاليءَ جا اثرات مرتب ٿيا آهن، انهن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ پالي ٻولي ۽ ٻڌ ڌرم جي پستڪن جي اڀياس جي ضرورت ٿيندي. في الوقت سنڌيءَ جا چند لفظ پيش ڪجن ٿا، جيڪي پالي جي اثرات جي نشاندهي ڪن ٿا (20).

ڌمو، ڌمي، پمو، پمي، پيوي، ميمي، وغيره.

 

حوالا:

(1) M. H. Panhwar. Languages of Sindh between rise of Amri and fall of Mansoora i.e. 5000 years ago to 1025 A. D. Article in book >Cultural Heritage of Sindh> 1988- p.24.

(2) Bynon. T. Historical Linguistics 1977 p. 216.

(3) علي نواز جتوئي، علم اللسان ۽ سنڌي زبان، 1983ع، ص 163.

(4) L. M. Khubchandani. Acculturation of Indian Sindhi to Hindi. Ph.D Thesis, 1963, p.5.

(5) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ، ٽيون ڇاپو، 1991ع، ص 23.

(6) M. H. Panhwar, Ibid, P. 23.

(7) محمد حسين پنهور، مقالو سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه جي تحقيق ۽ اشاعت، سه ماهي مهراڻ، 2- 1984ع، ص 177.

(8) M. H. Panhwar, Cultural Heritage of Sindh, P.19.

(9) پوپٽي هيراننداڻي، ڀاشا شاستر، ص 233.

(10) M. H. Panhwar, Chronological Dictionary of Sindh P. 47.

(11) Dani, A. H. Indian Palaeography, P. 252.

(12) Dani, Ibid P. 255.

(13) پوپٽي هيراننداڻي، ڀاشا شاستر، ص 233.

(14) M. H. Panhwar, Chronological Dictionary of Sindh, P. 73.

(15) سراج، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 1964ع، ص 81.

(16) ليلو رچنداڻي، سنڌوءَ جي جهلڪ 1963ع، صفحو 78-79.

(17) M. H. Panhwar, Cultural Heritage of Sindh, P. 20.

(18) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ٽيون ڇاپو، 1990ع، ص 22.

(19) نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻي، پروفيسر، ڌمپد ص 1 ۽ 2.

(20) پوپٽي هيراننداڻي، ڀاشا شاستر، ص 20.

 

 

]ڪينجهر 1993ع، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو[