ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) |
---|---|
ليکڪ | مختيار احمد ملاح |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-62-8 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 574143 ڀيرا پڙهيو ويو |
انسان جسماني طرح حياتياتي دنيا جو ڀاتي، ته ٻوليءَ جي آڌار تي ثقافتي دنيا جو واسي آهي.(1) انسان جو پهريون اوائلي پورهيو ڳالهائڻ Articulation آهي، (2) ٻولي سندس انهيءَ پورهئي جي پيداوار آهي، جڏهن ته ٻوليءَ جي پيداوار ڄاڻ آهي، جنهن کي اسين علمي طور تي سائنس ۽ پيداواري اُپت طور ٽيڪنالاجي سڏيون ٿا؛ تنهنڪري ٻوليءَ جي سادي ۾ سادي وصف آهي، جيڪا پنهنجي ڳالهائيندڙن جون گهرجون پوريون ڪري سگهي. (3)
جيئن اسين مٿي ڏسي آياسين ته ڪابه ٻولي، جيڪا ڳالهائيندڙن جون گهرجون پوريون ڪري سگهي، ٻوليءَ جي سولي وصف موجب جيئري ٻولي چئي سگهجي ٿي، تنهنڪري انهيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ به رايا ڪونهن ته سنڌي ٻولي، دنيا جي جيئرين ٻولين وانگر هڪ جيئري جاڳندي ٻولي آهي.
تاريخ جي پس منظر ۾ هڪ آرئي عالم جو هڪ اڻ آرئي عالم جي ٻوليءَ کي، ”ڍڳي جي رنڀ“ سان تشبيهه ڏيڻ ۽ ان جي جواب ۾ اڻ آرئي عالم جو سندس ٻوليءَ کي، ”ڏيڏر جي ٽان ٽان“ ساڻ ڀيٽڻ (4) يا اٿرويد ۾ ”درائيتا“ نالي اهڙي جماعت جي ماڻهن جو ذڪر، جيڪي ويدن کي نه مڃيندا هئا. (5) جي اهڃاڻن کان وٺي 1852ع. Todays global community is presented --with a for larger challenge 1862ع ڌاري سنڌي آئيويٽا جي جڙي راس ٿيڻ تائين، (6) سنڌي ٻولي هزارين سالن جو ارتقائي سفر طئي ڪري، هڪ مڪمل ٻوليءَ جي صورت ۾، پکيڙ Flexion واري درجي تائين پهتي آهي. (7)
لفظ ”ترقي“ نسبتي آڌار تي هڪ مبهم اصطلاح آهي (8) اسين جامع سنڌي لغات ۾، ترقيءَ جي ڌاتو ”رقي“ جنهن جي معنيٰ آهي، مرحليوار مٿي چڙهڻ، ”مرحليوار مٿي چڙهڻ“ کي بنياد ڪري وٺندي، ان کي ثقافت جي هڪ مظهر طور ارتقا جو هڪ درجو اڪري، ٻئي درجي ۾ داخل ٿيڻ يا اڳ ۾ ماڻيل درجي کان اڳتي جي اوسر ۽ مرحلي لاءِ ڪوشش جي معنيٰ طور استعمال ڪنداسين.
انهيءَ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جون چار نسبتون مقرر ڪري سگهجن ٿيون.
ايڪيهين صديءَ جي تياري Preparing for the Twenty First century جي شروعات ۾ ڪتاب جو مصنف پال ڪينڊي Paul Kennedy اسان کي چتائيندي لکي ٿو:
... The demographic boom is occurring in countries with limited technological resources, very few scientists and skilled workers, inadequate investment in research and development, and few or no successful corporations, in many cases, their governing elites have no intrest in technology, cultural and ideological prejudices are much more tilted against change…
New scientific breakthroughs often create structural problems of transferring their benefits from the “haves” to the “have nots” within that society. As advanced technologies threaten to undermine the economies of developing countries…. P. 13
ياد رهي ته پال ڪينڊي، جيڪو پاڻ به تاريخ جو استاد ۽ اسٽيٽيشن آهي، هيءَ منظرنامو 1990ع کان به اڳ ۾ جڙيو هو، ڇوته ڪتاب جي پڄاڻيءَ تائين پهچندي پهچندي کيس پنهنجي اڳ قائم ڪيل نتيجن ۾ ترميمون ڪرڻيون پيون هيون، جيئن اسان کي سندس ڪتاب جي شروعات ۾ روس جي گڏيل رياستن ۽ پڄاڻيءَ واري ڀاڱي ۾ گڏيل رياستن جي ٽٽڻ جو حوالو ملي ٿو. ناڻي وادي سرشتن جي عيوضيءَ طور ڪينڊي پنهنجي تجزئي ۾ ڏتڙيل قومن جي ٽيڪنالاجي ڏانهن عدم دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪندي، ان جي بنيادي پر اهم سماجي ڪارڻن کي صفائيءَ سان گول ڪري ويو آهي، جن منجهان ماڻهن جي ٽيڪنالاجي ڏانهن اوپرائي Allination تمام اهم سماجي ڪارڻ چئي سگهجي ٿو، ڇوته ٽيڪنالاجيءَ جي منتقليءَ ۾ سڌريل دنيا جي قومن جو رويو متڀيد ۽ سرد مهري (empathy) تي ٻڌل آهي. هڪ هٽيءَ جي ڪري، سڌريل ملڪ گهرجائو ملڪن کي گهڻي ڀاڱي مدي خارج (outdated) غيرپيداواري (nonproductive) اڻپوري (incomplete) ۽ ڳري بها (expensive) واري ٽيڪنالاجي پنهنجي شرطن تي صرف مشينري يا اوزارن (spare parts) جي صورت ۾ ڏيندا آهن، پر اها منتقلي يا ڏي وٺ پوري ڄاڻ ۽ تربيت سان نه هوندي آهي ۽ گهڻو ڪري ٽيڪنيڪز ۽ ماهرن جي نالي ۾ خود انهن جا ئي مقرر ڪيل ماڻهو مشينن تي ڪم ڪندا آهن، جنهن ڪري ماڻهن لاءِ اهي وٿون اوپريون هونديون آهن. بهرحال سندس ان تجزئي سان سندس لفظن ۾:
“... A population explosion on one part of the globe and technological explosion on the other is not a good recipe for a stable international order.” PFTTFC.P-331.
اتفاق ڪري سگهجي ٿو ته دنيا تيستائين جٽادار نه ليکي ويندي، جيستائين آدم وڌائيندڙ اسرندڙ دنيا ۽ ٽيڪنالاجي جي آڌار تي راڄ ڪندڙ اسريل ڌر جو اڻ سهائيندڙ پوروڇوٽ ڪنهن قبولڻ جوڳي نتيجي تي نه رسندو. (9)
ڌرتي هڪ سنهڙي حياتياتي تهه Flim سان ويڙهيل آهي، جنهن ۾ انسان به شامل آهي، پر لوڀ ويهڻو ماڻهو پنهنجي فائدي جي انڌ ۾ ڌرتيءَ کي ڄڻ ته ڳڙڪائيندو ٿو وڃي. سندس انهيءَ قسم جي وضع کي لڳاتار رت ڳاڙيندڙ زخم سان تشبيهه ڏيندي، ان کي ”مالٿس واري چٽي جي نشاني “Malthusian specter stigma” چيو ويندو آهي.
ٿامس رابرٽ مالٿس Thomas Robert Malthus (1834-1766) پهريون سماجي/ حياتياتي ڏاهو هو، جنهن 1798ع ڌاري پنهنجي مشهور مضمون آباديءَ جا اصول جيڪي ايندڙ زماني جي سماجي سڌارن تي اثر وجهندا. An Essay on the principles of population as extaffects the future improvement of society ۾ آباديءَ ۾ ايندڙ واڌاري جي اثرن ۽ هاڃن کي نروار ڪري ٻڌايو. مالٿس جڏهن پنهنجي هن جڳ مشهور ڪارنامي جا پاسا ۽ پلو سهيڙي رهيو هو، انهيءَ وقت يورپ ۾ آباديءَ جي واڌ تباهي مچائي ڇڏي هئي. خاص ڪري 1789ع ڌاري فرانس جي انقلاب هڪ وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. مالٿس انهن حالتن ۽ واقعن جو اکين ڏٺو شاهد هئڻ ڪري، ان تحرير جو سبب بڻيو. (10) جيڪا آباديءَ جي انگي ڇيد Mathamatical demography واري تحريڪ جو هاواڻو ثابت ٿي ۽ انهيءَ ڪري سندس مقالو دنيا ۾ اهميت رکي ٿو.
]ماهوار سوجهرو، ڪراچي، نومبر، 2002ع[