سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574138   ڀيرا پڙهيو ويو

جديد ميڊيا ۽ سنڌي ٻولي ( انجنيئر احسان احمد عرساڻي)


وقت جون حڪومتون سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ کي روڪڻ لاءِ هر قسم جا حربا هلائينديون رهيون آهن، جن ۾ جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي ويءَ) تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا بند ڪرڻ، مختلف سرڪاري ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙي ڪڍڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ کليل ادارن ۾ پنهنجن ڇاڙتن کي سربراهه ڪري ويهارڻ شامل آهن. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ادارو سنڌ يونيورسٽي آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو ضامن هئڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن وائيس چانسلرن مان پروفيسر رضيءُ الدين صديقيءَ جو نالو قابل ذڪر آهي، جنهن سنڌي اڪيڊميءَ جو پايو وڌو ۽ جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڏجندڙ اعليٰ تعليم جو ذريعه تدريس سنڌي ڪرڻ ٿي گهريو. تنهن کان پوءِ غلام مصطفيٰ شاهه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر ٿيا. شاهه صاحب سنڌي اڪيڊميءَ کي هڪ وسيع مقصد اداري، سنڌالاجيءَ ۾ بدلايو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي دفتري ٻوليءَ جو درجو ڏنائون، پر افسوس جو شاهه صاحب کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ کي اهڙا عظيم سربراهه ملڻ جو سلسلو بند ٿي ويو، جن سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو سنڌي ٻوليءَ سان منسوب ڪيو. تنهن کان پوءِ جيڪي به وائيس چانسلر آيا، تن اهڙا حڪم صادر ڪيا، جن پوين سڀني ڪوششن تي پاڻي وجهي ڇڏيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ کي ناقابل تلافي ڇيهو رسايو، سنڌي ٻوليءَ کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي دفتري ٻولي هئڻ جو حق به کسي ورتو. اتفاق سان سندن هر قدم سنڌي ٻوليءَ لاءِ منفي ثابت ٿيو.

ان کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ٺهيل ادارو سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پڻ ايترو فعال نه رهيو ۽ ان کي ڪي چيئرمين اهڙا به مليا، جن سنڌي ٻوليءَ جي وحدانيت کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي يا پنهنجن مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏني.

پاڪستان ۾ پني ۽ ڇپائيءَ کي ايترو مهانگو شايد نه پر يقيناً سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جون راهون بند ڪرڻ خاطر رکيو ويو آهي. پاڪستاني ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻولي ئي آهي، جيڪا سرڪاري ۽ تدريسي ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي. پاڪستاني ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻولي ئي واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ اخبارون نڪرن ٿيون ۽ وڏي مقدار ۾ ادب لکجندو رهيو آهي، تنهن ڪري واحد سنڌي ٻولي ئي آهي، جيڪا پنو ۽ ڇپائي مهانگي ٿيڻ سان متاثر ٿئي ٿي. واحد سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهن جي ترقي پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ جي مقام ۽ حيثيت کي اڄ به چئلينج ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي پريس تي مصيبتن جو پهاڙ ٽٽي پيو، ڇوته حڪومت جي پاليسي يڪايڪ تبديل ٿي وئي. مختلف مارشلائن دوران ڪيترين اخبارن ۽ رسالن تي بندشون لڳايون ويون ۽ صحافين کي زندان حوالي ڪيو ويو. انگريزن جي حڪومت، سنڌ جي پهرين ۽ آخري حڪومت هئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺائڻ لاءِ ثابت قدم کنيا. انگريزن جي حڪومت معياري سنڌي صورتخطي ٺهرائي. سنڌي اسڪول کوليا ۽ سنڌيءَ کي قانوني ۽ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ سنڌي پريس ترقيءَ جون منزلون ماڻي چڪي هئي، سنڌي اخبارون اڄ کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ شروع ٿي چڪيون هيون. ”سنڌ سڌار“ تنهن وقت جي مشهور اخبار هئي، جيڪا 1878ع ۾ رجسٽر ڪرائي وئي.

ڪنهن دؤر کان ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري جو دارومدار سنئون سڌو اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رهيو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اهو دؤر تڏهن شروع ٿيو، جڏهن فونوگراف منظرعام تي آيو، فونو جي عروج وارو دؤر، سنڌي ٻوليءَ جي به عروج وارو دؤر هو. جيڪر سنڌي ٻولي ٻين هندستاني ٻولين کان اڳتي نه نڪري چڪي هئي ته ڪنهن صورت ۾ پوئتي به نه هئي. اهو دؤر هن صديءَ جي اوائلي ڏينهن وارو هو، جڏهن هندستان جون مشهور ڪمپنيون سنڌي فنڪارن کي رڪارڊ ڪنديون هيون. ڀڳت ڪنور، ماسٽر چندر، مولي ٻائي، جيوڻي ٻائي، ڀڳت موٽومل، بيبي خان، سونا خان بلوچ، محمد يوسف ماڇي، ڀڳت جاڙا رام ۽ بيگم فقيراڻيءَ جا راڳ تنهن دؤر جي سنڌي عوام جي روح کي تسڪين بخشيندا هئا.

تنهن کان پوءِ جڏهن سئنيما جو دؤر آيو ته سنڌي فلمون به برابر ميدان ۾ آيون. ورهاڱي کان پهرين ئي سنڌي فلمون ٺهڻ لڳيون هيون. ”ايڪتا“ ورهاڱي کان پهرين جي مشهور سنڌي فلم آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ به سنڌي فلمون وقفي وقفي سان ٺهنديون رهيون. ”عمر مارئي“، ”پرائي زمين“، ”سسئي پنهون“ ۽ ”پرديسي“ ورهاڱي کان هڪدم پوءِ جون مشهور سنڌي فلمون آهن. ورهاڱي کان پوءِ ون يونٽ ۽ پاڪستان حڪومت جي ٻين سنڌ دشمن قدمن سان سنڌي فلمن جي ترقيءَ تي به خراب اثر پيا، تنهن کان پوءِ به سنڌي فلمون نڪرنديون رهيون، جن مان ”شهروفيروز“، ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“، ”رنگ محل“، ”مٺڙا شال ملن“، ”چانڊوڪي“ ۽ ”بادل“ مشهور ٿيون. ”منهنجو پيار پڪاري“، ”بادل ۽ برسات“، ”پير ڪيو سينگار“، ”ڌرتي دل وارن جي“ ۽ ”البيلي“ به قابل ذڪر آهن. 1960ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ پهرين سنڌي رنگين فلم ”سورٺ“ سئنيما تي لڳي، جنهن جي ڪاميابيءَ سان سنڌي فلمن جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيو، پر جلد ئي 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعات ڌاري سنڌ ۾ لساني فساد شروع ٿي ويا، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن جو بي رحميءَ سان ڪوس ڪيو ويو ۽ انهن سئنيمائن کي باهه ڏني وئي، جيڪي سنڌي فلمون چاڙهينديون هيون. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي فلمن جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ويهارو کن فلمون منظرعام تي آيون، جن مان ”ڦل ماڇي“ ۽ ”پرو چانڊيو“ مشهور ٿيون، پر وقت جي تقاضائن مطابق اڪثر فلمون معيار تي پوريون نه لهڻ ڪري عوام ۾ مقبول نه ٿي سگهيون. گهر گهر، وي سي آر عام ٿي وڃڻ ڪري 1980ع کان پوءِ هونئن به سئنيما جو زوال شروع ٿي ويو. هن وقت تائين حيدرآباد جون اهم ترين سئنيمائون ڊهي چڪيون آهن. دراصل، پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ سئنيما لاءِ عوام جي دلچسپي تڏهن ئي گهٽجڻ شروع ٿي وئي. جڏهن ملڪ ۾ پهريون ٽي وي چينل (PTV) شروع ٿيو.

جيتوڻيڪ پاڪستان ٽيلي وزن (PTV) محدود سهوليتن ۽ سروسز سان شروع ٿيو، پر تمام جلد ئي تڪڙي ترقي ڪري، ان رڪارڊنگ ۽ رنگين نشريات جون سهوليتون به ماڻي ورتيون. پي ٽي ويءَ جي ترقيءَ ۾ نه صرف حڪومت جي هٿي هئي، بلڪه خانگي ادارن ۽ ڪمپنين جو به ڪردار هو. 1992ع تائين پاڪستان اندر عوام لاءِ پي. ٽي. وي ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو، ڇوته پاڪستاني حڪومت ڪنهن کي به خانگي ريڊيو يا ٽي. وي اسٽيشن هلائڻ جي اجازت نه ڏني هئي ۽ ان واحد ٽي وي چينل تي شروعاتي دؤر ۾ ڪل وقت اردو پروگرام هلايا ويندا هئا. جڏهن پي. ٽي. وي نشريات جو وقت وڌي اٺ ڪلاڪ ٿي ويو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ جهڙين غيرتدريسي ٻولين جيان ”علاقائي زبان“ جو درجو ڏئي، پي. ٽي. ويءَ تي روزانو اڌ ڪلاڪ جو وقت خيرات طور ڏنو ويو. جڏهن ته انگريزي زبان کي به نڌڻڪي سنڌيءَ کان ٽيڻو چوڻو وقت نشر ڪيو ويندو آهي. حالانڪه انگريزي ته علاقائي ٻولي به نه آهي، پر جيئن ته انگريزن جي هيءَ غلام قوم، انگريزيءَ کي گهڻو اڳ ئي بين الاقوامي ٻوليءَ طور تسليم ڪري چڪي ۽ حڪمران ملڪ ٺهڻ شرط ئي اردوءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي ملڪ تي مڙهي چڪا، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ڳالهائڻ روز اول کان ئي ڪفر سمجهيو ٿو وڃي. اڄوڪي دؤر ۾ به، جڏهن پي. ٽي. وي نشريات جو وقت گهڻو وڌي چڪو آهي ۽ پي. ٽي. ويءَ جو ٻيو چينل پي. ٽي. وي ٽو به شروع ٿي چڪو آهي، سنڌي ٻوليءَ کي ساڳيو ئي اڌ ڪلاڪ روزانو نشر ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ئي وقت دنيا ڀر جا غير سنڌي ٽي. وي چينل سيٽلائيٽ ذريعي اسان جي معاشري تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن 90ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ متعارف ٿي ۽ جلد ئي گهر گهر ۾ سيٽلائيٽ رسيور عام ٿي ويو، انهن چينلن تي به هر وقت اردو/ هندي ئي هلندي رهي ٿي.

1988ع ڌاري ڪنهن خانگي ڪمپنيءَ کي ٽي. وي اسٽيشنون هڻڻ جي اجازت ڏني وئي، سڀ کان پهرين خانگي اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ هنئي وئي، پوءِ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن کان علاوه حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به اهي خانگي اسٽيشنون لڳايون ويون، اهو خانگي چينل پيپلز ٽيليويزن نيٽ ورڪ PTN جي نالي سان کوليو ويو، پر پوءِ حڪومت بدلجڻ ڪري ان جو نالو به بدلائي شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ Stn رکيو ويو. مختلف شهرن ۾ لڳل اهي اسٽيشنون شهري حدن اندر نشريات موڪلينديون آهن ۽ سڀني اسٽيشنن جي نشريات ڌار ڌار هلندي آهي، اهي اسٽيشنون پنهنجا پروگرام حڪومت سان مڃيل شرطن ۽ حدن اندر رهي نشر ڪنديون آهن. مثال طور Stn جون اسٽيشنون پابند آهن ته شام جو ستين لڳي پي. ٽي. ويءَ جون انگريزي خبرون ۽ رات جون نوين لڳي پي. ٽي. وي خبرنامو جيئن جو تيئن نشر ڪنديون، مگر انهن اسٽيشنن تي اهڙو ڪوبه شرط نه وڌو ويو ته اهي سنڌي پروگرام به هلائينديون. ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ Stn اسٽيشنن کي پابند ڪيو وڃي ها ته اهي گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو وقت سنڌي پروگرام نشر ڪن. اهو سڀ ته ٺهيو، پر انهن اسٽيشنن تي سنڌي ٻوليءَ جو نالو نشان ڪونهي. ساڳيءَ ريت ڪراچيءَ ۾ ڪنهن خانگي ڪمپنيءَ کي FM100 نالي ايف. ايم ريڊيو چينل هلائڻ جي اجازت ڏني وئي. حالانڪه ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، پر ان ريڊيو چينل کي به کلي ڇوٽ ڏني وئي ته ڀلي سؤ سيڪڙو اردو پروگرام نشر ڪري. لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت جو انهن ريڊيو ۽ ٽي وي چينلن تي ڪوبه اختيار يا ضابطو نه آهي. موجوده وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ حڪومت توڙي سنڌي عوام سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ لاءِ ترت ۽ هنگامي قدم کڻي. پاڪستاني آئين موجب سنڌ حڪومت صوبائي ٽي. وي اسٽيشن هڻي سگهي ٿي. سنڌ جي ٻن وڏن شهرن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايف. ايم ريڊيو شروع ڪرائڻ گهرجن، جيڪي سؤ سيڪڙو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وقف هجن. سنڌي ريڊيو ۽ ٽي. وي چينل کولڻ وارو ڪم صرف سنڌ حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي. خانگي ڪاروبار ۾ رڌل سنڌي واپاري به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايف. ايم ريڊيو اسٽيشن هڻڻ لاءِ ڪوشش وٺي سگهن ٿا.

حالانڪه ٽي وي ۽ ٻي وڊيو ميڊيا عوام ۾ گهڻي مقبول رهي آهي، پر آڊيو ميڊيا به وقت سان گڏ هلندي اچي ۽ موسيقيءَ ۾ نوان لاڙا به پيدا ڪندي اچي. دراصل آڊيو ميڊيا عام ماڻهوءَ جي شوق، ذوق، رويي، سوچ ۽ ٻوليءَ تي سڀ کان گهڻو اثرانداز ٿئي ٿي. ٽيڪنيڀياس جي لحاظ کان آڊيو ميڊيا فونو بعد ٻه منزلون طئي ڪري چڪي آهي. يعني ڪيسيٽ ۽ سي ڊي، سنڌي موسيقي ڪيسيٽ جي دؤر ۾ نين روايتن سان هلي نه سگهي ۽ پٺتي رهجي وئي. حقيقت ته اها آهي جو پٺين ڪجهه ڏهاڪي سالن ۾ اسين سنڌي موسيقيءَ ۾ شاعريءَ جون اصل روايتون به وڃائي ويٺا آهيون. شاعريءَ جي عوامي صنف، يعني گيت ته سنڌي ٻوليءَ ۾ بنهه ناس ٿي چڪي آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ سنڌي موسيقي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪي نالي ماتر ڪمپنيون آهن، جيڪي پڻ اهو ڪجهه مهيا ڪرڻ ۾ قطعي ناڪام ويون آهن، جيڪو اڄ جي نوجوان نسل جي ضرورت آهي. مشڪل سان ئي ڪو سنڌي نوجوان سنڌي گيت ٻڌندو هوندو يا سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي رکندو هوندو.

ورلي سنڌي ٻڌندڙن جو به، غيرمعياري شاعري ۽ نقلي موسيقي ٻڌي، سنڌي موسيقيءَ تان ئي ارواح کڄي ويو آهي، جيتوڻيڪ اتر سنڌ ۾ چڱي مقدار ۾ سنڌي آڊيو رڪارڊنگ ٿئي ٿي، پر اهي به اڪثر هندستاني موسيقيءَ جو نقل هونديون آهن. مطلب ته سنڌي موسيقي پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي، جيڪو هاڻي ٻوليءَ جي پنهنجي بقاءَ لاءِ خطرو ثابت ٿي چڪو آهي. نئين ٽيڪنيڀياس ۾ ته سنڌي ٻولي متعارف ئي نه ٿي آهي. هيستائين ڪنهن به ڪمپنيءَ سي ڊيءَ تي سنڌي گيت رڪارڊ نه ڪيا آهن. ولايت ۾ ڪا هڪ سي ڊي رڪارڊ ڪرائي وئي آهي، سا به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي! بدقسمتيءَ سان سنڌي ويچار وادي (Think Tank) اڃان تائين اهو سمجهي نه سگهي آهي ته اڄوڪي نسل جي وندر لاءِ شاهه صاحب جو ڪلام ۽ يڪتارو ناڪافي آهن. اسان وٽ تخليقي صلاحيتن جي سخت کوٽ آهي، جنهن کي دور ڪرڻ لاءِ اسان کي سنڌي موسيقيءَ جي سکيا جا جديد مرڪز کولڻا پوندا، جن ۾ ماهر استادن ۽ موسيقيءَ جي نون اوزارن جي سهوليت ميسر هجي. تنهن کان سواءِ اڳيئي موجود رڪارڊنگ ڪمپنين جي به اصلاح جي ضرورت آهي، جيڪي اڪثر غيرمعياري ٻوليءَ ۾ غيرمعياري شاعري رڪارڊ ڪرائينديون رهن ٿيون.

مٿي بيان ڪيل حقيقت مطابق، سنڌ حڪومت جو ثقافت وارو کاتو به اهڙن ئي ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، جيڪي پنهنجن آقائن سان سنڌي موسيقيءَ کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کڻڻ جو واعدو وچن ڪري آيا آهن. ان کاتي هيٺ، گهڻو اڳ ”شاهه لطيف ثقافتي مرڪز“ ان مقصد سان کوليو ويو ته جديد ۽ ڪلاسيڪي سنڌي موسيقيءَ جي سکيا ڏني ويندي. مگر اٽڪل چاليهه سال گذري وڃڻ کان پوءِ به، اڄ تائين ان مرڪز ۾ اهڙو ڪنهن به قسم جو تحرڪ نٿو ڏسجي.

سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ خاطر کليل ادارن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۽ پاڪستاني حڪومت جي مخالف پاليسي ڏسي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌي عوام کي خانگي طور مجموعي توڙي انفرادي ڪوششون وٺڻيون پونديون. پنهنجي ٻوليءَ کي وقت سان گڏ ترقي ڏيارڻ لاءِ اڄوڪي جديد ميڊيا جي ضرورت آهي. اڄ جو نئون اڀرندڙ ۽ مستقبل جو عام ترين ميڊيا ”انٽرنيٽ“ آهي. انٽرنيٽ کي ٻي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گهڻيون ئي سرسايون Advantages آهن. مثال طور، اها ڪنهن به حڪومتي پابندي ۽ ضابطن کان آجي آهي، ان جي پهچ سڄي دنيا تائين آهي، وغيره وغيره. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انٽرنيٽ، ٻي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نسبت سستي آهي. اسان کي گهرجي ته انٽرنيٽ تي ڪئين ”سنڌي ويب سائيٽون“ کوليون ته جيئن دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ سان واسطي ۾ به رهي ته سنڌ جي سياسي حالتن کان به باخبر رهي. انٽرنيٽ تي سنڌي ويب سائيٽ جا ڪيترائي مصرف ٿي سگهن ٿا. مثلاً سڄي دنيا ۾ ويٺل سنڌين کي هڪ ٻئي سان مستقل رابطي جو وسيلو مهيا ڪرڻ، سنڌ جي سياسي مفادن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ، سنڌي انٽرنيٽ اخبار ۽ رسالو شايع ڪرڻ، سنڌي موسيقيءَ کي ترقي ڏيارڻ، سنڌي ڊرامي کي ترقي وٺائڻ، سنڌي ڪتابن جي انٽرنيٽ لائبرري قائم ڪرڻ وغيره وغيره.

دنيا جي ڏورانهن علائقن ۾ ويٺل سڀني سنڌين کي مستقل رابطو مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌي اي ميل سرشتو جوڙائڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي پنهنجو نياپو رسائي سگهن. جيڪڏهن جلد ئي اهو نه ڪيو ويو ته چند ئي سالن ۾ خط لکڻ واري روايت ختم ٿي ويندي ۽ سنڌيءَ ۾ اي ميل سرشتو نه هئڻ ڪري سنڌي ماڻهو مجبوراً اردو يا انگريزي ۾ پيغام رسائي ڪندا. اها ٻولي، جنهن ۾ پيغام رسائي نه ٿي سگهي، سا جلد ئي پنهنجو وجود وڃائي ڇڏيندي. ان کان سواءِ سنڌي چيٽ سائيٽ به اڄ جي اهم ضرورت آهي ته جيئن اڻ ڄاڻ سنڌي ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجو تعارف ڪرائي پنهنجو دل به وندرائين ته اتحاد به پيدا ڪن. تنهن کان سواءِ ”آڊيو آن ڊمانڊ“ جي متبادل سنڌي موسيقيءَ جي سهوليت انٽرنيٽ تي مهيا ڪري سگهجي ٿي. اهڙي ويب سائيٽ ذريعي نئين کان نئون ته پراڻي کان پراڻو سنڌي گانو ڪنهن به فرمائش ڪندڙ کي ٻڌرائي سگهجي ٿو. بهترين ٽيڪنالاجيءَ سان اهو به ممڪن آهي ته ويب سائيٽ ذريعي سنڌي ڊراما به نشر ڪجن. سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق ڪرڻ وارن کي همٿائڻ لاءِ هڪ اهڙي ويب سائيٽ جوڙي سگهجي ٿي، جيڪا اڄ تائين لکيل ڪتابن جي فهرست ۽ ٻي ڄاڻ مهيا ڪري. ان ڏس ۾ سڀ کان وڏي ذميواري سنڌي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ٿئي ٿي ته هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ جديد ترين اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حاصلات يقيني بنائين. منهنجو اهوئي مقصد هو ته هن مضمون رستي آئون سنڌي سڄاڻن، خاص طور سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ان اهميت جو احساس ڏياريان، جيڪا ميڊيا ڪنهن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ رکي ٿي نه صرف ايترو بلڪه کين ان ذميواريءَ جو به احساس ڏياريان، جيڪا مٿانئن عائد ٿئي ٿي.

 

]ماهوار مومل، حيدرآباد، مارچ/اپريل، 1999ع[