سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5)
ليکڪ مختيار احمد ملاح
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-62-8
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     574139   ڀيرا پڙهيو ويو

”برطانوي دؤر ۾ سنڌي ٻولي“ (ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي)


ماڻهو جڏهن هڪ ٻئي سان تعلق ۽ لهه وچڙ ۾ اچن ٿا، تڏهن هو ڪجهه به ڪندا هجن، ڪهڙو به عمل ڪن؛ پيار ڪن، محبت ونڊين، ڪاروبار هلائين، آفيس ۾ گڏ ڪم ڪن، مزوري ڪن يا راند ڪن يا ڪنهن به ذريعي سان سفر ڪندا هجن؛ هو هڪ ٻئي سان جڏهن به رابطي ۾ اچن ٿا ته اُهي پاڻ ۾ ڳالهائين ٿا. اسين ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي ڪائنات ۾ رهون ٿا. اسين پنهنجن دوستن، مائٽن، عزيزن، واقف، اڻ واقف ماڻهن سان ڳالهايون ٿا. اسان روبرو ۽ ٽيليفون تي به ڳالهايون ٿا ۽ موٽ ۾ هو ٻيو ماڻهو به ڳالهائي ٿو. ريڊيو ۽ ٽيليفون اسان کان وڌيڪ ڳالهائين ٿا. اُهي گهڻو وقت هڪ طرفو ڳالهائين ٿا ۽ لفظن جي ڀرمار ڪن ٿا.

انسان جي زندگيءَ جون گهٽ گهڙيون بنا ڳالهائڻ جي گذرن ٿيون ۽ اُنهن گهٽ ۽ خاموش گهڙين ۾ به ٻولي اسان جي دماغ ۾ گردش ڪندي رهي ٿي. گهڻا شخص ننڊ ۽ خوابن ۾ به ڳالهائيندا آهن. اڪثر گهڻا اِنسان پنهنجي منهن به ڳالهائيندا آهن. جڏهن ته ڪو ٻڌڻ ۽ جواب ڏيڻ وارو به ڪونه هوندو آهي. ٻولي ۽ اُن جو استعمال، يعني ڳالهائڻ ئي سماجي تحفو آهي، جيڪو انسان کي ٻين جانورن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. ماڻهپي ۽ اِنسان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻوليءَ جي قدرت ۽ ڪيفيت کي سمجهون. اِها ٻولي ئي آهي، جيڪا اِنساني زندگيءَ ۽ طاقت جو ذريعو آهي. اسين ڪا ٻولي ڄاڻون ٿا ته اُها ٻولي ڳالهايون به ٿا ۽ اُها ٻين ماڻهن کي سمجهه ۾ به اچي ٿي، جيڪي ساڳي ٻولي ڄاڻن ٿا. حاصل مطلب ته اسين ڪي اهڙا آواز پيدا ڪيون ٿا، جيڪي ڪي مقصد ۽ مطلب ظاهر ڪن ٿا ۽ ساڳين آواز ڪندڙن کي سمجهه ۾ اچن ٿا.

ٻولي صرف رابطي جو ذريعو ئي نه، پر ٻولي ئي انسان، گروه، قوم، قبيلي جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي. ٻوليءَ سان ئي سياسي ۽ معاشي مفاد وابسته آهن.

آمريڪي لسانيات جي ماهرن بلاڪ ۽ ٽرئگر (Bloch-Trager) ٻوليءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي:

‘Language is a system of arbitraty vocal symbols by means of which social group-co-operates’

(An Out line of Lingustic Analysis: Lingustic of America. 1942-p.s)

ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪ ٻئي سان تعاون لاءِ اِنسان ذات جي زبان مان نڪتل آواز جي سرشتي کي ٻولي سڏجي ٿو. زبان هڪ ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي هڪ انسان جي طلب stimulus جو ٻيو انسان جواب response ڏئي ٿو. زبان، تهذيب ۽ تمدن جو بنياد آهي، زبان، خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي. زبان جي عمل سان ئي هرڪا قوم بڻجي ٿي، اگر اسان کي ڪنهن قوم جي طريقن، لباس، کاڌ خوراڪ، خطي ۽ ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ته اُهو اُن قوم، قبيلي، ملڪ جي زبان جي مطالعي مان ئي ڄاڻي سگهجي ٿو. (سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ڊاڪٽر غلام علي الانا).

سنڌي ٻولي ۽ زبان، سنڌ ۽ سنڌين جي زبان آهي. سنڌ ۽ اُن جي آس پاس جي وڏي حصي ۾ اُها ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. جيون جو ڪاروبار سنڌيءَ ۾ به هلندڙ آهي. اسين اِهو به ڄاڻون ٿا ۽ سنڌ جي اِتهاس مان به ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌ تي صدين کان وٺي ڪيترين قومن حملا ڪيا آهن. سنڌ ۾ بار بار قومون آيون، وسيون ۽ وري ڪن سنڌ تي حڪومت به ڪئي. سنڌ جي رهواسين جا اهڙيءَ طرح آرين، ايرانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن ۽ ٻين سان تعلقات قائم ٿيا. جن کي پنهنجي علحده تهذيب ۽ سڀيتا هئي. ٻاهران آيل قومن پاڻ سان پنهنجي ٻولي به آندي، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ميلاپ، ڪيترين مختلف ٻولين سان ٿيو. ٻولين جي ميلاپ جو هڪ خاص سبب دنيا ڀر ۾ مذهبن جو ڦهلاؤ به رهيو آهي. قديم زماني ۾ آرين سنسڪرت جو ڦهلاؤ ڪيو. زردشت مذهب ڪري اوستا زبان ايران ۾ اثرانداز ٿي. لاطيني زبان جي واڌ عيسائي مذهب دؤران ٿي. عربي ٻولي به اسلام سان گڏ جدا جدا مسلم ديشن ۾ ڦهلي. سنسڪرت جو اثر ٿائلينڊ، انڊونيشيا، چائنا ۽ جاپان تائين ٻڌ ڌرم جي ڪري قائم ٿيو.

هندستان جي زمين تي اُردو زبان جنم پاتو. اِها به حقيقت آهي ته ٻولين جي ميلاپ ڪري هڪ ٻولي، ٻي ٻوليءَ کان ڪي لفظ اُڌارا وٺندي آهي ۽ اڳتي هلي اُهي لفظ اُن ۾ جذب ٿي، اُن ٻوليءَ جو هڪ حصو بڻجي ويندا آهن. ڪي لفظ مادري زبان مطابق به تبديل ٿيندا آهن. پر گهڻا ئي وري صوتي، صوتيائي ۽ نحوي قاعدا، قانون به ساڳيا استعمال ڪن ٿيون.

جيستائين سنڌي ٻوليءَ جو سوال آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ٻولين سان ميلاپ جي ڪهاڻي قديم ايراني اثرات کان شروع ٿئي ٿي. ايران جي شهنشاهه دارا استاسپ سنڌ کي ڪڇ جي علائقي سميت 519 ق. م ۾ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. دارا جي زماني ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ کروشتي آئيويٽا چالو ڪئي. جيڪا پڻ سنڌيءَ جيان ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي. اُن ريت سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ميلاپ جو سلسلو اڳتي وڌندو رهي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ جيلاجيڪل خاڪو سنڌ جي عالم ايم. ايڇ. پنهور تيار ڪيو آهي، جنهن جي آڌار تي ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي طويل تاريخ ۾ جن ٻولين پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، اُهي هن ريت آهن:

پروٽو هند- يورپي

پروٽو هند- ايراني

پروٽو هندي

دراوڙي 1000 ق. م کان اڳ

پروٽو سنڌي

رگ ويد ۽ سنسڪرت 1000 کان 600 ق. م.

پوئين سنسڪرت 600 کان 500 ق. م.

آريائي ۽ پهلوي 500 کان 400 ق. م.

پالي 325-187 ق. م.

پالي ۽ يوناني 187 کان 283ع

پهلوي 283- 356ع

اوائلي سنڌي

سنسڪرت 356- 711ع

عربي ۽ سنسڪرت 711-1011ع

وچين سنڌي 1011ع- 1315ع

فارسي 1315- 1600ع

ڪلاسيڪل سنڌي

فارسي 1600ع- 1742ع

اوڻويهين صديءَ جي سنڌي

انگريزي ۽ فارسي 1843- 1947ع

جديد سنڌي

(ڪينجهر 5-1993- سنڌ يونيورسٽي، ص 118)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ اِن قسم جو سن وار چارٽ جوڙيو آهي. اسان کي هنن خاڪن مان ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جو ميلاپ دراوڙي ٻولين، سنسڪرت، اوستا (پراڻي فارسي)، پالي، يوناني، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين سان ٿيو آهي.

هن مقالي جو واسطو انگريزي حڪومت يعني 1843ع کان 1947ع سان آهي. سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. اُن وقت سنڌ ۾ فارسي ٻولي هلندڙ هئي. اُن وقت اٽڪل ڇهه سؤ کن مڪتب سنڌ ۾ هلندڙ هئا. انگريزن اچڻ شرط اُن وقت سيدن کي جيڪي لوازما ملندا هئا، اُهي بند ڪيا ۽ مڪتبن کي جيڪا مالي امداد ڏني ويندي هئي؛ اُها بند ڪئي. جنهن ڪري ناڻي جي کوٽ ۽ حڪومت جو سهارو نه هئڻ ڪري پارسيءَ جي واڌاري کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. اُن شروعاتي عرصي ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبوان انگريزي اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لائق ماستر نه ملڻ ڪري اسڪول کلي نه سگهيو. پر ڪئپٽن پريڊي جي ڪوشش سان 1846ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ اسڪول کليو. جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي. هن اسڪول ۾ عيسائين جو انجيل (بائيبل) ضرور پاڙهيو ويندو هو. 1825ع ۾ اُن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو هو. اُن جو نئون ترجمو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ڪيو، جو ديوناگريءَ ۾ 1850ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ’يومن‘ جو ترجمو برنس 1852ع ۾ عربي سنڌي اکرن ۾ ڪيو. ٻئي سال اِهو گرمکي اکرن ۾ به ڇپيو.

ٻوليون رڳو آواز جو اُهو سرشتو نه آهن، جيڪي ساڳئي گروه جا انسان هڪ ٻئي کي پنهنجي مقصد سمجهائڻ لاءِ زبان مان ڪڍن ٿا. پر اُنهن نڪرندڙ آوازن ۽ اُنهن کي ڪاغذ تي چٽڻ ۽ لکڻ جو هڪ تسليم ڪيل نظام به ڳولهي لڌو ويو، جنهن کي لپي سڏجي ٿو.

انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ لاءِ ڪا هڪڙي آئيويٽا ڪونه هئي. سنڌ جا برهمڻ ۽ ڪي ٻيا شخص ديوناگري (شاستري) اکر ڪم آڻيندا هئا، ته ڀائيبند هندو، سنڌي يا واڻڪي اکر ڪم آڻيندا هئا. جن ۾ ڪي به لاڪنائون يا ماترائون ڪونه هونديون هيون. خواجه ۽ ميمڻ به اِهي اکر ڪم آڻيندا هئا. گهرن ۾ ناريون گرمکي پڙهنديون هيون. سن 1890ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر جيڪب صاحب ٿورا هندي- سنڌي اسڪول کوليا ۽ هندو سنڌي آئيويٽا ۽ ماترائون گڏايائين. اِهو ڪم راءِ بهادر ديوان ڪوڙومل ڪيو. اِن نئين آئيويٽا ۾ ڪي هندو سنڌي درسي ڪتاب به ڇپيا.

سن 1851ع ۾ سنڌ جي چيف ڪمشنر سر بارٽل سرڪاري ڪم پارسيءَ بدران سنڌيءَ ۾ هلائڻ جو فرمان جاري ڪيو. اُن وقت اِها ڪوشش ورتي وئي ته سڀ سرڪاري ڪم سنڌيءَ ۾ هلڻ گهرجي. يورپي ۽ ٻيا غيرڏيهي عملدار، سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ۽ عام ماڻهن کان پنهنجي سر احوال وٺي اُن جو نيڪال ڪن ۽ سنڌي اسڪول کوليا وڃن. پر جيئن ته اُن وقت سنڌيءَ لاءِ ڪا مقرر ٿيل آئيويٽا نه هئي، اِن ڪري مٿين ڳالهين جي مرادن جي برثوابيءَ لاءِ هڪ مقرر سنڌي آئيويٽا جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي ۽ سن 1853ع ۾ سر ايلس جي صدارت ۾ عربي سنڌي آئيويٽا جوڙڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن جا ميمبر هئا راءِ بهادر نارائڻ جڳنناٿ، خانبهادر مرزا صادق علي بيگ، ديوان پرڀداس رامچنداڻي، ديوان اُڌارام ميرچنداڻي، ديوان ننديرام ميراڻي، ميان محمد، قاضي غلام علي ۽ ميان غلام حسين.

هن ڪاميٽيءَ ڪجهه قديم سنڌي لکيل ڪتابن جو سهارو وٺي يعني ڪجهه اڳوڻو نمونو ۽ ڪجهه اردوءَ وارو نمونو (فورٽ وليم جي ڪن پروفيسرن جي جوڙيل اردوءَ لاءِ آئيويٽا) اختيار ڪري هاڻوڪي سنڌي آئيويٽا جوڙي. اِها نئين آئيويٽا 1853ع ۾ ٺهي ۽ اُن جو عمل شروع ٿيو. هن نئين عربي سنڌي آئيويٽا تي، نئين سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪن هندن جو چوڻ هو ته ا ۽ ع، ت، ط، ث، س ۽ ز، ذ، ض ۽ ظ، ڪ ۽ ق، ح ۽ هه جهڙن اُچارن لاءِ ڌار ڌار اکرن بدران هڪ هڪ اکر مقرر ڪري اکرن جو تعداد گهٽائجي. پر اها رٿ اُن وقت ڪجهه سبب ڏيئي رد ڪئي ويئي ته سورهين صديءَ کان 1853ع تائين سڀ سنڌي ڪتاب عربي ۽ پارسي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن ۽ جيڪڏهن عربي حرفن جون صورتون ڦيرايون وينديون ته چئن صدين جو علم- ادب بيڪار ٿي ويندو. سر بارٽل يڪراءِ ٿي عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي آوازن لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون، ٻ، ڏ، ڄ، ڳ چار نجا سنڌي ۽ چار نجا عربي ف، خ، غ ۽ ز باقي فارسي ۽ ترڪي. اکر گهٽائڻ ۽ ڌار ڌار اکرن بدران هڪ اکر مقرر ڪرڻ جي ڳالهه اڄ به جاري آهي ۽ اُن تي وقت به وقت بحث ڪيو پيو وڃي.

نئين آئيويٽا جي جوڙڻ ۽ اُن جي خامين تي اُن وقت ڪافي بحث هليو. ڪن جو چوڻ هو ته اردو آئيويٽا جيڪا اُن وقت تيار هئي سا ئي سنڌيءَ لاءِ به اختيار ڪئي وڃي ها. ڪن جو چوڻ هو ته خواجه ۽ ميمڻ. هندو سنڌي اکر پيا ڪم آڻين؛ تنهن ڪري اُنهن ۾ لاڪنائون ۽ ماترائون گڏي اُهي چالو ڪرڻ کپندا هئا. اُن وقت ديوناگري به عمل ۾ هئي، ان لاءِ ڪن جو چوڻ هو ته ديوناگري اکرن ۾ ڦيرگهير ڪري اُهي ڪم آڻڻ گهربا هئا. ڪجهه به هجي نئين آئيويٽا جي مخالفت، لپيءَ جو اِهو جهڳڙو هند ۾ اڄ به قائم آهي. حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ جو چوڻ هو ته سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرتي بنياد سببان ديوناگري لپي اُن لاءِ وڌيڪ ڪارگر ٿئي ها.

سنڌيءَ لاءِ آئيويٽا مقرر ٿيڻ سان سنڌيءَ کي ڪافي اهميت ملي. جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ سرگرميون پڻ وڌي ويون. اسڪول برپا ٿيڻ سان اسڪولي شاگردن ۽ استادن کي اڀياس لاءِ ضروري درسي ڪتاب ميسر ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ويئي. اِن ڪري ودوانن جو ڌيان گرامر، لغت ۽ ٻوليءَ جي ٻين شاخن طرف پڻ ويو. پڙهڻ ۾ ايندڙ سمورا مضمون جيئن تاريخ، جاگرافي، حساب، سوڪس وغيره جا درسي ڪتاب به تيار ٿيا. 1887ع تائين ترجمن جو دور هو. ڀارتي ٻولين: هندي، گجراتي وغيره تان ترجما ڪري ٻارن کي ڪتاب ميسر ڪري ڏنا ويا.

آئيويٽا ٺهڻ سان ٻيو ڪم به ٿيو جو درسي ڪتابن جي اشاعت ۽ سرڪاري ڪم لاءِ سنڌيءَ جو هڪ معياري لهجو مقرر ڪيو ويو. جيئن ته انگريزن، سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ سنڌيءَ جا جدا جدا لهجا هجڻ ڪري، ڪنهن هڪ لهجي کي اپنائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. انگريزي حڪومت حيدرآبادي لهجي کي سرڪاري طور ڪتابن جي اشاعت ۽ سرڪاري ڪم لاءِ قبول ڪيو. سنڌيءَ جون سڀ تصنيفون ۽ لکيتون ان ئي لهجي ۾ تصنيف ٿيڻ لڳيون. غيرملڪي ماڻهن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪتاب پڻ هن ئي لهجي ۾ لکيا ويا. حيدرآبادي لهجو مقرر ٿيڻ لاءِ ديوان ڀيرومل جو رايو آهي ته:

”حالانڪه سنڌ جي ساهتيه خطي وارو لهجو زياده معياري آهي، پر ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهڻ واري ڪاميٽيءَ توڙي سرڪاري تعليم کاتي ۾ حيدرآباد جا رهاڪو گهڻا هئا ۽ درسي ڪتاب لکڻ وارن ۾ به حيدرآبادي گهڻا هئا، تنهن ڪري ئي حيدرآبادي لهجي کي سرڪاري طور اهميت ملي ۽ اُن کي ئي معياري لهجو تسليم ڪيو ويو.“

”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“- آڏواڻي ڀيرومل، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع، ص 93)

ان طرح انگريزن جي وقت ۾ لهجن جي حد پڻ مقرر ڪئي ويئي. اسان کي اِها ڄاڻ آهي ته ٻولي هڪ وهندڙ درياه آهي ۽ ٻوليءَ جا جدا جدا لهجا ڪنهن حد تائين پهچي پنهنجو اثر گهٽائي ڇڏيندا آهن. لهجن جي خاتمي وارين حدن جا نشان (خيالي ليڪون) نقشي تي ڏيکاري سگهجن ٿيون. اهڙين خيالي ليڪن کي لسانيات جي ماهرن آئسوگلاسر Issooglosser سڏيو آهي.

ٻوليءَ جي لهجن جي ڳالهه هلي رهي آهي ته مان ايترو چوڻ به واجب ٿو سمجهان ته ڪنهن به ملڪ، صوبي ۽ خطي جي ٻوليءَ، اُن جي لهجن ۽ مختلف لهجن ۾ ڪم ايندڙ محاورن جي تعليم لاءِ ڪي اصول مقرر ٿيل آهن. اُهي اصول آهن:

  1. 1. حاڪمن جي ٻولي هجڻ، 2. ساڳي حڪومت، 3. سياسي حالتون، 4. سماجي ۽ مذهبي ميل جول، 5. وڻج واپار ۽ سياسي ناتا، 6. ساڳيون جاگرافيائي حالتون، 7. ساڳيون رسمون ۽ رواج، 8. باهمي شاديون ۽ 9. آباديءَ جي لڏپلاڻ.

انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي زبان کي جدا جدا لهجن ۽ جدا جدا محاورن ۾ ورهائڻ لاءِ جيڪي اصول ۽ ڪارڻ مٿي بيان ڪيا ويا آهن. اُنهن جي آڌار تي سنڌيءَ جا جدا جدا لهجا مقرر ڪيا ويا.

لسانيات جي ماهرن اهڙي لهجي کي، جو سرڪاري طور اسڪولن، ڪاليجن، نشرو اشاعت، سرڪاري پڌراين، ڪورٽن، اسيمبلين توڙي مهذب ماڻهن ۾ استعمال ٿيندو هجي، اُن کي معياري لهجو يعني Standard dialect سڏيو آهي.

انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌ جي زبان جي معياري لهجي کي علمي تسليم ڪيو ويو. جيتوڻيڪ لاڙ، ۽ اُتر جا ماڻهو ائين ڪونه ڳالهائيندا آهن، جيئن درسي ڪتابن ۾ آهي. حاصل مطلب ته جيڪا زبان سرڪاري طور تي ملڪ جي زبان تسليم ڪيل آهي، اُها ’معياري سنڌي ٻولي‘ آهي، جيڪا سنڌ جي ٻين خطن جي اُچارن سان ڪجهه اختلاف رکي ٿي. معياري سنڌي معني! ’معياري مهذب ۽ اعليٰ طبقي واري زبان.‘

انگريزن جي راڄ ۾ شايع ٿيل انگريزي عالمن جا لکيل ڪتاب جن ۾ گهڻو ڪري ڊڪشنريون ۽ گرامر جا ڪتاب آهن ۽ جن تي ٻوليءَ جو بنياد ٻڌل آهي. اُهي آهن:

  • انجيل، بائيبل مان ترجمو 1825ع ديوناگريءَ ۾.
  • Grammer of Sindhi Language مسٽر ارنيسٽ ٽرمپ، 1835ع.
  • A Grammer- Vocabulary of Sindhi Language مسٽر واٿن، 1836ع.
  • Vocabulary of Sindhi Language مسٽر ايسٽ وِڪ، 1843ع.
  • Vocabularies of seven languages spoken in Countries, West of Indus مسٽر ليچ، 1843ع
  • A Dictionary of English-Sindhi ڪئپٽن اسٽئڪ، 1849ع.
  • A Grammer of Sindhi Language ڪئپٽن اسٽئڪ، 1849ع.

1853ع ۾ سنڌي لپي جڙڻ کان پوءِ ڊڪشنريون، گرامر ۽ پهاڪن جا ڪتاب شايع ٿيا. جن مان ڪي پهريان ڪتاب ديوناگريءَ ۾ ۽ ڪي انگريزيءَ ۾ ۽ باقي عربي سنڌي لپيءَ ۾ هئا. مکيه ڪتاب هن ريت آهن.

  • ننڍو سنڌي وياڪرڻ، منشي اُڌارام ٿانورداس، 1854ع.
  • Vocabulary of Sindhi Agricultural Terms, Herbs and Drugs مسٽر ايٿر نگٽن، لپزگ، 1855ع.
  • ”سنڌي پاٺاولي“ (ديوناگري- عربي) ڊا. ارنسٽ ٽرمپ، 1858ع.
  • ”اکر ڌاتو“ (سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد ريوَرنڊ، جارج شرٽ).
  • ”جواهر لغات“، (نج سنڌي اکرن جون فارسيءَ ۾ معنائون) آخوند عبدالرحيم، 1871ع.
  • ”وئتپتي ڪوش“ (سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد) جهمٽمل نارومل، 1886ع.
  • ”سنڌي پهاڪا“ ڪؤڙومل چندن مل، 1888ع.
  • ”گل شڪر“، ڪيولرام سلامتراءِ، 1905ع.
  • سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ورجيسون، گهنشامداس، رامنداس.
  • Philological Curiosities مرزا قليچ بيگ، 1911ع.
  • (زبان دانيءَ جا عجيب مثال)
  • ”پهاڪن جي حڪمت“ (دنيا ڀر جي ملڪن جون ڪهاوتون) مرزا قليچ بيگ، 1925ع.

’بابنامو‘ (ٻاراڻو ڌرمي ڪتاب)، پهريون- چوٿون درسي ڪتاب. ’چٽ بي پاڙ‘ (ڊرائنگ سيکارڻ)، ’ڌرتي نروار‘ (دنيا جي جاگرافي)، ’ليکي جي پيڙه‘ (انگي حساب)، ’جبرو مقابل‘ (آلجبرا)، آڪاسي نروار‘ (علم هيئت اسٽرانامي)، ’سنساري نروار‘ (سرشتي (ڪائنات) اڀياس)، ’تاريخ هندستان‘، ’انڊين پينل ڪوڊ‘، ’اصول علم طبي‘ (يوناني طب)، ’علم منطق‘ (لاجڪ)، ’علم معاشري (پوليٽڪل اِڪانامي)، ’ادب و مروت‘ (اخلاق ۽ ادب)،  جاميٽري، ’سنڌ جي تاريخ‘ (تصويرن سان) وغيره.

انهن شايع ٿيل ڪتابن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته انگريزن سنڌي ٻوليءَ تي ڪتاب جوڙڻ شروع ڪيا ۽ هنن سنڌي ٻوليءَ جي خاص خذمت ڪئي. بعد ۾ سنڌين پڻ سنڌي ڪتاب رچڻ شروع ڪيا. هنن سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس طرف ڌيان ڏنو ۽ اُن کي سهيڙڻ جو ڪم به ڪيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هر صنف ۽ هر موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب تيار ٿيا ۽ شايع ٿيا. جيڪي اسڪولن، ڪاليجن ۾ پاڙهيا ويندا هئا.

هتي هڪ ڳالهه اِها به واضح ٿي ته آئيويٽا ٺهڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ صرف ڪهاڻيون، قصا، ڪوتائون رچڻ کي هٿي ڪونه ملي؛ پر عالمن جو علم لسانيات يعني ٻوليءَ جي اندروني بناوت، گرامر جي اصولن، آوازن، لفظن جي ذخيري، اُنهن جي معنائن ۽ استعمال، لکڻ جي اصول، صورتخطي وغيره ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪيو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي ٻوليءَ تي هن سلسلي جو ڪم اُوڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان شروع ٿيو ۽ جڏهن انگريز حاڪمن سنڌي سکڻ جي اهميت خود محسوس ڪئي ته، لغتن ۽ گرامر جا ڪتاب جيئن ته ٽرمپ جو سنڌي گرامر ۽ گريئرسن جو سنڌي ٻوليءَ بابت ڪتاب جڙيو. ان بعد سنڌيءَ تي ٿيندڙ ڪمن تي اُنهن ٻنهي اهم مطالعن جو ڀرپور اثر رهيو آهي. لسانيات کان سماجي لسانيات تائين ڪافي ڪم ٿيو آهي. نه صرف ايترو، پر تقابلي لسانيات، تاريخي لسانيات، جاگرافيائي لسانيات، محاوره شناسي، جاگرافيائي محاورا، لاڳاپي ۾ ايندڙ محاورا، لاڳاپي ۾ ايندڙ ٻوليون، ٻوليءَ جي رٿابندي، ٻوليءَ ۾ فرق ۽ تبديلي، ٻوليءَ جو واهپو، حاصلات، ٻوليءَ جي حيثيت، گهرجن مطابق ٻوليءَ جو گهاڙيٽو وغيره بابت کوج ۽ ڪم ٿيو آهي. ٻوليءَ جي اهڙي سائنس کي سمجهڻ لاءِ مختلف دورن جو مطالعو ڪري مختلف سرشتن کي تاريخي حوالي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جنهن کي تاريخي لسانيات سڏيو ويو. هتي اِهو چوڻ واجب ٿيندو ته صرف ڪنهن ٻوليءَ جي تاريخي اوسر، ترقي يا اسڪرپٽ جي مختلف مرحلن جو بيان ڪرڻ ئي تاريخي لسانيات نه آهي، پر ٻوليءَ جي مختلف علمن ۽ سرشتن جي تاريخي دؤر وار Diachronic اڀياس ئي ’تاريخي لسانيات‘ سڏجي ٿو.

انگريزي حڪومت جي دؤران ساهتيه جي جدا جدا شاخن ۾ پڻ ڪافي اضافو ٿيو. سنڌي ساهتيه جي مدنظر برٽش دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ 1843-1907ع ۽ ٻيو 1907-1947ع.

1907-1843ع وارو عرصو نثر ۾ ترجمي ۽ تجربي وارو دور هو. پر ڪويتا ۾ اِهو دور ديوان، مثنوي ۽ رباعين جو هو. هن دور جي مکيه شاخ آهي غزل. هتي اِهو به نظر ٿو اچي ته آئيويٽا ٺهڻ سان جيڪي سنڌي پارسي ٻوليءَ ۾ اُٽپٽانگ ڪوتائون رچيندا هئا، اُهي هينئر اچڻ بند ٿيون. هنن مڪمل ڌيان سنڌي ڪويتا رچڻ طرف لڳايو. هنن سنڌيءَ ۾ علم عروض، ڇند وديا تي آڌارت ڪويتا جدا جدا روپن غزل، مثنوي، رباعي جوڙڻ طرف رکيو. هن عرصي ۾ بيتن، دوهن، رسالن بدران ديوان رچڻ جي ڀرمار ٿي. هن دور ۾ پارسي غزل جو گهڻو- تڻو نقل ڪيو ويو. شمع، پروانا، ساقي، شراب، گلاب، بلبل، ڪستوري، بسنت، بهار، زلف، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد وغيره کي گهڻي اهميت ڏني ويئي. ٻولي سنڌي هئي، پر پارسي وزن بحر، موضوع ۽ ڪويتا روپ قائم رهيا. ان ئي عرصي ۾ مرزا قليچ بيگ، عمر خيام جي رباعين جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو. هن ئي دؤر ۾ اسڪولي درسي ڪتابن ۾ ڪٿاتمڪ ڪوتائون شامل ڪيون ويون. جيڪي شاگردن، اُستادن ۽ عام پاٺڪن کي ڪافي وڻيون ۽ لوڪپريه بڻيون. هن ئي وقت ۾ صوفي پرمپرا ۽ ساميءَ جي شلوڪن جي ڍنگ تي پڻ ڪوتائون جوڙيون ويون. مارئي، سسئي، هير کي کڻي ڪجهه ڪافيون به رچيون ويون. هن سمي ۾ شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي وغيره ڪوين جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

1947-1907ع واري دؤر ۾ ادب جون سرگرميون نظم بدران نثر طرف وڌيڪ مڙيون. ماڻهن جو ڌيان راڄنيتي ۽ سماج سڌار طرف ٿيڻ لڳو. هيءُ وقت نئين سجاڳيءَ ۽ قومي سجاڳيءَ جو دور هو. هن دؤر ۾ سنڌي مسلمان گهڻو ڪري راڄنيتيءَ (سياست) ۾ مشغول رهيا. پر هندو سوتنترتا سئناني (آزاديءَ جي هلچل جا حامي) بڻجي ويا. اِن ڪري هن دؤر ۾ ديوان يا رسالا لکڻ جو وقت ڪنهن وٽ ڪونه هو. پر غزل، مثنوي لکڻ جاري رهيو. ’عزيز‘ اُن جو ماهر شاعر هو. هن دور جي هندن جون ڪوتائون ڪافي اثردار ۽ ڪلاتمڪ رهيون.

هن دؤر ۾ موضوع ۽ روپ جي لحاظ کان سنڌي ڪوتا ۾ هڪ بدلاءُ آيو. بيوس، سنڌيءَ ۾ هڪ نئين ڪاويه (شعري) ڌارا کي جنم ڏنو. بيوس قومپرست هو. هو سنڌيءَ جو پهريون ڪوي هو. جنهن قومي گيت رچيا. هن پريم ۽ سندرتا تي انيڪ ڪويتائون رچيون. بيوس، سنڌي ساهتيه جي خاص شيوا ڪئي. هن نوجوان ڪوين کي پريرڻا ڏني. دادا دکايل ۽ دادا دلگير، بيوس جا ئي شاگرد آهن. دادا دکايل ته قومي شاعر جو خطاب به حاصل ڪري چڪو آهي. هن دؤر ۾ عوامي سجاڳيءَ سان ڀرپور گيتن رچڻ کي وڌيڪ اڳرائي ملي. جن ديش جي آزادي جي تحريڪ ۾ هڪ اهميت ڀريو پارٽ ادا ڪيو.

جيستائين نثر جو واسطو آهي، ان لاءِ حقيقت اِها آهي ته سنڌي نثر جو شروعاتي ڪم ڪندڙ يورپين ئي هئا، جن لغت ۽ گرامر جوڙڻ جو ڪم ڪيو. يورپين عالمن کان پوءِ سنڌي ودوانن پڻ ان طرف رُخ رکيو ۽ نثر ۾ ڪتاب جوڙڻ ۽ شايع ٿيڻ کي اڳرائي ملي. شروعاتي دؤر ۾ ترجمن تي زور رهيو. بعد ۾ اصلي تخليقي ساهتيه رچڻ کي اڳرائي ملي. شروعاتي ترجمن جو واسطو صرف درسي ڪتابن تائين محدود رهيو، پر بعد ۾ غير درسي ڪٿا ساهتيه جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو شروع ٿيو. جن ۾ ناٽڪ به شامل آهن. ترجمي جو ڪم گهڻي ڀاڱي انگريزي، پارسي، هندي، گجراتي ۽ اُردو کان ٿيو. هن دؤر ۾ سنڌ ۾ اخبارون ۽ رسالا پڻ شايع ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا، پر اُن جي رفتار ڪجهه ڍلي هئي. هنن اخبارن ۽ رسالن ۾ ساهتيه به شايع ڪيو ويندو هو. سنڌي تعليم جي وڪاس، نثر ۽ خاص طور ناٽڪ جي وڪاس لاءِ اهم پارٽ ڊي جي سنڌ ڪاليج ادا ڪيو. سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي به ’ڊي جي سنڌ ڊرئمٽيڪ سوسائٽي‘ 1894ع ۾ برپا ٿي. سنڌي نثر جا چار ٿنڀا آهن. مرزا قليچ بيگ، ديارام گدومل، ڪؤڙومل چندن مل ۽ پرمانند ميوارام، جن سنڌيءَ جي هر لحاظ کان خوب شيوا ڪئي ۽ هر صنف کي مالامال ڪيو. ان طرح برٽش دؤر واري ساهتيه جو ’قليچ بيگ‘ دور ڪري سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته قليچ بيگ صاحب سڀني شاخن تي قلم آزمائي ڪئي ۽ خوب ساهتيه سرجيو ۽ ترجما به ڪيا. ديارام گدومل برٽش دور جو سڀني کان وڌيڪ سگهارو ودوان ۽ بي غرض لوڪ سيوڪ ٿي رهيو آهي. 1947-1907ع وارو دؤر نثر ۽ ناٽڪ جي وڪاس لاءِ تيزيءَ وارو رهيو. سوين مترجم ۽ اصلوڪا ليکڪ هئا. سنڌي جيون ۽ سنسڪرتيءَ سان ڀرپور انيڪ رچنائون ۽ ناٽڪ لکيا، رچيا ۽ کيڏيا ويا.

هن دؤر جا مهان اديب آهن: ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، لالچند امرڏنومل وغيره. 1925ع ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج ”ٻالڪن جي ٻاري“ قائم ڪئي. اِها اکل ڀارت جي ٻارن جي تنظيم جي روپ ۾ پکڙجي وئي. ”ٻالڪن جي ٻاري“ سنڌي لفظ يا لفظن جو مجموعو آهي. جيڪو سڀني ڀارتي ڀاشائن ۾ قبول پئجي چڪو آهي. برٽش دور ۾ ٻارن جي ساهتيه طرف پڻ جوڳو ڌيان ڏنو ويو. سکيا ۽ تفريح سان ڀرپور ٻاراڻي ساهت جي رچنا ٿي. 1932ع ۾ بولچند راجپال ’سنڌو‘ رسالي جي شروعات ڪئي. جنهن سنڌي ليکن کي هڪ وشال منچ ڏنو. سنڌي جيون ۽ ساهتيه سان سنواريل هن قسم جي مخزن ٻي نه نڪتي. فلم ۽ ناٽڪن جي ڏس ۾ ڪي. ايس درياڻي اهميت ڀريو پارٽ ادا ڪيو. هن جو ساٿي هو پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي هو. ملڪاڻي صاحب جي ناٽڪي پريم، سنڌي ناٽڪ ۽ رنگ منچ کي هڪ نئين ڏسا ڏني.

حاصل مطلب ته برٽش دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مضبوط پيڙهه ٻڌي، اُن تي هڪ خوبصورت عمارت اڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن دؤر ۾ ٻوليءَ جي سائنس کي سمجهڻ لاءِ مختلف دؤرن جو مطالعو ڪري مختلف سرشتن کي تاريخي حوالن سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هن دؤر ۾ هڪ ٻوليءَ جي خاصيتن کي ٻي ٻوليءَ جي ساڳين خاصيتن سان يا وري ساڳي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۽ آراڌين (Varities) جي مختلف خاصيتن کي هڪ ٻئي سان ڀيٽي فرق معلوم ڪيا ويا. هڪ ٻوليءَ يا آراڌائي جي هيئت (Form) کي کڻي ٻي لاڳاپيل ٻوليءَ جي هيئت سان ڀيٽي اڀياس ڪري سندن تاريخي لاڳاپن بابت پڻ نتيجا ڪڍيا ويا. هن ئي عرصي ۾ ٻولين جا خاندان، خانداني وابستگيون ۽ رشتا به قائم ڪيا ويا ۽ سنڌيءَ جي بڻ بنياد جي کوج ڪئي ويئي.

برٽش دور سنڌي ٻولي ۽ ساهت جي وڪاس ۾ هر لحاظ کان سونهري دور رهيو آهي، جنهن ۾ ادب جي هر صنف ڪنڊ پاسي کان اڀياس ڪيو ويو.

 

مددي ڪتاب:

  • ”سنڌي ساهتيه جو اِتهاس“: لال سنگهه هزاري سنگهه اجواڻي، 1992ع.
  • ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 1991ع.
  • ”سنڌي نثر جي تاريخ“: منگهارام ملڪاڻي، 1968ع.
  • ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“: ڊاڪٽر غلام علي الانا، 1995ع.
  • ”ڪينجهر-5“، سنڌ يونيورسٽي، 1993ع.
  • ”ڪينجهر-6“، سنڌ يونيورسٽي، 25-1996ع.

 

 

(سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال: ترتيب؛ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي،تان ورتل، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئي، ممبئي).