سائنسي ڄاڻَ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن، زمين، آسمان، بادل، برسات، کنوڻ وغيره جي باري ۾ بنيادي معلومات ڏيڻ کانسواءِ، انسان ۽ ٻين ساهوارن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي عجيب ۽ انوکيون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. انسان پنهنجي ذهن جي قوت سان ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود تجسس ۽ اُڻتڻ واري جذبي تحت جيڪا به کوجنا ڪئي آهي، انهيءَ کيس زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن؛ جنهن جي نتيجي ۾ هو اڄ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي جديد دور ۾ داخل آهي. مختلف دورن ۾ اسان پنهنجي زندگيءَ کي آسان بنائڻ يا پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي مشڪلاتن کي دور ڪرڻ لاءِ جيڪي ايجادون ڪيون يا ڪي ڪارآمد شيون دريافت ڪيون، انهن جو مختصر احوال پڻ هنن مضمونن ۾ موجود آهي. اهڙيءَ ريت هي ڪتاب مختلف موضوعن جو احاطو ڪري ٿو ۽ ٻارن لاءِ ڪورس جي ڪتابن کان پوءِ واڌو اڀياس جو هڪ دلچسپ ذريعو بنجي سگهي ٿو. اسان کي اميد آهي ته هن ڪتاب سان نه صرف ٻارن جي لاءِ سائنسي ادب جي کوٽ جو ڪجهه پورائو ٿيندو، پر گڏوگڏ هي ٻارن ۾ پڙهڻ جي هيرَ وجهڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر فـﮨـميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

  • پي ڊي ايف ڊائونلوڊ: 15
  • اي-پب ڊائونلوڊ: 2.2Kg
قيمت

80 روپيا

ڊائونلوڊ ڪريو

ھارڊ ڪاپِي ۾ خريد ڪرڻ چاھيو ٿا؟ رابطو ڪريو

فھرست

ٻاراڻو ادب زمري جا ٻيا ڪتاب

New Arrival
New Arrival
New Arrival
برف شهزادي
50 روپيا
New Arrival
New Arrival
New Arrival
New Arrival
هڙ ۾ آئيندو
60 روپيا
New Arrival