Video
ڪڪر ۽ انهن جا تهه
فلڪيات (آسماني عِلمن) جي ماهرن پنهنجي کوجنا ۽ مشاهدي سان اِها ڳالهه معلوم ڪئي آهي ته ڪَڪَرُ پاڻيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن ڦُڙن يا قدرتي برف جي ذرڙن جو نالو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڪَڪرن ۾ اِهي ٻئي شيون موجود هونديون آهن. مينهَن وسڻ کان پهريائين آسمان جا ڪڪر پنهنجي هڪ صورت وٺندا آهن ۽ جڏهن موسم جُهڙالي ٿي وڃي ٿي ته اُنهن جي شڪل به بلدجي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح ڪَڪرن جون مختلف صورتون مَٽبيون رهنديون آهن. انهيءَ تبديليءَ جو گهڻو دارومدار هوائن تي آهي، جيڪي تيز يا آهستي گهُلي انهن ۾ ڦيرَ گهير آڻن ٿيون.
سائنسي حساب سان ڪڪرن جا ٽي تَههَ يا طبقا هوندا آهن.
پهريون تَهُه : هن ۾ تمام گهڻي اوچائيءَ تي ڦهليل ڪَڪرَ شامل آهن، جيڪي زمين جي سطح کان لڳ ڀڳ 17000 کان 45000 فُٽن جي بلنديءَ تي هوندا آهن.
ٻيو تهُه: هِن تَهه ۾ وچولا ڪڪر شامل آهن، جن جي بُلندي زميني سطح کان 7000 کان 30000 فٽ هوندي آهي.
ٽيون تَهُه: هن قسم جي تَهه جا سمورا ڪڪر زمين کان وڌ ۾ وڌ 7000 فٽ مٿانهان هوندا آهن.
ڪڪرن جي شڪل جو واسطو ان ڳالهه سان آهي ته ڏينهن جو ڪهڙو وقت آهي. عام طرح شام جي پهر جو اُڀَ تي ڦهلجندڙ ڪَڪرَ سنها هوندا آهن پر جيڪڏهن هوا تيز هلي ته هي ويڪرا ۽ ٿُلها ٿي آسمان تي پري پري تائين پَکڙجي ويندا آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60