Video
لومڙيون کائن ڇو ٿيون؟
لومڙي هڪ اهڙو جهنگلي جانور آهي، جنهن کي سڀ کان وڌيڪ چالاڪ ۽ ڊوهو (مڪار) سمجهيو ويندو آهي. اِهي گهڻي ڀاڱي دنيا جي سمورن جهنگن ۾ هونديون آهن، خاص طور انگلنڊ جي علائقي واريون لومڙيون تمام پري تائين مِلن ٿيون. اُتي وڏي انگ سبب انهن کي اسڪاٽ لئنڊ موڪليو وڃي ٿو، جتي کين ملڪ جي وڏن وڏن چڙيا گهرن ۾ رکيو ويندو آهي.
لومڙي هڪ اهڙو خوبصورت جانور آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان ئي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز رهندو آيو آهي. ٻارڙن جون ڪيتريون آکاڻيون انهيءَ جانور جي باري ۾ لکيون ويون آهن، جيئن: ”لومڙي ۽ سَهو“، ”چالاڪ لومڙي“ وغيره، اِهي اهڙا عُنوانَ آهن، جن کي ٻارَ ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندا آهن.
لومڙي ايتري ته دوکيباز ۽ هوشيار آهي جو ان کي پَڪڙڻ لاءِ. شڪارين کي ڏاڍا داءَ يا طريقا استعمال ڪرڻا پوندا آهن. لومڙي جيئن ته جهنگلي جانور آهي، تنهن ڪري سندس کاڌ خوراڪ به جهنگل جو شڪار ٿئي ٿو.
برطانيا جي لومڙي پنهنجي شڪار کي مضبوطيءَ سان چنبن ۾ پڪڙڻ کانپوءِ ايستائين نٿي ڇڏي جيسين اهو مري نه وڃي. هوءَ وڌيڪ ٿلهي مَتاري شڪار کي پسند ڪري ٿي. لومڙي پنهنجو گهر دَڙن/ ڀِٽن ۾ جوڙيندي آهي ۽ شڪار ۾ سندس دلپسند غذا ڪارو ڪڪڙ، ڦاڙهو، هرڻ، ٻنين ۾ ڊوڙندڙ ننڍا ننڍا ڪوئا، ڏيڏر ۽ نوريئڙا آهن.
جڏهن کيس ڪو شڪار ڌرتيءَ تي نٿو ملي سگهي ته پوءِ هيءُ ٺڳُ/ فريبي جانور نازڪ ننڍڙن پکيئڙن جي آکيرن جو رخ ڪري انهن ۾ موجود ٻچڙا، آنا يا جيڪو جيءُ به ملي، کائي ختم ڪريو ڇڏي.
انگلستان جون لومڙيون جيڪي رنگ ۾ اڇيون ٿينديون آهن، سي زمين مان جيت جَڻيا ڪڍي پنهنجو پيٽ ڀرين ٿيون. هي ايتريون ته بي خوف ۽ بهادر ٿين جو سفيد جهنگلي رڇن سان به اَٽڪندي کين ڀڄي جان بچائڻ واري واٽ وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن. هي انگريز لومڙيون ڏاڍيون وڏيون ۽ ٿلهيون هونديون آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60