Video
انسان ۽ اڏام
جڏهن کان انسانَ پکين کي نيري اُڀَ ۽ کُليل فضائن ۾ ڏاڍي مزي سان اُڏامندي ڏسڻ شروع ڪيو ته سندس ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو، ته مان به پَرَ لڳائي ڇو نه انهن پکيئڙن سان گڏگڏ هوا ۾ اُڏامان! پکي پَرَ ڦهلائي، هيٺ مٿي ڪندي ايترو آسانيءَ سان هوا ۾ اُڏامن ٿا جو پراڻي وقت جا ماڻهو سوچڻ لڳا ته ڪنهن چُرپُر ڪندڙ پَرَ جو طريقو معلوم ٿي پوي، جيئن هو به اهڙيءَ طرح اُڏامي سگهن.
هڪ رومي شاعر اوديڊ، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زماني ۾ موجود هو، ٻن ماڻهن جي هڪ ڪهاڻي لکي، جيڪي قيدي هئا ۽ هڪ سازش وسيلي جيل مان پَرَ هڻي ڀَڄي نڪتا. هڪ انگريز سائنسدان راجر بيڪن شايد اهو پهريون انسان هو، جنهن اُڏامَ جي مسئلي تي سائنسي طريقي سان غور ڪيو. هُن حرڪت ڪندڙ پَرَن بابت ٻُڌايو، جيڪي پکين جي پَرَن جهڙا هئا. هُن جو خيال هو ته ٻانهن ۽ ٽنگن جي چُرپُر سان پَرَ لُڏندا ۽ ماڻهو هوا ۾ اُڏامي سگهندو، پوءِ ٻين ماڻهن انهيءَ شيءِ کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسان جا ڪُلها ايڏن وڏن پَرَن کي لوڏائڻ جي قابل ڪونه آهن، جنهن سان اُڏامَ ممڪن ٿي سگهي، پر ڪيترين صدين تائين ماڻهو اِن سلسلي ۾ مختلف تجربا ڪندا رهيا ۽ انهن محسوس ڪيو ته ڪا طاقت، جيئن تيل جي اِنجڻ، اُڏامندڙ مشين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪتب آندي وڃي.
آخر ۾ 15 هين صديءَ ڌاران اٽليءَ جي هڪ ڏاهي باصلاحيت انسانَ ليونارڊو ڊا ونشي، جيڪو هڪ وڏو مصور (موناليزا جي مُرڪَ وارو جڳ مشهور چتر ٺاهيندڙ )، سنگ تراش ۽ ماهر انجنيئر به هو، ان ڪيترن حرڪت ڪندڙ پَرَن جون تجويزون ڏنيون. هُن اُڏامَ لاءِ گهُمندڙ پَرَن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح چار سئو سالَ اڳُ کيس اسان جي جديد هيليڪاپٽر جو به خيال آيو. هن کي ئي هوائي جهاز جي پَکي لڳائڻ جو تصور ڏيندڙ پهريون شخص سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته هوائي ڇَٽي (پيراشوٽ) ايجاد ڪندڙ به اهو ئي گهڻ-ڳُڻو تخليقڪار آهي. بعد ۾ پهريون جهاز ٺاهڻ وارن ۾ ”رائيٽ“ برادران جا نالا سرفهرست آهن.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60