Video
ڄمڻ وقت ٻار جو روئڻ
جيڪڏهن اسان مِٺڙي مالڪَ جي جوڙيل هِن سموري جڳ تي غور سان نظرَ وجهنداسين ته اسان کي قدرت جا انيڪ اچرج ۾ وجهندڙ ڪرشما ڏسڻ ۾ ايندا۔ انهيءَ ڪرشمن مان سندس هڪ وڏو ڪرشمو انسان به آهي، جنهن کي اشرف المخلوقات چيو ويو آهي، ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته جڏهن به ڪو تندرست ۽ ڦتوانو ٻارُ ڄمندو آهي ته ڄمڻ سان ئي ڇو روئيندو آهي؟
اِهو هڪ عجيب سوال آهي، شايد ڪو چوي ته اهو اِن ڪري آهي جو هو هڪ دنيا مان ٻي جهانَ ۾ اچي ٿو يا وري ان ڪري جو پنهنجي ايندڙ جيون ۾ ڏکن سکن ۽ لاهِين چاڙهين کي محسوس ڪندي گهٻرائجي وڃي ٿو، حقيقت ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، ڇو ته هڪ ننڍڙو ٻار نازڪ گلڙو هوندو آهي. ان وقت کيس ايترو شعور نه هوندو آهي جو هو ڪنهن احساس کي سمجهي سگهي!
سائنس ۽ قدرت جو اِهو اصول آهي ته جڏهن ڪو ٻارُ روئيندو آهي ته هو پنهنجو ساههُ اندرئين پاسي کڻندو آهي جنهن سان سندس ڦڦڙن ۾ هوا ڀرجندي آهي ۽ هوا ۾ آڪسيجن هئڻ سبب سندس رت جو ڦيرو شروع ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سندس ٻاهريون ۽ اندروني نظام ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ٻار جو روئڻ دراصل انهيءَ ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي ته هو ساهه کڻندڙ ۽ زندهه سلامت ٻارُ آهي.
اِن جو مثالُ هيئن سمجهو ته جهڙي طرح اڳوڻي وقت واري واچَ يا گهڙيال کي جيڪڏهن چاٻي گهڻي خبرداريءَ سان گهمائبي ته اُها بلڪل به نه ڦرندي ۽ نه ڪو ڪم ڪندي پر ٿورو لوڏي سان جڏهن چاٻي گهمائينداسين ته اُها هڪدم حرڪت ۾ اچي ويندي. ساڳيءَ طرح پيدا ٿيندڙ ٻارَ جي دل تيزيءَ سان چرپر ۾ نه اچي ته ٻار زندهه نه بچندو. ٻُڏل/نه روئيندڙ ٻارَ جي حياتيءَ جي به اميد گهٽ وڌ هوندي آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60