Video
جانورن جي ٻولي
سائنسدان ڏينهن رات جي تحقيق کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته ٻُڌڻ جي سَگهه ۽ صلاحيت نه رڳو انسانن کي پر سمورن جانورن کي به حاصل آهي، فقط ڪرنگھي وارن ۽ ٻين جانورن ۾ ٻُڌڻ جي طاقت جو بنيادي فرق ايترو ئي آهي ته ڪرنگھي وارا جاندار مثال طور، انسانُ آواز جي تبديليءَ ۽ لاهين چاڙهين کي وڌيڪ محسوسُ ڪري ٿو، جڏهن ته ڪرنگهي جي هڏيءَ بنا جاندارَ آوازَ جي ڦير گهيرَ ۽ هيٺاهين مَٿاهينءَ کي محسوس ڪرڻ کان محروم هوندا آهن، پر ايترو ضرور آهي ته هر پيدا ٿيندڙ آوازَ جي موٽ هو بلڪل ان ئي انداز ۾ ڏيندا آهن، جنهن طريقي جو آواز انهن تائين پهچي ٿو. جيئن :
• هڪ ڪتو ڀونڪي ٿو ته ٻيا ڪتا به اُن جي آواز جو مقصد ۽ مُرادَ ڄاڻندي ڀونڪڻ لڳندا آهن.
• ڪُڪڙ هڪ خاص آواز ڪڍي ٿي ته ننڍڙا پِتڪڙا چوزا تڪڙا ڊوڙي سندس ويجهو پهچن ٿا.
هي قدرت جو هڪ حيرت ۾ وجهندڙ نظام آهي، جو جانورَ به پنهنجو مطلب ۽ اندر-احوال هم جنس جانورن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجهائي مول مقصد ماڻي وٺن ٿا. ماهرن جو خيالُ آهي ته جانورَ چئن موقعن تي پنهنجي ٻولين جو استعمال ڪندا آهن:
(1) دشمن خلاف پنهنجي بچاءَ خاطر.
(2) سفر ۾ يا شڪارَ (کاڌ خوراڪ) واسطي.
(3) نسل وڌائڻ لاءِ.
(4) ٻي جنس جي جانورن کي ڏسندي يا مختلف مخلوق جي مقابلي وقت.
هاڻي جديد سائنس انهيءَ اڀياسَ ۾ رُڌل آهي ته جانورن جي ٻولين جو اصل مفهوم به ڄاتو وڃي ته هُو هڪٻئي کي ڇا چوندا آهن! اهو وقت پري ڪونهي ته جانورن جي آوازن تي تفصيلي معلومات ڪيترن ئي حيرت ۾ وجهندڙ رازن کي اسان آڏو آڻي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اسڪولي ٻارن لاءِ معلوماتي ۽ سائنسي ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ محترم قاضي منظر حيات جو هي ڪتاب ’سائنسي ڄاڻ‘ ڇپايو ويو آهي، جيڪو مختلف ڪتابن تان ترجمو ڪيل ننڍڙن مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون قدرت ۽ فطرت جي مختلف مظهرن- سج، چنڊ، تارن،...
ھن ڪِتاب ۾
1
فهرست
5
سج
8
قطب تارو
14
غريب سال
15
گليشئر
17
کنوڻ
19
انڊلٺ
22
فيوز وائر
23
ٽيوب لائيٽ
29
انسان ۽ اڏام
32
هيرو
42
شينهن ۽ شڪار
45
بئرو ميٽر
49
راڊار Radar
50
ٽائيپ رائيٽر
52
ڪئميرا
53
ايڪسري
56
نائلون
59
بائيو گئس
60